; سنڌي شخصيتون: انور حسين وسطڙو - ناصر قاضي

05 October, 2014

انور حسين وسطڙو - ناصر قاضي

انور حسين وسطڙو
منفرد آواز ۽ سهڻو انداز
ناصر قاضي
1947ع ۾ ورهاڱي واري ويل وڇوڙي جا ورلاپ پوريءَ سنڌ مان ٻـُرندا رهيا، ڇاڪاڻ ته پنهنجي ديس ڄاوا اصلوڪا سنڌي جلاوطنيءَ جو ڏهاڳ سرير ۾ سانڍي هميشه لاءِ وسندڙ وٿاڻن کي ويران ڪري ڏورانهين ڏيهه وڃي رهيا هئا. ڳلن تي ڳوڙهن جون ڳراٽڙيون پائي ملي موڪلائيندڙ سنڌي جڏهن پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ کي هميشه لاءِ ڇڏي رهيا هوندا، تڏهن مٿن ڪهڙي قيامت برپا ٿي هوندي، ان جو اندازو ته انهن  مٺڙن ماروئڙن کي ئي هوندو، جيڪي پنهنجن سنگتين ساٿين، ڏک سک جي شريڪن، گڏ رانديون رهندڙن ۽ ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائيندڙن کان ڀاڪر ڇڏائي سرحد جي هن پار وڃڻ جا سانباها ڪري رهيا هئا.


لڏپلاڻ واري اهڙي المناڪ عالم ۾ جلا وطن ٿيل سنڌ واسي پنهنجي استعمال جو جيڪو ساز سامان پاڻ سان گڏ کڻي ٿي سگھيا، سو ساڻ کڻي باقي سامان پنهنجي پراڻن يارن کي تحفي طور ڏئي رمندا ويا. هجرت جي اهڙيءَ حالت ۾ سنڌ جي تاريخي شهر، مهان عوامي ڪلاڪار ماسٽر چندر جي جنم ڀوميءَ، ٺارو شاهه جي پاڙي ڳوٺ محمد يونس وسطڙي جي هڪ ڳوٺاڻي هادي بخش وسطڙي کان به جڏهن سندس ڪو ڳوٺائي، ننڍپڻ جو ساٿي، ٻالڪپڻ جو يار هميشه لاءِ جدا ٿي هندستان ڀيڙو ٿي رهيو هو ته پنهنجي استعمال جو هڪ فونو ‘Gramophone’ هادي بخش کي هديو ڪندي اها پارت ڪيائين ته “يار! پاڻ جيڪي ريڪارڊ گڏجي ٻڌندا هئاسين، اهي هن ۾ ٻڌي مون کي ياد ضرور ڪجانءِ...”
ورهاڱي جي لڳ ڀڳ پنجن سالن کانپوءِ 1952ع ڌاري ان ئي هادي بخش وسطڙي جي جھوليءَ ۾ هڪ نينگر اک کولي، جنهن نينگر اڳتي هلي ٻالجتيءَ ۾ پنهنجي گھر ۾ ان فوني (گراموفون) کي به وڄندي ٻڌو، ايئن ان ننڍڙي نينگر جي ان فوني سان رغبت ۽ هم آهنگي ڪجھه سرس ٿيندي وئي ۽ اها ئي رغبت اڳتي هلي سنجيدگيءَ ۾ تبديل ٿيندي وئي ۽ هڪ وقت اهڙو  به آيو، جو اهو ماضيءَ جو ننڍڙو ٻار، ان فوني جا وڄندڙ ڪلام ياد ڪري، پنهنجي منهن  جھونگارڻ کان وٺي، وقت گذرڻ سان، استادن جي سرپرستيءَ ۾ اچڻ کانپوءِ، مسلسل محنت ۽ رياض ڪرڻ سان سنڌ جو هڪ سريلو ڪلاڪار بڻجي ويو، جنهن کي دنيا انور حسين وسطڙي جي نالي سان سڃاڻي ٿي، جنهن ڪڏهن سسئيءَ کي ڏيرن پاران مليل ڏهاڳ کي، لاکيڻي لطيف جي پيغام جي زبان سان  پنهنجي آواز جو روپ ڏيئي اهو آلاپ اچاريو ته: “ڏونگر پئي ڏوري، وندر پئي ووڙي، جتن لاءِ جيڏيون....” اچو ته سندس سر جي سفر تي هڪ نظر وجھون.
جيئن ذڪر ڪري آياسين ته انور حسين وسطڙي جو ٻالڪپڻ ڳوٺ محمد يونس وسطڙي، لڳ ٺارو شاهه، اڳوڻي ضلعي نوابشاهه ۽ هاڻوڪي ضلعي نوشهري فيروز ۾ گذريو، پر اڳتي هلي پنهنجي اباڻن ڪکن کان موڪلائي هميشه لاءِ سنڌ جي سهڻي شهر نوابشاهه ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو. پاڻ ڪتابي تعليم مئٽرڪ تائين حاصل ڪيائين، سندس اسڪول وارن ڏينهن ۾ ئي هڪ ڀيري ٽنڊي آدم ۾ پنهنجي پڦاٽ جي گھر وڃڻ ٿيو، جتي هڪ ڏينهن اوچتو ڪنهن استاد ڳائڻي جو هارمونيم تي رياض ڪندي آواز ٻڌائين، معلوم ڪرڻ تي کيس پتو پيو ته اهو استادن جي استاد، خانصاحب منظور علي خان جو آواز هو، جنهن جو گھر اتي سامهون ئي هو، جتي هو رياض ڪري رهيو هو. اهو معلوم ٿيڻ تي انور پنهنجي اندر جي اڪير ۽ شوق هٿان مجبور ٿي سنڌ ڌرتيءَ جي هيڏي وڏي ڪلا ڌڻيءَ جي رياضت گاهه تائين همت ڪري پهتو. نئين آيل نوجوان مهمان جو استاد آڌرڀاءُ ڪندي، کانئس رسمي تعارف کانپوءِ جڏهن اچڻ جو مقصد معلوم ڪيو ته انور موقعي کي غنيمت ڄاڻندي استاد منظور علي خان جي حضور ۾ سنگيت سکڻ واري خواهش عرض رکي، موٽ ۾ مڻيادار محبتي استاد به سندس منٿ کي مان ڏنو ۽ سيکارڻ لاءِ هائوڪار ڪيائين، اهڙيءَ طرح انور حسين وسطڙي جي باقاعده سکيا جو عمل شروع ٿيو. انور حسين وسطڙي جي بقول، هو ساندهه ست سال خانصاحب استاد منظور علي خان وٽ رهي باقاعدي راڳ سکيو. استاد منظور علي خان وٽ موسيقيءَ جا درسَ پرائڻ سان گڏ، انور پنهنجي وقت جي ڍولڪ جي ماهر وڄتن، محمد صالح خاصخيليءَ ۽ محمد بچل کان رڌم (لئي ڪاري) جو هنر سکيو.
انور حسين وسطڙي، ميڊيا جي رستي پنهنجو فن اظهارڻ جي شروعات 1972ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ تان ڪئي، جنهن کان اٽڪل ٻن سالن کانپوءِ 1974ع ۾ سندس آواز کي ريڊيي حيدرآباد تان نامياري براڊڪاسٽر خواجه امداد عليءَ متعارف ڪرايو. انور حسين وسطڙي جي آواز ۾ ريڊيي تان سڀ کان پهريان جيڪي ٻه اسم نشر ٿيا، انهن جا ٻول هئا: “حياتي حسن وارن سان گذارڻ ڪو گناهه ناهي” ۽ “چيم دل کي روئين ڇو ٿي، چيائين يار وڇڙي ويو.....” جنهن کانپوءِ ريڊيو تي انور حسين وسطڙي جي آواز ۾ ڳايل نغمن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو جاري ٿي ويو.
انور حسين وسطڙي جو شمار سنڌ جي انهن ڳاڻ ڳڻين فنڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن روايت کان وٺي جدت تائين، وقت سان مٽجندڙ سنڌي موسيقيءَ جي هر رنگ کي، هر رائج ميڊيم ذريعي پنهنجي آواز رستي عام تائين پهچايو، پاڻ ٽي. وي، ريڊيي، اسٽيج، آڊيو ڪئسيٽن، آڊيو- وڊيو سي ڊين سميت سيٽلائيٽ چئنلز رستي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهيو آهي. سندس آواز ۾ 70ع واري ڏهاڪي ۾ واحد سرڪاري ريڪارڊنگ ڪمپني EMI پاران ڪيتريون ئي آڊيو ڊسڪون پڻ جاري ٿيون. نه صرف ايترو، پر انور حسين وسطڙي ماضيءَ ۾ ٺهندڙ سنڌي فلمن جي پلي بيڪ واري ميدان ۾ پڻ پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو، سندس آواز ۾ سنڌي فلم ‘پرديسي ۽ پيار’ ۽ هڪ اڌ ٻين فلمن لاءِ نغما ريڪارڊ ٿيا. اهڙيءَ طرح سنڌي موسيقيءَ جي لڳ ڀڳ هر ميڊيم تان سندس آواز ۾ لاتعداد ڪلام ريڪارڊ ٿي، ٻڌندڙن جي سماعتن تائين پهچندا رهيا آهن. انور حسين وسطڙو، پنهنجي فني سفر ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ڪلاسيڪي توڙي جديد شاعرن جهڙوڪ: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، قادر بخش “بيدل”، ماسٽر چندر، استاد بخاري. مير عبدالرسول مير، مقصود گل، عبدالغفار تبسم، عاجز اڄڻ، نياز پتافي، رسول بخش زرداريءَ ۽ ٻين جي شاعريءَ کي سرن جو روپ ڏيئي چڪو آهي. کيس عمر ڀر جي فني خدمتن جي اعتراف ۾ عوام جي محبتن ۽ مڃتا کان سواءِ حضرت لعل شهباز قلندر جي سالياني عرس جي موقعي تي 1985ع ۾ گولڊ ميڊل، ٻه ڀيرا “شاهه لطيف ايوارڊ” 1993ع/1995ع، مصري شاهه ايوارڊ سميت ٻيا ڪيترائي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن.
انور حسين وسطڙي پنهنجي فن جي فيض سان ڪيترن ئي شاگردن کي فيضياب به ڪيو آهي، جيڪي اڄ سنڌي موسيقيءَ ۾ اهم جڳهه والارين ٿا، سندس شاگردن ۾ فقير محمد مستانو، نجف علي وسطڙو، امداد حسين وسطڙو، رضا حسين وسطڙو، طفيل ڀنڀرو، زاهد گل ۽ ٻيا ڪجھه ڳائڻا شامل آهن. انور جِي شخصيت ان حوالي سان به کيرون لهڻي، جو ماضيءَ ۾ انور حسين وسطڙي کان اڳ سندس ڪٽنب ۾ ڪو به فرد موسيقيءَ واري فن سان سلهاڙيل ڪو نه هو، پر سندس فيض ۽ محنتن سان هن وقت سنڌ ۾ وسطڙن راڳين جو هڪ وڏو تعداد سنڌي راڳ جي خدمت ۾ مصروف آهي، جيڪي نوجوان سندس نقشِ قدم تي هلندي حال سارو سنڌي موسيقيءَ جو دامن ڀري رهيا آهن.انور حسين وسطڙو، سنڌي گائيڪيءَ جي گواليار ورثي جو ساکي ۽ سنڌ جي روايتي ڪافي، ڪلام توڙي سنڌي غزل واري گائيڪيءَ جو اهم ۽ سريلو ڳائڻو آهي، جنهن جيڪو ڪجھه سنڌي راڳ ساگر کي ارپيو آهي، اهو قدر لائق آهي. شال انور، سالم صحت ماڻي، ڊگھي ڄمار جيئي ۽ سرن سان ”الفت جو سينگار“ بڻجي، نوا ۽ صدا جي جهان ۾ سندس آلاپ هميشه “ايندو رهي ۽ اسين ساڻس ملندا رهون”ــ آمين!

No comments:

راءِ ڏيندا