مولانا دين محمد
’وفائي‘
هڪ ادارو هڪ ادراڪ
احمد علي صابر چانڊيو
انڊلٺ جھڙا رنگ رکندڙ انمول انسان حضرت مولانا دين محمد وفائي رح سنڌ
ڌرتيءَ جي ماٿر کان ڌرتيءَ جي مھد طرف ۱۱
اپريل ۱۹۵۰ع مطابق ۲۲
جمادي الآخر ۱۳۶۹ع اڱاري رات ڪوچ ڪري ويو. جڏهن مولانا ڌرتيءَ تي ڏات وکيري ويو
هئو ته اڃا منھنجي وجود جو پاڇو به ڌرتيءَ تي ڪين پيو هئو. اهڙن انسانن کي جڏهن به
نظر ڇھندي آهي ته هڪ ارمان هڪ آهه ۽ تجسس جنم وٺندو آهي، اي ڪاش! اهڙن سپورنجهه انسانن
جي وقت ڇو نه آيم، اڄ هي دؤر الله امان هر طرف نفرتون، مايوسيون، ناڪاميون، نااميدون
۽ نامرادون، ادب براءِ ادب ڪين ادب براءِ وهنوار رهيو هجي. مولانا دين محمد کي ڊبل
نمونيا جي راڪاس ڳڙڪائي ڇڏي هئو. مولانا کي حيدرآباد سان ته پيار هئو پر الائي ڇو ڪا
ڳالهه ٿي هر هر کٽڪيس جو سنڌي مرڪزي بورڊ ۱۹۴۲ع کيس سنڌ سرڪار طرفان ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ کيس لغت جوڙڻ لاءِ مقرر
ڪيو هئو ۽ پاڪستان کي وجود ۾ اچڻ سان کيس اهم ذميواري ڏني وئي هئي. ۱۹۴۹ع هڪ ڪميٽيءَ
۾ شامل ڪرڻ تي کيس حيدرآباد وڃڻو پيو هئو. هن پنھنجي پٽ علي نواز وفائي سان دل جي ڳالهه
ڪئي ته هي سفر هن لاءِ انوکو ٿو لڳي ۽ ان ئي سفر ۾ هو پيارن کان جدا ٿي ويو هئو.
طبع ٿيو
تحفو وفائيءَ جو خدا جي فضل سان،
هن ۾
آهي ڀٽ ڌڻيءَ جو فسلسفو ذڪر و بيان.
(احمد
خان آصف مصراڻي)
مولانا دين محمد وفائيءَ کي ادب، مذهب ۽ ڌرتيءَ سان ازحد محبت هئو. هن
جو الوحيد اخبار ۽ توحيد رسالي جو ڪڍڻ ئي ان ڳالهه جو کليل ثبوت هئو ته گهر گهر جڏهن
اخبار ۽ رسالو پھچندو ته باشعور انسانن کي سنڌ دوستي ۽ مذهب پرستيءَ جو ثبوت ملي ويندو.
هو معاشرتي، سياسي، اصلاحي تحريڪن جو ڄڻ ته باني هئو.هن ادبي ۽ مذهبي پرچار ڪئي هئي.
هن اخبار ۽ رسالي کي تاجر جي حيثيت سان نه بلڪ هڪ تحريڪ طور پيش ڪيو هئو. هن کي شاهه
لطيف سان ازحد محبت هئي علي محمد راشديءَ مطابق مولانا وفائي ”سنڌ جي تاريخ جو امام“
آهي. هن چيو ته ”سنڌ جي تاريخ بنسبت مولانا دين محمد وفائي رح ئي منھنجي من ۾ دلچسپي
پيدا ڪرائي ڇو جو ان وقت سنڌ جي تاريخ جي تحقيق سان ڪنھن کي به دلچسپي ڪانه هئي“ ان
فقري مان جيڪو ”شاهه جي رسالي جو مطالعو“ ۾ تحرير ٿيل آهي. بکي ٿو ته مولانا نه صرف
اديب شاعر هئو پر تحقيق نگار ۽ شاهه جو پارکو به هئا. مولانا دين محمد وفائي بابت پير
حسام الدين راشدي ساڳي ڪتاب ۾ کيس سنڌ ۾ اهل حديث جو پھريون علمبردار ٿو ڪوٺي. غلام
محمد گرامي وري کيس سنڌ جي تاريخ جو انسائيڪلوپيڊيا ٿو ڪوٺي. حضرت وفائي يادگيري جو
ڏاڍو پڪو ۽ پختو هئو ادل سومري وانگر سنڌي ڌرتيءَ جي ڏاهن جي ڄم ۽ رحلت جي باقائده
تاريخ به ياد هوندي هئس، هي ادبي گهڻ گهرو سنڌ جو قرض ته لاهي ويو پر سنڌين جي چرندڙ
پرندڙ تاريخ“ پڻ هئا.
مولانا دين محمد وفائي رمضان مبارڪ جي ۲۷
تاريخ ۱۳۱۱هه ۾ ۱۸۹۲ع
کٿن ڳوٺ تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ هڪ برگزيده عالم ويڄ ۽ ڏاهي خليفي حڪيم گل محمد ڀٽي جي
گهر ۾ پيدا ٿيا. ۵۸ سالن
جي عمر ۾ هن ڌرتيءَ تي علم ۽ ڄاڻ جا خزانا وکيري ڇڏيا هئا. ابتدائي تعليم سنڌي فارسيءَ
۾ ميان جي محمد عالم کان مليس ۽ عربي جي تحصيل واسطي حضرت مولانا ابوالفيض غلام عمر
جتوئي جي شاگردي ورتي غلام عمر لاڙڪاڻي ۾ عربي، سنڌي ۽ پارسيءَ جا عالم هئا. جن مولانا
دين محمد وفائي جن کي ۱۳۲۵هه کان ۱۳۳۰هه يعني پنج سال تعليم ڏني جڏهن هن تحصيل علم کان فراغت
حاصل ڪئي هو. فارغ التحصيل ٿيو. منطق ڪبرى مرزا زاهد ۽ جلال ملا تصنيفات جو پڻ مطالعو
ڪيو تڏهن سنڌ مدرسي ۽ درس و تدريس جو ڪم ڪرڻ لڳا هئا. مولانا دين محمد وفائي جن جڏهن
ٻالڪ هئا ته سندن سر مٿان مڻيادار والد جو سايو هٽي ويو ۽ جوانيءَ ۾ سندن شريڪ حيات
دارالبقا طرف ڪوچ ڪيو وفائي صاحب ۱۹۱۴ع
۾ راڻيپور جي پيرن جي اسرار تي راڻي پور سندن
اولاد کي تعليم ڏيڻ جي خاطر وڃڻو پيو ۽ اهو ئي سبب بنيو جو وفائي صاحب هڪ وار وري ازدواجيت
جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا.هن سکر مان ٻي شادي ڪئي. مولانا مسلمانن جي سياسي آزادي جي تحريڪ
۾ حصو ورتو. ان تحريڪ جي مخالف انگريز سرڪار هئي پر مولانا اٽل هئو. هن ۱۹۲۰ع ۾ ”الحق“ اخبار، سکر بجاءِ لاڙڪاڻي مان پڌري ڪئي.
ان موقعي تي لاڙڪاڻي ۾ ڪانفرنس جو انعقاد پڻ ڪيو ويو. جنھن تحريڪ ۾ مولانا جي سڏ تي
لاڙڪاڻي ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا عبدالباري ۽ مولانا شوڪت علي به شريڪ ٿيا
هئا. هن ڪانفرنس ۾ مولانا دين محمد وفائي کي جميعت العلماء سنڌ جو ناظم مقرر ڪيو ويو.
مولانا دين محمد وفائي، سنڌي جريدا ۽ اخبارون ڇپائڻ تي زور ڀريو جن
۾”صحيفئه قادريه“، ”الڪاشف“، ”الوحيد“، ۽ ”توحيد الحزب“، نالن سان جريدا ۽ اخبارون
شآيع ٿيڻ لڳيون. مولانا جي تصنيف ڪيل ڪتابن ۾ ”اظھار الڪرامت في مسئله الخلافت
والامامة“ جيڪو اسلامي سياست تي مبني آهي، جنھن کي ڏاڍو ساراهيو ويو حالانڪ مولانا
جا ٻيا ڪتاب به مذهبي توڙي علمي يا ادبي ساراهڻ جوڳا آهن جن ۾ ”اذڪارِ حسين“، ”الھام
الباري“، ”هندو ڌرم ۽ قرباني“، ”قرآني صداقت“، ”لاجواب تحرير“، ”تاريخ محمد مصطفى صه“،
”صديقِ اڪبر“، ”فاروقِ اعظم“، ”سيرتِ عثمان“، ”حيدرِ قرار“، ”خاتون جنت“، ”غوثِ اعظم“،
”راحت الروح“، ”تذڪره مخدوم نوح هالائي“، ”نومسلم هندو راڻيون“، ”اعتقاد صحيح“، ”مقصد
زندگي“، ”الختم علي فم الخصم“ (قادياني رد ۾ لکيو) ۽ تصوف تي هڪ ترجمو ڪيل مواد جيڪو
اڃا مڪمل ڪين هئو. ”فتح الغيب“ ۽ ٻيون انيڪ تصنيفات اکين اڳيان گذريون.
مان جڏهن آزاد اخبار ۾ لکندو هئس ۽ مولانا وفائي جي فرزند علي نواز وفائيءَ
سان ڪچھريون ٿينديون هيون ته علي نواز وفائي وٽ جيڪي به دانش آموز ايندا هئا سي سڀ
مولانا وفائي جا شيدائي هئا. اهڙيءَ طرح مولانا وفائي رح جي نالي لئبريري به شھدادڪوٽ
۾ قائم ڪري ورتي سين. مولانا دين محمد وفائي جو ڪتاب ”شاهه جي رسالي جو مطالعو“ جيڪو
وفائي پبلشنگ هائوس طرفان مليو جيڪو وفائي مرحوم جي مرتيي بعد ڇپايو ويو هئو، جنھن
پڻ منھنجي زندگيءَ تي ڪافي اثر ڇڏيا. علي
نواز وفائي سان منھنجي ملاقات جناب ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي معرفت ٿي هئي. علي نواز وفائي
ڳالھائڻ ۾ کرو هئو ۽ ذات ۾ به کرو هئو. رک رکاءُ بنھه ڪين ڄاڻيندو هئو. منھنجي اتساهه
کي ڏسي مولانا جا ادبي خزانا اڳيان رکندو هئو جيڪي منھنجي علمي ڏات کان گهڻو مٿڀرا
هوندا هئا. ڪيئي علمي مقالا ۱۹۴۴ع
مسودي جي صورت ۾ چوري به ٿي ويا هئس جن جو ذڪر جناب علي نواز وفائي ڏاڍي ڏک سان ڪندو
هئو، جيڪي پڻ سنڌ جي بيباڪ شخصيتن تي ٻڌايا وڃن ٿا. اهڙي طرح ساڳي ڪم کي ٻيھر هٿ ۾
کڻي ۱۹۴۶ع تائين سنڌ جي بزرگن، صوفين، ڏاهن ۽ سخنور انساني
جي ڊائريڪٽري تيار ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. وفائي صاحب کي واندڪائيءَ کان چڙ لڳندي هئي،
واندڪائي کي شيطان جي بيگر ڄاڻيندو هئو. مولانا جو ادب گهڻي ڀاڱي ”توحيد“ رسالي ۾ منظر
تي آيو. مولانا نه صرف سنڌي بلڪ عربي ۽ فارسيءَ جو جيد ۽ عالم هئو. حيدرآباد مان ٻيڙو
فقير هڪ اخبار ڪڍندو هئو جنھن ۾ پڻ مولانا جو ادب شايع ٿيندو هئو ۽ لاڙڪاڻي جي ”انصاف“
اخبار ۾ به ڪڏهن ڪڏهن نظر ايندو هئو. ڪراچي جي ”الاسلام“ ۾ لکيائين. مولانا جو ڪتاب
لطف اللطيف ۾ شاهه جي رسالي کي پڙهڻ ۽ پرجهڻ جا انيڪ اصلاح موجود آهن. مولانا دين محمد
وفائي سنڌي ادب ۽ علم جي تاريخ جو اهو ڄاڻو ۽ عالم هئو جنھن کي هند ۽ سنڌ توڙي فارس
۽ عرب ۾ هڪ خاص مقام حاصل هئو. مولانا دين محمد وفائي ادبي اوسر لاءِ پاڻ پتوڙيندي
مذهبي ڪٽرپڻي کان نفرت ڪندي جيڪي ادبي خزانا ڏنا تن سنڌي سماج تاريخ ۽ ادب تي گھرا
اثر ڇڏيا. جناب وفائي ڊبل نمونيا ڪري هن فاني جھان مان ۱۱
اپريل ۱۹۵۰ع اڱاري رات دارالبقا طرف هجرت ڪئي ۽ اهڙي طرح سنڌ
ڌرتي هڪ وار وري هڪ ڏاهي ۽ ڏاتيار جي اڻاٺ محسوس ڪرڻ لڳي.
ز اتفاق
مگس شھد مي شود پيدا
خدا چه
لذت شيرين در اتفاد نھاد
مولانا دين
محمد وفائي
عبدالستار لغاري
مولانا
دين محمد وفائي جي ولادت ۲۷ رمضان المبارڪ سن ۱۳۱۱
ھجري ۾ اباڻي ڳوٺ کٿن عرف نبي آباد تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ٿي. سندس والد جو نالو
خليفو گل محمد ھو ۽ ذات جو ڀٽي ھو، جيڪو پنھنجي پنھنجي دور جو وڏو حڪيم ۽ عالم ھو.
مولانا جي اوائلي تعليم سندس والد صاحب جي نظر ھيٺ ٿي، جتي پند نامه عطار تائين
فارسي ۾ تعليم حاصل ڪيائين، نون سالن جي ڄمار ۾ پيءُ گذاري ويس، پوءِ پرورش سندس
ماءُ ڪئي. مولانا دين محمد وفائي فارسي تعليم پنھنجي ويجھي عزيز ميانجي محمد عالم
وٽ رھي پوري ڪئي، جيڪو پنھنجي دور ۽ وقت جو جيد عالم هو. عربي جي تعليم حضرت
مولانا ابو الفيض علامه محمد عمر جتوئي وٽان حاصل ڪيائين. مولانا دين محمد وفائي
تحريڪ خلافت جيڪا مسلمانن جي سياسي آزادي لاءِ جاکوڙي رهي هئي، ۾ سرگرم رهيو.
مولانا
برصغير جي مسلمانن جي حقن لاءِ تمام گهڻو پتوڙيو. مولانا تاج محمود امروٽي جي
نظرداري ھيٺ تحقيق الخلافت جي رد ۾ اظھار الڪرامت نالي رسالو لکي تيار ڪيائين، جيڪو
مارچ ۱۹۲۰ع ۾ لاڙڪاڻي جي خلافت ڪانفرنس جي موقعي تي ڇپائي تقسيم ڪيو
ويو، تڏھن کان ھميشه لاءِ ڪراچي ۾ رھائش اختيار ڪيائين. مولانا دين محمد وفائي ڪراچي
۾ رھائش دوران پويان پساھ کڻندڙ سنڌي صحافت کي ڄڻ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو. ان دور ۾ سنڌي
اخبارن ۽ رسالن جو معيار تمام گهڻو پٺتي پيل ھو. ماڻھن کي سنڌي اخبارن ۽ رسالن سان
ڪو به سروڪار نه ھو، ايتري تائين جو پڙھيل لکيل طبقو به انھي ڏانھن ڪو خاص ڌيان نه
ڏيندو هو. انھيءَ دور ۾ مولانا سنڌي صحافت کي سنوارڻ جو ڪم پنھنجي سر کنيو. مولانا
کي شاگردي واري دور کان ئي سنڌي صحافت سان لڳاءُ هو. مارچ سن ۱۹۲۰ع
۾ ڪراچي مان روزاني الوحيد جو اجراء ٿيو، تڏھن مولانا کي اخبار جو معاون مدير مقرر
ڪيو ويو. سال ۱۹۲۳ع ۾ مولانا صاحب پنھنجي ادارت ھيٺ توحيد رسالو جاري ڪيو. سن ۱۹۳۰ع
۾ سنڌ بمبئي پرڳڻي کان جدا ٿي، عليحدي صوبي جي صورت اختيار ڪئي، انھيءَ موقعي تي
الوحيد اخبار پنھنجو ھڪ خاص نمبر پڌرو ڪيو، جنھن ۾ سنڌ جي گذريل تاريخ، تھذيب، علم
و ادب تي بھترين شھپارا شامل ڪيا ويا. سنڌ جي صحافت ۾ ھن وقت تائين الوحيد جو سنڌ
آزاد نمبر ھڪ زبردست اھميت جو حامل پرچو آھي. مولانا دين محمد وفائي سال ۱۹۱۹ع
کان ۱۹۴۶ع تائين روزاني الوحيد سان منسلڪ رھيو. ۱۹۲۶ع ۾ الحذب
نالي ھڪ ھفتيوار اخبار ڪڍيائين. اخباري زندگي ۾ مذھبي، علمي، ادبي ڪتاب تصنيف ڪيائين.
جيڪي ناياب به ٿيا آهن، انھن کانسواءِ گھڻائي ڪتاب اڃا مسودن جي صورت ۾ ھئا، جن
مان گھڻو تعداد ضايع ٿي ويو. مولانا جي اھم تصنيف تذڪره مشاھير سنڌ آھي، جنھن ۾ سنڌ
جي اھم شخصيتن جو احوال ھڪ ھنڌ جمع ڪيل آھي. مولانا دين محمد وفائي ۱۰
اپريل ۱۹۵۰ع تي وفات ڪئي. لانا دين محمد وفائي جي ولادت ۲۷
رمضان المبارڪ سن ۱۳۱۱ ھجري ۾ اباڻي ڳوٺ کٿن عرف نبي آباد تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ٿي.
سندس والد جو نالو خليفو گل محمد ھو ۽ ذات جو ڀٽي ھو، جيڪو پنھنجي پنھنجي دور جو وڏو
حڪيم ۽ عالم ھو. مولانا جي اوائلي تعليم سندس والد صاحب جي نظر ھيٺ ٿي، جتي پند
نامه عطار تائين فارسي ۾ تعليم حاصل ڪيائين، نون سالن جي ڄمار ۾ پيءُ گذاري ويس،
پوءِ پرورش سندس ماءُ ڪئي. مولانا دين محمد وفائي فارسي تعليم پنھنجي ويجھي عزيز
ميانجي محمد عالم وٽ رھي پوري ڪئي، جيڪو پنھنجي دور ۽ وقت جو جيد عالم هو. عربي جي
تعليم حضرت مولانا ابو الفيض غلام محمد عمر جتوئي وٽان حاصل ڪيائين. مولانا دين
محمد وفائي تحريڪ خلافت جيڪا مسلمانن جي سياسي آزادي لاءِ جاکوڙي رهي هئي، ۾ سرگرم
رهيو.
(ڏھاڙي
عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
مولانا
“وفائي”
صحافتي، علمي
۽ ادبي خدمتون
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
دين
محمد وفائي، دين محمد ولد خليفو حڪيم گل محمد ڀٽي، ۲۷ رمضان
المبارڪ، ۱۳۱۱هه مطابق ۱۴ اپريل ۱۸۹۳ع تي تعلقي ڳڙهي
ياسين، ضلعي شڪارپور جي ڳوٺ نبي آباد ۾ پيدا ٿيو. غير معمولي ذهانت، سمجهه ۽
هوشياريءَ سبب ننڍپڻ ۾ ئي عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڀڙ ٿي ويو. فارسيءَ جو سڄو نصاب “سڪندر
نامه”، “نظامي”، “بهار دانش”، “انشاء فارسي” ۽ عربيءَ ۾ “منطق ڪبريٰ” ۽ ٻيو علم
جلدي حاصل ڪيائين. مولانا تاج محمد امروٽي، پير رشد الله جهنڊي وارو ۽ مولانا عبيد
الله سنڌي ۽ ٻين جي صحبت مان فيض حاصل ڪيائين.مولانا صاحب جي علمي، ادبي ۽ صحافتي
زندگيءَ ۾ سندن لکڻ جو سفر صحافت ذريعي ۱۹۱۸ع ۾ “الڪاشف”
رسالي کان ٿيو. “الوحيد”، ”آزاد“، “الحزب” ۽ ٻيا ڪيترا رسالا سندن قلم هيٺ رهيا.
ساڳئي وقت مختلف مذهبي، تاريخي، سياسي، علمي ۽ ادبي ڪتاب پڻ تصنيف ۽ تاليف ڪندا
رهيا. “وفائي” سندن شاعريءَ جو تخلص آهي. سندن شاعري مذهبي هئڻ سان گڏ سماجي براين
جي خلاف ۽ قومي جاڳرتا جو سبق ڏيندڙ آهي. سندن ڪتابن جو ڳاڻيٽو ۶۰
تائين آهي، جن ۾ “حيدرِ ڪرار رضه”، “خاتونِ جنت”، “توحيد اسلام”، “هندو ڌرم ۽
قرباني”، “مير محمد عربي”، “سيرت النبي صه”، “الهام الباري”، “لطف الطيف”، “تذڪره
مشاهيرِ سنڌ”، “الهامِ ڪرامين”، “مقصدِ زندگي”، “لاجواب تحرير”، ۽ ٻيا آهن، جن جا
موضوع تفسير، حديث، فقه، تاريخ، فلسفو، تصوف ۽ ادب آهن. دين محمد وفائي اهِل قلم،
مردِ مجاهد، بي باڪ صحافي ۽ سياست جو ڄاڻو هو. مولانا عبيد الله جي هٿ هيٺ سندس
سياسي تربيت ٿي. ۱۹۲۰ع ۾ “جميعت العلماء سنڌ” جو ناظم مقرر ٿيو. هن جي ادب سان پڻ وڏي
دلچسپي هئي. مهراڻ ٽه ماهي رسالي سان سندس گهرو ناتو هو، مهراڻ جي ايڊيٽوريل بورڊ
جو ميمبر هو. سندن رسالو “توحيد” پڻ بلند معيار جو علمي، ديني ۽ ادبي رسالو هو.
مارچ ۱۹۲۰ع کان “الوحيد” اخبار ڪراچيءَ مان جاري ڪيائين، جنهن جو ۱۵
جون ۱۹۳۶ع تي “سنڌ آزاد نمبر” مثالي حيثيت رکي ٿو. تذڪره مشاهيرِ سنڌ:
سوانحي ادب ۾ مولانا جي هيءَ شاهڪار تصنيف آهي، سنڌ جي مشاهيرن، عالمن ۽ تاريخ ساز
شخصيتن جي سوانحي احوال سان سجايل هن ضروري احوال لاءِ دين محمد وفائيءَ ڪيترائي ڪتب
خانا ڀيٽيا، تقريبن هر ڳوٺ هر شهر سان واسطو رکندڙ شخصيتن کي هن ڪتاب ۾ آندو اٿن.
مولانا
صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيترن اهم ماڻهن جون سوانح ڏنيون آهن. لکيو اٿن ته، “هن سلسلي ۾ هڪ
سئو کان وڌيڪ سنڌ جي بزرگن جون حياتيون قلمبند ڪري چڪو آهيان ۽ اٽڪل پنج سئو بزرگن
جون سوانح عمريون ذهن ۾ موجود آهن، جن جي جمع ڪرڻ جو ڪم آهسته آهسته جاري آهي”.
وفائي
صاحب کي شاهه لطيف جي شاعريءَ سان اُنسيت هئي. پنهنجن ٻن اهم لطيفي ڪتابن “لطف
الطيف” ۽ “شاهه جي رسالي جو مطالعو” ۾ شاهه جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن جي عڪاسي ڪئي
اٿن.
لطف اللطيف جو ۱۹۵۰ع
۾ پهريون ڇاپو مهراڻ پبلشنگ ڪمپنيءَ ڇپايو ۽ پوءِ به ڇپجندڙ ڪتاب رهيو آهي، جو
هيءُ ڪتاب هائير ڪلاسن جي نصاب ۽ خاص طور تي بي اَي آرٽس ۽ ٽريننگ ڪاليج جي ڪورسن
۾ مقرر رهيو. تيرنهن بابن تي مشتمل لطف الطيف ۾ شاهه لطيف جي سوانح، حسب نسب،
تعليم ۽ تربيت، سلسله طريقت ۽ بيعت، شاهه جو مذهب ۽ عقيدو، رهڻي ڪهڻي ۽ ٻيا موضوع
آهن. ماخذ طور مولانا صاحب مرزا قليچ، سانگي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل
رسالن کي ڪم آندو آهي. پاڻ مولانا سرڪيڏارو کي شاهه جو ڪلام تسليم نه ڪندي لکيو
آهي ته، “هن کوجنا کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ هيترو ته ثابت ٿئي ٿو ته سر ڪيڏاري بابت
يقيني طرح سان چئي ئي نه سگهبو ته ڪو شاهه صاحب جو چيل آهي پر جيڪڏهن هيئن چيو وڃي
ته شاهه صاحب جو چيل ئي نه آهي ته ڪنهن حد تائين درست ٿي سگهي ٿو”. لطف الطيف
مولانا صاحب جي حياتيءَ جي آخري تصنيف آهي.
شاهه جي رسالي جو مطالعو: اهو
ڪتاب وفائي صاحب جي وفات بعد وفائي پبلشنگ هائوس ۱۹۶۲ع ۾ ڇپايو.
ستن فصلن تي مشتمل هن ڪتاب جي فصلن جا عنوان، شاهه جي وقت ۾ سنڌ جي انقلابي حالت،
شاهه جي وقت ۾ سنڌ وارن جي رهڻي ۽ گذران حالت، سنڌ ۾ اميري ۽ غريبي، سنڌ جا پکي،
سنڌ جا ڪي ٻيا جانور، شاهه جو ڪلام ڪيئن گڏ ڪيو ويو. رسالي ۾ ڌاريون ڪلام.
هيءُ
ڪتاب شاهه لطيف جي شاعريءَ جي حوالي سان ڪلهوڙن جي دور جي واقعن کان وٺي شاهه جي
دور جي نامور شاعرن جي ڪلام ۽ شاهه جي نج ڪلام تائين جي ذڪر تي محيط آهي، جنهن ۾
سنڌ جي سماجي زندگي، تهذيب ۽ ثقافت لطيف جي شاعريءَ جي حوالي سان ڄاڻايون ويون
آهن. دين محمد وفائيءَ شاهه لطيف جي حياتيءَ ۽ شاعريءَ جي باري ۾ ٻه ڪتاب ڏنا، جن
جي هڪ حيثيت آهي. ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ مقالو ”سنڌ ۽ سنڌي زبان“ ۾ لکيو اٿن ته،
“سنڌي زبان جي سوڌڻ لاءِ به ساڳي سڌريل قومن واري واٽ ورتي ويندي ته ان ريت نه فقط
ٻوليءَ ۾ سڌارو ٿيندو، پر ايترو وڏو واڌارو به ٿيندو، جهڙو ٻين جاندار قومن جون
زنده زبانون ڪري رهيون آهن”.
۵۷ سالن جي حياتيءَ کي دين
محمد امر بنايو، سندس پوئنيرن ۾ پڻ علي نواز وفائيءَ جو نالو ادب جي ميدان ۾ مشهور
آهي، فقير منش دين محمد ۱۰ اپريل ۱۹۵۰ع تي وفات ڪئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سندن
صحافتي علمي ۽ ادبي خدمتون هميشه قائم رهنديون.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳۱ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا