سليم چنا
حيدرآباد جو
مُتحرڪ ڪِردار ۽ هَر فَن مولا پيارو ماڻھو
چيتن ميگهواڙ
اَدبي لَڏي سان وابسته حلقي مان شايد ئي ڪو
فرد هجي جنهن سليم چنا جو نالو نه ٻڌو ۽ پڙهيو هجي، مون کي فخر آهي، هن ڪهاڻيڪار ۽
شاعر سان منهنجي پهرين ملاقات ”بزم روح رهاڻ“ ۾ ٿي ته ائين لڳو ڄڻ اسين سالن کان وٺي
هڪٻئي کي سڃاڻيندا هجون، سو سليم چنا سچ پڇو ته سنڌي ادب جو بي لوث خدمتگار هجڻ
سان گڏ سهڻي سنڌ جي دل، حيدرآباد جو اَثاثو آهي، اسان جي سَماج کي اهڙي ليکڪ ۽
اَديب ماڻهو جو دل سان قُدر ڪرڻ گهرجي، مون کي وڏي خوشيءَ ٿيندي آهي، جڏهن آئون اهڙي
سادي، سچي ۽ شانائتي انسان جي مان ۾ ڪا تقريب ٿيندي ڏسندو آهيان؛
مَاڻهو سَڀ نه سُهڻا، پَکي سَڀ نه
هَنج،
ڪنهن ڪنهن مَاڻهو مَنجُھه، اَچي
بُوءِ بَهار جي.
سليم چنا سنڌي ادب کي اڌ صدي ڏني آهي، تنهن ڪري
سليم چنا کي حيدرآباد ۾ شروعاتي زندگي کان وٺي ڄمڻ، پڙهڻ، نوڪري ۽ رٽائرڊ ٿيڻ
تائين اهو شرف حاصل آهي ته هن جي تمام سينيئر عالمن، مفڪرن، اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن
جن ۾ سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، رسول بخش پليجو، محمد عثمان ڏيپلائي،
شيخ اياز، سائين حميد سنڌي، بيگم زينت چنا، خانصاحب عبدالله چنا، نياز همايوني،
امداد حسيني ۽ ٻين سان سندس ويجهڙائي رهي آهي ۽ انهن تي سليم چنا پنهنجي مختلف ڪتابن
۾ شاندار خاڪا ۽ يادگيريون به لکيون آهن. جن ۾ غلام محمد گرامي، جيجي زرينا بلوچ، ڊاڪٽر
ابراهيم خليل شيخ، ع ق شيخ، ظفر ڪاظمي ۽ جانڻ چن سميت ڪيترائي اڻٿڪ انسان شامل
آهن.
سليم چنا جو سنڌي ادب سان گهرو عشق آهي، مون
کي پڪ آهي ته هوءَ پنهنجي روزمرهه جي زندگي ۾ ايترو پنهنجي ويجهن عزيزن سان به نه
مليو هوندو، جيتريون هن علمي ادبي شخصيتن ۽ ڏات ڌڻين سان گذريل 5 ڏهاڪن کان
ملاقاتون ڪيون آهن. هيءُ پنهنجي طبيعت ۾ ملنسار ۽ سادو ماڻهو آهي، وڏائي ۽ تڪبر
کان ڪوهين ڏُور سليم چنا سنڌي ادب ۽ سنڌي ماڻهن جي شروع کان وٺي اڄ تائين هڪ ڪل
وقتي ڪارڪن وانگيان خدمت ڪندو اچي. جيئن لطيف سائين فرمايو آهي ته؛
کَرِڪَڻَا لَاهَي، سُکُ نَه سُتَا ڪَڏَهِين،
اَوسِيئَڙَو آهَي، کَاهَوڙِيُنِ کَي
پَنڌَ جَو.
سليم
چنا هڪ ڀيري ڪنهن ضروري ڪم سانگي حيدرآباد قاسم آباد ۾ منهنجي غريباڻي آشياني تي
آيو پئي ته مون فون تي چيو ته ”ادا سليم! آئون اهڙي علائقي ۾ رهان ٿو، جتي کير
ويجهڙائي ۾ نه ٿو ملي، تنهن ڪري مهرباني ڪري کير وٺيو اچجو ته جيئن چانهه پيئڻ جهڙا
ٿيون“، ادا سليم يڪدم چيو ته ”چيتن! بلڪل وٺيو ٿو اچان“ ايتري ۾ منهنجي دوستن حيرت
منجهان مون کان پڇيو ته ”ڇا اهو 29 ڪتابن جو ليکڪ رٽائرڊ ڪسٽم آفيسر پاڻ سان گڏ
کير وٺي ايندو؟ مون چيو ”ڏسجوس ته ڪيئن ٿو وٺي اچي“، ايتري ۾ گهر کان ٻاهر نڪري گهٽي
۾ وڃي ڏسان ته سليم چنا ڀاڪر ۾ ڊائري ۽ کير واري ٿيلهي هٿ ۾ کنيو سادگي سان لڏندو
پيو اچي، مون کي پري کان ڏسي هٿ مٿي ڪري چيائين ته ”ادا آيو آيو“، جڏهن هُو مون
ناچيز وٽ قرب جا قدم ڀري ڀري آيو ته اسان سڀني کي نهايت خوشي ٿي.
ٻيو دفعو هن مون کي فون ڪيو ۽ چيو ته چيتن
اوهان اچو منهنجي گهر چانهه به پيئون ۽ ڪچهري به ڪريون يا قاسم آباد ۾ ايڇ بي ايل
بئنڪ جي سامهون ”دانيال ڪتاب“ گهر تي پياري اياز ابڙي وٽ اچو گڏجي ڪچهري ڪريون، پر
مون چيو ڪاوش آفيس وڃڻو آهي تنهن ڪري دير ٿي ويندي. اوهان مون وٽ جڳهه تي اچو هتي ٿا
چانهه پيون ۽ ڪچهري ڪريون. سليم چيو ڀلي ٺيڪ آهي آئون اچان ٿو، ڪجهه دير کان پوءِ
دروازي تي آواز ٿيو ڏسان ته سليم چنا بيٺو هو مون کيس ڀليڪار چيو، سليم چنا جي هٿ
۾ ٻه مئگزين ”لوهي جيسي سوچ“ ۽ سنڌراڻي مئگزين نومبر ۲۰۲۰ع ۽ هڪ عدد فروٽ جي ٿيلهي اسان دوستن لاءِ
هئي، جنهن ۾ ڪجهه صوف، ڪيلا، موسميون، نارينگيون ۽ زيتون هئا، سياري جي موسم ۾ اها
مزيدار ميوات کائي مٿان لونگن ۽ الائچي واري چانهه پي شاندار ڪچهري ڪئي سين. مون
کي حيراني ۽ سرهائي ٿي ته سليم ڪيڏو نه مهربان دوست آهي جيڪو اڄ به هن جديد دور ۾
سنڌ جي ڳوٺاڻين نج روايتن کي برقرار رکيو اچي.
سو سليم چنا منهنجو وڏو به آهي ته ادب جي
دنيا ۾ اُستاد به آهي، آئون جڏهن جون ۲۰۱۳ع ۾ حيدرآباد پڙهائي خاطر آيس ته سليم چنا مختلف ادبي پروگرامن ۾ ڳالهائڻ
جي حساب سان منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو، تنهن ڪري آئون کيس پنهنجو ادبي استاد مڃان ٿو،
هڪ ڀيري هن مون کي پنهنجي گهر ڪچهري لاءِ گهرايو ۽ چيائين ته ”پڪوڙا اسٽاپ جي
ويجهو گول مسجد وٽ منهنجي آشياني تي اچجان تو کي ڪتاب ڏيندس“. مون ٻئي ڏينهن صبح
جو هن جي گهر وڃي در تي گهنٽي وڄائي سندس بيگم صاحبه نڪتي مون کيس چيو ته ”سليم
چنا صاحب سان ملڻو آهي“ ته ”چيائين ته هو اڃان آرام ۾ آهن، بيهو ته اُٿاري ٿي
اچان“، ٿوري دير کانپوءِ سليم چنا ٻاهر آيو مون کي سندس گهر جي ڊرائنگ روم ۾
ويهاري پاڻ سان گڏ ناشتو ڪرايائين ۽ مون سان سهڻي اصلاحي ڪچهري ڪيائين. بعد ۾ مون کي هن پنهنجا لکيل تقريبن سڀ ڪتاب هڪ ٿيلهي
۾ وجهي اعزازي گفٽ ڪيا، هن جا ڪتاب پڙهي مون کي پڪ ٿي هن جي هر ڪهاڻي ۾ سماج لاءِ
بهترين پيغام ڏنل آهي، جنهن کي پڙهڻ سان ادب ذوق ماڻهن فائدو ٿيندو جيئن لطيف
سائين چيو؛
سِيوَا ڪَرِ سَمُنڊَ جِي، جِتِ جَرُ
وَهي ٿو جَال،
سَئين وَھَنِ سِيرَ ۾، ماڻڪَ موتي
لالَ،
جي مَاسو جُڙَئِي مالَ، ته پُوڄارا
پُرِ ٿئين.
سليم چنا کي پنهنجي لکڻين سان ايترو پيار
آهي، جيترو ننڍن ٻارن کي پنهنجن رانديڪن سان هوندو آهي، خير ٻار رانديڪا ته ٽوڙي ڇڏيندا
آهن پر هيءُ پنهنجي هر لکڻي کي دل و جان سان نه صرف سانڍيو اچي پر ان کي ڇپرائڻ
لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهي ٿو. ڏسڻ ۾ جوان ايندڙ هيءُ رٽائرڊ سپرينڊينٽ ڪسٽم سليم
چنا ڏسو ڪڏهن پينٽ شرٽ پيو پائي، ڪڏهن ڪاٽن جا ڪلف لڳل ڪپڙا پيو پائي ڪڏهن قميص ۽
سلوار ته ڪڏهن ڀرت ڀريل پهراڻ ۽ شلوار ته ڪڏهن سفاري سئوٽ ته ڪڏهن سياري جي گرم ڪپڙن
۾ پينٽ شرٽ، ڪوٽ ۽ بوٽ ته ڪڏهن سلوار قميص مٿان واسڪوٽي پيو پائي، ڪڏهن ڪارا بوٽ
پيو پائي ته ڪڏهن برائون سينڊل پيو پائي، ڪڏهن سنڌي ٽوپي پيو پائي ته ڪڏهن ڪيپ پيو
پائي، ڪڏهن ٻانهن ۾ بتين واري واچ پيو پائي ته ڪڏهن ڏسو سادي چاٻي واري گهڙي پيو
پائي، ڪڏهن ننڍا وار پيو رکي ته ڪڏهن وڏا وار پيو رکي، اڪثر ڪلين شيو نه ته مڇون
يا ڏاڙهي ڪيئي ڀيرا رکي چڪو آهي، اهڙي خبر سندس پراڻن دوستن ۽ پراڻين تصويرن مان
پوي ٿي، سو سليم هوٽل تي چانهه پيو پئي، ڪڏهن ڏسو ادبي پروگرامن جا ڪارڊ پيو
ورهائي، ڪڏهن اديبن جي نورچشمن جي طهرن ۽ شادي جا ڪارڊ پيو ورهائي ته ڪڏهن مختلف
اخبارن ۾ پريس رليزون پيو ڏئي ته ڪڏهن وڏي ڪهاڻي پيو لکي، ته ڪڏهن مختصر، ته ڪڏهن
هڪ سٽي ڪهاڻي پيو لکي ته ڪڏهن ناول پيو لکي ته ڪڏهن شاعري پيو ڪري، ڪڏهن خاڪا پيو
لکي ته ڪڏهن آتم ڪهاڻي، ڪڏهن ”بزم روح رهاڻ“ لاءِ پيو پنڌ ڪري ته ڪڏهن ادي زاهد ابڙو
واري همسري مئگزين لاءِ پيو ڪشالا ڪري، ڪڏهن سنڌ راڻي مئگزين ۽ احساس مئگزين جي
لاءِ پيو جاکوڙ ڪري ڳالهه جو مطلب ته سليم چنا کان حيدرآباد جو ڪو به ادارو توڙي
اديب ڳُجهو ڪونهي، اوهان کي ڪنهن به اديب جي گهر جو پتو معلوم ڪرڻو هجي. اوهان
سليم چنا کي فون ڪري پڇا ڪريو سمجهو ته ايڊريس اوهان کي منٽن ۾ ملي وئي، تازو ئي
مون کي چيائين جامي چانڊيو صاحب وٽ ٿا هلون سو پنڌ ڪري جامي چانڊيي صاحب جي گهر وٽ
پهتاسون ته چيائين بس هاڻي جامي صاحب جي گهر جي دروازي کي هٿ لڳائي هليا ٿا هلون
متان سائين جامي صاحب مصروف هجي ٻئي ڀيري ملبو. ايتري ۾ جامي صاحب جو ڊرائيور شفيع
برهماڻي مليو. ان کي چيائين ته بس جامي صاحب کي اسان جا سلام ڏجو. اڄ خالي هٿين
آيا آهيون ٻئي ڀيري ڪو ڪتاب وغيره کڻي اچون ته پوءِ ملنداسين.
سو سائين سليم چنا جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن؟
بقول سائين قاضي خادم جي ته ”هڪ اديب جي وفات جي تاريخ نه پئي ملي پر جڏهن سليم
چنا کان پڇا ڪيم. هيءُ پاڻ قبرستان ويو ۽ ان قبر جي تختي تان ان جي وفات جي تاريخ
لکي کڻي آيو“.
هن
متحرڪ ڪردار جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن؟، منهنجي لاءِ اهو اعزاز آهي ته هن مون سان گڏ
سنڌيونيورسٽي ۾ ايم فل سنڌي لاءِ انٽري ٽيسٽ سٺين مارڪن سان پاس ڪري انٽرويو به ڏنو
ساڻس ڪهاڻيڪار حميد ابڙو ۽ مولابخش محبتي به گڏ هو، چوڻ جو مطلب ته عمر ۽ تجربي جي
لحاظ کان هيءُ جُهونو اديب بلڪل جدت پسند آهي، هن کي ترقي پسندي ۽ نون خيالن سان
پيار آهي، هيءُ هر تقريب ۾ نواڻ ڏسڻ جو نه صرف خواهشمند آهي پر ان کي عملي جامو
پارائڻ وارو مرد مجاهد ماڻهو آهي، ادبي توڙي سماجي تقريبن ۾صحيح ڳالهه کي عمل ۾ آڻڻ
لاءِ مضبوط اسٽينڊ وٺي ٿو.
نهاريندس نڪري، بوتَن ڪارڻ بَرُ،
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، متان روهَه رَتيُون
ٿئي.
سليم
چنا سائين حميد سنڌي صاحب کي هر وقت چوندو هو ”ته بزم ۾ نواڻ آڻيو“، اڄ سليم سميت
اسان سڀني جي فتح آهي ته “بزم روح رهاڻ“ نه صرف سنڌ جي وڇڙي ويل مشاهيرن کي ساري ٿي
پر سنڌ لاءِ آواز اٿاريندڙ جيئرن جو قدر به ڪري ٿي ته ادريس جتوئي، غلام قادر وساڻ،
جبار تاثير سومرو، پارس حميد، طالب ڀنڀري، نياز مسرور بدوي، مڪيش بارٿاڻي ۽ مون جهڙن
ناچيز نوجوانن سان به رهاڻيون رچائي انهن کي روح رهاڻ ۽ حميد سنڌي ايوارڊ سان
نوازي ٿي.
مون کي فخر آهي ته علامه آءِ آءِ قاضي صاحب
جي اباڻي ڳوٺ پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ سليم چنا مون ناچيز جو دوست آهي، هڪ ڀيري
مون حميد سنڌي جي تعزيتي ميڙاڪي ۾ شرڪت جي لاءِ سائين پروفيسر قاضي خادم، نصير
مرزا، نظير ملڪاڻي، واحد ڪانڌڙي ۽ پياري سليم چنا سان گڏجي اڪرم بخارائي جي ڳوٺ ۽ ٻيو
ڀيرو ڪوٽڙي تائين لطف اندوز ڪچهري ڪندي سَفر به ڪيو. باقي حيدرآباد ۾ سليم چنا
سان مون وڏا پنڌ ڪيا آهن. هڪ ڏينهن ۾ ۱۰ ڪلو ميٽر پنڌ اک ڇنڀ ۾ گذري ويندو آهي.
اڄ سليم چنا صاحب جو جنم ڏينهن آهي. منهنجي
طرفان کيس جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون. مالڪ کي هن ڊگهي ڄمار ڏئي هن جهڙي انسان
جي دوستي ڪنهن ڀاڳ واري کي نصيب ٿيندي. ڳالهيون گهڻيون آهن وري ڪنهن ٻي ڀيري.
(چيتن ميگھواڙ جي
فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)
سليم چنا
سنڌي ادب جو خاموش
خدمتگار
مُبين چنا
سليم چنا جو نالو
ذهن ۾ ايندي ئي هڪ اهڙي شخص جو خاڪو جري ٿو جنهن سڄي حيدرآباد کي پنهنجي پيرن هيٺان
لتاريو آهي ۽ شايد ئي ڪنهن ماڻهو حيدرآباد شهر کي ايترو پنڌ گهميو هجي جيترو سليم
چنا ڏٺو آهي. سليم چنا حيدرآباد کي جئين پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ۽ جيترو گهميو آهي
ايترو سليم چنا حيدرآباد تي لکيو ناهي سندس سيني ۽ ذهن ۾ الائي ڪيتريون يادگيرون، ڳالهيون
۽ ڪهاڻيون سانڍيل هونديون جن کي سليم چنا کي لکڻ گهرجي. حيدرآباد جي يادگيرين تي
سنڌي ۾ ڊاڪٽر قاضي خادم زبردست سهڻي نموني لکيو آهي ۽ هن شهر تي اڃا وڌيڪ لکڻ
گهرجي، سليم چنا کي هن پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ حيدرآباد شهر متعلق پنهنجن يادگيرين
کي محفوظ بڻائڻ گهرجي.
سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب
جو خاموش خدمتگار ۽ پيارو ماڻهو سليم چنا ولد نجم الدين چنا جو بنيادي تعلق پاٽ
سان آهي، سندس جنم ۱۷ سيپٽمبر ۱۹۵۶ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو. سليم چنا ابتدائي تعليم کان وٺي گريجوئيشن حيدرآباد
مان ڪئي، پاڻ ۱۹۷۳ع ۾ ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۷۷ع ۾ انٽر ڪيائين ۽ سچل سرمست ڪاليج مان ۱۹۷۹ع ۾ بي اي پاس ڪرڻ کانپوءِ ۲۰۰۳ع ۾ ايم اي سنڌي ڪيائين، سليم چنا پڙهائي
دوران مختلف ڪورس به ڪيا، جنهن ۾ ڊسپينسري، ايڪسري ٽيڪنيشن، ليبارٽري اسسٽنٽ، ڊرائنگ،
ٽائيپ رائيٽنگ، بيسڪ مارشل آرٽ، ايڪسائيز اينڊ سيلز ٽيڪس ڪورس ۽ PACC مان انگريزي
ٻوليءَ سميت ٻيا ڪورس شامل آهن، پاڻ ڪجھه وقت لاءِ اخبارن، رسالن ۽ بڪ اسٽالن تي
پرائيويٽ نوڪري پڻ ڪيائين ۽ ان کان علاوه اسٽيٽ لائيف ۽ اسپتالن ۾ به خانگي ملازمت
ڪيائين، پوءِ کيس ۲۷ مئي ۱۹۸۴ع ۾ ايڪسائيز اينڊ ڪسٽم ڊپارٽمينٽ ۾ انسپيڪٽر واري پوسٽ ملي ۽ اڳتي هلي ڊپٽي
سپريڊنٽ تي ترقي حاصل ڪيائين ۽ ۱۶ سيپٽمبر ۲۰۱۶ع تي سپريڊنٽ ڪسٽم جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو.
سليم چنا سياسي
حوالي سان ڪيترن ئي وڏن ليڊرن سان گڏ رهيو ۽ پاڻ ”سنڌ نوجوان ترقي پسند تنظيم“
سنتپت جي سرواڻي به ڪيائين، سليم چنا سموري زندگيءَ جستجو ۾ گذاري آهي، هن ڪڏهن به
پنهنجو پاڻ کي اتم يا اعليٰ نه سمجهيو، هن ڪسٽم جهڙي اهم اداري ۾ ملازمت دوران به انتها
درجي جي سادگي اختيار ڪئي، ادبي دوستن سان گڏ ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو، هن
لاءِ مشهور آهي ته پاڻ سڄي حيدرآباد ۾ پنڌ گهمندي ڦرندي نظر ايندو آهي، سليم چنا
جي مختلف سماجي ۽ فلاحي تنظيمن سان به وابستگي رهي آهي، جنهن ۾ سماجي دنيا فلاحي
تنظيم، عوامي ڪلچر سنگت، جوت ساهت سنگت ۽ ٻين جو بنيادي ميمبر ۽ عهديدار به رهيو
آهي، پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف جو تاحيات ميمبر به آهي ۽ انهن
فلاحي تنظيمن ذريعي سليم صاحب انسانيت جي خدمت ڪري رهيو آهي، پاڻ ماڻهن ۾ سجاڳي ۽
شعور بيدار ڪرڻ لاءِ حيدرآباد جي گهٽين ۾ اسٽريٽ ٿيٽر ذريعي رول به پلي ڪيائين،
جنهن ۾ حفيظ ڪنڀر جا لکيل ڊراما نديءَ جو نوحو، صفائي صحت آهي، ڏيو ووٽ مٽايو کوٽ
۾ سليم چنا اهم ڪردار ادا ڪيا، سليم چنا مختلف ادبي تنظيمن سان به وابسته رهيو
آهي، جنهن ۾ سنڌي ادبي فورم حيدرآباد، ريڊيو بچايو ڪاميٽي، قليچ سنگت، سنڌي ادبي
سنگت شاخ حيدرآباد ۽ ٻيون شامل آهن. سليم چنا س ا س حيدرآباد شاخ جو ڪيترا دفعا سيڪريٽري
به رهيو آهي سندس وڏي ۾ وڏو ادبي ڪم اهو رهيو آهي ته هن سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن
۾ قائم لائبريرين لاءِ ڪتاب گڏ ڪري انهن تائين پهچايا، سندس ئي ڪوشش سان سندس اباڻي
ڳوٺ پاٽ شريف ۾ سِگا شاخ پاٽ شريف پاران سندس نالي سان ”سليم چنا لائبريري“ قائم
آهي، سليم چنا جو تعلق جيئن ته پڙهيل لکيل فيملي سان آهي، ان ئي اثر هيٺ هن ۱۹۶۵ع کان پرائمري پڙهڻ دوران ڪچا ڦڪا شعر لکڻ
شروع ڪيا ۽ ان وقت ۾ پنهنجا لکيل شعر ۽ ڪهاڻيون شاگردن ۽ استادن کي ٻڌائيندو هو،
هن شاعريءَ کان سواءِ مضمون، ڪهاڻيون، مقالا، جيون ڪٿائون، شخصي پروفائيل، اکين ڏٺا
احوال، صحافت ۽ ناولن تي به طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪجھه مهينا نامياري شاعر نياز
همايونيءَ جي رهنمائيءَ هيٺ مرڪزي اردو بورڊ جي لائبرريءَ، حيدرآباد ۾ ڪلارڪ طور به
ڪم ڪيو ۽ ۷۰ع واري ڏهاڪي کان اُتي ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي هفتيوار گڏجاڻين ۾ پنهنجون
نڪور تخليقون پيش ڪيائين. اتي ملازمت دوران کانئس شعر جي اصلاح ورتائين. سليم چنا ۱۹۶۹ع ۾ اردو، ۱۹۸۲ع ۾ انگريزي ۽ ۱۹۸۳ع ۾ پنجابي ۽ سرائڪي ۾ به شاعري ڪئي، سليم
چنا هن وقت تائين ۵۰۰ کان وڌيڪ ڪهاڻيون لکي چڪو آهي، ان کان علاوه هن جا شاعريءَ، جيون ڪٿائن، ڪهاڻين
۽ ناولن سميت ٻين موضوعن تي ۳۵ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن مان ۳۰ ڪتاب سليم جا پنهنجا تخليقي آهن. جن مان ۱۴ ڪتاب ڪهاڻين جا، ۴ ڪتاب ناولن جا، ۷ ڪتاب شاعري جا جنهن مان هڪڙو ڪتاب انگريزي شاعري جو ۽ باقي ۵ ڪتاب خاڪن، ڊائريون ۽ يادگيرين جا ۽ ۵ ڪتاب مرتب ۽ سھيڙيا آهن. سليم چنا جي ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ”سج منهنجي هٿن
۾" ۽ پهريون ناول ”سحر“ آهي. سليم چنا ڪاروڪاري، آپگهات، تعليم جي تباهي جا ڪارڻ،
جي عنوان تي خاص سروي ڪئي، پاڻ روزاني سنڌو ۽ عبرت اخبار لاءِ صحافتي خدمتون به سرانجام
ڏنائين، ان کان علاوه سندس لکڻيون ڪاوش، عوامي آواز، خبرون، سوڀ، ڪوشش، شام، سنڌ
ايڪسپريس ۽ ٻين اخبارن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون ۽ ان کان علاوه هالار، ادب، سنڌ
رنگ، نئين زندگي، مارئي، سنڌ آئي ۽ سنڌ راڻي سميت ڪيترن ئي ٻين اردو ۽ انگريزي
رسالن ۾ سندس شاعري، ڪهاڻيون، مضمون ۽ ٻيون لکڻيون ڇپجنديون رهيون آهن، سليم چنا
جي ادبي خدمتن تي آل انڊيا ريڊيو، حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٽي وي چينل پي ٽي وي، ڪي ٽي
اين، سنڌ ٽي وي، مهراڻ ۽ آواز ٽي وي جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي،
سليم چنا سان حيدرآباد، ڪراچي، پاٽ شريف ۽ ٻين شهرن ۾ رهاڻيون به رچايون ويون، ان
کان علاوه کيس سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ، سوز هالائي ايوارڊ، سنڌ راڻي ايوارڊ، وحيد
مراد ايوارڊ، علامه آءِ آءِ قاضي ايوارڊ سميت ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ
مليل اٿس. سليم چنا پنهنجي نالي سان اشاعتي ادارو پڻ قائم ڪيو آهي جنهن جي پليٽ
فارم تان هن وقت تائين سليم ۴۱ ڪتاب شايع ڪري چڪو آهي.
سليم چنا پنهنجي
والد صاحب نجم الدين چنا، پنهنجي امڙ امداد خاتون ۽ پنهنجي نانا گل محمد چنا جي
شخصيت مان متاثر ٿيو ۽ انهن جي بهترين پرورش سبب سليم چنا هڪ بهترين انسان بڻيو،
سليم چنا پنهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم اقبال احمد چنا جي شفقت کي به نه وساري سگهيو آهي،
هي پنهنجي ٻين ننڍن ڀائرن اياز احمد، محمد اسلم، محمد اعظم چنا ۽ ڀينرن نسرين اختر
۽ ياسمين اختر چنا لاءِ به ڇپر ڇانو آهي، سليم چنا جي شادي ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۹۸ تي شڪيلا چنا سان ٿي، جيڪا پاٽ شريف جي رٽائرڊ
استاد عبدالرحيم چنا جي نياڻي آهي، جيڪا هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو ڪالوني جي
هائير سيڪندري اسڪول م ايڇ ايس ٽي بطور گريڊ ۱۸ ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. سنڌ
ميوزم حيدرآباد جي پارڪ ۾ ٿيندڙ ان شادي ۾ سليم چنا جي ادبي، صحافتي، سماجي، نوڪري
پيشه دوستن ۽ مٽن مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هئي، جن ۾ ايڇ ايم خواجہ، ظفر ڪاظمي،
چمڙي جو مشهور ڊاڪٽر اسماعيل شيخ، سنڌ گرامر اسڪول جو چئيرمين مقبول احمد ميمڻ،
پروفيسر سيف الله بلوچ خصوصي شرڪت ڪئي هئي. سليم چنا کي اولاد ۾ هڪ پٽ معظم علي
آهي جيڪو مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان اليڪٽريڪل ۾ بيچلر ڪئي آهي ۽ هن وقت اسلام
آباد ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. ۽ ٽي نياڻيون آهن جن مان عائشه مهراڻ
يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪمپوٽر سائنس جي فائيل ائير ۾ آهي، عليزه سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو
مان ڪامرس ۾ ٽرڊ ائير ۾ تعليم حاصل ڪري رهي آهي ۽ لاريب چنا مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
مان اليڪٽرانڪ ۾ سيڪنڊ ائير ۾ تعليم حاصل ڪري رهي آهي، سليم صاحب جي موجوده رهائش
قاسم آباد حيدرآباد ۾ آهي.
سليم چنا جا شايع
ٿيل ڪتاب
۰۱) سج منهنجي هٿن ۾ (ڪھاڻيون ۱۹۹۵)
۰۲) زندگيءَ (ڪھاڻيون ۱۹۹۶)
۰۳) روشني (ڪھاڻيون ۱۹۹۷)
۰۴) صحرا جو چنڊ (ڪھاڻيون ۱۹۹۸)
۰۵) آواره آواز (شاعري ۱۹۹۹)
۰۶) اڌورا خواب (ڪھاڻيون ۲۰۰۵)
۰۷) سحر (ناول ۲۰۰۷)
۰۸) برسات (ناول ۲۰۰۹)
۰۹) گم ٿيل ماڻهو (ناول ۲۰۰۹)
۱۰) کيت خواب جهڙا (ناول ۲۰۰۹)
۱۱) نيڻ نهار (وايون ۲۰۰۹)
۱۲) قيدي پکي (نثري نظم ۲۰۱۰)
۱۳) سنڌوءَ ڪناري (نثري نظم ۲۰۱۰)
۱۴) اسين اڃان سوچون ويٺا (نثري نظم ۲۰۱۰)
۱۵) ڏاها منهنجي ڏيھ جا (خاڪا، جيون ڪٿا ۲۰۱۰)
۱۶) آسماني ستارو (شهيد بينظير ڀٽو تي شاعري ۽ ڪهاڻيون ۲۰۱۱)
۱۷) شينهن بنا ٻيلو (ڪھاڻيون ۲۰۱۱)
۱۸) خواب نگر (ڪهاڻيون ۲۰۱۳)
۱۹) ڌرتيءَ دريا سمنڊ (ڪھاڻيون ۲۰۱۳)
۲۰) ڏينهن ڏٺي ڏئيو (ڪهاڻيون ۲۰۱۳)
۲۱) سٽ سٽ قصو، ڪٿا ڪهاڻي (ڪهاڻي ۲۰۱۳)
۲۲) گهٽيون گھاءُ ڏئين (وايون ۲۰۱۳)
۲۳) سٽ سٽ ڪهاڻي سليم چنا ٻڌائي ٿو آکاڻي (ڪهاڻيون ۲۰۱۳)
۲۴) سونهان منهنجي سنڌ جا (جيون ڪٿا ۲۰۱۴)
۲۵) هڪ هڪ سٽيون هڪ سئو ڪهاڻيون (ڪهاڻيون ۲۰۱۴)
۲۶) ٽو يو TO YOU
(انگريزي شاعري ۲۰۱۴)
۲۷) انمول ھيرا (جيون ڪٿا ۲۰۱۵)
۲۸) اڄ جو آواز (ڪھاڻيون ۲۰۱۵)
۲۹) سونهن خوشبوءِ عشق (ڪهاڻيون ۲۰۱۹)
۳۰) سيد موٽڻ شاھ مست جو ڪلام، حصو پهريون ( مرتب سليم چنا ۲۰۲۰)
۳۱) خان صاحب عبدﷲ چنا ۽ بيگم زينت چنا جا احوال (سهيڙيندڙ سليم چنا ۲۰۲۱)
۳۲) سيد موٽڻ شاھ مست جو ڪلام حصو ٻيو (مرتب سليم چنا ۲۰۲۲)
۳۳) ڳوليان ڳوليان مَ لهان، پروفيسر ڪريم بخش چنا جا مضمون ۽ شاعري (مرتب
سليم چنا ۲۰۲۳)
۳۴) جيڪي. جڳ جرڪائي ويا، عبدﷲ چنا ۽ زينت چنا جا مضمون (مرتب سليم چنا ۲۰۲۴)
۳۵) ڇوڪرو حيدرآباد جو = سليم چنا (يادگيريون، خاڪا ۲۰۲۵)
(فيسبڪ پوسٽ ۲۳ جون ۲۰۲۶ع)
سليم چنا
سنڌي ادب جو خُدائي
خدمتگار
علي دوست عاجز
جن دوستن کي خبر
ناهي, انهن سوچيو به نه هوندو ته هي ڪو ڪسٽم مان رٽايرڊ سُپرنٽيڊنٽ آھي!
هي مون کي سائين
رفعت عباس جي نظمن جو ڪئريڪٽر "اَلھ ڏِوايا" لڳندو آھي, جنهن کي, سندس
محبُوبه ڀِراوان سان گڏ ٿيٽر ۾ ڪم ڪندي، سڄي عُمر گُذري وئِي هجي...پر "ڀِراوان"
به کيس ڇڏي وئي هجي...!
هي ڪھاڻين ۽ شعرن
جا ڪتاب, دل جي شوق لاءِ لکندو, ڇپائيندو ۽ ايئن دوستن ۾ وِرهائيندو وتندو آھي!
پو ته هن ڪتابن تي، قيمت جي جاءِ تي "مفت
۾" لکڻ شروع ڪري ڇڏيو!
سندس هڪ ڪتاب جي
مهورتي تقريب دوران, محترمه تسنيم زنئور چيو:
" مون
ادا سليم کي چيو, ته توهان ايترو پڙھو نه ٿا, جيترو لکو ٿا, ته هن چيو, مان جو وقت
پڙھڻ کي ڏِيان, ان وچ ۾ ٻيو ڪتاب نه لِکي وٺان!"
حيدرآباد ٽرسٽ ۾،
ان ننڍڙي تقريب ۾ صدارتي خطاب ڪندي، پليجي صاحب کِلندي چيو:
"ادا
سليم! سڀ ٿا چون, پڙھ, ته تون بي کڻي ٻه ٽي ڪتاب پڙھ ٻيو ڇا...!"
ايئن هڪڙي ٻئي ڀير
جڏهن سائين احمد خان مدهوش، طبيعت صحيح نه هجڻ ڪري, ايل ايم سي اسپتال ۾ داخل هجي,
آنءُ ۽ ڊاڪٽر اسحاق سميجو کانئُس پڇڻ وياسين.
ويٺا ئي هُئاسين,
ته دوست شاعر, اديب سليم چنا به آيو. جيڪو کيس ڏيڻ لاءِ, پنهنجا ڪجھ ڪتاب به ڪنهن
شاپر ۾ کڻي آيو هجي!
سائين مدهوش پڇيس: "ان
۾ ڇا هي!"
سليم چيو:
"سائين ڪتاب آھن, اوهان لاءِ!"
"ڪتاب,
مون سمجهيو ڪو فروٽ وغيره هي اَلاءِ ڇا...!" مدهوش صاحب چيو.
ان تي پاڻ به کليو,
اسان به دير تائين کِلندا رهياسين!
پياري سليم چنا جو
تازو ڪتاب "حيدرآباد جو ڇوڪرو" جيڪو پڻ هن مون کي گفٽ ڪيو، پر آٽو گرف
هوندي به ڪو کڻي ويو.
سليم ڪجھ ڏينھن کان
ناچاڪ آهي. ڌڻي کيس صحت ڏئي ۽ هو وري ٻيا ڪتاب لکي، مفت ۾ ڏئي. مفت ۾ به ٻہ...!
جيئن هڪ کڄِي وڃي، ته وري ٻيو...!
(علي دوست
عاجز جي فيسبڪ پوسٽ ۲۶ جنوري ۲۰۲۶ع)
سليم چنا
شخصيت، فن ۽ فڪر
ڊاڪٽر اظهر علي
شاھ
۵ اپريل ۱۹۵۴ع تي حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ سليم چنا جا والدين اصل پاٽ جا رهاڪو هئا. پاٽ
سنڌ جو علمي ادبي مرڪز رهيو رهيو آهي تنهڪري سليم چنا موروثي طور علم ۽ ادب جون
خاصيتون رکندي ننڍي لاء کان حيدرآباد جي علمي ادبي سرگرمين جي سڃاڻ بڻجي ويو. نياز
همايوني جهڙي يگاني شاعر کان تربيت وٺندي سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ سان گڏ مختلف کاتن
۾ خدمتون سرانجام ڏيندي آخر ۾ ايڪسائيز ۽ ڪسٽم جي ايس ايس پي طور رٽائر ڪيائين پر
سندس علمي ادبي سرگرميون اڄ به جيئن جو تيئن جاري آهن ۽ جاري رهنديون ڇاڪاڻ ته ادب
۽ ادبي سرگرميون ئي سندس جياپي جو سهارو ۽ سندس زندگي جو ڪل مال متاع آهن. علامه
آء آء قاضي جيان پنهجي سموري زندگي ايمانداري ۽ سچائي سان خدمت ڪندي هن مالي طور
شاهوڪار بڻجڻ بجاء هڪ پيادل سيلاني جي شناخت ماڻي آهي ۽ ان شناخت سان گڏ خوشي،
اطمينان ۽ صحتمند زندگي جا پڻ مزا ماڻيا اهن ۽ ماڻي رهيو آهي!
سليم چنا سان سنڌي
ادبي سنگت حيدرآباد ۽ بزم روح رهاڻ جي ڪيترين ئي گڏجاڻين ۾ ملاقاتون ٿينديون رهيون
آهن جيڪي اڄ به جيئن جو تيئن جاري آهن. هنن گڏجاڻين ۾ سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون،
وايون ۽ مضمون سندس زباني ٻڌا آهن ۽ انهن تي تبصرا پڻ ڪيا آهن. ساڻس گڏ گهمڻ ڦرڻ ۽
ٿر تائين ادبي پروگرامن ۾ شرڪت پڻ ڪئي آهي. سليم چنا سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي
سيڪريٽري سميت ڪيترن ئي عهدن تي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آهي ۽ هن وقت پڻ سنڌي
ادبي سنگت حيدرآباد جو جوائنٽ سيڪريٽري آهي. سندس شخصيت، فن ۽ فڪر کي سنڌ جي نامور
اديبن مڃتا ڏيندي جيڪي سندس خوبيون بيان ڪيون آهن انهن جو اختصار هي آهي ته سليم
چنا هڪ سٺو ۽ گهڻو لکندڙ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر هئڻ سان گڏ تمام سرگرم سماجي ۽ ادبي ڪارڪن
پڻ آهي. سليم چنا جي لکڻين ۾ ڌرتي جي ڏکويل ديس واسين جي پيڙائن جو اظهار به آهي
ته تبديلي جي لاء تڙپندڙ جذبا پڻ آهن. سليم چنا ڪهاڻين جي سمورن گهاڙيٽن کي اپنايو
آهي. بيانيه، مونولاگ، ڊائلاگ سميت علامتي ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن. سليم چنا پنهجي ڪهاڻين
جو پاڻ ڪردار آهي. سندس ڪهاڻين ۾ آتم ڪٿائي عنصر وڌيڪ ملي ٿو. سليم چنا هڪ سيلاني
ماڻهون آهي. سندس شخصيت جيان هن جون ڪهاڻيون پڻ بناوٽ ۽ مصنوعيت کان ڏور پر
معصوميت ۽ سادگي سان ڀرپور آهن. سليم چنا جي ڪهاڻين ۾ محبت ونڊڻ ورڇڻ جي آرزو جو
اظهار ملي ٿو. خوشين سان گڏ غمن کي به اپنائڻ جو فن ملي ٿو. آس ۽ نراس سان گڏ
زندگي ڏانهن هاڪاري رويي جي اپٽار ملي ٿي. سليم چنا ڪنهن مخصوص سياسي يا ادبي لابي
لاء نه پر سڀني لاء ڪم ڪندو آهي. هو ڇنڻ بجاء ڳنڍين سارو ڏينهن وارو ڪردار ادا ڪندو
آهي. سليم چنا حيدرآباد ۾ رهي حيدرآبادي اديبن جو نڪ بڻجي ويو آهي.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
مطابق سليم چنا جي شايع ٿيل ڪتابن ۾: (۱) سج منهنجي هٿن ۾ (ڪهاڻيون: ۱۹۹۵ع)، (۲) زنـدگــي (ڪهاڻيون: ۱۹۹۶ع)، (۳) روشـنــي (ڪهـاڻـيـون: ۱۹۹۷ع)، (۴) صحرا جو چنڊ (ڪهاڻيون: ۱۹۹۸ع)، (۵) آواره آواز (شاعري: ۱۹۹۹ع)، (۶) اڌورا خواب (ڪهاڻيون: ۲۰۰۵ع)، (۷) سحر (ناول: ۲۰۰۷ع)، (۸) برسات (ناول: ۲۰۰۸ع)، (۹) گم ٿيل ماڻهو (ناول: ۲۰۰۹ع)، (۱۰) کيت خواب جهڙا (ناول: ۲۰۰۹ع)، (۱۱) نيڻ نهار (وايون: ۲۰۰۹ع)، (۱۲) قيدي پکي (نثري نظم: ۲۰۱۰ع)، (۱۳) سنڌوءَ ڪناري (نثري نظم: ۲۰۱۰ع)، (۱۴) اسين اڃا سوچيون ويٺا (نثري نظم: ۲۰۱۰ع)، (۱۵) ڏاها منهنجي ڏيهه جا (جيون ڪٿائون، خاڪا،
تعارف: ۲۰۱۰ع)، (۱۶) آسماني ستارو (شاعري، ڪهاڻيون، تبصرا: ۲۰۱۱ع)، (۱۷) شينهن بنا ٻيلو (ڪهاڻيون: ۲۰۱۱ع) شامل آهن.
مٿي ڏنل ڪتابن جي
لسٽ نامڪمل آهي ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين سليم چنا ٽيهن کان وڌيڪ ڪتاب لکي ۽ شايع ڪري
چڪو آھي. سنڌي ڪهاڻي ۾ کيس نجم عباسي کانپوء تمام گهڻيون ۽ معياري ڪهاڻيون لکندڙ
ليکڪ طور پڻ مڃتا ملي چڪي آهي. سندس پنهنجو اشاعتي ادارو آهي ۽ سندس ڪتابن تي قيمت
لکيل نه هوندي آهي ڇاڪاڻ ته هو پنهنجا ڪتاب کپائيندو ناهي پر تحفي طور سنگت ساٿ کي
پڙهڻ لاء ڏيندو آهي. زندگي جي ڏيک ويک ۽ شهرت جي حرص کان ڏور پنهجي ڪرت سان عشق ڪندڙ
۽ پنجو پاڻ ادب ۽ سماج لاء ارپيندڙ شخصيتن جو هي لازوال مثال آهي.
(فيسبڪ پوسٽ ۴ اپريل ۲۰۲۵ع)

No comments:
راءِ ڏيندا