; سنڌي شخصيتون: معمور يوسفاڻي

11 October, 2014

معمور يوسفاڻي

معمور يوسفاڻي

ڊاڪٽر اسد جمال پلي



محمد عمر معمور ولد حاجي محمد يوسف پلي جو جنم ۲۸ جنوري ۱۹۲۹ع تي ڳوٺ حاجي پير محمد پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ ٿيو. مڪتب جي ابتدائي ديني تعليم پنهنجي وڏي ڀاءُ مولانا عبدالخالق ’عبد‘ پلي کان حاصل ڪيائين، ان بعد ايم اي سنڌي (گولڊ ميڊلسٽ) سنڌ يونيورسٽيءَ مان پرائيويٽ شاگرد طور حاصل ڪيائين، ان کان سواءِ اديب فاضل سنڌي، منشي فاضل فارسي ۽ اديب فاضل اردو جا امتحان امتيازي پوزيشن سان پاس ڪيائين. هو ايجوڪيشن سرڪل سپروائيزر ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ سنڌيءَ ۾ سنڌي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور به رهيو، ان کانسواءِ سنڌ ادبي بورڊ  جو ميمبر ۽ ٽماهي مهراڻ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر پڻ رهيو. هو علمِ موسيقيءَ جو پڻ ماهر هو، مولود خوانيءَ ۾ پنهنجي وقت جي صفِ اول جي مولود خوانن سان شغل پڙهيائون، سنڌي نثر جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي لکيائين ۽ سنڌي نظم جي به سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين.


سندس ڇپيل ڪتابن جو تعداد ۱۴ آهي، جڏهن ته سندس ۳۰-۳۵ اڻ ڇپيل مسودا سندس لائبريريءَ ۾ موجود آهن. هن لوڪ ادب اسڪيم تحت تمام گهڻو مواد جمع ڪيو، جيڪو لوڪ ادب اسڪيم جي اڪثر ڪتابن ۾ شايع ٿيل آهي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پي ٽي وي ڪراچيءَ تي بطور سگهڙ پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. سنڌ ۾ هن وقت به سندس دوستن ۽ شاگردن جو تمام وڏو حلقو موجود آهي، جيڪي هر سال ۲۴ ڊسمبر تي لطيف نگر ۾ سندس ياد ۾ هڪ ادبي ڪانفرنس منعقد ڪندا آهن. هو پنهنجي دور جو صاحبِ ديوان، اُستاد ۽ شاعر هو. معمور يوسفاڻي صاحب پنهنجي دور جو نامور محقق هو، سندس تحقيقون هن وقت سنڌي ادب ۾ اهم مقام والارين ٿيون، خاص طرح شاهه عبداللطيف جي رسالي، آثارِ قديمه ۽ سنڌي ادب جي تاريخ تي سندس ’محرڪات‘ گهڻو مقبول ٿيا، جنهن سان تحقيق جا نوان باب روشن ٿيا. هن شاهه عبداللطيف جو رسالو مرتب ڪيو ۽ شاهه جي رسالي جو گرامر به لکيائين، جيڪي ٻئي مسودا اڃا تائين اڻ ڇپيل آهن. سندس هڪ زخيم ڪتابن جي وڏي لائبريريءَ کان سواءِ هڪ ننڍي ميوزيم جو سامان به جمع ٿيل آهي، جنهن ۾ ڪيتريون نادر ۽ ناياب تاريخي شيون موجود آهن، سندس وفات ۲۴ ڊسمبر ۱۹۹۳ع تي ٿي، سندس آخري آرامگاهه لطيف نگر لڳ عمرڪوٽ ۾ آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”آڏي ڍال مَ ڍار“، ”پکن منجهه پساههَ“، ”سُتا اُٿي جاڳ“، ”مذهب ۽ تخليقِ ڪائنات“ ۽ ”لطيف جا ٿر تان ڀيرا“ وغيره شامل آهن.


 

معمور يوسفاڻي

علم ۽ ادب جو پارکو

 حاجي گل حسن آريسر

امراڻو جتي عظيم شخصيتن جنم وٺي سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمتن عيوض پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪيو پر هن امراڻي جي ڌرتي تي جنم وٺندڙ معمور يوسفاڻي علم ۽ ادب جي پرچار ڪري پنهنجو پاڻ ملهايو. ۲۵ جنوري ۱۹۲۹ع تي ڳوٺ حاجي پير محمد پلي ۾ جنم وٺندڙ محمد عمر معمور يوسفاڻي جو خاندان ناري پٽ جي معزز برادري ”پلي“ سان آهي. معمور يوسفاڻي جي خاندان ۾ وڏا عالم، فاضل، شاعر، حڪيم، سخي ۽ چڱا مڙس پڻ ٿي گذريا.

معمور يوسفاڻي سندس ڳوٺ جي مدرسي ۾ ابتدائي عربي ۽ فارسي جڏهن ته معمولي سنڌي تعليم پڻ حاصل ڪئي. جنهن بعد معمور يوسفاڻي پنهنجي ٻني ٻاري جي ڪم سان منسلڪ ٿي ويو پر علم جي پياس هڪ ڀيرو ٻيهر کيس تعليمي درسگاهن ڏانهن کڻي وئي. معمور يوسفاڻي ۱۹۵۲ع ڌاري سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو.

معمور يوسفاڻي ۱۶ سالن جي ڄمار ۾ شعر ۽ شاعري جي شروعات ڪئي. ابتدا ۾ ڪجهه شعر لکيا، ۱۹۵۲ع کان باقائده شاعري جي شروعات ڪيائين. معمور يوسفاڻي جو علم جي دنيا ۾ وڏو نالو آهي.

معمور يوسفاڻي ۱۹۶۳ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد منشي فاضل (فارسي)، اديب فاضل (اردو) ۽ اديب فاضل (سنڌي) جي امتحانن ۾ پوزيشن حاصل ڪئي. پاڻ ۱۹۵۵ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو. ۱۹۷۸ع تائين پرائمري استاد رهڻ بعد ٻن سالن تائين ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور ڊيوٽي جا فرائض سرانجام ڏنا. معمور يوسفاڻي جو ۱۹۸۰ع ڌاري پروموشن ٿيو ۽ جنهن بعد ايڇ ايس ٽي ٿيو. هن ايڇ ايس ٽي ۾ پروموشن ٿيڻ بعد ڪافي عرصي تائين تعليم کاتي ۾ سپروائيزر (بيٽ آفيسر) طور خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ ۱۹۸۹ع ۾ ملازمت تان رٽائر ٿيو.

معمور يوسفاڻي علم ۽ ادب جو وڏو پارکو رهيو. معمور يوسفاڻي شاعر، ادب، محقق، استاد سان گڏ سگهڙ پڻ هو. ڳجهارت، ڏهس، سورٺا، ڏٺ، پرولي کان وٺي لوڪ شاعري جون مڙيئي صنفون سندن قلم جون مرهون منت رهيون آهن. معمور يوسفاڻي مشاعرن ۽ مذاڪرن کان علاوه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي اسٽيشن تان سگهڙ طور پروگرام پڻ ڪيا. ڳوٺاڻن ڀائرن جي پروگرام ۾ ته سندس ڪچهري سيد صالح محمد شاهه سان خوب ڄمندي هئي. پاڻ ٽيليويزن لاءِ پڻ ڪافي ڊرامان، اسڪرپٽ لکيا. معمور يوسفاڻي نه رڳو هڪ بهترين ۽ سٺو ڊبيٽر هو پر ڪجهه اسٽيج ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو. معمور يوسفاڻي جي سنڌ جي سڀني ادبي تنظيمن سان سندن خط و ڪتابت، ميمبرشپ ۽ نسبت رهي. معمور يوسفاڻي صوفي فقير ۾ بزم ادب ۽ مهراڻو اڪيڊمي جو بنياد رکيو. معمور يوسفاڻي پائر پبليڪيشن، اداره نوائي ادب، شاخ بزم طالب الموليٰ، بزم سروري، سنڌي ادبي سنگت، تنظيم فڪر و نظر سکر جون شاخون پڻ صوفي فقير ۾ قائم ڪيون. کيس ڪيترا ئي ادبي انعام ۽ ايوارڊ مليا، سنڌي علم، ادب ۾ تصنيف جو حوالي سان نامور تاريخ دانن مخدوم طالب الموليٰ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پروفيسر اسد الله ڀٽو، سيد علي مير شاهه، ڊڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، تاج صحرائي، عبدالله ورياهه، فقير بشير احمد لغاري ۽ مير محمد بخش سان سندن ويجهڙائپ رهي. 

No comments:

راءِ ڏيندا