; سنڌي شخصيتون: اظهار قاضي- مصطفيٰ ملاح

11 October, 2014

اظهار قاضي- مصطفيٰ ملاح

اظهار قاضي
پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جو خوبصورت اداڪار
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
پاڪستان فلم انڊسٽريءَ ۾ واحد اداڪار اظهار قاضي هو، جيڪو اڪثر فلمن ۾ غير ملڪي هيروئين سان هيرو طور آيو. ڪيترا ئي فلم ميڪر هن کي اداڪار اميتاڀ بچن سان هم شڪل طور فلمي دنيا ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ لڳا. جڏهن ته پاڻ ڪڏهن به هن اميتاڀ بچن جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي. اداڪار اظهار قاضي، ڪراچيءَ جي لياري جي کڏا مارڪيٽ واري علائقي ۾ ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۵۷ع ۾ اک کولي هئي.


تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هن اسٽيل مل ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪري ڏني. جڏهن ته اداڪاري هن جي نس نس ۾ سمايل هئي. اسٽيل مل جي هڪ فنڪشن ۾ هن اسٽيج ڊرامي ”نشان منزل“ ۾ اداڪاري ڪئي. ان فنڪشن ۾ ڊرامه رائيٽر فاطمه ثريا بجيا مهمان هئي. فاطمه ثريا بجيا هن جي اداڪاريءَ صلاحيتن کي پَرکي ورتو ۽ پنهنجي ڊرامي ”انا“ ۾ ڪاسٽ ڪيو. جڏهن ته ان کان پهريان اظهار قاضي ۱۹۸۴ع ۾ پي ٽي وي جي ڊرامي ”تهڪن“ ۾ مختصر رول ڪري، پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪري چڪو هو.
مرحوم اظهار قاضي، سلطان راهيءَ کان تمام گهڻو متاثر هوندو هو. اظهار قاضي، ۱۹۸۸ع ۾ غير فلمي عورت، نائله سان شادي ڪئي. ان مان هن کي ۴ نياڻين ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو.
مرحوم اظهار قاضي پهرين اردو فلم ”روبي“ ۾ ۱۹۸۶ع ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. ان ۾ پاڻ هيرو طور آيو. هن جي آخري فلم ”پرچم“ هئي. ۲۱ سال فن کي ڏيندڙ اظهار قاضي ۸۷ فلمن ۾ اداڪاري ڪئي. جن ۾ ۳۰ اردو، ۲۷ فلمون ڊبل ويزن، ۲۶ پنجابي، ۳ پشتو ۽ هڪ سنڌي فلم سجاول شامل آهن. هڪ فلم ”ايشيا ڪي ٽائيگر“ نامڪمل ڇڏي آهي. تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته، اظهار قاضي سُٺو گلوڪار پڻ هو. هن جي گيتن جو البم مارڪيٽ ۾ آيل آهي.
اظهار قاضي اسٽيج، ٽي وي، فلم ۽ ريڊيو تي پڻ صداڪاري ۽ اداڪاري ڪئي. هن جن پي ٽي وي جي مشهور ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. انهن ۾ دائره، گردش ۽ ٻيا شامل آهن، پر هن کي سڃاڻپ ”انا“ ڊرامي کان ملي.
جن هيروئين سان اظهار قاضيءَ هيرو طور فلمن ۾ ڪم ڪيو، انهن ۾ شبنم، انجمن، بابره شريف، نادره، شاهده مني، گوري، نرگس، سپنا، افشان قريشي، سلميٰ آغا، صائمه، ريما، صاحبه، مديحا شاهه، ثنا شامل. جڏھن ته سڀ کان وڌيڪ، اداڪاره بابره شريف سان فلمن ۾ جوڙي طور آيو.
هن جي مشهور فلمن ۾ منيلا ڪي جان باز، روپ ڪي راني، منيلا ڪي بجليان، بئنڪاڪ ڪي چور، عالمي جاسوس، تين يڪي تين ڇڪي ۽ ٻيون شامل آهن.
اظهار قاضي پنهنجي سالي جي شادي ۾ ڪراچي ۾ خوشي سان نچي رهيو هو، ته اوچتو هن کي دل ۾ سُور پيو. اسپتال ۾ هو ۲۴ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي وفات ڪري ويو.

اڄ به سندس فني صلاحيتن جي ڪري هن جا مداح هن کي وساري نه سگهيا آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا