غلام
محمد لغاري
وڏي
وٿ هيام
اڪبر خان لغاري
هو جڏهن ۱۶ سالن جي عمر ۾ علامه
مشرقي جي سڏ تي خاڪسار جٿي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مائٽن کان لڪي ميرپورخاص جي اسٽيشن تي
اچي ويٺو ته سندس هر هاري پيءُ محمد خان لغاري کيس ڳوليندو اسٽيشن تي پهتو ۽ اڪيلي
پٽ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪيائين ته نوجوان غلام محمد ٺپ جواب ڏنو ۽ ٻين خاڪسارن سان گڏ
آزاديءَ جي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ روانو ٿي ويو. خانيوال (اڳوڻو منٽگمري) اسٽيشن
تي انگريز فوج سندن ڏٻي کي ٻي ٽرين کان ڪٽي باقي ٽرين رواني ڪئي ۽ سندن گهيرو ڪري
ڇڏيو. سالار جي حڪم تي خاڪسار بيلچن سان هٿيار بند انگريز فوج سان مهاڏو اٽڪائي
بيهي رهيا، ٻه خاڪسار شهيد ٿيا ۽ باقي غلام محمد سميت زخمي حالت ۾ ملتان جيل ڀيڙا
ٿيا، جتي سمري ٽرائيل ڪري کين سزائون ڏنيون ويون ۽ غلام محمد لغاري کي چار سال سخت
پورهئي سان قيد جي سزا ڏني وئي. والد وري پريشانيءَ ۾ ملتان جيل پهتو ۽ غلام محمد
کي چيائين ته ”مون مرشد (ملتان وارو پير) سان ڳالهايو آهي ۽ مرشد چوي ٿو ته تون معافي لکي ڏي ته آزاد ڪرايان..“ ”مري
ويندس، پر انگريز کان معاف نه وٺندس“ هن ٺپ جواب ڏنو. غريب پيءُ ميڙن منٿن باوجود
مايوس ٿي واپس ويو. جيل ۾ برصغير جا مشهور ڪميونسٽ هاري اڳواڻ ڪامريد موني سنگهه ۽
سندس ساٿي اڳ ئي موجود هئا، جن مدرسي ۾ عربي ۽ فارسي پڙهيل غلام محمد لغاري جي
تعليم ۽ تربيت ڪئي، زمين تي ڪاٺيءَ سان اي بي سي پڙهايائون، سماجي اڻت، هارين جي
حالت، ڪائنات جي ارتقا، مارڪسي فلسفو ۽ ٻيا علم سادي ٻوليءَ ۾ سمجهايائون. چار
سالن جي سخت سزا، جنهن ۾ واڻ ۽ نوار ٺاهڻ جي مشقت ۽ ملتان جي سخت گرمي ۾ کيس ٽي بي
ٿي ويئي، سزا پوري ٿيڻ کانپوءِ ۱۹۴۰
۾ جڏهن غلام محمد لغاري آزاد ٿيو ته جسماني طرح ڪمزور پر ذهني ۽ روحاني طرح مضبوط
ٿي نڪتو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته ڪامريڊ غلام محمد لغاري سنڌ جي هارين۽ پورهيتن جي حقن
لاءِ مرڻ گهڙي تائين جدوجهد ڪندو رهيو. هن زندگي جا ۲۴ سال ست مهينا پاڪستان جي تقريباً سڀني جيلن ۾ گذاريا، جن ۾ عمرڪوٽ،
ميرپورخاص، حيدرآباد، ڪراچي، خيرپور، سکر، ملتان، ساهيوال، لائلپور (فيصل آباد)
ڪوٽ لکپت ۽ لاهور جو قلعو شامل آهن. پر نه ڪڏهن جهڪيو ۽ نه معافي ورتائين. جيلن ۾
رهڻ دوران ئي سندس والد محمدخان لغاري وفات ڪئي ۽ والده به ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندي ڪکجي
پئي ۽ وفات ڪري ويئي، کيس سندن منهن ڏسڻ به نصيب نه ٿيو.
سنڌ هاري ڪميٽي جي فيصلي تحت ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد،
چاچو حفيظ قريشي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيا ته جيئن سنڌ جي پورهيتن ۽ هارين جي حقن لاءِ
ملڪ گير آواز اٿارجي. گذر سفر لاءِ روزانو هزار پن جون ٻيڙيون ٻڌندو هو، زميندارن
ماريو، ڪٽيو، ڳوڻيءَ ۾ وجهي ڪتا بڇيائون، ڪوڙا ڪيس ڪري جيلن ۾ وجهرايائون، پر هو
نه مڙيو. نيٺ مٺائي ۾ زهر ملائي کارايائونس، پر ڪامريڊ زهر به پچائي ويو، نيٺ
هارين ٻڌي ڪري ڪڻڪ جي کرين تي قبضو ڪري اڌو اڌ بٽئي جو مطالبو ڪيو، زميندارن مڇرجي
هارين تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. نتيجي ۾ دنيا جي پهرين هارياڻي مائي بختاور شهيد ٿي ۽ ان جدو جهد جي
نتيجي ۾ اڌ بٽئي جو قانون پاس ٿيو. ٿر ۾ ڏڪار پيو. ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي ته ميرپورخاص
شهر جي وچ ۾ ”سچائي منزل“ وٽ هوٽل کولي ڏڪاريل ماڻهن لاءِ آني ماني دال جو بندوبست ڪيائين ۽ ميرپورخاص ۾ سچائي منزل
سندس رهائشگاهه هئي، جتي تمام سياسي ادبي سرگرميون ٿينديون هيون، ٿر جي ڪيترن
شاگردن اتي رهي تعليم پرائي، جن ۾ پرو فيسر عزيز مهراڻوي، سنڀومل هميراڻي وغيره
شامل آهن، ۱۹۶۸ع ۾ مرحوم مير رسول بخش ٽالپر پارٽي جو بنياد وجهڻ
لاءِ آيو ته هڙئي مير پير صدر ايوب خان جي ڊپ مان بنگلابند ڪري لڪي ويا، نيٺ سچائي
منزل تي اجلاس ڪري پارٽي جو بنياد رکيائون، نتيجي ۾ ڪامريڊ يارهن مهينا جيل ۾
گذرايو. ۱۹۶۸ع ۾ ئي هاري ڪميٽي جي لاڙڪاڻي ۾ اجلاس کان پوءِ
ڪنهن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ايوب وزارت مان لهڻ کانپوءِ المرتضيٰ تي اڪيلو ويٺو
آهي، هلي ملاقات ڪريون، بحث مبامثي کانپوءِ نيٺ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد
لغاري، مولوي نظير حسين جلالي ۽ ٻيا ڀٽو صاحب سان ملڻ ويا ته ذوالفقار علي ڀٽي ڇوٽ
۾ چيو ته، ”آئون هاڻي وزير نه رهيو آهيان، اوهين ڪيئن آيا آهيو؟ ته ڪامريڊ غلام
محمد جواب ڏنس ته، ”غور سان ڏسو اوهين جيستائين وزير هئا ته اسان مان ڪو اوهان سان
ملڻ آيو؟ اوهين هاڻي وزير ناهيو، تڏهن ته اسين ملڻ آيا آهيون.“ ڪامريڊ غلام محمد
لغاري سچار ۽ بيباڪ صحافي به هو. ميرپورخاص مان هفتيوار سچائي ۽ بيداري اخبارون
باقاعدگي سان شايع ڪندو رهيو، ڪئين ڀيرا اخبارن تي پابندي، پريس جي ضبطگي ۽ جيلن
کي منهن ڏنائين. اقتدار ۾ اچڻ شرط ڀٽي صاحب وارنٽ ڪڍيا ته ڪوئيٽا ۾ جلاوطني جي
زندگي گذاريائين ۽ اتان کان به روزانه سچائي اردو ۾ جاري ڪيائين ۽ پاڻ ميرپور خاص
پريس ڪلب جي باني ميمبرن مان هڪ هو.
هڪ ڀيرو جيل ۾ هوندي ميرپورخاص ميونسپل جو ميمبر ۽ آخري ڀيرو ۱۹۸۰ع ۾ ضلعي ڪائونسل ميرپور خاص جو ميمبر چونڊيو ويو.
کل ڀوڳ، چرچا ۽ طنز و مزاح سندس زندگي جو خاص حصو هئا، ڪلاسيڪل موسيقي ۽ صوفي راڳ
سان تمام گهڻو شغف رکندو هو، فقير عبدالغفور، ڍول فقير ۽ مراد فقير باقاعدگيءَ سان
سچائي منزل تي ايندا هئا ۽ راڳ جون محفلون رچائيندا هئا. ۱۹۷۰ واري اليڪشن دوران مرحوم پير صاحب پاڳارو مسلم ليگ جي اميدوار خان
بهادر غلام محمد وساڻ جي ورڪ ڪندو ڳوٺ فقير غلام علي لغاري آيو ته ڪامريڊ مرحوم به
ورڪ ڪندو اتي پهتو ۽ پير صاحب سان ملاقات دوران پڇيو ته، ”ڪامريڊ! اوهين ڪنهنجا
مريد آهيو؟ ڪامريڊ جواب ڏنو ته، ”ڏاڏو اوهانجي درگاهه جو ۽ بابا ملتان وارن پيرن
جو مريد هو، باقي آئون پاڻ پير آهيان.“ پير صاحب ان ڳالهه تي دير تائين کلندا
رهيا. ڪامريڊ غلام محمد لغاري جا زندگي جي هر شعبي سان واسطا رکندڙ شخصيتن سان
دوستي وارا لاڳاپا هئا، خان غفار خان، مولانا ڀاشاني، شيخ مجيب، جي ايم سيد، ولي
خان، خير بخش مري، غوث بخش بزنجو، عطاالله مينگل، اڪبر خان بگٽي، شاهه مردان شاهه
پاڳارو، ڪيرت ٻاٻاڻي، سوڀوگيانچنداڻي، سي آر اسلم، مرزا ابراهيم، سجاد ظهير، قصور
گرديزي، مفتي محمود ۽ ٻيا سوين سياستدان، اديب، شاعر، فنڪار، ڪارڪن وغيره شامل
هئا، پر سڀني کان وڌيڪ گهرا ۽ پنهنجائپ وارا لاڳاپا حيدربخش جتوئي، قاضي فيض محمد،
مير رسول بخش ٽالپر، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، مير علي بخش ٽالپر، مولانا عبدالحق
رباني ۽ ڪامريڊ روچي رام سان هئا ته پاڻ مير علي بخش کي پيار مان علڻ ۽ ڪامريڊ
روچي رام کي روچن سڏيندو هو، ۱۴
آڪٽوبر ۱۹۸۲ع تي دل
جي دوري ۾ سنڌ ڌرتي جي هن سچي فرزند دم
ڌڻيءَ حوالي ڪيو. اهو جنرل ضياءَ وارو ڪارو دور هو. اڃا کيس دفنايو ئي نه ويو هو
ته پوليس سندس جنازي تي وارنٽ کڻي پهتي، پر سندس روح جو پکيئڙو هر قيد و بند کان
آزاد ٿي چڪو هو.
No comments:
راءِ ڏيندا