; سنڌي شخصيتون: عاشق نظاماڻي- ناصر قاضي

05 October, 2014

عاشق نظاماڻي- ناصر قاضي

عاشق نظاماڻي
چنڊ کان پرينءَ جو سوالي، اويلو مسافر
ناصر قاضي

ڀڳت ڪبير هڪ هنڌ چيو ته:
نينان اوپر پائون ڌريئي، ڌيري ڌيري چل،
ڇنڀي نه ميري پنبڙي، ڏکي نه تيري پگ.
ڀڳت ڪبير جي هن شعر جو مفهوم ڪجھه هن طرح آهي ته اي منهنجا محبوب! تون پنهنجا پير منهنجي اکڙين تي رک ۽ منهنجين اکڙين جي مٿان هوريان هوريان گھمندو رهه، تڏهن به مان پنهنجون پنبڙيون ڪونه ڇڀيندس، متان تنهنجا پير نه ڏکي پون.....!!!
ڀڳت ڪبير جي هن شعر جي ڀٽائي سرڪار ترديد ڪندي چيو ته: اهو عاشق ئي ڪهڙو، جيڪو محبوب کي چوي ته تون پنهنجا پير منهنجي اکڙين تي رک ۽ آهستي آهستي هَل، ڇاڪاڻ ته محبوب پنهنجي مرضي جو صاحب آهي، اها سندس خوشي آهي ته آهستي هلي يا تيز هلي، عاشق جو ڪوئي به حق ناهي جو محبوب کي اکڙين تي آهستي آهستي هلڻ جو چوي، ان ويل لطيفي آواز آيو ته......!!!


چوي ايئن ڪير ته هوريان هل حبيب تون،
لعلڻ لا غرض ٿي ڏي پنبڙين مٿان پير،
ڇڏ ڇنڀڻ جي هير ته ساجن سکائون لنگھي.
مٿي ڏنل شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ڪبير ڀڳت جي شاعريءَ جو تقابلي جائزو اڄ کان ڪافي سال اڳ مون هڪ موسيقيءَ جي محفل ۾ ٻڌو هو، جنهن تقابلي جائزي منهنجي من کي ايترو ته موهي وڌو، جو ورهين پڄاڻان اڄ ڏينهن  تائين اهڙو بيان مون کي لفظ به لفط ياد ٿي ويو آهي، هونئن به  سکڻ ۽ سيکارڻ هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو انسان سان هر وقت ۽ هر هنڌ لازم ۽ ملزوم هجي ٿو، ان جو ڪوبه وقت، عمر يا هنڌ مقرر ناهي هوندو. هتي ماضيءَ جو هي واقعو مون ان ڪري بيان ڪيو، جو مٿيون بيان پيش ڪندڙ هڪ ناميارو ۽ سريلو ڪلاڪار هو، جنهن پنهنجي راڳ جي محفل جي شروعات ۾ لاکيڻي لطيف  ۽ ڪبير ڀڳت جي شاعريءَ جو اهڙو تقابلي جائزو پيش ڪري حاضرين پاران داد حاصل ڪيو، جنهن ڪلاڪار کي دنيا عاشق نظاماڻيءَ جي نالي سان سڃاڻي ٿي.
سنڌ ڌرتيءَ جي سدا سريلي ڪلاڪار عاشق نظاماڻيءَ جو اصل نالو عاشق علي آهي، سندس جنم پنجين مارچ 1965ع تي تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سنڌوءَ ڪناري تي وسندڙ هڪ ڳوٺ نئين آباد ۾ محترم خير محمد نظاماڻيءَ جي گھر ۾ ٿيو، سندس والد صاحب مزدوري ڪري حال سارو پنهنجن ٻڇڙن جي ڪفالت ڪندو هو، جنهنڪري عاشق جو ننڍپڻ انتهائي مفلسيءَ جي حالت ۾ گذريو. اڳتي هلي عاشق ۽ سندس ڀائرن تي ڏکن ۽ ڏوجھرن جا پهاڙ ان وقت ڪِريا، جڏهن 1968ع ۾ سندن سرن تان والد صاحب جي شفقتن ڀريو ڇانورو هميشه لاءِ الهي ويو ۽ ان وقت عاشق جي عمر فقط ٽي سال هئي. اهڙي عالم ۾ سندن امڙ همت ڪين هارائي، جنهن غربت باوجود پنهنجن ٻچڙن جي تمام احسن نموني سان ڪفالت ڪئي ۽ نه صرف ڪفالت ڪئي، پر کين تعليم جهڙي اعلى زيور سان پڻ سرشار ڪري سماج ۾ مانائتو ۽ ڪارائتو ڪيو. ان حوالي سان عاشق نظاماڻيءَ غربت ۾ گھارڻ باوجود به محنت ڪري ايم . اي سنڌي (فرسٽ ڪلاس) سميت ايم. ايڊ (فرسٽ ڪلاس) تائين تعليم حاصل ڪئي، تعليمي مرحلن دؤران پاڻ پنهنجي ڪٽنب سميت 1980ع ڌاري پنهنجن اصلوڪن ڪکڙن کي هميشه لاءِ الوداع ڪري، مڪمل طور تي لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين. عاشق نظاماڻي 1990ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاديءَ جهڙي پيغمبري پيشي تي فائز ٿيو ۽ چوويهن سالن گذرڻ بعد هن وقت گورنمينٽ پائليٽ هاير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي ۾ استاديءَ جهڙي عظيم ڪرت سان سلهاڙيل هجڻ جي ناتي مستقبل جي معمارن جي ذهني اوسر ۾ مشغول آهي.
عاشق نظاماڻيءَ کي ڳائڻ جو جنون ننڍپڻ ۾ ئي جاڳيو، بقول سندس جي ئي ته سندس فني زندگيءَ جو دارو مدار  امڙ جي پيار ۽ سندس مڌر آواز ۾ ڏنل لولين تي آڌاريل آهي ۽ عاشق پاڻ پنهنجن ڪيترن ئي انٽرويوز ۾ ان ڳالهه جو اقرار پڻ ڪري چڪو آهي ته اهي سندس امڙ جي پيار سان ڀرپور، پر سوز آواز سان ڏنل لوليون ئي هيون، جيڪي اڳتي هلي سندس راڳي بڻجڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي سندس لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيون.
عاشق نظاماڻيءَ پنهنجي ذوق توڙي شوق جي پورائي لاءِ ننڍپڻ ۾ اسڪولي سطح تي منعقد ٿيندڙ نعتن، نغمن توڙي گيتن جي مقابلن ۾ ڀرپور نموني سان حصو وٺي پنهنجي روح کي راضي ڪرڻ سان گڏ ننڍي سطح تي پنهنجو نالو پڻ ڳڻائيندو رهيو. ان حوالي سان سندس پهرين اسٽيج پرفارمنس هاءِ اسڪول وارن ڏهاڙن ۾ منعقد ٿيل ’يومِ والدين‘ جي موقعي تي چيل گيت هو. عاشق نظاماڻيءَ پنهنجي ٻاروتڻ ۾ آواز کي اظهار جو ذريعو بڻائڻ بعد اڳتي هلي عملي طور تي سر جي سکيا واري عمل کي لازمي سمجھيو ۽ 1987ع ڌاري پنهنجي شهر لاڙڪاڻي جي سينئر ڪلاڪار خانصاحب استاد انور علي سانگيءَ جي سرپرستيءَ ۾ اچي راڳ جون رمزون پروڙڻ لڳو.
عاشق نظاماڻيءَ پنهنجون فني صلاحيتون اظهارڻ لاءِ سڀ کان اول برقي ابلاغ (Electronic media) جي پائدار ميڊيم ريڊيو کان پنهنجي آواز کي عام تائين پهچايو. کيس پهريون ڀيرو 1988ع ڌاري ريڊيو حيدرآباد تي نامياري پروڊيوسر، براڊڪاسٽر ۽ ليکڪ نصير مرزا تائين رسائي، متعارف ڪرائيندڙ ناميارو ڪهاڻيڪار زيب سنڌي هو، واضح رهي ته زيب سنڌي به تن ڏينهن ۾ ريڊيو حيدرآباد تي هڪ پروڊيوسر جي حيثيت سان پنهنجو ذميواريون سرانجام ڏيندڙ هو. ان وقت ريڊيو حيدرآباد تي عاشق نظاماڻيءَ جي سريلي آواز ۾سڀ کان اول موسيقيءَ جو جيڪو اسم رڪارڊ ڪيو ويو، سو نامياري شاعر ضمير ڦل جو غزل هو، جنهن جا ٻول هئا: ”مون کي اهڙي ڄاڻ نه هئي ڪي کلڻا ماڻهو روئي ويهندا.....“ ان کان بعد عام ٻڌندڙن تائين سندس مقبوليت عام ٿيڻ لڳي ۽ اڳتي هلي تقريباً 1990ع ڌاري ريڊيو خيرپور تي آڊيشن ڏنائين، جنهن آڊيشن ۾ ڪاميابيءَ بعد اتان جي اسٽيشن ڊائريڪٽر الله بخش شاهه بخاريءَ ايپروو آرٽسٽ طور کيس ريگيولر ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ريڊيو خيرپور تي سندس آواز ۾ ڪيترائي اسم رڪارڊ ٿي، نشر ٿيڻ لڳا. ريڊيو خيرپور تي سندس آواز رڪارڊ ٿيل ڪيترن ئي اسمن مان ’اي چنڊ پرينءَ کان آءُ پڇي ڇا توکي ننڊ به ايندي آ“ ۽ ’اويلا مسافر هيل نه اچجان‘ بيحد مقبول ٿيا. ان کانسواءِ ريڊيو خيرپور تي ماضيءَ ۾ روزانو صبح جو نشر ٿيندڙ مقبول ترين پروگرام ’مارن لاءِ‘ جي (Title song) طور ريڪارڊ ٿيل شاهه سائين جو بيت ”جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھه به اوڏيائي مڱان“ به عاشق نظاماڻيءَ جي آواز ۾ ريڪارڊ ٿيل هو.
24 سيپٽمبر 1995ع تي جڏهن ريڊيو لاڙڪاڻي جو بنياد عمل ۾ آيو ۽ ريڊيو لاڙڪاڻي تان باضابطه طور تي نشريات جو آغاز ٿيو هو ته ان وقت پنهنجي (Home Station) جي ناتي، اسٽيشن جي ڪاميابيءَ خاطر عاشق نظاماڻيءَ پڻ نه وسرڻ جهڙيون خدمتون سرانجام ڏنيون، ان ڏس ۾ پاڻ بنان ڪنهن معاوضي جي موٽ جي نئين ريڊيو يونٽ جي ڪارڪنن سان وقتاً بوقتاً ساز توڙي آواز جو سهڪار ڪندو رهيو، ان حوالي سان ساڳئي اسٽيشن جي بنيادي نشريات جي بنيادي راڳين ۾ سندس نالو بخوبي ڳڻائي سگھجي ٿو. ايتريقدر جو نئين ريڊيو اسٽيشن ۾ ريڪارڊنگ اسٽوڊيوز جي سهولت نه هئڻ سبب سندس آواز ۾ سندس جاري ٿيل آڊيو ڪئسٽن جي ريڪارڊنگس مان چونڊ ڪلامن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ان اسٽيشن جي اسٽوڊيوز ۾ سندس ريڪارڊ ٿيل ڪلامن تائين سندس آواز ۾ ريڊيو لاڙڪاڻي تان ڪيترائي موسيقيءَ جا اسم نشر ٿي چڪا آهن،
عاشق نظاماڻيءَ کي پي. ٽي. وي جي اسڪرين تي سڀ کان اول 1989ع ڌاري نامياري ليکڪ، پروڊيوسر ۽ راڳيءَ بيدل مسرور جڳ مشهور سنڌي پروگرام ’ڪچهري‘ ۾ متعارف ڪرايو، هن پروگرام جي سٽاءَ موجب سگھڙن جي ڪچهريءَ جي وچ ۾ جيڪي موسيقيءَ جا اسم پيش ٿيندا هئا، انهن ۾ اڪثريت صوفياڻن يا عارفاڻن ڪلامن ۽ ڪافين جي هوندي هئي، پر ان وقت پروگرام جي سٽاءَ ۾ جدت آڻيندي عاشق نظاماڻيءَ نامياري شاعر ڪاظم ٽالپر جو غزل ’اويلا مسافر هيل نه اچجان‘ پيش ڪيو، جنهن تبديليءَ کي حاضرين توڙي ناظرين پاران بيحد پسند ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ پاڻ پرک، مهڪار، سنڌ سينگار، سوجھرو سميت پي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ اٽڪل مڙني موسيقيءَ جي پروگرامن ۾ پنهنجو فن اظهاري چڪو آهي.
عاشق نظاماڻيءَ سنڌي سيٽ لائيٽ چئنلز جي دنيا ۾ پڻ پنهنجا فني جوهر ڏيکاري پاڻ مڃايو، ان ڏس ۾ دنيا جي پهرين سنڌي سيٽ لائيٽ چئنل ڪي ٽي اين تي نشر ٿيندڙ موسيقيءَ جي مقبول پروگرام ’محفل‘ جي سڀ کان پهرين محفل عاشق نظاماڻيءَ جي ڳايل ڪلامن ۽ سندس انٽرويو تي مشتمل نشر ٿي هئي، جنهن کي عوام پاران بيحد موٽ ملي.کيس اهو پڻ اعزاز حاصل آهي ته جڏهن ڪشش ٽي. ويءَ جي نشريات جو آغاز ٿي رهيو هو ته سڀ کان اول تلاوت ڪلامِ پاڪ بعد ڪشش ٽي. وي تي نشر ٿيندڙ پهرين نعت سڳوري به عاشق نظاماڻيءَ پنهنجي آواز ۾ آلاپي هئي. ان کانسواءِ عاشق نظاماڻيءَ جي آواز ۾ فلمايل وڊيو سانگس (Video songs) جهڙوڪ: ’هوءَ ڪيڏي نه بي چئي آ‘، ’دل ٿي چوي تنهنجي سونهن چورايان‘، ’جھونگار پر تون هوريان، نغما نه پون جاڳي‘، ’درد دل جو وڌي جو ويندو آ‘ ۽ ٻيا پڻ سنڌي ٽي وي چئنلز جي سونهن بڻبا رهيا آهن.
عاشق نظاماڻيءَ پنهنجي فني زندگيءَ ۾ هن وقت تائين ڪلاسيڪل شاعرن سان گڏوگڏ جديد سنڌي ادب جي ڪيترن ئي ناليوارن شاعرن جهڙوڪ: استاد بخاري، سرڪش سنڌي، جواد جعفري، ايوب گاد، ضمير ڦل، زيب ڪنگي ۽ ٻين جي ڪلام کي پنهنجي سريلي ۽ مٺڙي آواز سان عوام الناس تائين پهچائي چڪو آهي. تازو ئي 23 مارچ 2014ع تي ’يومِ پاڪستان‘ جي موقعي تي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي پاران ڪوٺايل قومي گيتن جي چٽاڀيٽيءَ جي نتيجي ۾ نامور شاعر جواد جعفريءَ جو قومي گيت ڳائي، پهريون نمبر ماڻيندڙ، هڪ ملنسار شخصيت جو مالڪ عاشق نظاماڻي هن وقت پنهنجي مڙني تعليمي، تدريسي توڙي فني مشغولين سان تمام احسن انداز ۾ نڀائي رهيو آهي، سندس شخصيت ۾ موجود فني شائستگي، خوش الحاني توڙي ٻين خوبين سان گڏوگڏ سندس مطالعو پڻ وسيع آهي، جنهن جو واضع دليل اهو آهي ته پاڻ پنهنجي هر عوامي محفل جي شروعات ۾ پنهنجي مطالعي جي آڌار تي ڪا نه ڪا نئين ڳالهه، ڪا نصيحت، ڪو پيغام ضرور ڏيندو آهي، جيڪا خوبي يقيني طور تي سندس ڪتابن سان دوستيءَ جي ساک ڀري ٿي. دعا آهي ته عاشق پنهنجي معشوق مشغلي يعني موسيقيءَ سان گڏ درس و تدريس واري پيغمبري پورهئي سان هميشه ساٿ نڀائيندو رهي ۽ اسين سندس ڳايل نغمن سان پنهنجن سماعتن توڙي سرير کي سـُرهو ڪندا رهون.


No comments:

راءِ ڏيندا