; سنڌي شخصيتون: بيگم نصرت ڀٽو

24 October, 2014

بيگم نصرت ڀٽو

بيگم نصرت ڀٽو
خاتون اول کان، مادر جمهوريت تائين
مولائي ملاح
انسان فطري موت تي ته صبر ڪري ٿو وٺي، پر غير فطري موت کيس نهوڙي وجھي ٿو. نصرت اصفهانيءَ کان بيگم ڀٽو تائين ۽ بيگم ڀٽو کان مادر جمهوريت جي لقب ماڻڻ تائين، نصرت ڀٽو جي زندگيءَ ۾ غير فطري موت جو گھرو گھاءُ رهيو آهي، جنهن درد کيس هڪ ڏهاڙي هلڻ کان لاچار بڻائي ڇڏيو. هلي ته هلي نه سگھي واري درد جي ان ڪيفيت ۾ آڻڻ کانپوءِ کيس اڇي ڪفن ۾ آڻي پنهل جي پاسي پهچايو. سندس زندگيءَ جو سڄو سفر شاهه جي سورمي جھڙو رهيو آهي. هن کي شهيد ڀٽو جي غير فطري موت کانپوءِ سندس پيارن پٽن شاهنواز ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو جي موت کيس دردن جي دنيا ۾ اهڙو اڪيلو ڪيو جو هن آخر تائين هوش ۽ حواسن جي اک نه کولي ۽ شهيدن جي آستاني ڳڙهي خدابخش ۾ آرامي ٿي.


نصرت اصفهاني، سنڌ کي ڪالهه جيڪا هڪ ڪنوار جي روپ ۾ ملي هئي. اها، سنڌ امڙ اڇي ڪفن ۾ پنهنجي هنج ورتي..! مير مرتضيٰ ڀٽو جي درد ڀري شهادت کانپوءِ سندس زندگيءَ جو آخري سفر، ڪرب ڀريون گھڙيون شاهه جي سٽن جهڙيون گذريون آهن ته:
هڪ پٻ پتوڙيو، ٻيو هلڻ کان ٿيو چور
هلي ته هلي نه سگھي، محبت کان مجبور
سهي سختيون سور، پهتي نيٺ پنهل کي (شاهه)
نصرت اصفهانيءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترا نه گھاون مٿان گھاوَ سٺا، هاڻ سڀ اُلڪا پلي اکين کي بند ڪري سنڌ امڙ جي هنج ۾ آرامي ٿي آهي. هاڻ، سنڌ امڙ! کيس مٿي تي هٿ ڦيري، ٻاجھاري انداز ۾، پنهنجي ڏکن جي ٿڪل نياڻيءَ جا؛ سڀ سور ٻڌي رهي آهي. مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيڻ واري سفر وقت مون کان به دانهن نڪري وئي هئي ته:
ڇا ڇا سٺئي گھاءَ، سيني شهيدن جا
مرتضيٰ جي ماءُ، اڄ تو اُلڪا ويا لهي.
ڀٽوز جو هن ڌرتيءَ سان عشق جو ناتو رهيو آهي. ڇا ڇا نه سٺو آهي ۽ ڇا ڇا نه ڏنو آهي. هنن پنهنجيون جوانيون جيلن حوالي، پيارن جا ساهه سوليءَ تي چاڙهي ته ڪڏهن گولين جي برسات ۾ گھوري ڏنا آهن، ان جرم ۾ هنن تي آمريت جي سنگ زني ٿيندي رهي پر جمهوري سرڪار نصرت ڀٽو کي مادري جمهوريت جي اعزاز سان دفنائي عوام جو حق ادا ڪيو آهي، وڏي خوش نصيب هئي نصرت جو سندس وڇوڙي وقت ملڪ ۾ مارشل لا ڪو نه هئي، نه ته کيس به سندس وَرَ وانگي غربت ۾ پوليس پهري هيٺ دفن ٿيڻو پوي ها. هاڻ هيءَ پنهنجي زندگيءَ جا سڀئي ڏک پنهنجن، پراون ساٿين ۽ سرڪار جا سيني ۾ سانڍي، شهيدن جي آستان ۾ ابدي ننڊ ستي آهي. ڪالهه وٽس خاتون اول جو اعزاز هو ۽ اڄ وٽس مادر جمهوريت جو اعزاز آ...!
عمر ڀر سنگ زني ڪرتي رهي اهل وطن،
يي الگ بات هئي ڪه، دفنائينگي اعزاز ڪي ساٿ!
وطن جي خوشحاليءَ خاطر هن گھراڻي پاڻ کي هر وقت پتنگن وانگي پهه ڪيو. پر وطن جي واڳ ڌڻين ساڻن جيڪو قهر ڪيو تنهن جي تاريخ ساکي آهي. هن ڏکيءَ جي نيڻن مير مرتضيٰ جي موت کانپوءِ؛ پنهنجي باقي بچيل اولاد کي ڪڏهن به دل ڀري ڏسي نه سگھي. هوءَ هڪ ئي هنڌ زنده لاش جيان رهي.
بيگم ڀٽو؛ پنهنجي وَرَ ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي پنهنجي نالي جيان سندس ڀرپور ساٿ ڏنو. ۳۰ نومبر ۱۹۶۷ع ۾ پ پ پ جي قيام وارن ڏهاڙن ۾ لاهور ۾ ٿيندڙ ٻن ڏهاڙن واري ڪنوينشن ۾ به ساڻس گڏ گڏ رهي. هن پنهنجي عملي سياسي سفر جي شروعات سنه ۱۹۷۱ع کان ڪئي. پوءِ ۱۹۷۸ع ۾ پ پ پ جي قيام کانپوءِ ڀٽو پاران پارٽي ۾ عورت ونگ جو بنياد رکڻ کانپوءِ. ان جي واڳ پاڻ سنڀاليائين. جنهن پوري ملڪ ۾ عورتن ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ، انهن کي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ۽ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيڻ لاءِ پنهنجون راهون پاڻ تلاش ڪرڻ لاءِ اتساهه ڏنو. جن جنرل ضياءَ جي آمريت خلاف آواز اٿارڻ ۾ سندس ڀرپور ساٿ ڏنو. ڀٽو جي جيل جي ڏهاڙن ۾ سڀ ساٿي ڀٽو ۽ پ پ پ جو ساٿ ڇڏڻ لڳا، ضياءَ جي خوف کان ڪير به پارٽيءَ جي قيادت سنڀالڻ جي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نه ڏسي ڀٽو پارٽيءَ جي قيادت پارٽي جي وائيس چيئرمين شيخ محمد رشيد جي مشوري سان نصرت اصفهانيءَ جي حوالي ڪئي. جنهن ۱۹۸۳ع تائين ان ذميواريءَ کي ڀرپور انداز ۾ نڀايو. سياست جي هن اڙانگي سفر ۾ هن کوڙ سارين مشڪلاتن کي منهن ڏنو. آمريت جي تڏا ويڙهه تائين آمريت سان مهاڏو اٽڪائيندي رهي. جمهوريت جي ان ويڙهاند ۾ هن پنهنجي پارٽيءَ جي ڪارڪنن سان گڏ پنهنجي پياري اولاد جي جانين سان گڏ پنهنجي جان به گھوري ڇڏي.
نصرت اصفهانيءَ هندستان جي شهر بمبئي ۾ مرزا محمد عبداللطيف اصفهانيءَ جي گھر ۾ ۲۳ مارچ ۱۹۲۹ع ۾ اک کولي پنهنجي زندگيءَ جا پهريان ساهه کنيا. سندس تعليم، تربيت به بمبئي ۾ ئي ٿي. سندس وڏي ڀيڻ صفيه خانم جي ڌيءَ فخري بيگم ئي سندس دوست ۽ ڪلاس فيلو آهي، جيڪا رشتي ۾ سندس ڀاڻج آهي. نصرت شروعاتي تعليم بمبئي مان شروع ڪرڻ کانپوءِ سينئر ڪيمبرج جو امتحان ڪانوينٽ اسڪول آف جيس اينڊ مئري مان پاس ڪري ٿي. پر اڳتي پڙهڻ کان نابري واري ٿي. ان سبب ڪري جو سندس امڙ ان دور جي روايتن موجب کيس برقعو اوڍي ڪاليج وڃڻ جو چئي ٿي.
نصرت اصفهانيءَ جي يارنهن ورهين جي ڄمار ۾ ڀٽو سان سندس پهرين ملاقات هندستان جي ڀرسان هڪ پهاڙي مَقام کنڊالا جي ڀرسان لوڻان والا جي هڪ تفريحي ماڳ تي ٿئي ٿي. هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان ڪراچي اچي ٿو، جتي مستقل رهائش اختيار ڪري ٿو. نصرت جي ٻي ملاقات ۲۰ ورهين جي ڄمار ۱۹۴۹ع ۾ بئنڪ ۾ امڙ سان گڏ هوندي ٿئي ٿي، اتي سندس امڙ (بيگم خورشيد) کيس ڀٽو سان تعارف ڪرائي ٿي، اتي ڀٽو سندس سونهن جو مداح بڻجي کيس پنهنجي دل ڏئي ويهي ٿو. پوءِ مَنا (بيگم منورالاسلام) جي شادي ۾ ملاقات ٿئي ٿي. هڪ ٻئي کي پسند ڪرڻ کانپوءِ شادي ٿئي ٿي. ائين پوءِ اولاد جي ڄمڻ جي خوشين جو سلسلو به شروع ٿي وڃي ٿو. گھر ۾ اولاد ڄمڻ جي پهرين خوشي بينظير ڀٽو جي ڄمڻ سان ٿئي ٿي ۽ پهريون غم جو تڏو مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت تي وڇائجي ٿو.
بئريسٽر ذوالفقار علي ڀٽو ۱۹۵۸ع ۾ اسڪندر مرزا جي ڪابينا ۾ شامل ٿي سياست ۾ پير پائي ٿو. ان بعد جنرل ايوب جي ڪابينا ۾ ۱۹۶۳ع ۾ شموليت ڪري وزير خارجا ٿيڻ، وري ان سان اختلاف ٿيڻ تي ۱۳ نومبر ۱۹۶۸ع ۾ جيل ياترا ڪرڻ تي نصرت ايوبي آمريت خلاف ملڪ جو دورو ڪري هلچل شروع ڪري ڀٽو کي قيد مان آزاد ڪرائي ٿي. ان سموري سياسي سفر ۾ نصرت (مدد) پنهنجي نالي جيان هر موڙ تي ساڻس گڏ گڏ رهي ٿي. پ پ پ جي اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻڻ کانپوءِ وَرَ جو وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم جي حيثيت سان دنيا جو دورو ڪرڻ واري سفر ۾ به خاتون اول واري حيثيت سان ساڻس گڏ رهي ٿي. ۱۹۷۳ع کان ۱۹۷۷ع تائين هن ملڪ جي خاتون اول رهي ٿي. ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي جنرل ضياءَ پاران ڀٽو جي حڪومت تي راتاهو هڻي ملڪ مٿان آمريت جي ڪاري رات مڙهي ڀٽو کي قيد ڪرڻ تي سندس خوشين جي بهار موڪلائي وڃي ٿي.
نصرت، جنرل ضياءَ پاران ملڪ مٿان مڙهيل ڪارن قانونن کي ٺوڪر هڻي ساڻس جنگ جوٽڻ جي شروعات ڪرڻ لاءِ ۱۶ ڊسمبر ۱۹۷۷ع تي لاهور ۾ ڪرنل قذافي اسٽيڊيم ۾ ڪرڪيٽ ڏسڻ بهاني بينظير ڀٽو سان گڏ عوام ۾ اچي ٿي. ٻنهي ماءُ ڌيءُ کي اهڙي انداز ۾ عوام ۾ موجود ڏسي آمر جي حوارين جون وايون بتال ٿي وڃن ٿيون. هو بي حوصلا ٿي لاٺي چارچ شروع ڪن ٿا. جنهن سبب بيگم ڀٽو شديد زخمي ٿي پوي ٿي. کيس مٿي ۾ ۱۲ ٽاڪا لڳن ٿا. کيس ان ڏهاڙي کان اسپتال مان ئي گرفتار ڪيو وڃي ٿو. کيس راولپنڊي جي ٻاهران هڪ سنسان علائقي ۾ سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ قيد ڪيو وڃي ٿو. جتان مئي ۱۹۷۹ع ۾ آزاد ٿيڻ کانپوءِ وري کيس آڪٽوبر ۱۹۷۹ع تي کيس گرفتار ڪري المرتضيٰ هائوس تي لاڙڪاڻي ۾ قيد ڪيو ويو. جنهن بعد کيس ڀٽو جي ورسي ۴ اپريل ۱۹۸۰ع تي آزاد ڪيو ويو.
بيگم ڀٽو جنرل ضياءَ کان وَرَ جو پلاند ڪرڻ لاءِ سياسي صفبندي شروع ڪري ٿي. پي اين اي جي اڳواڻن ايئر مارشل اصغر خان، نواب زاده نصرالله خان وغيره سان اتحاد ڪري ۵ فيبروري ۱۹۸۱ع تي ’ايم آر ڊي‘ جو بنياد وجھي ٿي. ۲۱ فيبروري ۱۹۸۱ع تي ايم آر ڊي جي هڪ خفيه گڏجاڻيءَ ۾ لاهور مان گرفتار ڪري کيس ڪراچي سينٽرل جيل جي (سي) ڪلاس ۾ تڪليف ۾ قيد رکيو وڃي ٿو. جتي کيس ڦڦڙن ۾ ڪينسر جي بيماري ٿئي ٿي. سرڪار جي ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽن اچڻ جي باوجود به سرڪار کيس پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ لاءِ آزاد ڪرڻ کان ۳ مهينن تائين نٽائيندي رهي ٿي. جنرل ضياءَ کي نيٺ عالمي دٻاءَ بعد مجبور ٿي کيس آزاد ڪرڻو پيو، جنهن بعد ۲۰ نومبر ۱۹۸۲ع ۾ پرڏيهه علاج لاءِ جرمني رواني ٿي. اتي علاج ڪرائي ڪجھ وقت آرام ڪرڻ کانپوءِ ۵ سالن بعد جڏهن ڪارڪنن سان ملاقات ڪري ٿي ته ڪارڪن سندس هماليه جيڏو حوصلو ڏسي حيران ٿي وڃن ٿا. اتي کين جدوجھد لاءِ اُتساهي ٿي. بيگم ڀٽو کان اڃا شهيد ڀٽو جو غم ئي نه وسريو هو ته کيس ۱۹۸۵ع ۾ جوان پٽ شاهنواز ڀٽو جو لاش هنج ۾ مليو، جنهن موت کيس نهوڙي وڌو پر همت نه هاري آمريت سان ويڙهاند جاري رکيائين.
ڊسمبر ۱۹۸۷ع ۾ پاڪستان اچي بينظير ڀٽو جي شادي ۾ مصروف ٿي وئي. ۱۶ نومبر ۱۹۸۸ع تي ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ لاڙڪاڻي ۽ چترال مان قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تان ڪاميابي ماڻي ۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ع ۾ حڪومت ٺهڻ بعد سينئر وفاقي وزير پيداوار جو قلمدان / ذميواريون سنڀاليائين. سندس حڪومت کي ۱۸ مهينن بعد ۴ آگسٽ ۱۹۹۰ع تي ختم ڪيو ويو ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۹۰ع تي ملڪ ۾ اليڪشن ٿي ته پاڻ ڏوڪري، لاڙڪاڻي واري سيٽ تان ڪاميابي ماڻي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊي وئي. ۶ آڪٽوبر ۱۹۹۳ع وارين چونڊن ۾ لاڙڪاڻي مان صوبائي سيٽ تي پنهنجي (جلاوطن) مُرڀي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڪاميابي ڏياري. جيڪو ۳ نومبر ۱۹۹۳ع تي ۱۶هن سالن جي جلاوطني کي ختم ڪري شام کان ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿو/ پهتو هو. ۵ جنوري ۱۹۹۴ع ۾ شهيد ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي سندس جلوس ۽ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو تي پوليس پاران سڌيون گوليون هلايون ويون، جنهن ۾ بيگم ڀٽو ڀرسان بيٺل ڪارڪن شهيد ٿي پيو. ۲۰ سيپٽمبر ۱۹۹۶ع تي ڪراچي ۾ ڪلفٽن ٽن تلوارن وٽ سندس گھر اڳيان سندس پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو. جنهن صدمي کيس سڪتي ۾ آڻي جيئري ئي زنده لاش بڻائي ڇڏيو هو، جنهن ۲۳ نومبر ۲۰۱۱ع تي دبئيءَ ۾ اک ٻوٽي ته کيس اڇو لباس اوڍائي، مفتي عبدالرحيم ڪنڌر کان نماز جنازه پڙهائي پنهل پاسي رٺل شهزادي ۽ رٺل شهزادن سان ملايو/ دفنايو ويو.
نصرت اصفهانيءَ جي زندگيءَ جي ڪهاڻي جيڏي بي بها خوشين سان ٽمٽار بڻيل آهي، اوترو ئي غمن جي پهاڙن سان ڀريل اٿس. هن جتي ملڪ جي خاتون اول کان وٺي مادري جمهوريت جا اعزاز ماڻيا آهن، اتي جمهوريت جي راهه ۾ وَرَ کان وٺي ورڪرن تائين ۽ ورڪرن کان وٺي پٽن تائين سڀني سڄڻن جا لاش ميدان مان ڪلهن تي ڍوئيا آهن. هن آمريت خلاف وڏي ويڙهاند ڪئي. جمهوريت جي راهه ۾ امر شهيدن جيان وڙهندي وڙهندي هن دنيا مان موڪلائي وئي. نصرت اصفهاني، شاهه، سچل، ساميءَ جي حق سچ چوڻ واري فڪر جي پيروڪار هئي ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي مزاحمتي ڪردارن، سورمين، سسئي، سهڻي جو تسلسل هئي. هيءَ زندگيءَ جي مشڪل گھڙين ۾ به ثابت قدم رهي. همت، حوصلي سان جمهوريت جي بقا جي جنگ وڙهندي رهي. شاهه چواڻي ته:
ثابت لنگھيا سير، لهرين لوڏيا ڪين ڪي.
وڃي پهتا پار کي نرتون منجھان نير.
ماءِ! پهتا مير، ٻارِ لنگھيائون ٻاجھ سين.
(شاهه)



نصرت ڀٽو
مادرِ جمهوريت
لياقت راڄپر
پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ ڀٽو خاندان جون قربانيون وسارڻ جهڙيون ناهن، ڇو جو ذوالفقار علي ڀٽو ان جي گهر واري بيگم نصرت ڀٽو، سندس پٽ شاهنواز جونيئر، مرتضيٰ ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو شهيد ڪيا ويا ۽ بيگم ڀٽو تڪليفون، ظلم ۽ زيادتيون سهندي رهي ۽ نيٺ مٿي ۾ لٺ لڳڻ جي ڪري وسارڻ واري بيماري الزائمر جو شڪار ٿي ۽ پوءِ ڪيترائي سال ڪوما ۾ رهي ۽ نيٺ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري هڪ تاريخ جوڙي وئي. هن خاندان نه صرف پنهنجي جان پر ان سان گڏ ملڪيت، وقت، ٽيلنٽ ملڪ لاءِ قربان ڪيو، ڀٽي صاحب پارٽي ٺاهڻ وقت اهو عهد ڪيو هو ته هو ملڪ کي ترقي يافته ملڪن جي برابر آڻيندو، غريبن کي ڪپڙو، ماني ۽ گهر ڏياري غربت جي ڄار مان آزاد ڪندو ۽ ملڪ جي هر غريب جي ٻار کي تعليم، صحت، نوڪري ۽ ٻيون بنيادي ضرورتون بنا ڪنهن فرق جي ملنديون ۽ ملڪ جي معيشت ترقي ڪندي.
اسان مان جڏهن به ڪو غريب جو حامي ٿيندو آهي ته اهو سرمائيدار جو دشمن ليکيو ويندو آهي ۽ وري جيڪڏهن مسلمانن لاءِ ڪم ڪندو ته پوءِ سر ته وڃڻو آهي ۽ اهو به پنهنجن غدار منافقن هٿان جن جي وڏن صرف دولت ۽ جان بچائڻ لاءِ مذهب اسلام قبوليو هو جن جو نسل اڄ اسلام جي نالي کي غلط حرڪتن ذريعي نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ عظيم هستين جون شهادتون به ٿيون، جن ۾ حضرت حضرت عمر فاروق رضه، حضرت عثمان رضه، حضرت علي رضه، حضرت امام حسن رضه ۽ حضرت امام حسين سرفهرست آهن.
بهرحال هن دور ۾ ڀٽي جي شهادت هڪ وڏو مثال آهي ڇو جو هن اسلام جي طاقت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مسلمان ملڪن کي گڏ ڪيو، انهن کي ايٽمي طاقت ٺاهڻ لاءِ پهرين پاڪستان پاڻ ايٽمي طاقت ٿيو، ان کان علاوه هن پاڪستان ۾ مسلمان ملڪن جي دولت ذريعي اسلامڪ بينڪ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. پيٽرول کي ڪارو سون طور استعمال ڪرڻ چاهيو پر هن کي ڦاسي تي چاڙهي ۽ بعد ۾ ٻين مسلمان ملڪن جي سربراهن کي جيڪي ڀٽي سان ساڻ هئا آهستي آهستي ختم ڪري مسلمانن جي طاقت ڪمزور ڪري ڇڏي. ڀٽي جي شهادت کانپوءِ ڀٽي جي حڪم تي پارٽي منجهان ٻئي کي چيئرمين ڪرڻو هو پر پوءِ اهو فيصلو ڀٽي کان ان ڪري تبديل ڪرايو ويو ته ڀٽي کان پوءِ فيوڊلس آهن اهي ضياءُ الحق جي دٻاءُ ۾ اچي پارٽي کي نقصان پهچائيندا، جنهن لاءِ بيگم نصرت ڀٽو کي پارٽي جي چيئرمين شپ ڏني وئي، جنهن اهو ثابت ڪيو ته پارٽي وارن جو اهو فيصلو صحيح هو. نصرت ڀٽو ضياءُ الحق جي ظلمن اڳيان لوهه جي ڀت ٿي بيٺي پر پهريان شاهنواز ڀٽو جونيئر، پوءِ مرتضيٰ ڀٽو جي جان ۽ آخر ۾ بينظير ڀٽو جي جان جو نذرانو ڏيڻو پيو پر ڀٽي جي محنت سان ٺهيل پارٽي کي بچائي وڌو.
بيگم نصرت ڀٽو جي زندگي تي ڪجهه روشني وجهون ته جيئن پڙهندڙن کي خبر پئي ته هوءَ پنهنجي خوشيءَ واري مرحلي کان ڏکن واري لمحن تائين ڪيئن پهتي. ڏکن ۽ سورن جي سمنڊ ۾ ترندي ترندي اچي ڪناري پهتي. نصرت ڀٽو جو تعلق ايران جي هڪ بزنس ڪميونٽيءَ سان هو جيڪو اصفحان شهر ۾ رهندو هو. سندس والد واپار جي خيال سان هندستان آيو، اتي صابڻ ٺاهڻ جو ڪارخانو لڳايو. هوءَ پنهنجي والدين کي ٽئين نمبر تي هئي، هوءَ ۲۳ مارچ ۱۹۲۹ع تي پيدا ٿي هئي ۽ ان کان پوءِ وري پٽ جي پيدائش ٿي هئي، جنهن جي ڪري هن کي ڀاڳ واري ڌيءَ چوندا هئا.
ان وقت ڀٽي صاحب جو والد شاهنواز ڀٽو جهوناڳڙ جو وزيراعظم هو. هڪ ڏينهن ڀٽو خاندان ۽ نصرت جو خاندان کنڊالا جي هڪ تفريح واري هند هڪ ٻئي سان مليو، ڀٽي صاحب جي ڀيڻ منور اسلام ۽ نصرت جي پاڻ ۾ دوستي ٿي وئي ۽ پوءِ ڏينهون ڏينهن ان دوستيءَ ۾ واڌ اچي وئي ۽ اهي هڪ ٻئي جي دعوت ڪندا رهيا. هن ان موقعي تي ڀٽي نصرت کي ڏٺو ان کي پسند ڪرڻ لڳو. نصرت به پڻ ڀٽي کي پسند ڪندي هئي جنهن جو اظهار هن ڪجهه انٽرويو ڏيندي ڪيو هو ته ڀٽو ٻين ڇوڪرن کان مختلف هو. هو سهڻو، فضيلت وارو ۽ پرڪشش هيو ۽ ڀٽي جي سڀ کان وڌيڪ اها ڳالهه نصرت کي وڻي هئي ته هو هن کي پسند ڪرڻ جي باوجود ڪڏهن به محبت جو اظهار نه ڪيو هو. پر هن پنهنجي گهر وارن طرفان هن سان شادي ڪرڻ جو پيغام موڪليو هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ نصرت صاحبه جي والد پنهنجو ڪاروبار ڪراچي شفٽ ڪيو، جنهن جا ڪجهه سبب هئا، جڏهن ڀٽي وارن جو شادي جو پيغام نصرت جي والد تائين پهتو ته هن اهو جواب ڏنو ته هو هڪ ايران جو ڪرد گهراڻي سان تعلق رکن ٿا ۽ هو سنڌ ۾ رشتو نٿا ڪري سگهن پر جڏهن نصرت جي والد جو انتقال ٿيو ته سندس والده ان رشتي لاءِ ها ڪئي ۽ پوءِ ٻنهين جي شادي ۸ سيپٽمبر ۱۹۵۱ع تي ڪراچي ۾ ٿي. شادي جي ڪجهه عرصي کانپوءِ جڏهن نصرت کي خبر پئي ته هن جي اڳ ۾ شادي پنهنجي سوٽ امير بيگم سان ٿيل آهي ته ان تي هو ڪافي ناراض ٿي پر جڏهن ڀٽي ان شادي جي باري ۾ حقيقت کان آگاهه ڪيو ته هو چپ ٿي وئي. ڀٽي جي پهرين گهرواري امير بيگم پنهنجي سهري کي جيڪو سندس چاچو هو، ان پاڻ ئي ڀٽي جي ٻي شادي لاءِ چيو هو ڇو ته هوءَ ٻار ڄڻڻ جي قابل نه هئي ۽ هوءَ چاهي پئي ته ڀٽو خاندان اڳتي وڌي. شاديءَ کان پوءِ احمد خان ڀٽو جيڪو ڀٽي جو سهرو هو، تنهن ڪراچي جي هڪ وڏي شاندار هوٽل ۾ ڀٽي ۽ نصرت جي مان ۾ وڏي دعوت جو انتظام ڪيو، جنهن ۾ هو پاڻ به خوش هو، ڇو ته هو به چاهي پيو ته ڀٽو خاندان ۾ ٻار پيدا ٿئي جيڪو هنن جي ملڪيت جو وارث ٿئي. جيئن ته نصرت ڀٽو جي فيملي هڪ مذهبي هئي، جنهن ڪري هو برقعو پائيندي هئي ۽ ڪاليج ۾ به برقعو پائي ويندي هئي. ان سبب جي ڪري هوءَ وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهي ۽ ڪيمبرج جو امتحان پاس ڪيو هئائين ۽ هوءَ پاڪستان گارڊس ۾ ڪيپٽن هئي پر شادي کانپوءِ اها نوڪري ڇڏي ڏني. شادي کانپوءِ به سر شاهنواز ڀٽو نصرت ڀٽو کي برقعو پائڻ لاءِ پابند ڪيو هو. ڇو جو ان وقت لاڙڪاڻي ۾ پردي جو رواج هو. جڏهن به هو لاڙڪاڻي يا نئين ديري ايندي هئي ته برقعو پائي ايندي هئي. جڏهن شاهنواز ڀٽو گذاري ويو ته پوءِ هن کي برقعو لاهڻ جي اجازت ڏني ڇو ته ان وقت ڀٽي اسڪندر مرزا جي ڪيبينيٽ ۾ بطور وزير جوائن ڪيو هو.
امير بيگم ڀٽي سان تمام گهڻو پيار ڪندي هئي، جنهن ڪري هوءَ نصرت صاحبه سان به محبت ڪندي هئي ۽ ان کي باجي چوندي هئي ۽ نصرت ڀٽو به هن جي بي حد عزت ۽ احترام ڪندي هئي ۽ جڏهن به ٻاهرين ملڪن کان پاڪستان واپس ايندي هئي ته امير بيگم لاءِ کوڙ سارا تحفا آڻيندي هئي. هنن ٻنهي ۾ سٺي ذهني هم آهنگي هئي ۽ ڪڏهن به هنن هڪ ٻئي سان ساڙ ڪونه ڪيو.
بيگم نصرت کي اهو اعزاز حاصل هو ته هن جو مڙس، ڌيءَ ۽ سهرو پرائم منسٽر هئا ۽ هو پاڻ چار ڀيرا ايم اين اي ٿي گذري ۽ لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۷، ۱۹۸۸، ۱۹۹۰ ۽ ۱۹۹۳ جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي، هوءَ ٻه ڀيرا بينظير جي دور ۾ ڊپٽي پرائم منسٽر جي عهدي تي رهي ۽ هن کي پاڪستان جي پهرين ليڊيءَ جو خطاب حاصل ڪيو. جڏهن ڀٽو پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو. پنهنجي سياسي جدوجهد جي عيوض کيس جمهوريت جي ماءُ، زنده شهيد ۽ شهيدن جي ماءُ جا خطاب پڻ مليا. حڪومتِ پاڪستان طرفان ستاره حلال پڻ مليو هو. ان کان سواءِ ۱۹۷۳ ۾ پ پ پ ليبر ونگ قائم ڪرڻ جو به اعزاز آهي. جڏهن ته هن عورتن ۾ پنهنجي حقن لاءِ ڄاڻ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪراچي کان ٽرين مارچ ڪيو ۽ هر هنڌ عورتن سان ملي انهن کي حقن جي باري ۾ تقرير ڪري ڄاڻ ڏني. بين الاقوامي سطح تي يو اين او ۾ ٿيندڙ عورتن جي عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي وفد جي اڳواڻي ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو هو ته پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ آهي ۽ اسلام ۾ عورتن کي حق حاصل آهن جن کي ڏيارڻ لاءِ ڀٽي جي حڪومت سڀ ڪوششون وٺي رهي آهي. هوءَ هڪ بهادر، متحرڪ ۽ عوام سان پيار ڪرڻ واري ليڊر هئي، جنهن پنهنجي مڙس جي شهادت کانپوءِ پارٽيءَ کي بچائڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ قربانيون ڏنيون جيڪي تاريخ ۾ سدائين ياد ڪيون وينديون. هو عام ورڪر سان بي حد پيار سان پيش ايندي هئي، هن لاڙڪاڻي کان مڊل ايسٽ ڏانهن پي آءِ اي جون بند ڪيل اڏامون بحال ڪرايون ۽ اتي پي آءِ اي جي آفيس ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ ٽڪيٽ بڪنگ جو نظام متعارف ڪرايو، جنهن سان اتان جي مسافرن کي سفري سهولتون مليون.
نصرت ڀٽو هڪ ڀيرو وري انٽرويو ڏيندي هڪ دلچسپ واقعي جو ذڪر ڪيو هو ته ڀٽو هن سان شادي ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه وقت رهي آمريڪا ۾ پنهنجي رهيل تعليم پوري ڪرڻ لاءِ ويو. جيئن ته ڀٽو هاسٽل ۾ رهندو هو جتي هو نصرت کي رهائي نه پئي سگهيو، تنهن لاءِ هن نصرت کي هڪ هوٽل ۾ رهايو. ڀٽو صبح جو ڪلاس Attend ڪندو هيو ۽ شام جو نصرت ڀٽو کي وٺي مختلف هنڌن تي گهمائڻ وٺي ويندو هو ۽ پوءِ هاسٽل موٽي اچڻ هن جو روز جو معمول هو. هڪ ڏينهن ڀٽي کي دير ٿي وئي ۽ هو هاسٽل نه وڃي سگهيو، ڇاڪاڻ ته مقرر ڪيل وقت کان پوءِ هاسٽل ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو هو. ان لاءِ ڀٽو نصرت سان گڏ هوٽل ۾ ئي رهي پيو.
جڏهن ٻئي ڏينهن صبح جو هو ڪاليج ويو ۽ هاسٽل ۾ نه اچڻ جو سبب پنهنجي ڊين کي ٻڌايو ته هو حيران ٿي ويو ته ڀٽي ننڍي عمر ۾ شادي ڪئي آهي. ڀٽي ان کان پوءِ نصرت کي ڊين سان ملايو ته ان کي يقين آيو ۽ هن ڀٽي کي معاف ڪري ڇڏيو. نصرت ڀٽو کي ڀٽي پنهنجي ۲۵هين شادي جي سالگرهه تي هڪ ڀٽي خاندان جي ڊائيمنڊ جي مُنڊي تحفي ۾ ڏني هئي، جنهن جي وڏي اهميت هئي.
جڏهن نصرت ڀٽو کي بينظير پيدا ٿي ته هوءَ ڏاڍي خوش هئي ۽ سڄي رات سمهي نه سگهي ۽ ان کي هنج ۾ ويهاري ان جي خوبصورت گلابي چهري کي خوبصورت گهوريندڙ اکين کي ۽ سنهيون ۽ ڊگهين آڱرين کي پنهنجي هٿن ۾ جهلي ڏسندي رهي، جنهن سان هن جي چهري تي لڳاتار نه ختم ٿيڻ واري مسڪراهٽ وکريل هئي. هر هر بينظير جا گهنگريلا وار پنهنجي آڱرين ۾ وجهي انهن سان کيڏندي رهي. نصرت جو پيار بينظير لاءِ هر لمحي کان پوءِ وڌندو پئي ويو ۽ هو ڪيترائي ڏينهن ايئن ڪندي رهي. وري ڀٽو آيو ته هن جي اکين ۾ خوشين جا سمنڊ الگي پيا ۽ بينظير کي هنج ۾ کڻي بيٺو ته هن جي چهري تي خوشي جي لالي ۽ ٿورڙو شرمائڻ وارو لمحو نصرت نوٽ ڪيو ته ڀٽي کي پنهنجي ڌيءَ پيدا ٿيڻ تي ڄڻ دنيا جو خزانو ملي ويو آهي. ڀٽو اسپتال مان نصرت کي پنهنجي ميڪ نيل واري بنگلي تي وٺي آيو جتي ڪيترائي ڏينهن خوشي جا لمحا ايندا ۽ ويندا رهيا. ڪجهه عرصي کانپوءِ ڀٽو فيملي ان بنگلي مان شفٽ ٿي ۷۰ ڪلفٽن ۾ اچي ويا. وقت گذرندو ويو، ڀٽي جي ترقي ٿيندي وئي ۽ هو جيڪو چاهي پيو اهو ٿي ويو ۽ ان سفر دوران ڀٽي کي ٻي اولاد ۾ مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو جونيئر ۽ صنم ڀٽو پيدا ٿيا. ٻارن جي تعليم هلندي رهي ۽ ٻئي طرف ڀٽو سياسي جدوجهد ڪندي ڪيترن ئي مرحلن ۽ ڏکيائين مان گذرندو اچي اقتدار جي ان ڏاڪي تي پهتو جتان هن ملڪ، عوام ۽ جمهوريت لاءِ ڪافي ڪجهه ڪيو. مخالفتون به ٿيون ۽ عوام جو پيار به مليس ۽ هن سڄي سفر ۾ نصرت هن جي ٻانهن ٻيلي رهي.
ذوالفقار علي ڀٽي صاحب سمجهيو ته جنرل ضياءُ الحق نيڪ نمازي ۽ هن سان وفادار آهي، جنهن کي هن چيف آف آرمي اسٽاف جي عهدي تي آندو ۽ ان ئي احسان فراموش نه صرف ڀٽي کي اقتدار تان هٽايو پر مسلمانن جي دشمنن جي چوڻ تي موت جي گهاٽ ۾ لاهي ڇڏيو. هن صورتحال کانپوءِ نصرت ڀٽو لاءِ هڪ سخت وقت شروع ٿيو، جنهن هن جي زندگي کي زنده لاش ٺاهي ڇڏيو، جنهن ۾ جوان پٽن جو موت سڀ کان ناقابل برداشت هو. اڃا ته هن بينظِر جي شهادت ڏٺي ئي ڪونه، نه ته الائي ڇا منظر هجي ها. سکن سان پليل ۽ مڙس وٽ ناز ۽ پيار سان رهندڙ نصرت آخر ۾ ايترو ڪجهه ڏٺو جو قيامت جو منظر به هن لاءِ ساڳيو هوندو. مرتضيٰ ڀٽو پاڪستان به آيو ۽ ان کي شهيد به ڪيو ويو. مرتضيٰ جيڪو لاڙڪاڻي شهر واري تڪ مان چونڊجي آيو هو، ان ۾ مان پاڻ نصرت ڀٽو کي پيرين ۽ مٿي اگهاڙو شهر جي گهٽين ۾ هٿ ٻڌي ماڻهن کي مرتضيٰ جي لاءِ ووٽ گهرندي ڏٺو. ماڻهن واعدو ڪيو ته هو مرتضيٰ کي ووٽ ڏيندا ۽ اهو واعدو پورو ڪيو پر نصرت کي اهڙي حال ۾ ڏسي دل بيهڻ لڳي هئي، ڇا ته عروج هو ۽ ڇا هن جي حالت هئي!
پنهنجي ساروڻين ۾ هن لکيو هو ته ڀٽو هن کي جيل مان خط لکي موڪليندو هو، جيڪي چوريءَ هن کي ملندا هئا، جن ۾ هڪ ڀيرو هن لکيو هو ته ”جيڪڏهن هن جي زندگي ۾ نصرت جي محبت نه هجي ها ته هو هڪ جاگيردار هجي ها پر ان محبت هن کي عوام جو سچو ليڊر ٺاهي ڇڏيو.“ لکيل خطن جو مون ڪتاب آڻڻ پئي چاهيو پر اهي خط زندگي جي ڀڄ ڊڪ ۾ ڪٿي گم ٿي ويا، جيڪي ڪتابي صورت ۾ اچي وڃن ها ته ماڻهو به پڙهي سگهن ها. ڀٽي جي شهادت نصرت کان ننڊ ۽ سُڪون کسي ورتو هو. هڪ طرف اولاد دربدر ۽ ٻئي طرف پارٽي بي بچائڻ لاءِ ڪوششون هن جي همت ۽ بهادري جو ثبوت ضياءُ الحق جيڪو ڊڪٽيٽر هو جنهن نه صرف پي پي جي ورڪرن ۽ ليڊرن کي تنگ ڪيو ۽ انهن تي ظلم ڪيو پر عوام جي هر طبقي سان ناانصافيون ڪيون ته جيئن هن جو اقتدار برقرار رهي. نصرت جي جذباتي تقريرن، ناانصافين ۽ زيادتين سان وڙهڻ سان عوام کي به حوصلو مليو. هوءَ پاڪستان جي هر ڪنڊ ۽ ڪڙڇ ۾ احتجاج لاءِ رٿيل وقت ۽ هنڌ تي پهچي ويندي هئي، جنهن سان عوام جا حوصلا بلند ٿي ويندا هئا، جڏهن ضياءُ الحق پي اين اي کي به دوکو ڏنو ته اهي پي پي سان گڏجي آيم آر ڊي جي تحريڪ ۾ شريڪ ٿيڻ لڳا.
هڪ ڀيرو جڏهن هو 7۰ ڪلفٽن واري بنگلي تي نظربند هئي ته اتان برقعو پائي کسڪي، رڪشي ۾ چڙهي ريل رستي اچي لاهور پهتي ۽ اتي رٿيل احتجاج ۽ جلسي ۾ خطاب ڪيو. اهو ڏينهن نصرت جي زندگي ۾ خطرناڪ ثابت ٿيو، جڏهن هڪ ڀيرو قدافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ڪرڪيٽ ميچ ٿي رهي هئي، اتي پي پي جا ڪارڪن اڳ ۾ ئي پهتل هئا، اتي برقعو پائي نصرت پهتي ۽ احتجاج ۾ شريڪ ٿي، موقعي تي پوليس پهتي ته انهن ورڪرن تي لٺ بازي شروع ڪئي ۽ انهن مان ڪيترائي سخت زخمي ٿي پيا جنهن تي نصرت زوريءَ وچ ۾ اچي چيو ته اڙي ظالمو! منهنجي ٻچن کي نه ماريو، مون کي ماريو ته پوليس اچي هن تي لٺيون وسايون ۽ هن کي مٿي ۾ به لٺيون لڳيون ۽ رت پاڻيءَ وانگر مٿي مان وهڻ لڳو. مان ته حيران آهيان ته اهي ڪهڙا پوليس جا ماڻهو هئا جن نصرت تي لٺيون وسايون جن لاءِ ڀٽي ڇا نه ڪيو ۽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا جو ڀٽي عوام لاءِ جان ڏني، اولاد قربان ڪيو.
هڪ ڀيرو مان پاڻ پنهنجي اکين سان پوليس کي نصرت تي لٺيون هلائيندي ڏٺو ۽ اهڙن بي ضمير پوليس وارن کي گهرجي ها ته لٺيون ڦٽيون ڪن ها. سڀ گڏجي اهڙو مظاهرو ڪن ها ته اڄ صورتحال ڪجهه ٻي هجي ها. ڪئي ڀيرا مٿي تي لٺين لڳڻ ڪري نصرت ۾ ويساري جي بيماري الزائمر پيدا ٿي وئي ۽ جڏهن مرتضيٰ ڀٽو جو مڙهه المرتضيٰ هائوس تي پهتو ته هوءَ عجيب و غريب ڳالهيون ڪري رهي هئي. جيڪڏهن نصرت همٿ نه ڪري ها ۽ هو احتجاج، جلسن ۽ جلسون ۾ نه پهچي ها ته عوام جو حوصلو ٽُٽي پئي ها پر مان انهن ماڻهن کي سلام پيش ڪريان ٿو جن ۾ صحافي، شاگرد، هاري، مزدور، اديب، شاعر وغيره شامل آهن، انهن ضياءُ الحق جا ظلم کلندي ۽ دليريءَ سان سَٺا. جڏهن هڪ ڀيرو هوءَ پنهنجي علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ وئي ۽ فرانس جي شهر مان ايفل ٽاور جي ڀرسان هڪ هوٽل وٽان گذري ته هن جي اکين مان ڳوڙها تري آيا ته اهو به وقت هو جو ان هوٽل ۾ هوءَ ۽ ڀٽو، هني مون ملهائڻ آيا هئا ۽ اتي ترسيا هئا. زندگيءَ جا رنگ به عجيب آهن. ڪڏهن ته انسان بادشاهه آهي ۽ ڪڏهن وري فقيرن وانگر در در جا ڌڪا کائيندو رهي ٿو.
نصرت ڀٽو جي سياسي جدوجهد جي شروعات ۱۹۶۸ع کان شروع ٿي، جڏهن صدر ايوب خان ڀٽي کي جيل ۾ وڌو ۽ هن ايوب جي خلاف جلسا، جلوس ڪڍيا ۽ تقريرون ڪري ڀٽي جي رهائي لاءِ ڪم ڪندي رهي، هن کان به وڌيڪ سياسي آزمائش ڀٽي جي شهادت کانپوءِ شروع ٿي، جنهن هن جي جيءَ کي جهوري وڌو. ڀٽي ڦاهيءَ کان اڳ پارٽي جي وائيس چيئرمين کي پارٽي جو سربراهه ڪرڻ وارو فيصلو ڪجهه وفادار ليڊرن جي چوڻ تي واپس ورتو هو، جيڪو صحيح ٿيو. نصرت پارٽي کي متحد رکيو ۽ هر ظلم جي سهڻ جي شروعات پاڻ کان ڪيائين، پارٽي ورڪرن کي بچائڻ لاءِ پاڻ سامهون ٿي بيٺي ۽ هر ظلم ۽ زيادتي مڙسن وانگر برداشت ڪري اهو ثابت ڪيو ته هو ڀٽي جي مشن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ اهليت رکي ٿي. جڏهن هن جي طبيعت ۽ ذهن اهو نه رهيو ته بينظير صورتحال ڏسي پارٽي جي واڳ سنڀالي، جنهن کي ڪيترن ئي دوستن ٻيو رنگ ڏنو پر پوءِ نصرت جي بگڙجندڙ صحت کي ڏسي ان فيصلي کي قبول ڪيو.
ڪجهه طاقتن نه پئي چاهيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو هڪ ٿين، تنهن ڪري گهڻين ڪوششن جي ٻنهي جي وچ ۾ پيدا ٿيل وڇوٽي گهٽ نه ٿي سگهي. انهن ئي طاقتن مرتضيٰ ڀٽي کي قتل ڪرائي هميشه لاءِ وڇوڙو پيدا ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ نصرت ڀٽو کي به نقصان پهتو ۽ هوءَ ڪيترو ئي عرصو ڪوما ۾ رهي. ٻنهي جي وچ ۾ اختلاف ئي دشمن کي فائدو پهچايو، اسين سمجهي سگهون ٿا ته ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ جي وچ ۾ اختلاف ڪنهن کي فائدو ڏنو.
شادي کانپوءِ نصرت ڀٽو سڄو ڌيان پنهنجي اولاد جي پرورش تي ڏنو، انهن جي تعليم ۽ تربيت ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ۽ ان سان گڏ ڀٽي جي سياسي ڪيريئر ۾ به حصو وٺندي رهي. هوءَ پارٽي ورڪرن کي پنهنجي ٻچن وانگر سمجهندي هئي ۽ اڪثر انهن جي مالي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ به مدد ڪندي هئي. هن جو چوڻ هو ته عوام ۽ پارٽي ورڪر ڀٽي ۽ هن لاءِ هڪ وڏو سرمايو آهن، هن جي اها خوبي هئي ته هو بيمار، جيلن ۾ بند ۽ پارٽيءَ لاءِ قرباني ڏيندڙ ورڪرن جي گهر ويندي هئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان ملي خوشي محسوس ڪندي هئي. ڀٽي وانگر هن کي به پنهنجي ورڪرن جا نالا ياد هوندا هئا ۽ انهن کي انهن جا نالا وٺي سڏيندي هئي.
هوءَ ته ماءُ آهي ۽ هئي، جنهن پنهنجي اولاد سان بيحد پيار ڪيو ۽ جڏهن بينظير جيل ۾ قيد هئي ته نصرت ان لاءِ ان جي پسند جا کاڌا ٺاهي ويندي هئي. ان کان علاوه ان لاءِ مارڪيٽ ۾ آيل نوان پسند جا ڪتاب خريد ڪري هن لاءِ کڻي ويندي هئي. هن ڪيترائي ڀيرا ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو ته هو ڀٽي جي وڃڻ کانپوءِ ڪڏهن به صحيح طريقي سان ننڊ نه ڪئي هئي، ڀٽي جي چيل هدايت تعميل ڪندي عوام، پارٽيءَ ۽ انهن جي چڱائي لاءِ پاڻ پتوڙيو، نصرت جو مقصد هو ته ڪيئن به ڪري ضياءُ الحق جهڙي فوجي آمر کان ملڪ ۽ عوام کي آجو ڪرائي ۽ ڪڏهن به ان جي ظلم ۽ نا انصافين اڳيان سر نه جهڪائي ۽ نه وري عوام کي ان جي زيادتين جو نشانو بنائڻ لاءِ ڪا سودي بازي ڪئي وڃي. هو هڪ پرعزم ۽ بهادر عورت هئي جنهن ڪڏهن به سر نه جهڪايو ۽ هر ظلم سهندي رهي ۽ جمهوريت کي بحال ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي ۽ هن جي ڪارنامن جي ڪري عوام متحد رهيو ۽ بي انتها قربانيون ڏئي جمهوريت کي بحال ڪرايو ۽ اهو ظاهر ڪري ڏيکاريو ته عورت کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي.
نصرت صاحبه کانپوءِ بينظير جمهوريت جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ آخرڪار ان به پنهنجي زندگي جي قرباني ڏني. نصرت ڀٽو زندگي سان جنگ وڙهندي رهي ۽ ڪوما ۾ ڪيترا ئي سال رهي ۽ آخرڪار ۲۳ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع تي هن دنيا کان موڪلائي هلي وئي، جنهن جو مڙهه پاڪستان آندو ويو ۽ ان کي به ڳڙهي خدا بخش ۾ ڀٽن جي خانداني قبرستان ۾ آخري آرامگاهه ڏني وئي جتي، جڏهن به ماڻهو اچن ٿا ته سڀ ڪو هر شهيد جي قبر تي فاتحه پڙهي ٿو. افسوس ان ڳالهه جو آهي جو هن جي خدمت ۽ قربانين کي وساريو ويو آهي ۽ جڏهن به ڪو پوسٽر ٺهي ٿو ته ان ۾ نصرت ڀٽو جي تصوير گهٽ ڏٺي وڃي ٿي.


بيگم نصرت ڀٽو

ھڪڙي ھئي خاتون اول

نور سنڌي

شهيدن جي وارث بيگم نصرت ڀٽو سان پهرين ملاقات سندس پياري پٽ شاهنواز ڀٽو جي شهادت تي المرتضى هائوس لاڙڪاڻي ۾ تعزيت ڪرڻ وقت ٿي. پاڻ انتهائي ڏکويل هئي. پنهنجي ور جي شهادت بعد سندس پٽ جي شهادت سندس جيءُ جهوري ڇڏيو هو. ساڻس ٻي ملاقات بئراج ڪالوني حيدرآباد ۾ مخدوم جميل الزمان جي شاديءَ جي مختصر تقريب، جنهن ۾ مخدوم خاندان جا انتهائي ويجها ماڻهو مدعو ڪيل هئا، ان دعوت ۾ پاڻ شريڪ ٿيون ۽ مخدوم طالب المولى ۽ مخدوم خاندان جي ٻين فردن کي مبارڪباد ڏني. ساڻس ٽين ملاقات مخدوم طالب المولى جي وصال تي مخدوم هائوس هالا ۾ ٿي. پاڻ محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ تعزيت لاءِ آئي هئي. ان موقعي تي سندس نيڻ ان وقت آلا ٿي ويا. جڏهن محترمه بينظير پنهنجي والد جو ذڪر ڪيو ۽ اهو چيو ته والد جي شهادت بعد مخدوم طالب المولى نه صرف پارٽيءَ کي قائم ۽ سرگرم رکڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پر مون کي والد جهڙو پيار ڏنو. بيگم نصرت ڀٽو سان باقائده واقفيت مير مرتضى ڀٽو جي وطن ورڻ بعد ۷۰ ڪلفٽن تي ٿي. ان دور ۾ پاڻ پريشانيءَ ۾ روتل هئي. ڇاڪاڻ ته بينظير ڀٽو ۽ مرتضى ڀٽو ۾ سازشن تحت اختلاف پيدا ڪيا ويا ۽ اهي سندس آزمائش وارا ڏينهن هئا، ته هوءَ ڪنهن جو پاسو وٺي. هن ڪوششون به ڪيون، ڀيڻ ڀاءُ کي ٺاهڻ جون پر ڪامياب نه ويون.

بيگم نصرت ڀٽو رحمدل، سخي، ٻاجهاري ذهين ۽ پاڪستان جي پهرين خاتون هئي، جنهن ڀُٽي صاحب جي دور ۾ خاتون اول جو لقب ماڻيو. پاڻ وَرَ ۽ بعد ۾ ٻن جوان پٽن جا لاش کنيا، سندس جيءُ جهري پيو هو. پر پاڻ همٿ نه هاري. جنرل ضياءَ جي آمريت واري دور ۾ نه صرف پارٽي جي قيادت سنڀالي پر آمريت خلاف جدوجهد ڪئي ۽ عوام ۾ وڏو اتساهه پيدا ڪيو. ڪڏهن به صبر جو دامن هٿان نه ڇڏيو، نصرت ڀٽو جو والد مرزا محمد عراق جي شهر شاهه نجف ۾ ڄائو هو، جيڪو واپاري هو. ۽ پاڻ ڪاروبار سانگي اصفهان جي تاريخي ثقافتي سونهن جي پيٽي نظر هن شهر کي يونيسڪو پاران ورلڊ هيريٽيج قرار ڏنو. هن شهر کي تصف جهان به سڏيو ويو، اتي اچي رهيو، جتي نصرت ڀٽو ۲۳ مارچ ۱۹۲۹ع ۾ جنم ورتو. سندس والد جڏهن هندستان گهمڻ ويو ته بمبئي شهر سندس دل کي ڀانئي ويو ۽ پاڻ اصفهان مان لڏي اتي اچي رهيا، جتي صابڻ جو ڪارخانو لڳايو. بيگم نصرت ڀٽو ابتدائي تعليم کان وٺي سينئر ڪيمبرج پاس اتي ڪيائين ۽ انهيءَ ڪاليج مان نصرت ڀٽو فوجي ٽريننگ به حاصل ڪئي. نصرت جڏهن پنهنجي ڀاڻيجي فخري بيگم سان گڏ بمبئيءَ ۾ مشهور تفريح گاهه کنڊالا ۽ لوڻا گهمڻ وئي ته اتي ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀيڻ منور الاسلام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻيو خاندان ان تفريحي مقام تي گهمڻ آيا هئا، انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي فيملي به مبمئي ۾ رهندي هئي. ان تفريح واري مقام تي منورِ جي نصرت ۽ فخري بيگم سان ملاقات ٿي ۽ هن کين ٻڌايو ته هو لاڙڪاڻي جي سر شاهنواز ڀٽو جي فيملي جا گهر ڀاتي آهن. هنن ٽنهي جي اها ملاقات دوستيءَ ۾ بدلجي وئي. هي ٽئي پاڻ ۾ ساهيڙيون بڻجي ويون. ڪجهه عرصي بعد مرزا محمد بمبئي کان ڪراچي لڏي آيو، انهن ڏينهن ۾ منور اسلام جي شادي ٿي ۽ هن پنهنجي ٻنهي ساهيڙين کي پنهنجي وليمي جي دعوت ڏني. نصرت جي ذوالفقار علي ڀٽو سان پهرين ملاقات ان وقت ٿي جڏهن نصرت وليمي جي دعوت ۾ وڃڻ لاءِ پنهنجي لاڪر ۾ رکيل سونا زيور کڻڻ آئي. ذوالفقار علي ڀٽو به پنهنجي والده خورشيد سان گڏ ان بئنڪ ۾ آيو، جتي هنن جي ملاقات ٿي ۽ خورشيد نصرت کي ٻڌايو ته هيءُ منهنجو پٽ ذلفي آهي. ان ملاقات بعد هنن جي ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ ذلفي کيس شاديءَ لاءِ راضي ڪري ورتو. سيپٽمبر ۱۹۵۱ع ۾ هنن جي شادي ٿي ۽ پاڻ مثالي جيون ساٿي وارو ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وڪالت ۽ پوءِ سياست شروع ڪئي ته بيگم نصرت ڀٽو سندس ٻانهن ٻيلي بڻيل هئي. ڀٽو جي صدر ايوب سان بغاوت ڪرڻ ڪري کيس نظر بند ڪرڻ کان وٺي احتجاجي تحريڪ هلائڻ تائين پ پ جي قيام کان وٺي اقتدار تائين بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي ور جي باقاعده مددگار رهي. حڪومت دوران پاڻ ذوالفقار علي ڀٽو جي باقاعده صلاحڪار وارو ڪردار ادا ڪيو. کيس خاتونِ اول جو لقب ڏنو ويو. پاڻ عورتن جي حقن، سندن بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ، عوام جي خدمت جي حوالي سان ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. پاڻ ڀٽو صاحب سان غير ملڪي دورن ۾ پاڪستان جي وفدن جي نمائندگي ڪئي، جڏهن ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم جي حڪومت جو تختو سندس وفادار سمجهيو ويندڙ آمر جنرل ضياءُ اونڌو ڪري ذوالفقار علي ڀٽو کي جيل ۾ بند ڪيو ته بيگم نصرت ڀٽو ئي هئي، جنهن همٿ حوصلي سان پارٽيءَ جي قيادت سنڀالي ۽ جنرل ضياءَ جي مارشل لا خلاف تحريڪ هلائي، احتجاجي مظاهرا ڪيا، ۽ قذافي اسٽيڊيم ۾ احتجاج دوران قانون نافذ ڪندڙ ادارن پاران لٺيون جهليون ۽ رت ۾ ڳاڙهي ٿي وئي، پر همٿ حوصلو نه هاريو.

ٽين ۳ اپريل ۱۹۷۹ع تي بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي جيل اندر ذوالفقار علي ڀٽو سان آخري ملاقات ڪرائي وئي، جيڪا ۳ ڪلاڪ جاري رهي. انهي ڏينهن جنرل ضياءَ الحق ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي ڏيڻ واري فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي ۽ ۴ اپريل ۷۹ع تي سج اڀرڻ کان اڳ ذوالفقار علي ڀٽو کي دار جي تختي تي چاڙهيو ويو. انهيءَ ڏينهن ڀٽو جو جسد خاڪي لاڙڪاڻو اماڻيو ويو، جتي ڏهين وڳي سخت پهري ۾ جنازي نماز پڙهائي وئي، جنهن ۾ صرف ڪجهه ويجهن ماڻهن کي جنازي نماز پڙهڻ جي اجازت ڏني وئي. بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي خصوصي جهاز ذريعي اباڻي ڳوٺ آڻي آخري ديدار لاءِ نيو ويو پر ان کان اڳ ذلفي کي ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو ۽ پنهنجي ور جو آخري ديدار به کيس نصيب نه ٿيو. اهو سلسو اتي ختم نه ٿيو پر بعد ۾ ان سازش جي ٻئي مرحلي ۾ ۸۵ع ۾ شاهنواز ڀٽو، ۹۶ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ۽ هن خاندان ۾ بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو ئي جنازا کڻڻ لاءِ هيون. مون کي اهو ڏينهن ياد آهي جڏهن بيگم نصرت ڀٽو مير مرتضى ڀٽو جي چونڊ مهم دوران پيادل گهر گهر وڃي ورڪ ڪئي، ان ڏينهن بيگم نصرت ڀٽو شهيد ڀٽو جي شهادت بعد پهريون دفعو خوش نظر آئي. سندس چپن تي هلڪي مرڪ هئي، سندس چهري تي رونق هئي، جڏهن مير مرتضى ڀٽو جلاوطني ختم ڪري وطن وري رهيو هو، ٿوري وقت بعد ۲۰ سيپٽمبر ۱۹۹۶ع تي مير مرتضى ڀٽو کي ساٿين سان گڏ بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو، پاڻ جوان پٽ جو لاش کڻائي ڳڙهي خدا بخش پهتي ۽ لاش کي دفنايو. اهي گهڙيون ڪيڏيون نه پيڙا واريون هونديون. پاڻ بهادر ۽ شفيق عورت هئي. ڪارڪنن کي عزت ۽ پيار ڏيندي هئي. مرتضى ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو سان هڪ جيتري محبت ڪندي هئي پر جڏهن ڀيڻ ڀاءُ جا اختلاف وڌيا ته هوءَ جهڙوڪر ٻه اڌ ٿي پئي، ڇاڪاڻ ته سندس ور جي پارٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. ۴ ڀيرا قومي اسيمبليءَ جي ميمبر رهي، عوام مان ڪڏهن به خفا نه ٿي. پنهنجي ور جي شهادت بعد پٽ شاهنواز ڀٽو ۽ پوءِ مير مرتضى جي شهادت کيس نهوڙي ڇڏيو، سندس ياداشت ختم ٿي وئي. جڏهن قذافي اسٽيڊيم ۾ سندس مٿي تي لٺيون لڳڻ ڪري گهرا گهاءُ ٿيا جن کيس ڪينسر جهڙو موذي مرض ڏيئي ڇڏيو. مرتضى جي شهادت بعد کيس بيهوشيءَ جا دورا پوڻ لڳا ۽ هوءَ ڪوما ۾ هلي وئي. کيس دبئي جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي ۱۵ سال موت سان جهيڙيندي نيٺ ۲۳ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. کيس ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيدن جي قبرستان ۾ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. سندس لاءِ ٻڌايو وڃي ٿو ته گهر ۾ نوڪرن جي فوج هئڻ جي باوجود پنهنجي اولاد کي پاڻ نپايو. پوري توجهه ڏيندي هئي. جڏهن هُن وصال ڪيو ته پ پ ورڪرن روئي چيو ته جهڙوڪر سندن امڙ گذاري وئي. اڄ سندس ۱۱ ورسي گمناميءَ ۾ ملھائي پئي وڃي. پ پ واڳ ڌڻين پاران خاتونِ اول بيگم نصرت ڀٽو جي ۱۱ ورسيءَ جي موقعي تي ڪا وڏي ليول جي تقريب ڪرڻ جو اعلان نه ڪيو ويو آھي. جمھوريت لاءِ قربانيون ڏيندڙ بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي تي پ پ واڳ ڌڻين کي سندس ورسيءَ تي شاندار پروگرام نه ڪرائڻ افسوس جھڙي ڳالھ آھي. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۳ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


بيگم نصرت ڀٽو

جمهوريت لاءِ پاڻ ارپيندڙ شخصيت

نديم لوڌي

پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ بي مثال ڪردار ادا ڪندڙ ۽ لازوال قربانيون ڏيندڙن جي فهرست هونئن ته ڊگهي آهي پر انهن مان ڪجهه ڪردار اهڙا آهن جن کي وساري نه ٿو سگهجي جن آمريت آڏو ڪڏهن ڪنڌ نه جهڪايو ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ پاڻ کي ارپي ڇڏيو ۽ پنهنجو تن، من، ڌن، رشتا ۽ ناتا ان جي بقا لاءِ قربان ڪري ڇڏيا. انهن عظيم شخصيتن مان بيگم نصرت ڀٽو به هڪ آهي.

اڄ ۲۳ آڪٽوبر جيئن ته سندس ورسي جو ڏينهن آهي. تنهنڪري سندس جمهوريت لاءِ ڪيل ڪوششون، جدوجهد ۽ قرباني کي ياد ڪرڻ ضروري آهي، جنهن کي ڪجهه سٽن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ناهي. اسان کان وڇڙئي کيس ۱۰ ورهيه گذري چڪا آهن. پر هوءَ عوام جي دلين ۾ اڄ به زنده آهي.

بيگم نصرت ڀٽو ايران جي شهر اصفهان جي هڪ وڏي واپاري مرزا محمد اصفهان جي گهر ۾ ۲۳ مارچ ۱۹۲۹ع ۾ اک کولي، شروعاتي تعليم ايران مان ئي حاصل ڪيائين، ان کانپوءِ سندس ڪٽنب بمبئي لڏي ويو، جتي هن باقي تعليم حاصل ڪئي، هن ۵ سيپٽمبر ۱۹۵۱ع تي ذوالفقار علي ڀٽي سان شادي ڪئي. زندگي جا شروعاتي سال هن بنا ڪنهن فڪر ۽ پريشاني جي عام گهريلو عورت جي حيثيت سان گذاريا، ان کانپوءِ جنرل ايوب ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پرڏيهي وزير جي عهدي تي فائز ٿيو، ان کانپوءِ هن پنهنجي ور جي ڪاميابي ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هر حال ۾ سهائتا ڪئي.

جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي ڏٺو ته عوام ايوب جي دور ۾ ڪافي بدحالي جو شڪار ٿي رهيو آهي ته ڀٽي صاحب جنرل ايوب جي ڪابينا مان استعفيٰ ڏيئي عوامي لاءِ پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيو ۽ عوامي مهم تيز ڪندي سندس ونيءَ پڻ ان ڪم ۾ ساڻس ساٿ ڏنو. ايوب دور ۾ جڏهن ڀٽي صاحب کي نظربند ڪيو ويو ته پهريون دفعو بيگم صاحبه سندس آزادي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ پنهنجي مڙس جي جدوجهد ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو. ان دوران هن ڀٽي صاحب تي داخل ڪيسن خلاف عدالتن ۾ قانوني محاذ تي جنگ وڙهي. ايوب دور جي خاتمي بعد ڀٽي صاحب آزاد ٿي پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو ۽ چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ  ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم بڻيو، جنهن سبب هوءَ خاتون اول ٿي ۽ پنهنجي ور سان قدم سان قدم ملائي هلندي رهي.

۱۹۷۷ع دوران ان وقت جي آمر ضيا الحق ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ جڙتو ڪيس ۾ ڦاسائي حڪومت کان الڳ ڪري نظر بند ڪيو تڏهن بيگم ڀٽو صاحبه پارٽي جي قيادت سنڀاليندي پنهنجي ور جي نظربندي دوران پارٽي اڳواڻي ڪئي.۱۹۸۱ع ۾ جمهوري قوتن کي منظم ڪرڻ لاءِ “ايم آر ڊي” جو بنياد وڌو. ڀٽي صاحب جي قتل کانپوءِ  اها بيگم نصرت ڀٽو صاحبه ئي هئي، جنهن مارشلائي ظلم خلاف فوجي بربريت کي للڪاريو، جمهوري قوتن کي گڏ ڪيو. کيس جمهوريت لاءِ جنرل ضيا سان جيڪي به ٻه هٿ ڪرڻا هئا، ان لاءِ هن سموريون توانايون گڏ ڪيون. هن کي پنهنجي ماڊرن لباس بدران عوامي لباس پائڻ سان گڏ ڪڏهن برقعو پائي فوجي انتظاميا کي چڪر ڏيڻو پيو ته اهو به هن ڪري ڏيکاريو، ڪڏهن ريل ۾ عام مسافرن سان گڏجي سفر ڪري لاهور پهچڻو پيو ته هن اهو پڻ ڪيو.

بيگم صاحبه جڏهن لاهور ۾ هڪ تاريخي جلوس ڪڍيو ته ان وقت آمر جي حڪم تي مٿس لٺيون وسايون ويون، ان جلوس ۾ بيگم صاحبه کي مٿي ۾ تمام گهڻا ڌڪ رسيا هئا، جنهن کيس ذهني طور تي متاثر ڪيو، پر هن عظيم سورميءَ  پنهنجي جدوجهد جاري رکي عوام کي حوصلو ڏنو. بيگم صاحبه کي زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڀٽي صاحب جي شهادت صدمو پهچايو ، هن وڏي دل سان صدمي کي برداشت ڪيو، ٻارن کي حوصلو ڏنو، ٻيون ڀيرو بيگم صاحبه کي فرانس ۾ سندس ننڍي پٽ مير شاهنواز ڀٽو کي زهر ڏيئي شهيد ڪري صدمو پهچايو ويو. ان وقت بيگم صاحبه ۽ محترمه بينظير ڀٽو غم ۾ بيحال ٿي پنهنجي شهزادي جو لاش کڻي پاڪستان پهتيون هيون. ان وقت به آمر کين هميشه لاءِ ٻاهر وڃي ويهي رهڻ جون ڌمڪيون ڏيندي جدوجهد جي صورت ۾ سڄي خاندان کي ختم ڪرڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني هئي، پر بهادري جو مثال بڻيل ٻنهي عورتن آمر جي ڌمڪي کي رد ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ  ٻنهي کي واپس پرڏيهه زبردستيءَ جلاوطن ڪيو ويو.

جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ جي مشڪل مرحلن ۾ هن پنهنجي پياري پنڪي کي سکر جي شديد گرمي ۾ جيل جي شيخن پٺيان سڙندي ڏٺو، هن کي پنهنجي مڙس سان ڪيل قول کي پاڙيندي انهن جي آڏو ڪنڌ نه جهڪايو. هوءَ نه رڳو پنهنجي جوان ڌيءُ جي دليري ۾ ساڻس گڏ رهي پر سياست جي ميدان ۾ به کيس پير پائڻ ۾ مدد ڪيائين. ائين آمر ضياءَ جي سوچ کي هڪ نئين ڀٽو جي صورت ۾ شڪست ملڻ شروع ٿي وئي. هوءَ اهو سمورو وقت پنهنجي ڌيءُ سان گڏ هئي. جڏهن بينظير ڀٽو ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم بڻي ته ان وقت به هوءَ ساڻس گڏ بيٺي هئي. وري جڏهن بينظير کي اقتدار کان ڌار ڪيو ويو ته هوءَ مخالف ڌر ۾ به ساڻس گڏ رهي. هن جي حياتي مسلسل جدوجهد جو ڄڻ ته نمونو بڻجي وئي هئي.

هن جي حياتي جو ڏکي ۾ ڏکيو وقت ذاتي طور تي شايد اهو هيو جڏهن موڀي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو شام ۾ جلاوطني دوران اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. مير جي اليڪشن مهم ۾ سندس پارٽي جو اميدوار سامهون بيٺل هيو ۽ اها لاڙڪاڻي جي ماڻهن لاءِ ڏاڍي ڏکي صورتحال هئي، پوءِ سڀني ڏٺو ته هوءَ لاڙڪاڻي جي رستن تي نڪري پئي، هن شهر جي ماڻهن کي شهيد ڀٽي جا واسطا ڏيئي کين چيو ته جيڪڏهن توهان مرتضيٰ کي چونڊن  ۾ نه کٽرايو ته مان توهان کي معاف نه ڪنديس. پوءِ جڳ جهان ڏٺو ته ڪيئن مير مرتضيٰ ڀٽو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿي هڪ شينهن وانگر گجگوڙ ڪندو پنهنجي وطن موٽي آيو. ان زماني ۾ هوءَ پنهنجي پٽ جي پاسي ٿي بيٺي، هن کي حالتن جي آگاهي جو هنر حاصل هيو، ان ڪري جڏهن هن جي مڙس کي سندس ضرورت هئي ته هوءَ ان جي پاسي ٿي بيٺي، جڏهن هن جي ڌيءُ آمر جي خلاف اڪيلي مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ بيٺي ته ان وقت هوءَ ساڻس گڏ هئي، هاڻي جڏهن سندس پٽ کي هن جي ضرورت هئي ته هوءَ ان جي پاسي هئي.

۱۹۹۳ع ۾ پنهنجي وڏي پُٽ مير مرتضيٰ ڀٽو کي چونڊن ۾ کٽائي هوءَ پاڻ غير سرگرم ايم اين اي طور موجود رهي. هن جو ڪل مقصد سندس پٽ کي هڪ سيٽ تان سوڀارو ڪرائڻ هيو. ٽيون ڀيرو هن کي وري صدمو ۱۹۹۶ع ۾ سندس پٽ کي قتل ڪري پهچايو ويو، ان واقعي سندس زندگي تي اهڙو اثر وڌو جو هوءَ پاڻ جيئري ئي گوشئه نشين ٿي ويئي. سڀني ڏٺو ته هوءَ هڪ ڀيرو وري زندگي جي اونداهي ۽ اذيتناڪ وقت مان گذري رهي هئي. چون ٿا ته مير جي وڇوڙي هن جي وجود کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو هيو، هوءَ هڪ اهڙي ڏک ۾ وٺجي وئي هئي جنهن جو ڪنهن به اسپتال ۾ علاج ڪونه ٿي، ٿي سگهي. اهو سمورو عرصو هوءَ يادگيري ۽ ويسر جي وچ واري پل تي هلندي رهي هئي. ماضيءَ جون اذيتون هن جي حال کي زخمي ڪري رهيون هيون. هن عظيم عورت.پنهنجا ٻه ڪونڌر جهڙا پٽ ۽ شينهن جهڙو ور پنهنجي سامهون موت جي منهن ۾ ويندي ڏٺو، هوءَ ان ياد جي آسري پلجڻ لڳي ۽ آهستي آهستي ڪراچي کان دبئي پهچي پاڻ کي بستري حوالي ڪري ڇڏيو. سندس زندگي ۾ ئي سندس سُهڻي ۽ دلير ڌيءَ بينظير ڀٽو قتل ٿي چُڪي هئي، پر يادن جي بي وفا هجڻ کيس ان نه سهڻ جهڙي ڏُک کان پري ڪري ڇڏيو هيو

بيگم نصرت ڀٽو ۸۲ ورهين جي ڄمار ۾ ۲۵ سالن جو ڊگهو عرصو بيهوشيءَ واري حالت ۾ رهڻ کانپوءِ دبئي ۾ ۲۳ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع ۾ پنهنجي نياڻي صنم ڀٽو جي گهر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. بيگم نصرت، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهرواري، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ صنم ڀٽو جي امڙ هئي. بيگم نصرت ڀٽو کي جمهوري جدوجهد جو نشان سمجهيو ويندو آهي. سندس لازوال جدوجهد سبب هوءَ عورت اڳواڻن ۾ معتبر اڳواڻ طور ياد رکي ويندي.


(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۳ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



بيگم نصرت ڀٽو

اسان کان وسري ويل

نور سنڌي

تاريخ ۲۳ آڪٽوبر تي، ملڪ جي خاتون اول رھندڙ، جمھورت جي بحاليءَ لاءِ قربانيون ڏيندڙ، بيگم نصرت ڀٽو جي ۱۱ ورسي آھي. پر اسان ھن عظيم خاتون کي ۱۱ سالن ۾ وساري ڇڏيو. مون مختلف اخبارون ڏٺيون ته پ پ پاران سندس ورسيءَ جي موقعي تي سندس آخري آرام گاھ تي يا بلاول ھائوس زرداري ھائوس يا ٻين شھرن ۾ سندس ورسي تي ڪو شانائيتو پروگرام نظر نه آھي ايو ۽ نه وري اخبارن ۾ پ پ پاران بيگم ڀٽو کي خراج تحسين وارا روايتي اشتھار نظر آيا، سچ پڇو ته پ پ واڳ ڌڻين کان وٺي پ پ اڳواڻن، توڙي ڪارڪنن جي اھڙي روش تي ڏک ٿيو، آئون پ پ جو ورڪر نه آھيان، آئون غير سياسي نج صحافي ھئڻ جي باوجود پنھجي گھر تي بيگم ڀٽو جي ايصال ثواب لاءِ قران خواني ڪرائي آھي ۽ ڀت جو مٺو ديگڙيو رڌائي ٻارن ۾ ورھايو آھي، ان ڪري جو بيگم ڀٽو عظيم خاتون ھئي، شهيد ڀٽن جي وارث رھندڙ بيگم نصرت ڀٽو سان پهرين ملاقات سندس پياري پٽ شاهنواز ڀٽو جي شهادت تي المرتضى هائوس لاڙڪاڻو تي تعزيت ڪرڻ وقت ٿي، پاڻ انتهائي ڏکويل هئي. پنهنجي ور جي شهادت بعد سندس پٽ جي شهادت سندس جيءُ جهوري ڇڏيو هو، ساڻس ٻي ملاقات بئراج ڪالوني حيدرآباد ۾ مخدوم جميل الزمان جي شادي جي مختصر تقريب، جنهن ۾ مخدوم خاندان جا انتهائي ويجها ماڻهو مدعو ڪيل هئا ان دعوت ۾ پاڻ شريڪ ٿيون ۽ مخدوم طالب المولى ۽ مخدوم خاندان جي ٻين فردن کي مبارڪباد ڏني، ساڻس ٽئين ملاقات مخدوم طالب المولى جي وصال تي مخدوم هائوس هالا ۾ ٿي، پاڻ محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ تعزيت لاءِ آئي هئي. ان موقعي تي سندس نيڻ ان وقت آلا ٿي ويا، جڏهن محترمه بينظير پنهنجي والد جو ذڪر ڪيو ۽ اهو چيو ته والد جي شهادت بعد مخدوم طالب المولى نه صرف پارٽيءَ کي قائم رکڻ لاءِ سرگرم رکڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پر مون کي والد جهڙو پيار ڏنو. بيگم نصرت ڀٽو سان باقائده واقفيت مير مرتضى ڀٽو جي وطن ورڻ بعد ۷۰ ڪلفٽن تي ٿي. ان دور ۾ پاڻ پريشانيءَ ۾ روتل هئي. ڇاڪاڻ ته بينظير ڀٽو ۽ مرتضى ڀٽو ۾ سازشن تحت اختلاف پيدا ڪيا ويا ۽ اها سندس لاءِ آزمائش وارا ڏينهن هئا. ته هو ڪنهن جو پاسو وٺي. هن ڪوششون به ڪيون ڀيڻ ڀاءُ کي ٺاهڻ جون پر ڪامياب نه ويون، بيگم نصرت ڀٽو رحم دل، سخي، ٻاجهاري ذهين ۽ پاڪستان جي پهرين خاتون هئي، جنهن ڀٽو صاحب جي دور ۾ خاتون اول جو لقب ماڻيو. پاڻ ور ۽ بعد ۾ ٻن جوان پٽن جا لاش کنيا، سندس جيءُ جهري پيو هو. پر پاڻ همٿ نه هاري، جنرل ضياءُ جي آمريت واري دور ۾ نه صرف پارٽيءَ جي قيادت سنڀاليائين پر آمريت خلاف جدوجهد ڪئي ۽ عوام ۾ وڏو اتساهه پيدا ڪيو. ڪڏهن به صبر جو دامن هٿان نه ڇڏيو، نصرت ڀٽو جو والد مرزا محمد عراق جي شهر شاهه نجف ۾ ڄائو هو، جيڪو واپاري هو. ۽ پاڻ ڪاروبار سانگي اصفهان جي تاريخي ثقافتي سونهن جي پيش نظر اتي اچي رهيو، جتي نصرت ڀٽو ۲۳ مارچ ۱۹۲۹ع ۾ جنم ورتو. سندس والد جڏهن هندستان گهمڻ ويو ته بمبئي شهر سندس دل کي وڻي ويو ۽ پاڻ اصفهان مان لڏي اتي اچي رهيا، جتي صابڻ جو ڪارخانو لڳايو، بيگم نصرت ڀٽو ابتدائي تعليم کان وٺي سنيئر ڪيمبرج پاس اتي ڪيائين ۽ انهيءَ ڪاليج مان نصرت ڀٽو فوجي ٽريننگ به حاصل ڪئي، نصرت جڏهن پنهنجي ڀاڻيجي فخري بيگم سان گڏ بمبئي ۾ مشهور تفريح گاهه کنڊالا ۽ لوڻا گهمڻ وئي ته اتي ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀيڻ منور الاسلام، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻيو خاندان ان تفريحي مقام تي گهمڻ آيا هئا، انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي فيملي به مبمئي ۾ رهندي هئي، ان تفريح واري مقام تي منور جي نصرت ۽ فخري بيگم سان ملاقات ٿي ۽ هن کين ٻڌايو ته هو لاڙڪاڻي جي سر شاهنواز ڀٽو جي فيمليءَ جا گهر ڀاتي آهن، هنن ٽنهي جي اها ملاقات دوستيءَ ۾ بدلجي وئي. اهي ٽئي پاڻ ۾ ساهيڙيون بڻجي ويون. ڪجهه عرصي بعد مرزا محمد بمبئي کان ڪراچي لڏي آيو، انهن ڏينهن ۾ منور اسلام جي شادي ٿي ۽ هن پنهنجي ٻنهي ساهيڙين کي پنهنجي وليمي جي دعوت ڏني، نصرت جي ذوالفقار علي ڀٽو سان پهرين ملاقات ان وقت ٿي جڏهن نصرت وليمي جي دعوت ۾ وڃڻ لاءِ پنهنجي لاڪر ۾ رکيل سونا زيور کڻڻ آئي، ذوالفقار علي ڀٽو به پنهنجي والده خورشيد سان گڏ ان بئنڪ ۾ آيو، جتي هنن جي ملاقات ٿي ۽ خورشيد، نصرت کي ٻڌايو ته هيءُ منهنجو پٽ زلفي آهي. ان ملاقات بعد هنن جي ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ ذلفي کيس شاديءَ لاءِ راضي ڪري ورتو. سيپٽمبر ۱۹۵۱ع ۾ هنن جي شادي ٿي ۽ پاڻ مثالي جيون ساٿي وارو ڪردار ادا ڪيائون. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وڪالت ۽ پوءِ سياست شروع ڪئي ته بيگم نصرت ڀٽو سندس ٻانهن ٻيلي بڻيل هئي. ڀٽو صاحب جي، صدر ايوب سان بغاوت ڪرڻ ڪري کيس نظر بند ڪرڻ کان وٺي احتجاجي تحريڪ هلائڻ تائين پ پ جي قيام کان وٺي اقتدار تائين بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي ور جي باقاعده مددگار رهي. حڪومت دوران پاڻ ذوالفقار علي ڀٽو جي باقاعده صلاحڪار وارو ڪردار ادا ڪيو. کيس خاتون اول جو لقب ڏنو ويو. پاڻ عورتن جي حقن، سندن بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ عوام جي خدمت جي حوالي سان ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، پاڻ ڀٽو صاحب سان غير ملڪي دورن ۾ پاڪستان جي وفدن جي نمائندگي ڪئي، جڏهن ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم جي حڪومت جو تختو سندس وفادار سمجهيو ويندڙ آمر جنرل ضياءُ اونڌو ڪري ذوالفقار علي ڀٽو کي جيل ۾ بند ڪيو ته بيگم نصرت ڀٽو هئي جنهن همٿ حوصلي سان پارٽيءَ جي قيادت سنڀالي ۽ جنرل ضياءُ جي مارشل لا خلاف تحريڪ هلائي، احتجاجي مظاهرا ڪيا، ۽ قذافي اسٽيڊيم ۾ احتجاج دوران قانون نافذ ڪندڙ ادارن پاران لٺيون جهليون ۽ رت ۾ ڳاڙهي ٿي وئي پر همٿ حوصلو نه هاريو، ۳ اپريل ۱۹۷۹ع تي بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي جيل اندر ذوالفقار علي ڀٽو سان آخري ملاقات ڪرائي وئي جيڪا ۳ ڪلاڪ جاري رهي، انهيءَ ڏينهن جنرل ضياءَ الحق، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي ڏيڻ واري فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي ۽ ۴ اپريل ۷۹ع تي سج اڀرڻ کان اڳ ذوالفقار علي ڀٽو کي دار جي تختي تي چاڙهيو ويو. انهيءَ ڏينهن ڀٽو جو جسد خاڪي لاڙڪاڻو اماڻيو ويو. جتي ڏهين وڳي سخت پهري ۾ جنازي نماز پڙهائي وئي، جنهن ۾ صرف چند ويجهن ماڻهن کي جنازي نماز پڙهڻ جي اجازت ڏني وئي. بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي خصوصي جهاز ذريعي اباڻي ڳوٺ آڻي آخري ديدار لاءِ نيو ويو پر ان کان اڳ زلفي کي ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو ۽ پنهنجي ور جو آخري ديدار به کيس نصيب نه ٿيو. اهو سلسو اتي ختم نه ٿيو پر بعد ۾ ان سازش جي ٻئي مرحلي ۾ ۸۵ع ۾ شاهنواز ڀٽو، ۹۶ع ۾ مير مرتضي ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ۽ هن خاندان ۾ بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو ئي جنازا کڻڻ لاءِ هيون، مون کي اهو ڏينهن ياد آهي ته جڏهن بيگم نصرت ڀٽو مير مرتضى ڀٽو جي چونڊ مهم دوران پيرن اگهاڙي گهر گهر وڃي ورڪ ڪئي ان ڏينهن بيگم نصرت ڀٽو شهيد ڀٽو جي شهادت بعد پهريون دفعو خوش نطر آئي، سندس چپن تي هلڪي مرڪ هئي، سندس چهري تي رونق هئي، جڏهن مير مرتضى ڀٽو جلاوطني ختم ڪري وطن وري رهيو هو، ٿوري وقت بعد ۲۰ سيپٽمبر ۱۹۹۶ع تي مير مرتضى ڀٽو کي ساٿين سان گڏ بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو. پاڻ جوان پٽ جو لاش کڻائي ڳڙهي خدا بخش پهتي ۽ لاش کي دفنايو، اهي گهڙيون ڪيڏيون نه پيڙا واريون هونديون پاڻ بهادر عورت هئي پاڻ شفيق، ڪارڪنن کي عزت ۽ پيار ڏيندڙ هئي، پاڻ مرتضى ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو سان هڪ جيتري محبت ڪندي هئي پر جڏهن ڀيڻ ڀاءُ جا اختلاف وڌيا ته پاڻ جهڙوڪ ٻه اڌ ٿي پئي ڇاڪاڻ ته سندس ور جي پارٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، پاڻ ۴ ڀيرا قومي اسيمبليءَ جي ميمبر رهي، پاڻ عوام مان ڪڏهن به خفا نه ٿي. پنهنجي ور جي شهادت بعد پٽ شاهنواز ڀٽو جي ان بعد مير مرتضى جي شهادت کيس نهوڙي ڇڏيو، سندس ياداشت ختم ٿي وئي. جڏهن قذافي اسٽيڊيم ۾ سندس مٿي تي لٺيون لڳڻ ڪري گهرا گهاءُ ٿيا جن کيس ڪينسر جهڙو موضي مرض ڏيئي ڇڏيو. مرتضى جي شهادت بعد کيس بيهوشيءَ جا دورا پوڻ لڳا ۽ پاڻ ڪوما ۾ هلي وئي، کيس دبئي جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي ۱۵ سال موت سان جهڙيندي نيٺ ۲۳ آڪٽوبر ۲۰۱۱ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي، کيس ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيدن جي قبرستان ۾ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۴ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



بيگم نصرت ڀٽو

عظيم ماءُ ۽ سياسي اڳواڻ

واگهومل ميگهواڙ

سنڌ هونئن به کاهوڙي ڪردارن سان ڀري پئي آهي. مائي ڀاڳل کان ويندي شهيد بختاور، جيجي زرينه بلوچ کان ويندي مڌر ايلسا قاضي، دادي ليليٰ کان ويندي فهميده حسين اهڙين ئي نامور خاتونن جو اڻ کٽ سلسلو ادب، تعليم سائنس کان ويندي سياست ۾ شهيد بينظير ڀٽو ۽ سندس امڙ کاهوڙي خاتون بيگم نصرت ڀٽو تائين پهچي ٿو. جنهن کي نه صرف هڪ رخ سان ڏسي سگهجي ٿو، پر اهي عظيم عورتون گهڻ رخي شخصيتن جون مالڪ هيون. اهڙي هستين ۾ ۲۳ مارچ ۱۹۲۹ع تي جنم وٺندڙ نصرت کي ڪنهن ڄاتو هو ته هوءِ ننڍي کنڊ جي عظيم ستاري جيان چمڪندي نظر ايندي. هو پاڪستان جي پهرئين  خاتون هئي جنهن ۱۹۱۹ع کان ۱۹۸۳ع تائين ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي پيپلزپارٽي جي چيئرمين شپ سنڀالي.

۱۹۸۲ع ۾ بيماري ۾ هئڻ باوجود کيس علاج لاءِ به آمريت دور ضيائي حڪمرانن کيس ٻاهر وڃڻ نه ڏنو ويو. اهڙي علالت کانپوءِ پارٽي جي چيئرپرسن جو عهدو سندس نياڻي بينظير ڀٽو جي حوالي ڪيو ويو. انهيءَ کان اڳ ۱۹۸۰ع ۾ بيگم نصرت ڀٽو قومي اسيمبلي جي ميمبر پڻ چونڊجي وئي، انهيءَ کان اڳ سندس سياسي خدمتن کانسواءِ هن ملڪي ۽ دنياوي سطح تي پاڻ مڃرايو ۽ سياست کان دستبردار ٿيڻ بدران جمهوريت ۽ عوام لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو.

سندس ناتو هريري اسفهاني شاهوڪار خاندان سان هو. جنهن ۸ سيپٽمبر ۱۹۵۱ع ۾ ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ صدر ۽ جمهوريت جي علمبردار  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان شادي ڪئي جنهن مان کيس چئن ٻارن جو اولاد ٿيو. جن مان ٽن ٻارن عوام خاطر شهادت جو جام پئي هميشه لاءِ سرخرو ٿي ويا. ۱۹۷۳ع کان ۱۹۷۷ع تائين سياست جي ميدان ۾ لٿل بيگم نصرت ڀٽو ڪيئي ڏک ڏوکڙا، اڙانگا سفر ۽ اذيتون ڏٺيون. ڪڏهن ڪٿي جيلن جون صعوبتون برداشت ڪرڻيون پيون ته ڪڏهن ڪٿي روڊن تي عوام سان گڏ مزاحمت دوران لٺيون کائڻيون پيون. ٿورو وقت اقتدار ۽ گهڻو وقت ڏکيائيون ڏسندڙ هن عظيم عورت ٻن ڳڀرو نوجوان پٽن جي شهادتن کي اکين سان ڏٺو ۽ هڪ دنيا جي عظيم خاتون ۽ ملڪ جي ۲ ڀيرا وزيراعظم رهندڙ کاهوڙي جي شهادت کي به ڏٺو. هن نه صرف سندس زندگي ۾ خاندان جي فردن کي شهادتون ماڻيندي ڏٺو پر ايشيا جي عظيم ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪندي پڻ ڏٺو. اهڙين  ڏک ڀرين گهڙين ۽ المناڪ المين باوجود هن عظيم عورت ڪڏهن به حوصلا نه هاريا ۽ بلند خيالن تي پنهنجي منزل لاءِ اٽل رهندي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ عوام خاطر ضيائي آمريت خلاف سندس ڪردار هڪ سورمي جهڙو رهيو.

No comments:

راءِ ڏيندا