مولانا دين محمد
’وفائي‘
هڪ ادارو هڪ ادراڪ
احمد علي صابر چانڊيو
انڊلٺ جھڙا رنگ رکندڙ انمول انسان حضرت مولانا دين محمد وفائي رح سنڌ
ڌرتيءَ جي ماٿر کان ڌرتيءَ جي مھد طرف ۱۱
اپريل ۱۹۵۰ع مطابق ۲۲
جمادي الآخر ۱۳۶۹ع اڱاري رات ڪوچ ڪري ويو. جڏهن مولانا ڌرتيءَ تي ڏات وکيري ويو
هئو ته اڃا منھنجي وجود جو پاڇو به ڌرتيءَ تي ڪين پيو هئو. اهڙن انسانن کي جڏهن به
نظر ڇھندي آهي ته هڪ ارمان هڪ آهه ۽ تجسس جنم وٺندو آهي، اي ڪاش! اهڙن سپورنجهه انسانن
جي وقت ڇو نه آيم، اڄ هي دؤر الله امان هر طرف نفرتون، مايوسيون، ناڪاميون، نااميدون
۽ نامرادون، ادب براءِ ادب ڪين ادب براءِ وهنوار رهيو هجي. مولانا دين محمد کي ڊبل
نمونيا جي راڪاس ڳڙڪائي ڇڏي هئو. مولانا کي حيدرآباد سان ته پيار هئو پر الائي ڇو ڪا
ڳالهه ٿي هر هر کٽڪيس جو سنڌي مرڪزي بورڊ ۱۹۴۲ع کيس سنڌ سرڪار طرفان ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ کيس لغت جوڙڻ لاءِ مقرر
ڪيو هئو ۽ پاڪستان کي وجود ۾ اچڻ سان کيس اهم ذميواري ڏني وئي هئي. ۱۹۴۹ع هڪ ڪميٽيءَ
۾ شامل ڪرڻ تي کيس حيدرآباد وڃڻو پيو هئو. هن پنھنجي پٽ علي نواز وفائي سان دل جي ڳالهه
ڪئي ته هي سفر هن لاءِ انوکو ٿو لڳي ۽ ان ئي سفر ۾ هو پيارن کان جدا ٿي ويو هئو.
