; سنڌي شخصيتون: جيجي زرينه بلوچ

25 October, 2014

جيجي زرينه بلوچ

جيجي زرينا بلوچ

مادرِ سنڌ

ارشاد ڪاغذي

جيجي زرينا بلوچ سنڌ ۽ سنڌي عوام جي بي لوث خدمتگار هئي، مسڪين، غريب ۽ محتاجن جي مددگار هئي. جيجي سنڌ جي ام ڪلثوم هئي جنهن جي مڌر گيتن تي سنڌ جو عوام ظالم ۽ آمر حڪمرانن سان مقابلو ڪندو هو. ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار! جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائي ڪرندا ڪنڌ هزار او يار!“ ۽ ”تون ڪهڙو فاضل ماريندي، اڄ هاري ناري فاضل آ، اڄ سنڌڙي ساري فاضل آ“ ۽ ٻيا سوين ۽ هزارين انقلابي، قومي، لوڪ گيت، سهرا ۽ لاڏا وغيره ڳائي پنهنجي فن کي جلا بخشي. جيجي زرينا بلوچ هڪ پورو زمانو جنهن ۾ هو زنده هئي، هن جيڪي ڪم ڪار ڪيا، اهي سياسي، سماجي هجن يا وري هڪ استاد جي حيثيت سان هن جيڪا تعليم ۽ شاگردن سان محنت ڪئي، فنڪار جي حيثيت سان ٽي وي، ريڊيو يا اسٽيج تي هن جيڪا پرفارمنس ڏني، اها ڪنهن کان وسرڻ جهڙي ناهي. جيجي زرينا بلوچ گھڻ پاسائين شخصيت جي مالڪ هئي ۽ سندس هر هڪ پاسو۽ پهلو مڪمل، منفرد نرالو ۽ نمايان هو ۽ آهي. جهڙو نالو هيس اهڙي ٻاجهاري ۽ همدرد هئي. جيجي جي مان، شان، مرتبي ۽ ماڻ مريادا جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، ان گڻن ۽ خصلتن جي ڪري سنڌين جي دلين جي ڌڙڪن بنجي وئي.

جيجي جا گيت  اسان سنڌين لاءِ وڏي وٿ آهن ۽ هوءَ سدا زنده رهندي پنهنجي ڪارنامن جي ڪري:

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،

هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا.. ه شاه لطيف

جيجي زرينا بلوچ گلوڪار، صداڪار، موسيقار، اداڪار، ريڊو ۽ ٽي وي جي اداڪار، اديب، استاد، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن ۽ اڳواڻ هئي. سندس ڳايل انقلابي ۽ قومي گيت ۽ اداڪاري بيمثل ۽ لاجواب هئي ۽ وري سياسي جدوجهد ۾ سرگرم رهڻ ۽ سنڌ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ، ڏاڍ، ڏمر ۽ آمريت جي خلاف عملي حصو وٺڻ، ون يونٽ، ايوب آمر شاهي، ضياءُ جي ڪاري مارشلا جي دور ۾ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪرڻ وسارڻ جهڙي ناهي. ون يونٽ ۽ مارشلائي دور ۾ انقلابي ۽ قومي گيت ڳائي محفلن، ماحول ۽ مانڊاڻ کي گرمائي نوجوان ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ جوش، جذبو، همت ۽ حوصلو پيدا ڪري آمرن کي للڪاري سنڌ ۾ نئين روايت جو مثال قائم ڪيو. ثقافتي مورچي جي ڪمان ڪري گيتن ۾ جنگ جو طبل وڄائي دشمن کي ڪمزور ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

جنگ جنگ جنگ آ، منهنجي توسان جنگ آ،

پليت پير ڪر پري هيءَ ڌرتي منهنجو ننگ آ.

جيجي زرينا بلوچ ڪيئي دفعا قيد وبند جون صعوبتون برداشت ڪيون. ضيائي مارشلائي دور ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ تحريڪ ۾ حصو ورتو گرفتار ٿي سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچي جيل ۾ قيد رهي. جيجي جي جدوجهد وڏيرن، پيرن، ميرن سرمائيدارن ۽ حڪمران طبقي ۽ جنسي متڀيد جي خلاف هئي. هوءَ سنڌياڻن جي باني اڳواڻ هئي ۽ سنڌي عورتن جي انقلابي سنڌياڻي تحريڪ کي ٺاهي تيار ڪري، تعليم ۽ تربيت ڏئي هڪ انقلابي فورس تيار ڪيوهو. جيجي سنڌ جي عوام ۽ سياسي ڪارڪنن لاءِ ڇپر ۽ ڇانو هئي هڪ مهربان ماءُ هئي. هن جو رويو ۽ محبت پنهنجي ور، گھر ٻار، خاندان ۽ سنڌ جي ماڻهڻ لاءِ هڪ جهڙو هو. پاڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب سميت سوين سور سختيون سهندي، صعوبتون برداشت ڪندي، سنڌ ڌرتي تي سيس نوائي، مٽي جي ماڻ ۽ مريادا کي مهان ڪيو ۽ سنڌ جي سينڌ سنواري ۽ امر ٿي وئي.

مٽي جنهن سان سر جا سودا،

مٽي جنهن ۾دولهه دودا،

ڳاڙها ڳڀرو جوڌا جوڌا...

جيجي زرينا بلوچ سنڌي، بلوچ قوم ۽ ٻين مظلوم، محڪوم ۽ پيڙهيل قومن ۽ عوام لاءِ اميد ۽ آسرو هئي. ان جو عملي ثبوت هن پنهنجي سرگرمي ۽ جدوجهد جي ذريعي ڏنو. هوءَ انقلاب ۽ جدوجهد جي علامت هئي. ون يونٽ جي تحريڪ کان وٺي، ۴ مارچ، سنڌي ۾ ووٽر لسٽون ڇپايو، ڀٽو بچايو، ضيائي مارشلا ختم ڪريو ۽ جمهوريت بحال ڪريو، ۱۹۸۳ع جي ايم آر ڊي تحريڪ ۽ اينٽي ڪالا باغ موومينٽ تائين هو سڀني کان اڳ اڳري هئي. جلسن، مظاهرن. ڌرڻن ۾ هميشهه شامل رهي، ماڻهن سان گڏجي مارچ ڪندي رهي، ڳوڙها گيس ۽ لٺبازي ۾ مٿا ڦاڙايا ۽ ان کان علاوه جيل ۽ صعوبتون برداشت ڪيون.

مشهور سنڌي ليکڪا نورالهديٰ شاه هڪ ادبي تقريب ۾ جيجي کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو هو ته ”جيجي زرينا مارئي ۽ ٻاگھل جو نئون جنم آهي. اهو منهنجي لاءِ اعزاز آهي ته مان جيجي زرينا جي هم عصر آهيان ۽ هن جي ئي دور ۾ رهان ٿي. جيجي زرينا تسلسل آهي ماڊرن مارئي، ڀاڳل، مائي بختاور ۽ قرت العين طاهره جو... جيجي زرينا بلوچ پنهنجي فن جي راڻي آهي، موسيقي ۽ فنڪاريءَ جو ديومالائي ڪردار آهي.“ جيجي زرينا پنهنجي وقت ۾ غير متنازعه شخيت تسليم ڪئي ويندي هئي. عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ تحريڪ پپلز پارٽي ۽ ٻيون سنڌ جون سڀئي سياسي جماعتون ۽ ملڪ جون سياسي جماعتون جنهن ۾ بلوچ، پٺاڻ، سرائڪي پنجابي وغيره اچي وڃن ٿا سي سمورا جيجي کي پسند ڪندا هئا. جيجي کي سڀئي سياسي جماعتن وارا پنهنجي محفلن ۾ گھرائيندا هيا. ڪو به هن تي اعتراض ڪو نه ڪندو هو. جڏهن ته اهي پاڻ ۾ سخت وڙهيل هوندا هئا ۽ نظرياتي طرح هڪٻئي جون ڪچيون ٻوٽيون کائيندا هئا. اها آهي جيجي جي عظمت! جلسن ۽ سياسي فڪشن ۾ جيجي زرينا جڏهن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي هئي، قومي ۽ لو ڪ گيت ڳائي محفل کي جهومائيندي هئي ۽ هوءَ جڏهن هي گيت ڳائيندي هئي: ”جيئي سنڌ ۽ جيئي سنڌ، جامِ محبت پيئي سنڌ“. ۽ سنڌ هاريءَ جي سنڌ مزدور جي، سنڌ ڪنهن مير يا پير جي ڪين آ.“ ۽ ”سامراجي ڪتا ڀوڪندا ڀل رهن، پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.“ ۽ ٻيا گيت جن سان ٻڌندڙ ۾ هڪ انقلابي ۽ قومي روح ڦوڪجي ويندو هو ۽ وطن جي حب ۽ غيرت سان ٽمٽار ٿي ويندا هئا. هڪ اهڙي لهر... هڪ بجلي جو ڪرنٽ جنهن جي لهس سان سمورو جسم ،انگ انگ ۽ هڪ هڪ وار اڀو ٿي ويندو هو ۽ عجيب مستي ۽ لئي پيدا ٿي ويندي هئي جن لاءِ ڪي لفظ ناهن جن سان بيان ڪري سگھجي. هڪ اهڙي ڪيفيت ٿي ويندي هئي جو فوجين جي بندوقن جي تاڻڻ سان به قومي جذبو جهڪو نه ٿيندو هو ۽ للڪارون ڪري فوجين تي الرون ڪيون وينديون هيون. اهڙا موقعا ڪيئي دفعا آيا، مان ان جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. جيجي جا گيت بم ۽ بارود کان وڌيڪ هئا ۽ ماڻهن جي ذهن کي بجلي جي ڪرنٽ وانگر توانائي پهچائي ڇڏيندا هئا. توهان تصور ڪيو ته اهو جذبو، جنون، احساس ۽ اڌمو ازخود ۽ هڪڙي لحظي ۾، ڪجهه سيڪنڊن ۾ ماڻهو جي من، ذهن ۽ ضمير ۾ واسو ڪري ويندو هو ۽ هو هٿين خالي هوندي به بم، بارود، بندوق ۽ گولين کان ڪو نه ڊڄندو هو. اهڙي ڪيفيت کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ ان کي ڇا چئجي؟ جادو يا مسمريزم؟ جيجي ۾ اهي پاور ۽ ڪرنٽ هئا جن جو تصور ڪرڻ به عجيب ٿو لڳي!

مان به سنڌ جي نازڪ ناري آهيان

پرروه جبل کان ڏاڍي آهيان

مان به گوليون هلايان...

جيجي جڏهن گيت ڳائيندي هئي ته پنڊال ۾ ويٺل ماڻهو سَراپا منڊجي، موهجي ويندا هئا ۽ جادوئي ساز ۽ آواز جي سحر ۾ کوئجي ويندا هئا ۽ نتيجي ۾ هڪ اهڙي اثر جي گرفت ۾ گرفتار ٿي ويندا هئا جيڪا سندن اندر ۾ اهڙي شڪتي پيدا ڪندي هئي جنهن جي ٻل تي هيڻا به هَٺِيلا ٿي پوندا هئا. جيجي جي اندر مان جيڪي آڳ جا اُلا ۽ ڄڀون نڪرنديون هيون اهي شعلا بنجي وينديون هيون. جيجي جهڙيون هستيون رات وچ ۾ پيدا ڪونه ٿينديون آهن پر ورهيه پڄاڻان اهڙيون شخصيتون جنم وٺي اينديون آهن ۽ صدين کان پوءِ ئي انهن جو خال ڀرجي ٿو!.

اياز لطيف پليجي پنهنجي امڙ کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته ”جيجي زرينا بلوچ سنڌ جي ماڻهن جي حقن جي جدوجهد لاءِ پهرين صفن ۾ رهي، هن جنرل ضياءَ کي للڪاريو ۽ جيلن ۾ وئي. جيجي قومي گيت ڳائي سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي وطن سان محبت ڪرڻ جوشعور ڏنو. سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف جيجي زرينا بلوچ جدوجهد جي اڳواڻي ڪئي، ڪالا باغ ڊيم خلاف جنرل مشرف کي للڪاريو، مشرف جي دور ۾ جيجي کي زخمي ڪري رت وهايو ويو، پر هو ڪڏهن به جدوجهد کان نه هٽي.“ جيجي پنهنجي سموري عمر سنڌ جي مسئلن لاءِ هر وقت ميدان عمل ۾ رهي. هو هميشهه بنا سڏڻ جي تحريڪ ۾ اچي شامل ٿيندي هئي ۽ پنهنجي فولادي عزم ۽ حوصلي سان سنڌين جي تحريڪ ۾ نئون جوش، جذبو، جاڳرتا ۽ اتساه پيدا ڪندي هئي. جڏهن ڪيترائي ڏسڻا وائسڻا اديب ۽ ليکڪ گھر ۾ ويهي، عملي جدوجهد کان ڪناره ڪشي ڪري گھر جي ڪنڊ ۾ ويهي رهندا هئا اتي جيجي زرينا بلوچ پڙ ۾ پهچي تحريڪ ۾ جان وجهي ڇڏيندي هئي ۽ گيتن جي گونجار ۾ قافلي جي سرواڻي ڪندي هئي.

جا مرڪ مون کان وئي کسي

تنهن مرڪ جو آهي قسم

مان رت رنيس جو ظالمو

تنهن لڙڪ جو آهي قسم

جيجل جي مٺڙي ٿڃ جو

هر سرڪ جو آهي قسم

پلئه ڪندس پلئه ڪندس

اي وقت تو سان آ وچن.

جي جي زرينا بلوچ جي ورسي جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪري سندس عظمت جي ساراه ڪريان ٿو. جيجي پنهنجي سرن، سازن ۽ گيتن جي ڪري سنڌ جي عوام جي دلين ۾ هميشهه رهندي... جيجي سياسي ۽ انقلابي جدوجهد جي ڪري سنڌ جي سياست جي رهنمائي ڪندي رهندي... جيجي زرينا بلوچ ماڻهن جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جو درس ڏيندي رهندي... جيجي جدوجهد جو هڪ اهڃاڻ آهي، هوءَ لوڪ موسيقي ۽ قومي گيتن جي علامت آهي. جيجي زنده آهي ۽ امر آهي!

ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گل

الو ميان تڏهن ملنداسين...

هي مضمون پندرهن روزه افيئر ۾ شايع ٿيو هو.

جيجي زرينا بلوچ

سنڌ مٽيءَ جي عاشقِ

مير نادر علي ابڙو

حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ الهداد ۾ ۱۹۳۴ع ۾ جنم وٺندڙ جيجي زرينا بلوچ جنهن جو مائٽاڻو نالو آمنا جلالاڻي هيو. شايد ڪنهن کي اها خبر نه هئي ته هوءَ اڳتي هلي سنڌي لوڪ گيتن جي راڻي بڻبي ۽ ماڻهو هن جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ ترسندا ۽ تڙپندا. اڄ هن مهان لوڪ فنڪاره جيجي زرينه بلوچ جي ٽين ورسي سموريءَ سنڌ ۾ ملهائي پئي وڃي ۽ سندس شخصيت کي ڀيٽا ڏني پئي وڃي. جيجي زرينا بلوچ اُن ڏهاڪي ۾ سنڌي موسيقي کي سهارو ڏنو، جڏهن اسان وٽ عورت کي ايڏي آزادي نه هئي ۽ ان تي معاشرتي پابنديون ڪجهه وڌيڪ هيون. هن اهڙي دؤر  ۾ رهندي هر شيءِ کان بغاوت ڪئي، بغير ڪنهن جي پرواهه ڪندي سنڌي لوڪ گيتن جي دنيا کي آباد ڪيو ته سموري سنڌ ۾ سندس آواز جا چرچا ٿيڻ لڳا.

پاڻ پنهنجي فني زندگيءَ جو باقاعدي آغاز ۱۹۶۲ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ڪيو ۽ سندس آواز ريڊيو وسيلي ڪشمور کان ڪيٽي بندر ۽ کيرٿر کان ڪارونجهر تائين سنڌي ماروئڙن جي دلين تي راڄ ڪندو رهيو. جيجي زرينا بلوچ جي لاڏاڻي وقت آئون ڪراچيءَ ۾ سروس ڪري رهيو هوس ۽ ڪراچي جي گهميل هوائن ۾ جيجي زرينا بلوچ جي لاڏاڻي واري خبر مون تي باهه جي شعلن جيان برسي، هن لمحي مونکي اهو سمجهه ۾ نه آيو ته ڪو سنڌ جي جيجي اسان کي اڪيلو ڪري منهن ڦيري هلي وئي آهي. ڪجهه گهڙين لاءِ جيون تمام تنگ نظر آيو. سمورو ماحول سوڳوار محسوس ٿيو. دل بي چين ٿي وئي ۽ بيچينيءَ مان ڪئين آهون اندر مان نڪرنديون رهيون ته سنڌ جي خوشحاليءَ جا خواب ڏسندڙ جيجي اڄ اسان ۾ ناهي رهي ۽ هاڻ هن کي ناهي ورڻو. اهڙي ڪيفيت ۾ دل کي جهلي ڏيڻ لاءِ جيجي جي ڳايل گيتن جو سهارو ورتم ته:

ٻــي خبر ناهه پـــر مرڻ کان پوءِ
توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون
.

جيجي زرينا بلوچ هڪ خيال خواب ۽ آواز جي روپ ۾ هرپل اسان سان گڏ هوندي. مون کي ياد آهي ته بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج، ٺٽو طور مقرر هئا ته ان وقت پاڻ جيجي زرينا جي آواز ۽ ان ۾ سمايل درد جا مداح هئا ۽ مونکي اڪثر اهو چوندا هئا ته سنڌ جي دردن جو حقيقي آواز مونکي جيجي زرينه جي آواز ۾ محسوس ٿيندو آهي پر اڄ نه بابا حيات رهيو ۽ نه جيجي زرينا.

 جيجي زرينا بلوچ جون يادون، هن جون اسان کي ارپيل بي پناهه محبتون ۽ هن جو اسان لاءِ ڇڏيل پيغام نصيحتون اڄ مونکي تمام گهڻيون ويجهيون، اثرائتيون محسوس ٿين ٿيون. هوءَ زندگيءَ سان ويڙهاند دوران آخري گهڙين تائين سنڌ جي پارت ڪندي رهي. لاڏاڻي بعد سنڌ جي اندر لوڪ گيتن جي دنيا ويرانن حوالي ٿيل آهي. هاڻ پوءِ لوليون ڏيڻ وارو ناهي بچيو، سموريون دليون جيجي زرينا جي لاڏاڻي تي اڄ ڏينهن تائين دکيل ۽ بي قرار آهن. هر چهرو اداس آهي ۽ نيڻ لڙڪن هاڻا آهن.

اڄ جيجي کي هن ماءُ جي هنج ۾ ابدي ننڊ سمهاريو ويو آهي. جنهن مٽيءَ جي هو ازل کان عاشق رهي آهي ۽ ڌرتي لاءِ هن پنهنجو سمورو جيون ارپي ڇڏيو. ڪڏهن اهو پلٽي ڦيري نه ڏٺائين، ته ان جي بدلي ۾ کيس ڇا مليو. جيجي زرينا جو سنڌ سان عشق انتهائي رهيو ۽ هوءَ انهيءَ خاطر ڳائيندي، جهونگاريندي ۽ ماڻهن کي پارتون ڪندي رهي. جيجي نه صرف لوڪ فنڪاره هئي پر سنڌ جي قلمي پورهئي ۾ به هوءَ هڪ وڏو نانءُ آهي.

سندس تحريرون اڄ به زنده آهن. پاڻ ڪڏهن به سنڌ لاءِ ڪنهن قرباني ڏيڻ کان پٺتي نه رهي. جيجي زرينا بلوچ فن جي سکيا استاد محمد جمن، ماسٽر ابراهيم ۽ ٻين کان ورتي هئي. کيس شاهه عبداللطيف، سچل، قلندر ۽ پاڪستان جو سڀ کان وڏو سولين ايوارڊ ’پرائيڊ آف پرفارمنس‘ پڻ مليو. شيخ اياز، حيدر بخش جتوئي، مجيدي، تنوير عباسي ۽ ٻين جي شاعري جيجي زرينا بلوچ پنهنجي مٺڙي آواز ۾ انتهائي سهڻي نموني ڳائي پر اڄ اسان جي وچ ۾ جيجي ناهي رهي.

سموري سنڌ اڄ ڏينهن تائين هن جي وڇوڙي جو غم وساري ناهي سگهي ته اتي وري اهو سوال پنهنجي جاءِ والاري ٿو ته ڇا وري ٻيهر ڪا جيجي سنڌ ۾ جنم وٺندي ۽ جيجي زرينا بلوچ جي لاڏاڻي بعد لوڪ گيتن جو فن اڳتي ترقي ڪري سگهندو. اهي سڀ سوال آهن، جن جا جواب هر ذهن تراشي ٿو. هيل تائين جيجي زرينا بلوچ جي لاڏاڻي بعد لوڪ گيتن جي دنيا مڪمل طور تي ختم ٿيل نظر ٿي اچي ته ٻئي طرف ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻا سنڌي ٽي وي چئنل، ايف ايم ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي چڪا آهن. جن تي سنڌي نشريات هلي ٿي پر جي اهي سمورا چئنل گڏجي به پون ته به جيجي زرينا بلوچ جو آواز پيدا نٿا ڪري سگهن.

هاڻ ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته جيجي زرينا بلوچ جي لاڏاڻي کان پوءِ هن جي فن کي زنده رکڻ لاءِ سندن ڳايل گيتن جو جديد البم تيار ڪري مارڪيٽ ۾ آندو وڃي. سندن يادگار لکڻين کي ڪتابي صورت ۾ آندو وڃي ته جيئن اسان جا ايندڙ نسل سندس پورهئي مان فيضياب ٿي سگهن ۽ گڏوگڏ سنڌ ۾ لوڪ گيتن جي فن کي بچائڻ لاءِ سندن نانءُ تي لوڪ گيتن جي سکيا جو مرڪز قائم ڪيو وڃي، ائين ڪرڻ سان گهٽ ۾ گهٽ اسان جيڪا عزت ۽ مرتبو جيجي زرينا بلوچ کي هن جي حياتي ۾ نه ڏئي سگهياسين اهو مرڻ کانپوءِ ڏيڻ ۾ سوڀارا ٿينداسين. گڏوگڏ جيجي زرينا بلوچ جي روح کي به سڪون ملندو. دل کي آنند ملندي ته هن جي ٻاريل شمع اڃا روشن آهي ۽ اڃا سندس فن جا ڪيترائي عاشق موجود آهن، جيڪي سندن ٻاريل شمع وسامڻ ڪين ڏيندا.

(سوڀ، خبرون، عبرت، تعمير سنڌ، فيصلو، مهراڻ، سنڌ، سنڌو، هلچل عوامي آواز، سڪار، سنڌو ڊائجسٽ، جيجي ڪتاب سهڙيندڙ: نصير مرزا)

زرينا بلوچ

سدا حيات جيجي!

زيب سنڌي

ڪا تخليق فنڪار جي نالي سان سڃاتي وڃي ته وڏي ڳالھ ناهي، پر وڏي ڳالھ اها آهي ته ڪو فنڪار پنهنجي تخليق جي حوالي سان سڃاتو وڃي. اهڙي ڏات گهٽ فنڪارن ۽ ليکڪن کي نصيب ٿئي ٿي، جو ڪا تخليق سندن سڃاڻپ جو حوالو بڻجي سگهي، پر زرينا بلوچ جي هڪ تخليق نه فقط سندس سڃاڻپ جو حوالو بڻي، پر سندس نالو به بڻجي پئي! سو به نالي جو پهريون حصو، تڏهن ئي ته اسان کيس جيجي زرينا بلوچ چئون ٿا.

“جيجي” اصل ۾زرينا بلوچ جي هڪ ڪهاڻيءَ جو عنوان هو. اها ڪهاڻي هن ايو بي آمريت جي ون يونٽ واري دور ۾ لکي هئي ۽ ان ڪهاڻيءَ سنڌ سان جيجيءَ طور سندس تعارف ڪرائي ڇڏيو هو، پر سچ ته هوءَ هئي به ته جيجي. . . . جيجل. . . . امڙ ئي ته هئي.

انهيءَ امڙ سان منهنجو رشتو ڊرامائي انداز سان ته ڇا، پر جڙيو ئي ڊرامي سبب هو. ۱۹۸۸-۸۹ع وارن ٻن سالن ۾، مون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر طور نوڪري ڪئي هئي ۽ ڊراما پروڊيوسر هئس. هڪ ڏينهن اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب پاڻ وٽ سڏائي مرڪي چيو هو، “نوڪري ريڊيو تي ٿو ڪرين ۽ ڊراما ٽي ويءَ لاءِ ٿو لکين! ڪڏهن ڪو ريڊيو لاءِ به ڊرامو لک!” ۽ پوءِ مون “سمجهوتو” جي نالي سان اهو ڊرامو لکيو هو، جنهن ۾ جيجي زرينا بلوچ جو ماءُ جو ڪردار هو. پٽ جو ڪردار ادا ڪندڙ فنڪار ريهرسل واري وقت نه پهتو، ته ان فنڪار وارا جملا مون پاڻ ڳالهائي ريهرسل مڪمل ڪرائي. رڪارڊنگ جو وقت ٿي ويو، پر پٽ واري ڪردار لاءِ ڪاسٽ ڪيل فنڪار نه پهتو. مون کي اسٽوڊيو ۾ پريشان ڏسي، جيجي زرينا بلوچ اچي منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وڌو. ماءُ جهڙي سٻاجهي مرڪ سان چيائين، “منهنجي پٽ جو ڪردار توکان وڌيڪ سٺوڪير ڪندو!”

وراڻيم، “جيجي، مان پروڊيوسر آهيان، صداڪار ته ناهيان!”

جيجيءَ مرڪي چيو، “پر منهنجو پٽ ته آهين نه!” ۽ ان ڳالھ کان ته مون کي انڪار ئي نه هو. مان وڃي جيجيءَ سان گڏ مائيڪ اڳيان بيٺس. ۽ پنهنجي لکيل ڊرامي ۾ جيجيءَ جي پٽ جو ڪردار ادا ڪيم، پر ان ڊرامي کان پوءِ حقيقي زندگيءَ ۾ ته جيجي جو ڪردار منهنجي لاءِ ماءُ جهڙو ئي رهيو.

ريڊيو سان ته جيجيءَ پنهنجي صحت جي آخري ڏينهن تائين توڙ نڀاهيو، پر ساڳئي وقت جيجي زرينا بلوچ ڏات جي ڪيترين ئي شاهراهن تي نظر ايندي هئي. هوءَ گلوڪارا، ليکڪا، صداڪار، اداڪار، استاد، سياسي ورڪر ۽ بيحد سٻاجهي ماءُ هئي. ٻچن تي پنهنجو ساھ گهوريندڙ ماءُ، پر ان جي باوجود هوءَ روايتي ماءُ بجاءِ هڪ بهادر ماءُ ۽ بهادر عورت هئي. حق ۽ سچ جو ڳاٽ اوچو رکڻ خاطر پاڻ ته جيل ڪاٽيائين، پر آمريت خلاف جدوجهد ڪندڙ سندس نياڻي اختر بلوچ جيل وئي ته، جيجيءَ جو جيءُ جُهرڻ بجاءِ سندس ڳاٽ اوچو ٿي ويو. جيجيءَ جي اولاد ۾ اختر بلوچ کان وٺي اياز لطيف ۽ سسئي پليجو تائين جيڪو ادبي، سياسي ۽ سماجي شعور نظر اچي ٿو، ان جو سڄو ڪريڊٽ سندس وَر رسول بخش پليجي ڏانهن نٿو وڃي، پر جيجيءَ جو ان ۾ وڏو ڪردار نظر اچي ٿو. ڪريڊيٽ ته جيجيءَ ڏانهن ان کان به وڏو وڃي ٿو ته، سندس ڳايل انقلابي گيتن سنڌ جي نئين نسل ۾ پنهنجي حقن جي ماڻڻ جو جذبو جاڳايو. هوءَ سنڌي نياڻين لاءِ رول ماڊل جو درجو به اختيار ڪري وئي، جو کيس ڏسي نياڻيون به جهنڊا کڻي رستن تي نڪري اينديون هيون. جيجيءَ کي آئيڊيل بڻائي فن، ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ پير پائيندڙ، يا فقط گهرن تائين محدود هوندي به، سنڌ جي جن نياڻين جيجيءَ مان اتساھ حاصل ڪيو، انهن نياڻين جو اولاد ته ماءُ جي هنج ۾ ئي سچ جي سُتي پيئندو رهيو آهي.

ان ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته جيجيءَ جي نالي سان ڪا اهڙي اڪيڊمي قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ سندس آواز جي خزاني ۽ تحريرن کان سواءِ سندس عملي جدوجهد جو مڪمل رڪارڊ به محفوظ ڪيو وڃي، جو جيجيءَ جهڙن ماڻهن لاءِ ئي ته چيو ويو آهي ته، “ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا. . . “تڏهن ئي ته جيجيءَ جي لاڏاڻي تي سنڌ جي شهيد راڻي بينظير ڀٽو چيو هو، “جيجي زرينا بلوچ جو لاڏاڻو هڪ وڏو سانحو آهي. هن پنهنجي گيتن، ڊرامن ۽ لکڻين ذريعي سنڌ جي عوام ۾ قومي جذبو ۽ اتساھ پيدا ڪيو. هن جي لاڏاڻي سان وڏو خال پيدا ٿيو آهي. ”

جيجي زرينا بلوچ ۱۳ سال اڳ، اڄوڪي ڏينهن تي اسان کان وڇڙي وئي هئي ۽ جيجيءَ جو خال ته ڪڏهن به نه ڀرجي سگهندو، پر نه سنڌ ٻاگهل ٻائيءَ کي وساريو آهي ۽ نه ئي بختاور شهيد کي. نه ئي سنڌ ڪڏهن شهيد بينظير ڀٽو، نصرت ڀٽو ۽ جيجي زرينا بلوچ جهڙي بهادر عورت کي وساري سگهندي. جيجي ته سنڌ جي وجود ۾ اڄ به دل جيان ڌڙڪي ٿي. هوءَ سنڌ جي مٽي ۾ ملي، سنڌ بڻجي وئي آهي ۽ سنڌ ته ڪڏهن به مرڻي ناهي.

جيجي زرينه بلوچ

هڪ استاد، ڪهاڻيڪار، سياسي ڪارڪن ۽ عظيم گلوڪارا

محمد سليمان وساڻ

ٻي خبر ناهه پر مرڻ کان پوءِ،

تو سان گڏجڻ جو حسرتون رهنديون

هوءَ جنهن کي سموري سنڌ ”جيجي“ جي نالي سان سڏيندي هئي، سندس آواز ۾ ڄڻ ته ڪو جادو هو، مٺاس هو۔ هوءَ جيڪا هڪ استاد، هڪ سياسي ڪارڪن، اداڪارا ۽ سنڌ جي عظيم گلوڪارا هئي، جي ها جيجي زرينه بلوچ جو شمار سنڌ جي انهن عورتن ۾ ٿئي ٿو جيڪي هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جون مالڪ ۽ خالق آهن.

سنڌ جي هي دلير عورت ۲۹ ڊسمبر ۱۹۳۴ع جي هڪ سرد رات ۾ اڳوڻي تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ الهداد چند ۾ جنم ورتو. جيجي زرينه بلوچ جڏهن اڃان ڇهن سالن جي هئي ته سندس امڙ گلروز بلوچ وفات ڪري وئي. زرينه بلوچ جو ۱۵ سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي سوٽ سان نڪاح ٿيو. جنهن مان هن کي اختر بلوچ (صوبائي وزير سسئي پليجو جي ماءُ) زرينه بلوچ ۽ اسلم پرويز جو اولاد ٿيو۔ ۱۹۵۸ع ۾ تعليم پرائڻ جي مسئلي تان هن پنهنجي مڙس کان علحدگي اختيار ڪري، حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي هوءَ ۱۹۶۰ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي لوڪ فنڪاره طور آئي ۽ هڪ سال جي اندر هن ريڊيو تي پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو۔ هڪ سال اندر ئي کيس ۱۹۶۱ع ۾ ريڊيو جي بهترين فنڪار جو ايوارڊ مليو. جيجي زرينه بلوچ ۱۹۶۴ع ۾ برک سياستدان ۽ قانوندان رسول بخش پليجي سان شادي ڪري زندگيء جي نئين بهار جي شروعات ڪئي، جنهن مان هن کي هڪ پٽ اياز لطيف پليجو ڄائو. جيجي زرينه بلوچ ۱۹۶۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي جتان ۱۹۹۷ع ۾ رٽائر ٿي.

جيجي زرينه بلوچ رسول بخش پليجو سان شاديء کانپوء عملي سياست ۾ حصو پڻ وٺڻ شروع ڪيو۔ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ  خلاف هن جنرل ضياءُ الحق جي آمريت خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ عورتن جي هڪ احتجاج جي اڳواڻي پڻ ڪئي جنهن تي هن کي سکر ۽ ڪراچي جي جيل ۾ به وڃڻو پيو.جيجي زرينه بلوچ سنڌياڻي تحريڪ سنڌي ادبي سنگت جي باني اڳواڻن مان هڪ هئي.

جيجي زرينه بلوچ تي جيجي نالو سندس لکيل ڪهاڻي ”جيجي“ تان پيو ۽ پوري سنڌي قوم هاڻي کيس جيجي جي نالي سان سڏي ٿي.

هن ڊراما پڻ لکيا ۽ پاڻ به اداڪاري ڪئي۔ جيجي زرينه بلوچ جو لکيل ڪتاب تنهن جي ڳولا تنهن جون ڳالهيون اڄ به سنڌ ۾ مقبول آهي. پر سندس اصل سڃاڻ سندس ڳائڻ،  خوبصورت ۽ مٺاس ڀريو آواز هو.

سندس فن موسيقي تي ڪمال هيو ۽ هن لوڪ ڳيچ، وايون، گيت ۽ غزلن سان گڏ قومي گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو۔ شيخ اياز جي شاعريء کي هن خوبصورت انداز سان ڳايو۔ سندس ڳايل لوڪ گيتن ۽ ڊرامي هٿين گل ميندي ۾ سچ ته هن سنڌي ثقافت کي خوب اجاگر ڪيو۔سندس ڳيچن ۾ ، هٿين گل ميندي، ڀيڻ منهنجو ڇلڙو، منهنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو، مور ٿو ٽلي راڻا، سس سهري ڳل لايئه تمام گهڻو مقبول ٿيا.

شيخ اياز جي شاعري: ٻي خبر ناهي پر مرڻ کانپوء، ٽڙي پوندا ٽارئين، ڪانگ لنوي ٿو، ڪيئن ڪيان مان ڪنهن به ريت کان علاوه به  هن ڪيئي ڪلام ڳايا۔ هن شاهه لطيف کي پڻ خوب ڳايو.

هن جي فن موسيقي، اداڪاري، ڊراما نگاري تي هن کي لطيف ايوارڊ، سچل، قلندر، فيض احمد فيض ۽ وحيد مراد ايوارڊ سميت ڪيترائي قومي ايوارڊ مليا. جيجي زرينه بلوچ جي سڄي زندگي علم، ادب ۽ عوام جي خدمت ۾ گذري، سنڌ جي هي بيباڪ نياڻي پنهنجي اندر ۾ جيتريون خوبيون رکندڙ هئي شايد ٻي ڪا عورت ان وصف ۾ شامل ڪو نه ٿي ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو سياسي وابستگين جي باوجود اڄ به هر طبقو هر فرد جيجي زرينه بلوچ جي دلين جي گهراين سان احترام ڪري ٿو. اسين جڌهن سنڌ جي مهان انسانن جي ڳڻپ ڪنداسين ته جيجي زرينه بلوچ جو نالو به ان صف ۾ سر فهرست هوندو.

جيجي زرينه بلوچ برين ڪينسر جهڙي موذي مرض سبب ۲۵ آڪٽوبر ۲۰۰۵ تي ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪري وئي پر سندس فن کيس ڪڏهن به اسان کان الڳ ڪري ڪونه سگهندو۔ هوءَ اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه آهي۔

جيجي زرينه بلوچ

هڪ استاد، ڪهاڻيڪار، سياسي ڪارڪن ۽ عظيم گلوڪاره

محمد سليمان وساڻ

جيجي زرينه بلوچ جو شمار سنڌ جي انهن عورتن ۾ ٿئي ٿو جيڪي هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جون مالڪ ۽ خالق آهن.

سنڌ جي هن دلير عورت ۲۹ ڊسمبر ۱۹۳۴ع جي هڪ سرد رات ۾ اڳوڻي تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ الهداد چند ۾ جنم ورتو. جيجي زرينه بلوچ جڏهن اڃان ڇهن سالن جي هئي ته سندس امڙ گلروز بلوچ وفات ڪري وئي. زرينه بلوچ جو ۱۵ سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي سوٽ سان نڪاح ٿيو. جنهن مان هن کي اختر بلوچ (صوبائي وزير سسئي پليجو جي ماءُ) زينه بلوچ ۽ اسلم پرويز جو اولاد ٿيو.

۱۹۵۸ع ۾ تعليم پرائڻ جي مسئلي تان هن پنهنجي مڙس کان علحدگي اختيار ڪري، حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي هوءَ ۱۹۶۰ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي لوڪ فنڪاره طور آئي ۽ هڪ سال جي اندر هن ريڊيو تي پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو. هڪ سال اندر ئي کيس۱۹۶۱ع ۾ ريڊيو جي بهترين فنڪار جو ايوارڊ مليو. جيجي زرينه بلوچ ۱۹۶۴ع ۾ برک سياستدان ۽ قانوندان رسول بخش پليجي سان شادي ڪري زندگيءَ جي نئين شروعات ڪئي، جنهن مان هن کي هڪ پٽ اياز لطيف پليجو ڄائو. جيجي زرينه بلوچ ۱۹۶۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي جتان ۱۹۹۷ع ۾ رٽائر ٿي.

جيجي زرينه بلوچ رسول بخش پليجو سان شاديءَ کانپوءَ عملي سياست ۾ حصو پڻ وٺڻ شروع ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسيءَ خلاف هن جنرل ضياءُ الحق جي آمريت خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ عورتن جي هڪ احتجاج جي اڳواڻي پڻ ڪئي جنهن تي هن کي سکر ۽ ڪراچي جي جيل ۾ به وڃڻو پيو.جيجي زرينه بلوچ سنڌياڻي تحريڪ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن مان هڪ هئي.

جيجي زرينه بلوچ تي جيجي نالو سندس لکيل ڪهاڻي جيجي تان پيو ۽ پوري سنڌي قوم هاڻي کيس جيجي جي نالي سان سڏي ٿي. هن ڊرامه پڻ لکيا ۽ پاڻ به اداڪاري ڪئي. جيجي زرينه بلوچ جو لکيل ڪتاب “تنهن جي ڳولا تنهن جون ڳالهيون “ اڄ به سنڌ ۾ مقبول آهي. پر سندس اصل سڃاڻ سندس ڳائڻ ۽ خوبصورت ۽ مٺاس ڀريو آواز هو.

سندس فن موسيقي تي ڪمال هيو ۽ هن لوڪ ڳيچ، وايون، گيت ۽ غزلن سان گڏ قومي گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. شيخ اياز جي شاعريءِ کي هن خوبصورت انداز سان ڳايو. سندس ڳايل لوڪ گيتن ۽ ڊرامي هٿين گل ميندي ۾ سچ ته هن سنڌي ثقافت کي خوب اجاگر ڪيو.سندس ڳيچن ۾ ، هٿين گل ميندي، ڀيڻ منهنجو ڇلڙو، منهنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو، مور ٿو ٽلي راڻا، سس سهري ڳل لايئه تمام گهڻو مقبول ٿيا.

شيخ اياز جي شاعري : ٻي خبر ناهي پر مرڻ کانپوءِ، ٽڙي پوندا ٽارئين، ڪانگ لنوي ٿو، ڪيئن ڪيان مان ڪنهن به ريت کانسواءِ هن ڪيئي ڪلام ڳايا. هن شاهه لطيف کي پڻ خوب ڳايو.

هن جي فن موسيقي، اداڪاري، ڊرامه نگاري تي هن کي لطيف ايوارڊ، سچل، قلندر، فيض احمد فيض ۽ وحيد مراد ايوارڊ سميت ڪيترا ئي قومي ايوارڊ مليا. جيجي زرينه بلوچ جي سڄي زندگي علم، ادب ۽ عوام جي خدمت ۾ گذري، سنڌ جي هي بيباڪ نياڻي پنهنجي اندر ۾ جيتريون خوبيون رکندڙ هئي شايد ٻي ڪا عورت ان وصف ۾ شامل ڪو نه ٿي ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو سياسي وابستگين جي باوجود اڄ به هر طبقو هر فرد جيجي زرينه بلوچ جي دلين جي گهراين سان احترام ڪري ٿو. اسين جڏهن سنڌ جي مهان انسانن جي ڳڻپ ڪنداسين ته جيجي زرينه بلوچ جو نالو به ان صف ۾ سر فهرست هوندو.

جيجي زرينه بلوچ برين ڪينسر جهڙي موذي مرض سبب ۲۵ آڪٽوبر ۲۰۰۵ تي ڪراچيء جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪري وئي پر سندس فن کيس ڪڏهن به اسان کان الڳ ڪري ڪونه سگهندو. هوءَ اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه آهي.

زرينه بلوچ

جنهن کي سنڌ جا ماڻهو ”جيجي“ چوندا آهن

وزير فرهاد سولنگي

جيجي زرينه بلوچ جو ڇٺيءَ جونالو آمنه هو، سندس ڄمڻ جي تاريخ بابت مختلف هنڌن تي تضاد ملي ٿو ڪٿي سندس ڄم جي تاريخ ۲۹ ڊسمبر ۱۹۳۴ع لکيو ويو آهي ته ڪٿي ۱۲ ڊسمبر ۱۹۳۷ع لکيل آهي. پاڻ ڳوٺ الهداد چنڊ لڳ حيدرآباد ۾ محمد موسيٰ جلالاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتائين. سندس امڙ جو نالو گل روز هو. هن جو والد صاحب ميونسپالٽي ۾ انسپيڪٽر هيو، هن کي ٻن پٽن ڊاڪٽر محمد يوسف بلوچ ۽ محمد عثمان بلوچ ۽ هڪ نياڻي آمنه جو اولاد هيو جيڪا اڳتي هلي جيجي زرينه بلوچ جي نالي سان مشهوري ماڻي.

جيجي زرينه بلوچ پرائمري اسڪول قاضي عبدالقيوم ۾ پڙهي ۽ اتان ۱۹۶۰ع ڌاري فائينل پاس ڪيائين ان بعد ۱۹۶۳ع ڌاري اسڪول غلام علي نانا ۾ بحيثيت استاد مقرر ٿي. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس واري اسڪول ۾ پڙهائڻ لڳي اهڙي طرح هيءَ مسلسل ۳۶ سال درس و تدريس جي مقدس پيشي سان واڳيل رهي ۽ آخر ۱۹۹۶ع ڌاري رٽائرمينٽ ڪيائين.

جيجي زرينه بلوچ گهڻ رخي شخصيت جي مالڪ هئي. پاڻ استاد، قومي ڪارڪن، اديب، اداڪاره، ڪهاڻيڪاره ۽ لوڪ فنڪاره هئي. هن کي ٽن ٻارن جو اولاد هيو جنهن ۾ ڊاڪٽر اسلم پرويز، اياز لطيف پليجو ۽ اختر بلوچ شامل آهن.

جيجي زرينه بلوچ جي والده جيجي گل روز ۱۹۴۰ع ڌاري وفات ڪري وئي جنهن کان پوءِ هن جي تربيت سندس ڏاڏي ۽ والد صاحب ڪئي. کيس ڏاڏو پيار مان”گاگي“ ”هوري“ ”جلوان“ جي نالن سان سڏيندو هو. جيجي زرينه کي ٻالڪپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق هو جڏهن هيءَ پنهنجي پيءَ سان گڏ مولودن جي محفل ٻڌڻ ويندي هئي ان کان علاوه هن ننڍڙي عمر ۾ جيوڻي ٻائي جو راڳ ٻڌو ته سندس طبيعت راڳ ڏانهن مايل ٿي.

جيجي زرينه جڏهن ٽريننگ ڪاليج فار وومين حيدرآباد ۾ استاد هئي ته رسيس ۾ ويهي مختلف لوڪ گيت جهونگاريندي هئي جنهن ۾ ڀڳت ڪنور رام جا ڳايل ڪلام ”ڪئين ريجهايان توکي ڪئين پرچايان“ ، ”نالي ڌڻيءَ جي ٻيڙو تار منهنجو“ ، ”آءَ ڪانگا ڪر ڳالھه “ کيس ڏاڍا وڻندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سندس ساٿي ٽيچرس کيس صلاح ڏني ته تون باقائدي راڳ جي سکيا وٺي ريڊيو تي ڳاءِ! ڇو ته تنهنجو آواز تمام رسيلو آهي.

انهيءَ دور ۾ دادي ليلان کي هن اسڪول جي فنڪشنن ۾ راڳ ڳائيندي ٻڌو ۽ پاڻ به موسيقيءَ جي شروعاتي تربيت دادي ليلان کان ئي ورتائين ان کان پوءِ پاڻ ريڊيو تي هڪ ڳائڻ جي مقابلي ۾ حصو ورتائين جنهن ۾ هن ٽيون نمبر حاصل ڪيو اهڙي طرح ۱۹۶۰ع ڌاري فرضي نالي زرينه بلوچ سان سنڌي ۽ سرائڪي ۾ ريڊيو حيدرآباد تان ڳائڻ جو آغاز ڪيائين استاد محمد جمن کان موسيقيءَ جي تربيت ورتائين ۽ هيءَ ريڊيو جي مشهور سنگر بڻجي وئي. سندس موسيقيءَ ۾ استاد دادي ليلان ۽ استاد محمد جمن چيا وڃن ٿا جڏهن ته کيس ادب ۽ سياسي شعور جو دڳ ڏيندڙ سمورو ڪريڊٽ محترم رسول بخش پليجي ڏانهن وڃي ٿو.

جيجي زرينه جون فن جي دنيا ۾ ڪيتريون ئي خدمتون آهن پر سندس ڳايل سنڌي لوڪ گيت ۽ سندس لکڻيون کيس اعليٰ مقام تائين پهچائين ٿيون. سندس ڳايل مشهور لوڪ گيت جنهن ۾ ڀيڻ منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾، ڇڏ پراوا سونا ڪنگڻ، شل بوند وسيءَ، سانوڻ رت ۾ سانورا وغيره سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻو پسند ڪيا وڃن ٿا. جن جي ڪري ئي جيجي زرينه کي لوڪ گيتن جي راڻيءَ جو خطاب مليو.

ان کان علاوه هن ريڊيي تي ڳائڻ کانسواءِ ڊرامه، فيچر ۽ ڪمپيئرنگ پڻ ڪئي آهي هن۱۹۶۶ع ڌاري پي ٽي وي جي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي ڳايو جتي کيس پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. هن سنڌي، بلوچي، اردو، سرائڪي ۽ پنجابي ۾ به ڳايو آهي کيس پرڏيھه ۾ به ڳائڻ جو موقعو مليو جنهن ۾ آمريڪا، برطانيه، دبئي، هندستان، ڪئناڊا شامل آهن.

جيجي زرينه جون ڪيتريون ئي لوڪ گيتن جون ڪيسٽون پڻ مارڪيٽ ۾ اچي چڪيون آهن. ان کانسواءِ هن کي بهترين ڳائڻي، بهترين ماسترياڻي، قومي ڪارڪن ۽ ڪمپيئر هجڻ سان گڏ سٺي ڪهاڻيڪار هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي. سندس پهرئين ڪهاڻي ماهوار روح رهاڻ ۾ ڇپي جنهن جو موضوع هو ”مان تو کي گيت ڏيان او ڌرتي“ سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪهاڻي ڪتاب ”تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون“ ڇپجي چڪو آهي. جيجي زرينه تي هڪ ڪتاب نصير مرزا پڻ ترتيب ڏنو آهي ان کان علاوه پاڪستان ٽيليويزن تي هن ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. جنهن ۾ جنگل ۽ هٿين گل ميندي کي ڏسندڙن طرفان تمام گهڻي موٽ ملي،

جيجي زرينه کي فن جي دنيا ۾ خدمتون ڏيڻ جي عيوض ڪيترائي مڃتا ايوارڊ مليا آهن پر سنڌ جا ماڻهو هن سان ايتري محبت ڪن ٿا جو احترام ۽ عزت مان کيس جيجي يعني ماءُ ڪوٺين ٿا. جيڪو اعزاز سنڌ جي ٻئي ڪنهن به ڳائڻي کي ناهي مليو پر ان جي باوجود کيس ٻين ايوارڊن سان گڏ شاھ لطيف ايوارڊ ۽ قلندر لال شهباز ايوارڊ به مليا. سنڌ جي لوڪ گيتن جي راڻي جيجي زرينه بلوچ ۲۵ آڪٽوبر ۲۰۰۵ تي وفات ڪئي ۽ سنڌ هڪ منفرد ڏات ڌڻي نياڻيءَ کان محروم ٿي وئي.

جيجي زرينه بلوچ

رشيد سومرو

جيجي زرينه بلوچ جو شمار سنڌ جي انهن عورتن ۾ ٿئي ٿو جيڪي هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جون مالڪ ۽ خالق آهن. سنڌ جي هي ڪامريڊ  جيجي هڪ ئي وقت بهترين ڳائڪ، اعليٰ شاعره، عظيم استاد، ناليواري قومپرست اڳواڻ ڊرامه نگار ۽ ليکڪ هئي. شايد اها سنڌ جي ارڏي ۽ دلير عورت ۲۹ ڊسمبر ۱۹۳۴ع ۾ اڳوڻي تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ الهداد چند ۾ جنم ورتو. جيجي زرينه بلوچ جي امڙ گلروز بلوچ، زرينه بلوچ جڏهن ڇهن سالن جي هئي وفات ڪري وئي. زرينه بلوچ جي ۱۵ سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي سوٽ سان نڪاح ٿيو. جنهن مان هن کي اختر بلوچ (صوبائي وزير سسئي پليجو جي ماءُ) زينه بلوچ  ۽ اسلم پرويز جو اولاد ٿيو پر ۱۹۵۸ع ۾ تعليم پرائڻ جي مسئلي تان هن پنهنجي مڙس کان علحدگي اختيار ڪري، حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي هوءَ ۱۹۶۰ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي لوڪ فنڪاره طور آئي ۽ هن کي ۱۹۶۱ع ۾ بهترين فنڪار جو ايوارڊ مليو. جيجي زرينه بلوچ ۱۹۶۴ع ۾ رسول بخش پليجي سان شادي ڪئي، جنهن مان هن کي هڪ پٽ اياز لطيف پليجو ڄائو. جيجي زرينه بلوچ ۱۹۶۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي جتان ۱۹۹۷ع ۾ رٽائر ٿي ۽ برين ڪينسر سبب ڪراچي جي نيشنل اسپتال ۾ ۲۰۰۵ع ۾ وفات ڪري وئي.

جيجي زرينه بلوچ استاد هئڻ سان گڏ هڪ وڏي قومپرست اڳواڻ پڻ هئي. هن جنرل ضياءُ الحق جي آمريت خلاف سخت احتجاج ڪيو جنهن تي هن کي سکر ۽ ڪراچي جي جيل ۾ به وڃڻو پيو. مارشل لا ۽ جاگيردارن خلاف جدوجهد ڪرڻ تي سنڌ جي ماڻهن پاران هن کي جيجي جو لقب ڏنو ويو. جيجي زرينه بلوچ سنڌياڻي تحريڪ سنڌي ادبي سنگت جي باني اڳواڻن مان هڪ هئي. هن کي قدرت پاران انتهائي خوبصورت آواز ڏنو ويو هو. هن جا قومي لوڪ ۽ ڳيچ سنڌ ۽ هند جي ماڻهن جي دلين جا ڌڙڪن هئا. مور ٿو ٽلي راڻا، پيرين پوندي  سان ايئن چوندي سان رهي وچ رات ڀنڀور ۾.

هن جي فن موسيقي، اداڪاري، ڊرامه نگاري تي هن کي لطيف ايوارڊ، سچل، قلندر، فيض احمد فيض ۽ وحيد مراد ايوارڊ سميت ڪيترائي قومي ايوارڊ مليا. جيجي زرينه بلوچ جو لکيل ڪتاب تنهن جي ڳولا تنهن جون ڳالهيون اڄ به سنڌ ۾ مقبول آهي. جيجي زرينه بلوچ جي سڄي زندگي علم، ادب ۽ عوام جي خدمت ۾ گذري، سنڌ جي هي بيباڪ نياڻي پنهنجي اندر ۾ جيتريون خوبيون رکندڙ هئي شايد ٻي ڪا عورت ان وصف ۾ شامل ڪو نه ٿي ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو سياسي وابستگين جي باوجود اڄ به هر طبقو هر فرد جيجي زرينه بلوچ جي دلين جي گهراين سان احترام ڪري ٿو. اسين جڌهن سنڌ جي مهان انسانن جي ڳڻپ ڪنداسين ته جيجي زرينه بلوچ جو نالو به ان صف ۾ سر فهرست هوندو.

جيجي زرينه بلوچ

سنڌ جي اڏول عورت

جانب ڀٽي

جيجي زرينه بلوچ جو شمار سنڌ جي انهن عورتن ۾ ٿئي ٿو جيڪي هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جون مالڪ ۽ خالق آهن. سنڌ جي هي جيجي هڪ ئي وقت بهترين ڳائڪ، اعليٰ شاعره، عظيم استاد، ناليواري قومپرست اڳواڻ ڊراما نگار ۽ ليکڪ هئي. شايد اها سنڌ جي ارڏي ۽ دلير عورت ۲۹ ڊسمبر ۱۹۳۴ع ۾ اڳوڻي تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ الهداد چند ۾ جنم ورتو. جيجي زرينه بلوچ جي امڙ گلروز بلوچ، زرينه بلوچ جڏهن ڇهن سالن جي هئي وفات ڪري وئي. زرينه بلوچ جي ۱۵ سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي سوٽ سان نڪاح ٿيو. جنهن مان هن کي اختر بلوچ (صوبائي وزير سسئي پليجو جي ماءُ). زينه بلوچ  ۽ اسلم پرويز جو اولاد ٿيو پر ۱۹۵۸ع ۾ تعليم پرائڻ جي مسئلي تان هن پنهنجي مڙس کان علحدگي اختيار ڪري، حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي هوءَ ۱۹۶۰ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي لوڪ فنڪاره طور آئي ۽ هن کي ۱۹۶۱ع ۾ بهترين فنڪار جو ايوارڊ مليو. جيجي زرينه بلوچ ۱۹۶۴ع ۾ رسول بخش پليجي سان شادي ڪئي، جنهن مان هن کي هڪ پٽ اياز لطيف پليجو ڄائو. جيجي زرينه بلوچ ۱۹۶۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي جتان ۱۹۹۷ع ۾ رٽائر ٿي ۽ برين ڪينسر سبب، ڪراچي جي نيشنل اسپتال ۾، سال ۲۰۰۵ع ۾ وفات ڪري وئي.

زرينه بلوچ پرائمري تعليم قاضي عبدالقيوم اسڪول مان حاصل ڪئي.سال ۱۹۶۰ع تي فائنل جو امتحان پاس ڪري سنڌ جي نياڻين کي علم جي روشني ڦهلائڻ لاءِ استاد جو مقدس پيشو اختيار ڪري شاگردن کي خاص طور تي نياڻين کي علم جي روشني ڏئي همٿايو. هوءَ سنڌ ۾ ٿيندڙ سياسي جلسن ۾ گڏ هوندي هئي جنهن جو مثال مارشل لا جي دور ۾ پيرين پنڌ قافلو جنهن ۾ پانڌيئڙن تي پوليس ڪڙڪي پئي، ٻين سنڌي نياڻين سان گڏ زرينه بلوچ پڻ تشدد جو نشانو بڻي.

سنڌ جي خوشحالي ۽ آزادي لاءِ ضياءِ الحق جي دور ۾ کيس ٻه سال قيد پڻ ڪاٽڻو پيو. اهڙي ماءُ کي پوءِ سنڌي ڇو نه جيجي جو لقب ڏئي. ڪوئل جهڙي آواز ۾ پاڻ سنڌوديش جو قومي ترانو پڻ ڳايو آهي. پاڻ سائين جي ايم سيد جي نظريي جي تمام گهڻو ويجهو هئي ٿيندڙ هر پروگرام پڻ شرڪت ڪندي هئي.

جيجي جي پهرئين ڪهاڻي ”روح رهاڻ“ رسالي ۾ ڇپجي آئي پاڻ ڪهاڻين جو ڪتاب پڻ لکيو ”تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون“ جي مهاڳ ۾ سنڌ جي ڪهاڻيڪار خيرالنساءِ جعفري لکي ٿي ته ”زرينه تون ان ڪري اهم آهين جو تو ۾ سچ جو ثمر آهي سموري سنڌ تنهنجي ساهن ۾ تنهنجي ڳلي ۾ پاتل آهي تون ئي ته آهين، جنهن قوم کي ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ جام مُحبت پيئي سنڌ “ جهڙو لازوال گيت ڏنو. تنهنجي فن، سچ ۽ ايمان کي ئي محسوس ڪري آمريڪا، ڀارت، انگلينڊ ۽ دبيءَ جي سنڌين توکي سنڌ جو سونو نقشو ڳلي ۾ ميڊل طور پارايو هو جو اڄ به تنهنجي دل جي ڌڙڪن تي لڏي رهيو آهي. جڏهن تنهنجي دل اهو نقشو لڏندي ڏسندي آهيان، تڏهن لڳندو آهي ته سنڌ حرڪت ۾ آهي، سنڌ برڪت ۾ آهي. باقي هونئن ته سموري سنڌ الاءِ ڪهڙن ڪهڙن ۽ ڪيترن سياسي سيلابن ۾ ٻڏي رهي آهي. ڪاش! هر دل وسيع زرينه جيئن هجي! اڃا انيڪ سيلاب ساھ ۾ سانڍي پنهنجي وجود، پنهنجي شڪتي ۽ فن کي سر سبز رکي سگهي. ڪاش هر دل تي پنهنجي ڌرتيءَ جا اهڙا نقشا اڀريل هجن“.

پاڻ استاد، قومي ڪارڪن، ڪهاڻيڪار، شاعره ۽ ڳائڻ سان گڏ اداڪاري جو ڪردار به خوب نموني سان نڀايو سندن ڪيل ڪردار عام هوندو هو ڪنهن به قسم جي غير ضروري سجاوٽ نه ڪئي، جيجي دنگيءَ منجھه درياھ، راڻيءَ جي ڪهاڻي، جهنگل، ڪاروان، ديوارين، آن ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري ڪري چڪي آهي انهن ڊرامن کي ”ورلڊ ڊراما فيسٽيول“ انعام پڻ مليا، جيجي کي لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، قلندر لال شهباز ايوارڊ، سگا ايوارڊ، وحيد ايوارڊ، رام پنجواڻي ايوارڊ ۽ ٻين لاتعدادن ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو.

ڪوئل جهڙو آواز پهريان ۱۹۶۲ع تي ريڊيو اسٽيشن تي هلايو ويو. اڳتي هلندي جيجي تمام گهڻا لوڪ گيت ڳائيندي ماڻهن جي دل ۾ جاءِ وٺندي وئي. پاڻ استاد محمد جمن کان پڻ سکيا ورتي هن جي آواز ماڻهن کي ايترو ته جهمائي ڇڏيو جو جڏهن هو مور ٿو ٽلي چوندي هئي ته ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي هئي ۽ هو خوشي منجهان نچڻ شروع ٿي ويندا هئا ۽ پاڻ کي سنڀالي نه سگهندا هئا، جيجي سنڌي ڀينرن سان گڏ ويهي سهرا پڻ ڳايا آهن.

زرينه بلوچ جا ڳايل گيت:

مور ٿو ٽلي راڻا

.....

اسان ماڻهو لاڙ جا

.....

منهنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو

.....

هٿين گل مهندي

.....

ادي منهنجو ڇلڻو پاڻيءَ ۾

.....

هن اڳڻ تي مور لڳي ويون بهاريون

.....

ٽيڙي پوندا ٽاريءَ ۾

.....

پيرين پوندي سان

.....

اهي اڳڻ منهنجي لاڏل جا

.....

ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پوءِ

.....

جيئي سنڌ، جام مُحبت پيئي سنڌ

وني ماڻي بنرا سيج ماڻي بنرا

جيجي زرينه بلوچ جي سار

اڏاڻا ارواح

 هوش محمد

جنهن شخصيت کان هڪ کان وڌيڪ نسل متاثر هجن، جنهن شخصيت جون هڪ کان وڌيڪ سڃاڻپون هجن ۽ اهي به مستند هجن ۽ جنهن شخصيت کي اڻ ڳڻين حوالن ۾ اڻ ڳڻيون مڃتائون، محبتون ۽ عقيدتون مليون هجن،الڳ الڳ نظرياتي ۽ سياسي فورمن تان پنهنجائيءَ جو اعزاز حاصل ٿيو هجي جيجي زرينه بلوچ انهن شخصيتن مان هڪ آهي. سنڌ جي مجموعي تناظر ۾ جڏهن هُن کي ڏسبو ته معجزاتي حد تائين سندس شخصيت احترام لائق رهي آهي. سنڌ جي لوڪ فنڪاره کان انقلابي راڳيءَ تائين، سنڌي تعليم کان سنڌي ادب تائين ۽ خاص طور سنڌ دوستيءَ واري سياسي سفر جي هڪ انقلابي خاتون اڳواڻ هجڻ وارو اعزاز سنڌ ۾ فقط جيجي زرينه جي نصيب ۾ آيو.

منهنجي ذهن ۾ سندس پهرئين سڃاڻپ اهو نظم آهي. جنهن جو تعارف لکڻ جو سهرو سائين محمد ابراهيم جوئي جي سِرَ تي آهي ۽ اهو سنڌين جي دلين تائين پهچائڻ ۽ نوجوان نسل جي رت کي انقلاب ۽ سنڌ جي آجائيءَ واري جذبي سان گرم ڪرڻ وارو اعزاز جيجي زرينه جي کاتي ۾ آهي ۽ شايد مون جيان اڻ ڳڻين سنڌي نوجوانن جي دلين ۽ دماغن ۾ اڄ به اهو نظم گونجندو هجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اڄ به انهيءَ عذاب ۾ آهي. جنهن ۾ ان وقت هئي، جڏهن جيجي هزارن نوجوانن آڏو پنهنجي گونجدار اواز ۾ ڳائيندي هئي ته

سامراجي ڪُتا ڀئوڪندا ڀل رهن.

پاڻ کي هاڻ آزاد گهرجي وطن.

خاڪي جوئي جي ان نظم، ان کي مليل انقلابي لهجي ۽ جيجي زرينه جي آواز سنڌ جي قومي تحريڪ کي جيڪو ٻَلُ ڏنو ۽ سنڌ جي شاگردن کي جيڪو جذبو عطا ڪيو، سچ ته اهو آهي ته شايد ڪيترن ئي ڪتابن، پمفليٽن ۽ تقريرن عطا نه ڪيو هجي ۽ ان آواز جڏهن جڏهن اياز جي انقلابي گيتن کي ڇهيو ته سموري سنڌ “کنڀو جهنڊو” بڻجي وئي ۽ جڏهن ان ئي آواز ۾ ريڊيو حيدرآباد تان ٻڌڻ ۾ آيو ته

ٻي خبر ناهه پر مرڻ کان پوءِ،

تو سان گڏجڻ جو حسرتون رهنديون.

ته سڄي سنڌ پريئن جو روپ بڻجي وئي ۽ ايئن خاتون سنڌي ڪهاڻيءَ لکندڙن جي هڪ مختصر لسٽ ۾ هُن هڪ ڪهاڻي لکي “جيجي” ته پاڻ پنهنجي سمورن پڙهندڙن جي “جيجي” بڻجي وئي. سنڌي ادب ۾ اهڙي مڃتا به شايد ڪنهن خواتين سنڌي ليکڪا کي نصيبُ ٿي هُجي. سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ سندس حصي تي تفصيل سان لکي سگهجي ٿو، انهن ۾ استعمال ٿيل ٻوليءَ، استعارن، تشبيهن، تمثيلن تي گهڻو ئي ڪجهه لکي سگهجي ٿو. جيڪو جيجي اسان کان لهڻي. پر ساڻس انصاف ڪرڻ لاءِ گهڻي ئي صفحا گهرجن. تعليم جي حوالي ۾ سندس ڪيل خدمتن جو تفصيل سندس هم عمر ۽ همعصر ليکڪائن جي لکڻين ۾ موجود آهي. هڪ لوڪ گائڪ جي حوالي ۾ سندس ڏات جو ڪهڙو سنڌي ماڻهو معترف نه هوندو؟ اهو چوڻ ڏاڍو مشڪل آهي ۽ سنڌ جو اهو ڪهڙو سياسي ۽ عام گهر هوندو، جنهن ۾ جيجيءَ جي آواز جو پڙاڏو نه ٿيو هوندو ۽ نه ٻڌندو ويو  هوندو، نظرين جي پور وڇوٽيءَ باوجود جيجي زرينه بلوچ اهڙي شخصيت ڄاتي وڃي ٿي، جنهن کي سڀني سياسي ڌرين پنهنجو سمجهيو ۽ هُن به سڀني سان اهو ناتو نڀايو ۽ ايئن هوءَ سنڌ جي هڪ اهڙي مورتي ثابت ٿي، جنهن جي قدمن ۾ سڀني نظرين کي پوڄيندڙن الڳ الڳ سوچ ۽ ويچار رکندڙن پنهنجي رنگن ۽ خوشبوئن وارن گلن جي ڀيٽا ڏني ۽ اڄ تائين اها ڀيٽا ايئن ئي کيس ملي رهي آهي بنا ڪنهن متڀيد جي!

مان ڀانيان ٿو ته جيڪڏهن اڄ ڪنهن سنگراش کي سنڌوءَ جي مورتي ٺاهڻ لاءِ چيو وڃي ۽ ان کي سموري سنڌ جي گڏيل ڄاڻ ڏني وڃي ته اهو جيڪا مورتي جوڙيندو اها جيجي زرينه بلوچ جي مورتي هوندي. منهنجي من ۾ اهڙو وشواس ٽيهه سال اڳ ۾ به هُئو ۽ اڄ به آهي ۽ يقين ڄاتو وڃي ته سنڌي قوم وشواس تي جيئندڙ قوم آهي، ان ڪري سموري قوم جو وشواس اهڙو ئي هوندو ۽ ڪنهن شخص/طبقي/قوم ۾ اهڙو وشواس پئدا ٿيڻ پويان ان شخص جو اهو عمل هوندو آهي، جيڪو سماجن ۾ ملڪن ۾ چوڏهيئن جي چنڊ جيان چمڪندو نظر ايندو آهي. ويساهه پاڻ پئدا ٿيندو آهي. اهو پئدا ڪيو ويندو آهي، جيڪي ايئن سوچين ٿا اهي خود فريبيءَ جو شڪار آهن ۽ خود فريبي هڪ اونهي کڏ آهي، جنهن ۾ ڪرڻ کان پوءِ نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي. اڄ سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني ڏاهپ ڀرين شخصن جو اهو الميو آهي ۽ جيڪڏهن ان الميي مان جان آجي ڪرائڻي آهي ته هڪ ڀيرو وري سڀني ڏاهپ ڀرين شخصن کي هڪ اهڙي سنڌوءَ جي مورتي جوڙڻ گهرجي جيڪا سڀني کي “ڌرتي ماتا” جي مورتيءَ طور قبول هجي. ها، انهن سڀني کي پنهنجي رنگن ۽ خوشبوئن وارن گلن جي ڀيٽ ڪرڻ جو اختيار هجڻ گهرجي پر سڀ ان کي هڪ احساس سان سڃاڻن اهو هجي “جيجي” ۽ ان جيجيءَ واري احساس کي ڪهڙو به نالو ڏنو وڃي اهو غير ضروري آهي. احساس آهي من ۾ پئدا ٿيڻ واري ڪيفيت جو نالو. اها ڪيفيت سڀني حوالن ۾ جيڪڏهن ڪنهن نالي ٻڌڻ سان شدت اختيار ڪري ته اهڙو نالو سنڌ ۾ فقط جيجي زرينه بلوچ جو نالو آهي. جيڪو زبان کان وٺي روح جي گهرائيءَ تائين سنڌي ماڻهن کي هڪ جهڙي حرارت بخشي ٿو.جيجي زرينا بلوچ

مان ڀانيان ٿو ته جيڪڏهن اڄ ڪنهن سنگراش کي سنڌوءَ جي مورتي ٺاهڻ لاءِ چيو وڃي ۽ ان کي سموري سنڌ جي گڏيل ڄاڻ ڏني وڃي ته اهو جيڪا مورتي جوڙيندو اها جيجي زرينه بلوچ جي مورتي هوندي. منهنجي من ۾ اهڙو وشواس ٽيهه سال اڳ ۾ به هُئو ۽ اڄ به آهي ۽ يقين ڄاتو وڃي ته سنڌي قوم وشواس تي جيئندڙ قوم آهي، ان ڪري سموري قوم جو وشواس اهڙو ئي هوندو ۽ ڪنهن شخص/طبقي/قوم ۾ اهڙو وشواس پئدا ٿيڻ پويان ان شخص جو اهو عمل هوندو آهي، جيڪو سماجن ۾ ملڪن ۾ چوڏهيئن جي چنڊ جيان چمڪندو نظر ايندو آهي. ويساهه پاڻ پئدا ٿيندو آهي. اهو پئدا ڪيو ويندو آهي، جيڪي ايئن سوچين ٿا اهي خود فريبيءَ جو شڪار آهن ۽ خود فريبي هڪ اونهي کڏ آهي، جنهن ۾ ڪرڻ کان پوءِ نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي. اڄ سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني ڏاهپ ڀرين شخصن جو اهو الميو آهي ۽ جيڪڏهن ان الميي مان جان آجي ڪرائڻي آهي ته هڪ ڀيرو وري سڀني ڏاهپ ڀرين شخصن کي هڪ اهڙي سنڌوءَ جي مورتي جوڙڻ گهرجي جيڪا سڀني کي “ڌرتي ماتا” جي مورتيءَ طور قبول هجي. ها، انهن سڀني کي پنهنجي رنگن ۽ خوشبوئن وارن گلن جي ڀيٽ ڪرڻ جو اختيار هجڻ گهرجي پر سڀ ان کي هڪ احساس سان سڃاڻن اهو هجي “جيجي” ۽ ان جيجيءَ واري احساس کي ڪهڙو به نالو ڏنو وڃي اهو غير ضروري آهي. احساس آهي من ۾ پئدا ٿيڻ واري ڪيفيت جو نالو. اها ڪيفيت سڀني حوالن ۾ جيڪڏهن ڪنهن نالي ٻڌڻ سان شدت اختيار ڪري ته اهڙو نالو سنڌ ۾ فقط جيجي زرينه بلوچ جو نالو آهي. جيڪو زبان کان وٺي روح جي گهرائيءَ تائين سنڌي ماڻهن کي هڪ جهڙي حرارت بخشي ٿو. 

No comments:

راءِ ڏيندا