; سنڌي شخصيتون: سليم چنا

06 October, 2014

سليم چنا

سليم چنا
مشهور شاعر ۽ اديب، سليم چنا، ۵ اپريل ۱۹۵۴ع تي نجم الدين چنا پاٽائيءَ جي گهر ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سال ۱۹۷۹ع ۾ بي اي ڪئي ۽ ۲۰۰۳ع ۾ ايم اي (سنڌي ادب) ڪيائين. هن ٽائيپ رائيٽنگ، ڊسپينسري، ايڪسري ٽيڪنيشن، سوائل واٽر گريول اناليز ليبارٽري ’ڊرپ‘ لطيف آباد آفيس ۾ انگريزن سان گڏ ڪيو. اڪائونٽنگ ۽ آڊيٽنگ سميت مختلف ڪورس به ڪيا.


ننڍپڻ کان مختلف ملازمتون ڪندو رهيو. ۱۹۷۵ع ۾ ڪجهه مهينا داروغو رهيو. مختلف ڊاڪٽرن وٽ ڊسپينسر طور به ڪم ڪيائين. ۱۹۸۴ع ۾ کيس ڪسٽم، سيلز ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز پوليس ۾ ڪسٽم انسپيڪٽر جي نوڪري ملي. هن وقت اتي ڊپٽي سپريڊينٽ آهي.
سليم چنا ننڍپڻ کان لکڻ جي شروعات ڪئي. شاگرد سياست توڙي ادبي تنظيمن سان وابسته رهيو آهي. هن شاعريءَ کان سواءِ مضمون، ڪهاڻيون، مقالا، جيون ڪٿائون، شخصي پروفائيل، اکين ڏٺا احوال، صحافت ۽ ناولن تي به طبع آزمائي ڪئي آهي.
ڪجهه مهينا نامياري شاعر نياز همايونيءَ جي رهنمائيءَ هيٺ مرڪزي اردو بورڊ جي لائبرريءَ، حيدرآباد ۾ ڪلارڪ ٿي به ڪم ڪيائين ۽ ۷۰ع واري ڏهاڪي کان اُتي ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي هفتيوار گڏجاڻين ۾ پنهنجون نڪور تخليقون پيش ڪيائين. ملازمت دوران کانئس شعر جي اصلاح ورتائين.
سليم چنا سماجي ڪمن ڪارين ۾ اڳڀرو رهيو آهي. هن اسٽيج اداڪار طور به پنهنجي صلاحيتن جو استعمال ڪيو آهي. کيس ڪيترين تنظيمن طرفان اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا آهن.
سليم چنا جاکوڙي ۽ ساده مزاج اديب آهي. هن پنهنجا سڀ ڪتاب پنهنجي خرچ تي شايع ڪرايا آهن. ساڃهه وند دوستن ۽ لائبررين کي سوکڙيءَ طور مفت ڏيندو آهي. سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ۽ حيدرآباد شاخ جو ٻه دفعا سيڪريٽري ۽ ڪيترا ئي ڀيرا عهديدار به رهيو آهي.
سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (۱) سج منهنجي هٿن ۾ (ڪهاڻيون: ۱۹۹۵ع)، (۲) زنـدگــي (ڪهاڻيون: ۱۹۹۶ع)، (۳) روشـنــي (ڪهـاڻـيـون: ۱۹۹۷ع)، (۴) صحرا جو چنڊ (ڪهاڻيون: ۱۹۹۸ع)، (۵) آواره آواز (شاعري: ۱۹۹۹ع)، (۶) اڌورا خواب (ڪهاڻيون: ۲۰۰۵ع)، (۷) سحر (ناول: ۲۰۰۷ع)، (۸) برسات (ناول: ۲۰۰۸ع)، (۹) گم ٿيل ماڻهو (ناول: ۲۰۰۹ع)، (۱۰) کيت خواب جهڙا (ناول: ۲۰۰۹ع)، (۱۱) نيڻ نهار (وايون: ۲۰۰۹ع)، (۱۲) قيدي پکي (نثري نظم: ۲۰۱۰ع)، (۱۳) سنڌوءَ ڪناري (نثري نظم: ۲۰۱۰ع)، (۱۴) اسين اڃا سوچيون ويٺا (نثري نظم: ۲۰۱۰ع)، (۱۵) ڏاها منهنجي ڏيهه جا (جيون ڪٿائون، خاڪا، تعارف: ۲۰۱۰ع)، (۱۶) آسماني ستارو (شاعري، ڪهاڻيون، تبصرا: ۲۰۱۱ع)، (۱۷) شينهن بنا ٻيلو (ڪهاڻيون: ۲۰۱۱ع) شامل آهن.

(منھنجو دادو سائيٽ تان کنيل)


سليم چنا
خُدائي خدمتگار
علي دوست عاجز
سليم چنا پُراڻو ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي. پر پاڻ کي جونير لکندو آهي. ڇو ته ان کان اڳ ئي ان نالي وارو ليکڪ موجود هو. هي ڀلي پاڻ کي جونير سڏائي، پر هو اسان کان گهڻو سينير آهي. اِلاهي سارا ڪتاب لکيا اٿائين. پاڻ به تعداد ئي ٻڌائي سگهندو، نالا ٻڌائڻ شروع ڪندو ته ضرور هڪ اڌ رهجي ويندس. اديبن ۾ تمام گهڻو سوشل آهي. ڪنهن معاملي يا ماڻهو بابت جلد ئي رايا گڏ ڪري وٺندو، لکندو، ڇپائيندو، پهچائيندو. سليم رنگ جو سانورو آهي پر دل جو ايڏو ئي اڇو آهي. سچ ته هي سنڌي ادب جو خدائي خدمتگار آهي.
سندس هڪ ڪتاب جي مهورت واري تقريب ۾ پليجو صاحب به هجي، صدارت پئي ڪيائين. سڀني اچي ورايس ته، سليم پڙهي ڪو نه ٿو، رڳو لکڻ تي هڻ هڻان ٿس. تسليم زئور چيو، مون چيومانس ته، ”ادا، اها ڳالهه ڪيئن آهي؟ ته هن کلندي وراڻيو، مان جو ويهي پڙهان، ته ايتري ۾ ٻيو ڪتاب لکي نه وٺان!“ ماحول ڏاڍو مزيدار بنجي ويو هو. نيٺ پليجي صاحب به کلندي تقرير ۾ چيو ته؛ ”سليم، سڀني جي اها ئي مرضي آ، ته تون به کڻي ٻه ٽي ڪتاب پڙهه ٻيو ڇا!“
سيموئل جانسن ته ان معاملي ۾ ڏاڍو سخت هوندو هو. چوندو هو:
"I never desire to converse with a man, who has written more than he read."
ڪتاب دوستن، احبابن کي مفت ۾. ايئن ته سڀ ڪو ڪندو آهي، پر هي ڪتاب جي قيمت واري جاءِ تي لکندو آهي، مفت ۾!
هڪ دفعي محترم احمد خان مدهوش جي طبيعت خراب هجي، اسپتال ۾ داخل هو. اسان وانگر سليم چنا به سندس طبيعت پڇڻ ويو. خيروعافيت ۽ طبع پُرسيءَ کان پوءِ هن شاپر ڏانهن هٿ وڌايو، جنهن ۾ هو مدهوش صاحب کي گفٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجو تازو ڇپيل ڪتاب کڻي آيو هو. مدهوش صاحب پڇيو ته، ”اهو ڇا هي؟“- سليم وراڻيو؛ ”سائين توهان لاءِ پنهنجو تازو ڇپيل ڪتاب آندو اٿم.“ مدهوش صاحب کلندي هڪ دم چيو: ”ڪتاب، مون سمجهيو هو فروٽ وغيرہ آندو اٿئي!“



سليم چنا

حيدرآباد جو مُتحرڪ ڪِردار ۽ هَر فَن مولا پيارو ماڻھو

چيتن ميگهواڙ

اَدبي لَڏي سان وابسته حلقي مان شايد ئي ڪو فرد هجي جنهن سليم چنا جو نالو نه ٻڌو ۽ پڙهيو هجي، مون کي فخر آهي، هن ڪهاڻيڪار ۽ شاعر سان منهنجي پهرين ملاقات ”بزم روح رهاڻ“ ۾ ٿي ته ائين لڳو ڄڻ اسين سالن کان وٺي هڪٻئي کي سڃاڻيندا هجون، سو سليم چنا سچ پڇو ته سنڌي ادب جو بي لوث خدمتگار هجڻ سان گڏ سهڻي سنڌ جي دل، حيدرآباد جو اَثاثو آهي، اسان جي سَماج کي اهڙي ليکڪ ۽ اَديب ماڻهو جو دل سان قُدر ڪرڻ گهرجي، مون کي وڏي خوشيءَ ٿيندي آهي، جڏهن آئون اهڙي سادي، سچي ۽ شانائتي انسان جي مان ۾ ڪا تقريب ٿيندي ڏسندو آهيان؛

مَاڻهو سَڀ نه سُهڻا، پَکي سَڀ نه هَنج،

ڪنهن ڪنهن مَاڻهو مَنجُھه، اَچي بُوءِ بَهار جي.

سليم چنا سنڌي ادب کي اڌ صدي ڏني آهي، تنهن ڪري سليم چنا کي حيدرآباد ۾ شروعاتي زندگي کان وٺي ڄمڻ، پڙهڻ، نوڪري ۽ رٽائرڊ ٿيڻ تائين اهو شرف حاصل آهي ته هن جي تمام سينيئر عالمن، مفڪرن، اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن جن ۾ سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، رسول بخش پليجو، محمد عثمان ڏيپلائي، شيخ اياز، سائين حميد سنڌي، بيگم زينت چنا، خانصاحب عبدالله چنا، نياز همايوني، امداد حسيني ۽ ٻين سان سندس ويجهڙائي رهي آهي ۽ انهن تي سليم چنا پنهنجي مختلف ڪتابن ۾ شاندار خاڪا ۽ يادگيريون به لکيون آهن. جن ۾ غلام محمد گرامي، جيجي زرينا بلوچ، ڊاڪٽر ابراهيم خليل شيخ، ع ق شيخ، ظفر ڪاظمي ۽ جانڻ چن سميت ڪيترائي اڻٿڪ انسان شامل آهن.

سليم چنا جو سنڌي ادب سان گهرو عشق آهي، مون کي پڪ آهي ته هوءَ پنهنجي روزمرهه جي زندگي ۾ ايترو پنهنجي ويجهن عزيزن سان به نه مليو هوندو، جيتريون هن علمي ادبي شخصيتن ۽ ڏات ڌڻين سان گذريل 5 ڏهاڪن کان ملاقاتون ڪيون آهن. هيءُ پنهنجي طبيعت ۾ ملنسار ۽ سادو ماڻهو آهي، وڏائي ۽ تڪبر کان ڪوهين ڏُور سليم چنا سنڌي ادب ۽ سنڌي ماڻهن جي شروع کان وٺي اڄ تائين هڪ ڪل وقتي ڪارڪن وانگيان خدمت ڪندو اچي. جيئن لطيف سائين فرمايو آهي ته؛

کَرِڪَڻَا لَاهَي، سُکُ نَه سُتَا ڪَڏَهِين،

اَوسِيئَڙَو آهَي، کَاهَوڙِيُنِ کَي پَنڌَ جَو.

 سليم چنا هڪ ڀيري ڪنهن ضروري ڪم سانگي حيدرآباد قاسم آباد ۾ منهنجي غريباڻي آشياني تي آيو پئي ته مون فون تي چيو ته ”ادا سليم! آئون اهڙي علائقي ۾ رهان ٿو، جتي کير ويجهڙائي ۾ نه ٿو ملي، تنهن ڪري مهرباني ڪري کير وٺيو اچجو ته جيئن چانهه پيئڻ جهڙا ٿيون“، ادا سليم يڪدم چيو ته ”چيتن! بلڪل وٺيو ٿو اچان“ ايتري ۾ منهنجي دوستن حيرت منجهان مون کان پڇيو ته ”ڇا اهو 29 ڪتابن جو ليکڪ رٽائرڊ ڪسٽم آفيسر پاڻ سان گڏ کير وٺي ايندو؟ مون چيو ”ڏسجوس ته ڪيئن ٿو وٺي اچي“، ايتري ۾ گهر کان ٻاهر نڪري گهٽي ۾ وڃي ڏسان ته سليم چنا ڀاڪر ۾ ڊائري ۽ کير واري ٿيلهي هٿ ۾ کنيو سادگي سان لڏندو پيو اچي، مون کي پري کان ڏسي هٿ مٿي ڪري چيائين ته ”ادا آيو آيو“، جڏهن هُو مون ناچيز وٽ قرب جا قدم ڀري ڀري آيو ته اسان سڀني کي نهايت خوشي ٿي.

ٻيو دفعو هن مون کي فون ڪيو ۽ چيو ته چيتن اوهان اچو منهنجي گهر چانهه به پيئون ۽ ڪچهري به ڪريون يا قاسم آباد ۾ ايڇ بي ايل بئنڪ جي سامهون ”دانيال ڪتاب“ گهر تي پياري اياز ابڙي وٽ اچو گڏجي ڪچهري ڪريون، پر مون چيو ڪاوش آفيس وڃڻو آهي تنهن ڪري دير ٿي ويندي. اوهان مون وٽ جڳهه تي اچو هتي ٿا چانهه پيون ۽ ڪچهري ڪريون. سليم چيو ڀلي ٺيڪ آهي آئون اچان ٿو، ڪجهه دير کان پوءِ دروازي تي آواز ٿيو ڏسان ته سليم چنا بيٺو هو مون کيس ڀليڪار چيو، سليم چنا جي هٿ ۾ ٻه مئگزين ”لوهي جيسي سوچ“ ۽ سنڌراڻي مئگزين نومبر ۲۰۲۰ع ۽ هڪ عدد فروٽ جي ٿيلهي اسان دوستن لاءِ هئي، جنهن ۾ ڪجهه صوف، ڪيلا، موسميون، نارينگيون ۽ زيتون هئا، سياري جي موسم ۾ اها مزيدار ميوات کائي مٿان لونگن ۽ الائچي واري چانهه پي شاندار ڪچهري ڪئي سين. مون کي حيراني ۽ سرهائي ٿي ته سليم ڪيڏو نه مهربان دوست آهي جيڪو اڄ به هن جديد دور ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻين نج روايتن کي برقرار رکيو اچي.

سو سليم چنا منهنجو وڏو به آهي ته ادب جي دنيا ۾ اُستاد به آهي، آئون جڏهن جون ۲۰۱۳ع ۾ حيدرآباد پڙهائي خاطر آيس ته سليم چنا مختلف ادبي پروگرامن ۾ ڳالهائڻ جي حساب سان منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو، تنهن ڪري آئون کيس پنهنجو ادبي استاد مڃان ٿو، هڪ ڀيري هن مون کي پنهنجي گهر ڪچهري لاءِ گهرايو ۽ چيائين ته ”پڪوڙا اسٽاپ جي ويجهو گول مسجد وٽ منهنجي آشياني تي اچجان تو کي ڪتاب ڏيندس“. مون ٻئي ڏينهن صبح جو هن جي گهر وڃي در تي گهنٽي وڄائي سندس بيگم صاحبه نڪتي مون کيس چيو ته ”سليم چنا صاحب سان ملڻو آهي“ ته ”چيائين ته هو اڃان آرام ۾ آهن، بيهو ته اُٿاري ٿي اچان“، ٿوري دير کانپوءِ سليم چنا ٻاهر آيو مون کي سندس گهر جي ڊرائنگ روم ۾ ويهاري پاڻ سان گڏ ناشتو ڪرايائين ۽ مون سان سهڻي اصلاحي ڪچهري ڪيائين.  بعد ۾ مون کي هن پنهنجا لکيل تقريبن سڀ ڪتاب هڪ ٿيلهي ۾ وجهي اعزازي گفٽ ڪيا، هن جا ڪتاب پڙهي مون کي پڪ ٿي هن جي هر ڪهاڻي ۾ سماج لاءِ بهترين پيغام ڏنل آهي، جنهن کي پڙهڻ سان ادب ذوق ماڻهن فائدو ٿيندو جيئن لطيف سائين چيو؛

سِيوَا ڪَرِ سَمُنڊَ جِي، جِتِ جَرُ وَهي ٿو جَال،

سَئين وَھَنِ سِيرَ ۾، ماڻڪَ موتي لالَ،

جي مَاسو جُڙَئِي مالَ، ته پُوڄارا پُرِ ٿئين.

سليم چنا کي پنهنجي لکڻين سان ايترو پيار آهي، جيترو ننڍن ٻارن کي پنهنجن رانديڪن سان هوندو آهي، خير ٻار رانديڪا ته ٽوڙي ڇڏيندا آهن پر هيءُ پنهنجي هر لکڻي کي دل و جان سان نه صرف سانڍيو اچي پر ان کي ڇپرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهي ٿو. ڏسڻ ۾ جوان ايندڙ هيءُ رٽائرڊ سپرينڊينٽ ڪسٽم سليم چنا ڏسو ڪڏهن پينٽ شرٽ پيو پائي، ڪڏهن ڪاٽن جا ڪلف لڳل ڪپڙا پيو پائي ڪڏهن قميص ۽ سلوار ته ڪڏهن ڀرت ڀريل پهراڻ ۽ شلوار ته ڪڏهن سفاري سئوٽ ته ڪڏهن سياري جي گرم ڪپڙن ۾ پينٽ شرٽ، ڪوٽ ۽ بوٽ ته ڪڏهن سلوار قميص مٿان واسڪوٽي پيو پائي، ڪڏهن ڪارا بوٽ پيو پائي ته ڪڏهن برائون سينڊل پيو پائي، ڪڏهن سنڌي ٽوپي پيو پائي ته ڪڏهن ڪيپ پيو پائي، ڪڏهن ٻانهن ۾ بتين واري واچ پيو پائي ته ڪڏهن ڏسو سادي چاٻي واري گهڙي پيو پائي، ڪڏهن ننڍا وار پيو رکي ته ڪڏهن وڏا وار پيو رکي، اڪثر ڪلين شيو نه ته مڇون يا ڏاڙهي ڪيئي ڀيرا رکي چڪو آهي، اهڙي خبر سندس پراڻن دوستن ۽ پراڻين تصويرن مان پوي ٿي، سو سليم هوٽل تي چانهه پيو پئي، ڪڏهن ڏسو ادبي پروگرامن جا ڪارڊ پيو ورهائي، ڪڏهن اديبن جي نورچشمن جي طهرن ۽ شادي جا ڪارڊ پيو ورهائي ته ڪڏهن مختلف اخبارن ۾ پريس رليزون پيو ڏئي ته ڪڏهن وڏي ڪهاڻي پيو لکي، ته ڪڏهن مختصر، ته ڪڏهن هڪ سٽي ڪهاڻي پيو لکي ته ڪڏهن ناول پيو لکي ته ڪڏهن شاعري پيو ڪري، ڪڏهن خاڪا پيو لکي ته ڪڏهن آتم ڪهاڻي، ڪڏهن ”بزم روح رهاڻ“ لاءِ پيو پنڌ ڪري ته ڪڏهن ادي زاهد ابڙو واري همسري مئگزين لاءِ پيو ڪشالا ڪري، ڪڏهن سنڌ راڻي مئگزين ۽ احساس مئگزين جي لاءِ پيو جاکوڙ ڪري ڳالهه جو مطلب ته سليم چنا کان حيدرآباد جو ڪو به ادارو توڙي اديب ڳُجهو ڪونهي، اوهان کي ڪنهن به اديب جي گهر جو پتو معلوم ڪرڻو هجي. اوهان سليم چنا کي فون ڪري پڇا ڪريو سمجهو ته ايڊريس اوهان کي منٽن ۾ ملي وئي، تازو ئي مون کي چيائين جامي چانڊيو صاحب وٽ ٿا هلون سو پنڌ ڪري جامي چانڊيي صاحب جي گهر وٽ پهتاسون ته چيائين بس هاڻي جامي صاحب جي گهر جي دروازي کي هٿ لڳائي هليا ٿا هلون متان سائين جامي صاحب مصروف هجي ٻئي ڀيري ملبو. ايتري ۾ جامي صاحب جو ڊرائيور شفيع برهماڻي مليو. ان کي چيائين ته بس جامي صاحب کي اسان جا سلام ڏجو. اڄ خالي هٿين آيا آهيون ٻئي ڀيري ڪو ڪتاب وغيره کڻي اچون ته پوءِ ملنداسين.

سو سائين سليم چنا جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن؟ بقول سائين قاضي خادم جي ته ”هڪ اديب جي وفات جي تاريخ نه پئي ملي پر جڏهن سليم چنا کان پڇا ڪيم. هيءُ پاڻ قبرستان ويو ۽ ان قبر جي تختي تان ان جي وفات جي تاريخ لکي کڻي آيو“.

 هن متحرڪ ڪردار جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن؟، منهنجي لاءِ اهو اعزاز آهي ته هن مون سان گڏ سنڌيونيورسٽي ۾ ايم فل سنڌي لاءِ انٽري ٽيسٽ سٺين مارڪن سان پاس ڪري انٽرويو به ڏنو ساڻس ڪهاڻيڪار حميد ابڙو ۽ مولابخش محبتي به گڏ هو، چوڻ جو مطلب ته عمر ۽ تجربي جي لحاظ کان هيءُ جُهونو اديب بلڪل جدت پسند آهي، هن کي ترقي پسندي ۽ نون خيالن سان پيار آهي، هيءُ هر تقريب ۾ نواڻ ڏسڻ جو نه صرف خواهشمند آهي پر ان کي عملي جامو پارائڻ وارو مرد مجاهد ماڻهو آهي، ادبي توڙي سماجي تقريبن ۾صحيح ڳالهه کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ مضبوط اسٽينڊ وٺي ٿو.

نهاريندس نڪري، بوتَن ڪارڻ بَرُ،

آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، متان روهَه رَتيُون ٿئي.

 سليم چنا سائين حميد سنڌي صاحب کي هر وقت چوندو هو ”ته بزم ۾ نواڻ آڻيو“، اڄ سليم سميت اسان سڀني جي فتح آهي ته “بزم روح رهاڻ“ نه صرف سنڌ جي وڇڙي ويل مشاهيرن کي ساري ٿي پر سنڌ لاءِ آواز اٿاريندڙ جيئرن جو قدر به ڪري ٿي ته ادريس جتوئي، غلام قادر وساڻ، جبار تاثير سومرو، پارس حميد، طالب ڀنڀري، نياز مسرور بدوي، مڪيش بارٿاڻي ۽ مون جهڙن ناچيز نوجوانن سان به رهاڻيون رچائي انهن کي روح رهاڻ ۽ حميد سنڌي ايوارڊ سان نوازي ٿي.

مون کي فخر آهي ته علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي اباڻي ڳوٺ پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ سليم چنا مون ناچيز جو دوست آهي، هڪ ڀيري مون حميد سنڌي جي تعزيتي ميڙاڪي ۾ شرڪت جي لاءِ سائين پروفيسر قاضي خادم، نصير مرزا، نظير ملڪاڻي، واحد ڪانڌڙي ۽ پياري سليم چنا سان گڏجي اڪرم بخارائي جي ڳوٺ ۽ ٻيو ڀيرو ڪوٽڙي تائين لطف اندوز ڪچهري ڪندي سَفر به ڪيو. باقي حيدرآباد ۾ سليم چنا سان مون وڏا پنڌ ڪيا آهن. هڪ ڏينهن ۾ ۱۰ ڪلو ميٽر پنڌ اک ڇنڀ ۾ گذري ويندو آهي.

اڄ سليم چنا صاحب جو جنم ڏينهن آهي. منهنجي طرفان کيس جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون. مالڪ کي هن ڊگهي ڄمار ڏئي هن جهڙي انسان جي دوستي ڪنهن ڀاڳ واري کي نصيب ٿيندي. ڳالهيون گهڻيون آهن وري ڪنهن ٻي ڀيري.

 

(چيتن ميگھواڙ جي فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا