فاطمہ زهره قاضي
ٿر جي اَڏول عورت
مهتاب اڪبر راشدي
توهان سن ۱۹۲۷ جي ان وقت جو تصور ڪيو. جڏهين ۴- اپريل تي جمع جي ڏهاڙي ڏيپلي جي زميندار گهراڻي، وڏيري گل محمد مُکيءَ
جي گهر ۾ هڪ نياڻي پيدا ٿي ٿئي. جنهن جي ماءُ سندس والد جي ٻي گهرواري هئي. جنهن جو
نالو، سندس والد صاحب فاطمہ زهره رکيو ۽ ڏاڏي کيس پيار مان ”پَنِلَ“ ڪوٺيو، جو اُهو
سندس اُن ڀيڻ جو نالو هو، جيڪا گذاري وئي هئي. اُن ڏاڏي، هن لاءِ سندس ننڍپڻ ۾ اها
پيشنگوئي ڪئي هئي ته؛ ”ننڍڙي پَنِلَ وڏا سفر ڪندي، هن جي پير ۾ پدم آهي، وڏي ڀاڳ واري
آهي.“ ڀاڳ واري ته فاطمہ زهره يقيناً آهي. ڇو ته هن جيڪو زندگيءَ ۾ حاصل ڪيو، اُهو
خوشقمست عورتن کي ئي نصيب ٿيندو آهي. پر اِهو سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ هن عورت جيڪا جاکوڙ
ڪئي آهي، جيڪي ڪشالا ڪڍيا اٿس. اهڙي جدوجهد وري ڪا عورت ورلي ئي ڪري سگهي ٿي.
فاطمہ قاضي نهايت سڌي ۽ سچار عورت آهي. مجال جو ڪا ڳالهه لِڪائي هجائين.
هوءَ پنهنجي خاندان کان وٺي پاڻ سان لاڳاپيل هر هڪ ڳالهه جو ذڪر نهايت سچائيءَ سان
ڪري ٿي. هوءَ پنهنجي متعلق اِهو چوڻ کان نه ٿي گُسائي ته ”آ ننڍي هوندي ڏاڍي چالاڪ هوندي هئس. آ تمام دادلي منهن
چاڙهه ۽ اڻ سهندڙ هيس.“ ۽ پنهنجي ڀيڻ حور کي پنهنجي ڀيٽ ۾ سمجهدار ۽ سنجيده ڪوٺي ٿي.
پيءُ جي لاڏلي، جيڪا سندس پيٽ تي به ليٽي ته هن وري کيس هٿ تِريءَ تي رکي لاٽونءَ وانگر
گهمايو. جنهن اک کوليندي ئي پنهنجي گهر ۾ خوشحالي ڏٺي. جتي ڏهه ٻارنهن ڍڳيون ۽ ٻه ٽي
مينهون هر وقت هونديون ئي هونديون هيون. مکڻ ۽ ڌونئرا جام کائبا هئا. ٻاجهريءَ جا ڍير
گهر ۾ پيا هوندا هئا. مِينهن جي مُند ۾ ”پپون ۽ ڪونڍير“ وٺڻ لاءِ ”اَن جي ڦانڊ“ ڀري،
دُڪان تي وڃبو هو ته جهلڻ پلڻ وارو ڪو به نه هوندو هو. وسڪاري جي ڏينهن ۾، ننڍڙا گابڙا
به جهليندي هئي ته انهن سان گڏ ڊوڙندي هئي ته ماڻهو چوندا هئا ته ڇوڪري آهي يا هرڻي!
امڙ فاطمہ جي يادداشت غضب جي آهي. هن کي پنهنجي ننڍپڻ جي هڪ هڪ شيءِ هڪ هڪ ماڻهو ياد
آهي. کيس پنهنجي ڪڙه ۾ ڪم ڪندڙ ’ناٿو ڌنار‘ به ياد آهي ته پنهنجي والد مکي گل محمد
جا ساٿي، عالم درس، پيرو راهمون، ڀورو مينگهواڙ ۽ ڪارو ڀيل به چٽيءَ ريت ياد آهن. کيس
اِهو به ياد آهي ته، جڏهين هوءَ ڇهن سالن جي ٿي ته سندس والد صاحب کي ان ڳالهه جو احساس
ٿيو ته، ڇوڪرا ته اسڪول به وڃن ٿا، پڙهن به ٿا، انگريزيءَ ۾ به ماهر ٿيندا ٿا وڃن،
کين نوڪريون به ملن پيون، پر ڇوڪرين لاءِ ته سواءِ قرآن پاڪ جي تعليم جي ٻيو ڪجهه ناهي.
اِهو ضروري آهي ته کين زماني آهر تعليم ڏيارجي، ”ڇاڪاڻ جو اڳتي هلي اِها ڳالهه ڏکي
ثابت ٿيندي، ۽ اسان جون نياڻيون بي علم رهجي وينديون. ڇوڪرن جي خيالن ۾ فرق اچي ويندو.“
ان وقت وڏويرو گل محمد مکي ”سينيٽري بورڊ“ جو چيئرمين هو. سو پنهنجي ساٿي
ميمبرن مکي سومار، مکي تلوڪ چند، مکي ٻالو مل، مکي هيمنداس، ماما ابو طالب کي ساڻ ڪري،
ڪوششون ورتيون ۽ ۱۹۳۳ع ۾ ڇوڪرين جو اسڪول منظور ٿيو. جيڪو ابتدائي طور تي
ڪاڪي هيمنداس جي گهر ۾ ٻن ڪمرن ۽ سندس اڱڻ ۾ شروع ٿيو ۽ مٺيءَ مان چاچو دُوارڪو مل
هنن جو استاد ٿي آيو. ڇاڪاڻ ته ڏيپلي ۾ ته ڪا به عورت استاد ته هُئي ڪو نه. ان اسڪول
۾ فاطمہ ۽ سندس وڏي ڀيڻ حور داخل ٿيون ۽ پوءِ ”مکي صاحب جي گهر گهر وڃي، آگاهي ڏيڻ
کان پوءِ چڱي تعداد ۾ ڇوڪريون اسڪول ۾ داخل ٿيون.“
اها حقيقت آهي ته عورت، پنهنجي آس پاس جي ماحول ۽ پنهنجن رشتن کي مرد
جي مقابلي ۾ ٻي نگاهه سان پرکي ٿي، جيڪو مرد جي نقطه نظر کان بلڪل مختلف ٿئي ٿو. عورت
جي دنيا، سندس گهر جي اندر جي دنيا آهي، جنهن کان مرد گهٽ واقفيت رکي ٿو. بلڪ ايئن
چوان ته غلط نه ٿيندو ته ’گهر واري دنيا کان واقفيت به کيس عورت ئي ڪرائي ٿي.‘ جي اِها
واقفيت ۽ حال احوال ٻاهرين دنيا جا معاملا نبيري گهر اندر گهڙندڙ مرد کي مثبت نموني
ٻڌائبا ته سندس زندگي پر سڪون رهندي. پر جي گهر اندر ئي ممڻ مَتل هوندو ته مرد جي زندگي
به دوزخ بڻجي ويندي.
محترمه فاطمہ قاضي کي اِن ڳالهه جو احساس بار بار ٿئي ٿو ته، گهر ۾ سڪون
جي فضا کي برقرار رکڻ لاءِ عورتن کي جن پيڙائن مان گذرڻو پوي ٿو، ان جو اندازو مرد
کي شايد گهٽ ئي ٿئي ٿو.
امڙ فاطمہ قاضي، جو ڪتاب ”آءٌ جي اِها ئي ذات“ توهان کي سنڌ جي هڪ پسمانده
علائقي ٿر جي هڪ ننڍي ڳوٺ ’ڏيپلي‘ جي ان ماحول ۽ حالتن کان واقف ٿو ڪرائي، جنهن کان
اسان عام طرح نا واقف آهيون، سو به اڌ صدي کان به وڌيڪ عرصو اڳ وارو ٿَرُ ۽ ڏيپلو!!؟
اُتي جي ماحول ۾ رهندڙ ماڻهو ۽ اتي ۸۷
سال اڳ پيدا ٿيندڙ عورت ڪيئن
پنهنجي زندگيءَ جي شروعات ڪئي! اُٺن جي سواري کان وٺي جيٽ جهازن تائين ڪيئن پهتي؟ ڪهڙي
ماحول ۾ وڏي ٿي، ڪيتريون محبتون ماڻيائين. زندگيءَ ۾ اهڙو ڇا ۽ ڪيئن حاصل ڪيائين، جيڪو
هو هاڻي پنهنجن ٻچن کي پنهنجن تجربن جي صورت ۾ ڏئي وڃڻ ٿي چاهي! اِها ٻي ڪنهن لاءِ
هجي نه هجي، سنڌ جي عورتن لاءِ هڪ دلچسپ ۽ معلوماتي پڙهڻي ضرور ٿيندي.
ٻه چار سال اڳ، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس هڪ سنڌياڻي غلام فاطمہ شيخ جي
ساروڻين تي مشتمل هڪ ڪتاب ‘Foot Prints in Times’ ڇپرايو
هو، جنهن جي مهورت واري تقريب جي ڳالهائيندڙن ۾ هڪ مان به هئس. سندس هڪ نياڻي رشيده
اخلاق صاحبه ان ڪتاب کي وڏي جاکوڙ سان ترتيب ڏئي پڌرو ڪرايو هو. اهو ڪتاب ته ڇپجڻ اڃا
به ڏکيو هو، جو غلام فاطمہ شيخ ته هڪ اکر به پڙهيل نه هئي، پر جهڙي نموني هن عورت پنهنجي
زندگيءَ جي جدوجهد ۾ پنهنجي مڙس جو ساٿ ڏنو، جنهن نموني پنهنجو ملڪ ڇڏي، ترڪي، سعودي
عرب ۽ ٻيا ڪيترا ملڪ جهاڳي، پاڻيءَ جي جهازن جا سفر ڪري، پاڻ، پنهنجي گهرواري ۽ اولاد
کي سنڀاليو، ڪيئن هن سندن تعليم ۽ تربيت ڪئي. پاڻ اڻ پڙهيل هئڻ جي باوجود، ڌيئرن کي
اعليٰ تعليم ڏياريائين. اهو سڀ ڪجهه هڪ افسانوي داستان ٿو لڳي. اِهو ڪتاب ممڪن بنائڻ
۾ سندس نياڻي رشيده اخلاق جو وڏو ڪردار آهي، جنهن پنهنجي والده جون يادگيريون زباني
رڪارڊ ڪيون. هوءَ ڳالهائيندي وئي ۽ اُهي رڪارڊ ۽ قلمبند ٿيون ۽ پوءِ ان کي ڪتابي شڪل
۾ آندو ويو. اُن غلام فاطمہ جي اولاد به زندگيءَ ۾ وڏيون ڪاميابيون ماڻيون. سندس اولاد
مان ڪي ڊاڪٽر، ڪي سفارتڪار ٿيا. نياڻيون سٺن گهرن ۾ پرڻجي ويون. هڪ نياڻي، علامه ڊاڪٽر
دائود پوٽي جي گهر واري ٿي ۽ هڪ عرصي تائين عورتن لاءِ وقف ٿيل ماهوار رسالي ”اديون“
جي سرپرست اعلى رهي ۽ ان جي اولاد ڊاڪٽر عيسيٰ دائود پوٽو اڄ به علم جي ترويج ۾ مصروف
آهي.
فاطمہ قاضيءَ جو هيءُ ڪتاب، زندگيءَ جي ان فلسفي تي مبني آهي، جنهن ۾
هن پنهنجي زندگيءَ کي چئلينج سمجهڻ بجاءِ هڪ چئلينج طور ئي گهاريو آهي. سنڌي معاشري
جي پس منظر ۾ هن ننڍڙي عمر جي ڪنوار، جنهن جي شادي ۱۸
سالن جي عمر ۾ ۳۷ سالن جي شادي شده، ۽ ٻارن
ٻچن جي پيءُ سان ٿي. تنهن لاءِ انهن سڀني رشتن سان نباه ڪرڻ ڪا مذاق نه هئي! فاطمہ
قاضي صاحبه ته پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻي هڪ سادي سودي انداز ۾ بيان ڪئي آهي. هن هر تڪليف
کي رب طرفان آيل ڏکيو وقت سمجهيو. صبر ۽ شڪر سان گهاريو ۽ هر خوشي، ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ
تي ’الحمد لله‘ چئي پالڻهار آڏو سوين سجده بجا آندا آهن.
هن ڪتاب جو سڀ کان روشن پهلو عورت جو اُهو عزم ۽ جدوجهد آهي، جنهن فاطمہ
قاضيءَ کي سچ پچ ته عورتن لاءِ هڪ مثبت مثال طور سامهون آندو آهي. قاضي صاحب جي ڏکين
معاشي ڏينهن ۾ ڪپڙا سبي، گهر جي حالتن کي ٽيڪو ڏيڻ. پورهئي ڪرڻ کان نه گهٻرائڻ، اُٺن
تي سواري ڪري ڏيپلي کان ڪٿي به پهچڻ ۾ نه ڪيٻائڻ ۽ سندرو ٻڌي اهو ارادو ڪرڻ ته ڇوڪرين
کي تعليم ڏيارڻي آهي. ۽ وقت اچڻ تي نوڪري به ڪيائيون ته ان ۾ به ڪو حرج ناهي، حالانڪ،
مٽن مائٽن کين طعنن ڏيڻ کان ڪين گهٽايو ته اُنهن ڇوڪرين کي کڻندو ڪير‘؟
پر فاطمہ ۽ قاضي صاحب پنهنجي عزم سان، پنهنجن ٻچن کي نه صرف اعليٰ تعليم
ڏياري، بلڪ بهترين تربيت سان کين سنواريو. سندن ڇوڪريون تعليم ۽ ميڊيڪل جي شعبي ۾ موجود
آهن. شاهد قاضي صاحب ڊاڪٽر ٿيڻ کانپوءِ، سي ايس ايس ڪرڻ کان پوءِ هن مهل سنڌ گورنمينٽ
۾ سيڪريٽري آهي. مشهود، ڪمپيوٽر جي شعبي سان وابسته آهي ۽ ڪئنيڊا ۾ رهائش پذير آهي.
فاطمہ قاضي صاحبه! اڄ هڪ بيحد مطمئن ماءُ آهي، پنهنجن ٻچن لاءِ هر وقت
دعاگو آهي ۽ سندس چپن تي هر وقت الحمد لله آهي. رب جو شڪر ادا ڪندي، هن جو وات نه ٿو
ٿڪجي. الله سائين ان کي اولاد به صالح ڏنو آهي. شل بد نظر کان بچيا رهن.
هي ڪتاب، ”آءٌ جي اِها ئي ذات“ ڪو ادبي شاهڪار ڀلي نه به هجي، پر هن کي
پڙهندي ڏيپلي جي ٻوليءَ جي چاشني ملي ٿي. موقعي جي مناسبت سان، اُهي اُهي مثال ۽ پهاڪا
موجود آهن، جيڪي اسان کان اڄ نه صرف وسري ويا آهن بلڪ اسان جي گفتگو ۾ سنڌي پهاڪن بجاءِ
انگريزي لفظ داخل ٿي ويا آهن. شاهه سائين جا بيت، هر ڪيفيت جي عڪاسي لاءِ موقعي مهل
جي حساب سان شامل آهن. ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟ فاطمه قاضي، پنهنجي اولاد لاءِ اهي
نصيحتون به لکي ڇڏيون آهن. جيڪڏهن انهن مان ڪو اصلاح وٺڻ چاهي ته کين ڪا جهل پل ڪانهي.
رب جي بارگاه ۾ بار بار جهڪڻ واري فاطمہ قاضي، پنهنجي ايمان ۽ يقين مطابق دُعا جو تحفو
به پيش ڪيو آهي.
ڪتاب پڙهڻ واري کي هن ڪتاب مان هر اُها شيءِ ملندي جيڪا هو چاهي ٿو. مثلاً
پراڻي سنڌ جو احوال، پدر شاهي معاشرو، مرد جي حاڪميت، عورت جي محڪوميت، تعليم جي فتح
۽ جِهِل جي شڪست، سنڌي عورت جو اڏول هئڻ، ڪنهن به نموني آڻ نه مڃڻ. درحقيقت مختصر لفظن
۾ جيڪڏهن مان هن ڪتاب تي تبصرو ڪيان ته هي چوندس ته ”فاطمہ زهره قاضي، سنڌ جي عورت
جو اُهو روپ آهي، جيڪو باوقار، اَوِرچ، اَڏول ۽ قربانيءَ ڏيڻ واري عورت جو روپ آهي.“
منهنجو يقين آهي ته سنڌ جي عورت ڪالهه به اهڙي هئي، اڄ به اهڙي آهي ۽ سڀاڻي به اهڙي
ئي رهندي. بس! هن کي پرکڻ واري نظر ۽ عزت ۽ تڪريم ڏيڻ واري کُليل ذهن جي ضرورت آهي.
فاطمه زهره قاضي
(ڪتاب ”آءٌ جي اها ئي
ذات“ جي مصنفه)
الطاف شيخ
هڪ عظيم عورت، پنهنجي
پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي سائين شاهد پرويز (ڪِٽ نمبر ۷۴۲۸) ۽ مشهود (ڪِٽ نمبر ۷۸۵۱) جي والده ۽ ڏيپلي شهر جو مثالي ڪردار آھي.
پنهنجي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ مون کي سنڌ جي هن اڏول عورت مئڊم فاطمه زهره جو تعارف ڪرائڻ
۽ هن جي نالي ڪو ڪتاب منسوب ڪرڻ گهڻو اڳ کتو ٿي پر ڌيان تي نه پئي آيو. ان ڏينهن ڪراچيءَ
جي پاسپورٽ آفيس مان پاسپورٽ کڻي نڪتس ته سامهون روينيو آفيس ڏسي پيٽارين شاهد
پرويز ياد اچي ويو جيڪو ميمبر بورڊ آف روينيو آهي ۽ ڪڏهن حيدرآباد ۾ ته ڪڏهن ڪراچيءَ
جي هن آفيس ۾ وهي ٿو. گيٽ وٽ بيٺل پوليس واري ٻڌايو ته صاحب اچي چڪو آهي. ساڻس ملئي
وڏو عرصو ٿي ويو هو سو خبر چار ڪرڻ ۽ چانهه پيئڻ لاءِ هن وٽ اچي ويٺس. سندس ننڍي ڀاءُ
مشهود سان پڻ پاڪستان ۽ ٻاهر ملاقات ٿيندي رهي ٿي. هو گهڻو تڻو ڪئلگري (ڪئناڊا) ۾
رهي ٿو. ٻئي ڀائر مون کان ويهارو کن سال ننڍا آهن پر اسانجي پيٽارين اولڊ بئائز ايسوسيئيشن
جا فعال ميمبر آهن. هو جهڙو تعليم جي معاملي ۾ مٿاهان رهيا آهن تهڙا اخلاق ۽ ادب
۾.
چانهه دوران هيڏانهن
هوڏانهن جون خبرون ڪندا رهياسين اٿڻ مهل چيو مانس ته توهان جي پاسي جو هڪ پنڊت
سنگاپور ۾ رهندو هو، ان کان آئون هميشه شاهه جي شعرن بابت پڇندو هوس. اهو الائي ڪيڏانهن
هليو ويو آهي.
”شاهه جي
بيتن بابت ته توهان منهنجي مامي يا امڙ کان به پڇي سگهو ٿا“. شاهد چيو ۽ مون کي ان
وقت ڌيان ۾ آيو ته شاهد واهه جي ڳالهه ڪئي. ان معاملي ۾ سندس امڙ فاطمه زهرا کان وڌيڪ
ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو جنهن ڄمڻ سان پنهنجي والد (شاهد ۽ مشهود جي ناني) مکي گل محمد
کان شاهه جا بيت ٻڌا. مکي گل محمد شاهه لطيف جو سچو عاشق هو. هن جو شاهه لطيف بابت
وڏو مطالعو هو. ايتري قدر جو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي شاهه جي ڪنهن بيت ۾ شڪ هوندو
هو يا وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪندو هو ته هو ڏيپلي اچي ادي فاطمه
زهره جي والد گل محمد کان معلوم ڪندو هو.
ان ڏينهن شاهد
پرويز جي آفيس مان موٽڻ بعد مون اهوئي ارادو ڪيو ته هاڻ شاهه لطيف جي بيتن بابت هن
جي والده کي فون ڪندس ۽ ٻي ڳالهه ته ايندڙ ڪتاب مئڊم کي منسوب ڪندس جنهن ڳوٺ ۾ رهي
ڪري نه رڳو پاڻ تعليم حاصل ڪئي پر پنهنجن ٻارن (پنج ڌيئرن، رحمته النساءِ، نسيم،
عزيزالنساءِ، خالده ۽ روشن آرا ۽ ٻن پٽن، ڊاڪٽر شاهد پرويز ۽ انجنيئر مشهود) کي ان
زيور سان سجايو. ماشاءَالله سندس ٻار به اهڙا صالح ٿيا جو هنن تعليم ۾ مٿانهون
نمبر کنيو. سندن ننڍي ڌيءَ ڊاڪٽر روشن آرا جيڪا اڄڪلهه لياقت يونيورسٽي ڄامشوري ۾
پروفيسر آهي اها ته مئٽرڪ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آئي هئي. اهڙي طرح شاهد ۽ مشهود ميڊيڪل
۽ ڪمپيوٽر ۾ نالو پيدا ڪيو. هنن ٻنهي ڀائرن
سان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي گڏجاڻين ۾ منهنجو تمام گهڻو ملڻ ملائڻ رهندو اچي.
هو نه فقط ذهين ۽ محنتي شاگرد ٿي رهيا آهن پر نيڪ، ايماندار ۽ غريبن جو خيال ڪرڻ
وارا انسان پڻ. هو ان جو ڪريڊٽ هميشه پنهنجي والده جي محنت، جفاڪشي ۽ پرورش کي ڏين
ٿا جنهن کان اسان پيٽارو وارا ته سدائين واقف آهيون پر ٻين کي سندن والده بابت گهڻي
ڄاڻ هن جي ڪتاب ”آءُ جي اهائي ذات“ ڇپجڻ بعد پئي.
مئڊم فاطمه زهره
قاضيءَ جو مٿيون ڪتاب بقول پيڪاڪ پبليڪشن وارن جي ايڏو ته مشهور ٿيو جو هڪ سال
اندر سڀ ختم ٿي ويو ۽ هنن کي ٻي ايڊيشن ڇپڻ جي تياري ڪرڻي پيئي. بقول ڊاڪٽر آفتاب
ابڙي (پيڪاڪ پبليڪيشن جي چيئرمئن) جي ڪتاب ”آئون جي اهائي ذات“ هڪ اهڙي سورائتي
عورت جي ڪٿا آهي، جيڪا انفرادي ترقيءَ سان گڏ سماجي ڀلائي جي جذبي سان سرشار آهي.
هوءَ ”تون پاڻ سڃاڻج سپرين الا“ ۾ ويساهه رکندي، يا بقول سچل سائينءَ جي ”ننگڙا
نماڻيءَ دا، جيوين تيوين پالڻا“، ۾ ڀروسو رکندي، ڏکن کي وسيلو بنائيندي، پرينءَ جو
گس ڳولي ٿي“.
امڙ فاطمه قاضيءَ
پنهنجي قرباني، سچائي ۽ خذمت گذاريءَ سان ڏيپلي شهر ۾ اهڙو ته مثالي ڪردار ادا ڪيو
آهي جو ڪو به ڏيپلي رهواسي سندس گڻن کان بيخبر نه آهي.
هونءَ آئون اهو ئي
سمجهان ٿو ته مئڊم فاطمه زهره جو لکيل هي ڪتاب اسان جي نوجوان نسل لاءِ پڙهڻ ضروري
آهي. هنن کي زندگيءَ ۾ ايندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي همٿ پيدا ٿيندي. سندن وڏو پٽ
شاهد پرويز به اهو ئي چوي ٿو ته ”اميءَ جي زندگيءَ جا واقعا، اميءَ جا تاثرات، آزمائش
۾ اميءَ جو ضبط ۽ حوصلو ۽ زندگيءَ کي هر حال ۾ تعميري انداز ۾ گذارڻ... اهي سڀ ڳالهيون
اسان جي نوجوان نسل توڙي پڙهندڙن جي لاءِ هڪ مشعل راهه ٿي سگهن ٿيون“.
مئڊم فاطمه جو هي
پنهنجي زندگيءَ جو احوال ان ڪري به اهم آهي جو هي ڪتاب سنڌ جي اهڙي عورت جي قلم
مان نڪتل آهي جنهن کي ورهاڱي کان اڳ، اسڪول وڃڻ جو موقعو مليو هو. هن نه فقط
بنيادي تعليم حاصل ڪئي پر ان جو فائدو هن پاڻ جهڙين ٻين نياڻين تائين پهچائڻ لاءِ
ساڳي اسڪول ۾ پڙهايو پڻ.
مهتاب اڪبر راشدي
صاحبه مئڊم فاطمه زهرا لاءِ لکي ٿي ته ”هوءَ سنڌ جي عورت جو اهو روپ آهي، جيڪو
باوقار، اَورچ، اڏول ۽ قرباني ڏيڻ واري عورت جو روپ آهي. منهنجو يقين آهي ته سنڌ
جي عورت ڪالهه به اهڙي هئي، اڄ به اهڙي آهي ۽ سڀاڻي به اهڙي ئي رهندي. بس! هن کي
پرکڻ واري نظر ۽ عزت ۽ تڪريم ڏيڻ واري کليل ذهن جي ضرورت آهي“.
هتي هي لکڻ پڻ
ضروري سمجهان ٿو ته اسان جي پيٽارو جي ساٿين شاهد ۽ مشهود جي نه رڳو والده ليکڪ
آهي پر سندن والد قاضي علي محمد صاحب پڻ. هو هڪ فقير صفت انسان هو جنهن سماجي سڄاڳي
آندي ۽ ڏيپلي ۾ اسڪول کوليا. سندن ڪتاب - ”سفر زندگيءَ جو“، مئڊم فاطمه زهره جي ڪتاب
”آئون جي اهائي ذات“ کان به اڳ ڇپيو هو ۽ تمام گهڻو پڙهيو وڃي ٿو. منهنجو سندن
اولاد - خاص ڪري پيٽارين شاهد ۽ مشهود کي اهوئي چوڻ آهي ته هو به پنهنجي والدين کي
فالو ڪن ۽ پنهنجي زندگيءَ جي سفر جو احوال لکن. مونکي خاطري آهي ته اهو بيحد دلچسپ
ثابت ٿيندو جو هو نه رڳو ڏيپلي جهڙي ٻهراڙيءَ، پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج، لياقت ميڊيڪل
يونيورسٽيءَ جهڙن هنڌن تي رهيا آهن پر دنيا جي وڏن شهرن ۾ به ... هنن جو ٿر جي ڳوٺاڻن
کان وٺي ڪئناڊا جي ڊپٽي گورنر سلما لاکاڻيءَ ۽ آمريڪا جي صدر باراڪ اوباما جهڙن ماڻهن
سان ڄاڻ سڃاڻ ۽ دوستانا تعلقات رهيا آهن . هنن دنيا جا ڪئين روپ ڏٺا آهن ۽ مونکي
يقين آهي ته پڙهندڙ هنن جي تجربن، مشاهدن، سوچن صلاحن مان گهڻو ڪجهه پرائي
سگهندا.
(الطاف شيخ جي ڪتاب ’چِينَ، ڪيو
بَي چَين‘ جو انتساب، ۲۲ نومبر ۲۰۲۰ع)
No comments:
راءِ ڏيندا