; سنڌي شخصيتون: معمور يوسفاڻي - ڊاڪٽر اسد جمال پلي

11 October, 2014

معمور يوسفاڻي - ڊاڪٽر اسد جمال پلي

معمور يوسفاڻي
ڊاڪٽر اسد جمال پلي
محمد عمر معمور ولد حاجي محمد يوسف پلي جو جنم ۲۸ جنوري ۱۹۲۹ع تي ڳوٺ حاجي پير محمد پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ ٿيو. مڪتب جي ابتدائي ديني تعليم پنهنجي وڏي ڀاءُ مولانا عبدالخالق ’عبد‘ پلي کان حاصل ڪيائين، ان بعد ايم اي سنڌي (گولڊ ميڊلسٽ) سنڌ يونيورسٽيءَ مان پرائيويٽ شاگرد طور حاصل ڪيائين، ان کان سواءِ اديب فاضل سنڌي، منشي فاضل فارسي ۽ اديب فاضل اردو جا امتحان امتيازي پوزيشن سان پاس ڪيائين. هو ايجوڪيشن سرڪل سپروائيزر ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ سنڌيءَ ۾ سنڌي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور به رهيو، ان کانسواءِ سنڌ ادبي بورڊ  جو ميمبر ۽ ٽماهي مهراڻ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر پڻ رهيو. هو علمِ موسيقيءَ جو پڻ ماهر هو، مولود خوانيءَ ۾ پنهنجي وقت جي صفِ اول جي مولود خوانن سان شغل پڙهيائون، سنڌي نثر جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي لکيائين ۽ سنڌي نظم جي به سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين.



سندس ڇپيل ڪتابن جو تعداد ۱۴ آهي، جڏهن ته سندس ۳۰-۳۵ اڻ ڇپيل مسودا سندس لائبريريءَ ۾ موجود آهن. هن لوڪ ادب اسڪيم تحت تمام گهڻو مواد جمع ڪيو، جيڪو لوڪ ادب اسڪيم جي اڪثر ڪتابن ۾ شايع ٿيل آهي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پي ٽي وي ڪراچيءَ تي بطور سگهڙ پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. سنڌ ۾ هن وقت به سندس دوستن ۽ شاگردن جو تمام وڏو حلقو موجود آهي، جيڪي هر سال ۲۴ ڊسمبر تي لطيف نگر ۾ سندس ياد ۾ هڪ ادبي ڪانفرنس منعقد ڪندا آهن. هو پنهنجي دور جو صاحبِ ديوان، اُستاد ۽ شاعر هو. معمور يوسفاڻي صاحب پنهنجي دور جو نامور محقق هو، سندس تحقيقون هن وقت سنڌي ادب ۾ اهم مقام والارين ٿيون، خاص طرح شاهه عبداللطيف جي رسالي، آثارِ قديمه ۽ سنڌي ادب جي تاريخ تي سندس ’محرڪات‘ گهڻو مقبول ٿيا، جنهن سان تحقيق جا نوان باب روشن ٿيا. هن شاهه عبداللطيف جو رسالو مرتب ڪيو ۽ شاهه جي رسالي جو گرامر به لکيائين، جيڪي ٻئي مسودا اڃا تائين اڻ ڇپيل آهن. سندس هڪ زخيم ڪتابن جي وڏي لائبريريءَ کان سواءِ هڪ ننڍي ميوزيم جو سامان به جمع ٿيل آهي، جنهن ۾ ڪيتريون نادر ۽ ناياب تاريخي شيون موجود آهن، سندس وفات ۲۴ ڊسمبر ۱۹۹۳ع تي ٿي، سندس آخري آرامگاهه لطيف نگر لڳ عمرڪوٽ ۾ آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”آڏي ڍال مَ ڍار“، ”پکن منجهه پساههَ“، ”سُتا اُٿي جاڳ“، ”مذهب ۽ تخليقِ ڪائنات“ ۽ ”لطيف جا ٿر تان ڀيرا“ وغيره شامل آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا