; سنڌي شخصيتون: ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو - خدا بخش جويو

06 October, 2014

ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو - خدا بخش جويو

ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو
استحصالي طبقن خلاف جهيڙيندڙ شخص
خدا بخش جويو
سنڌ ڌرتي پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي عظيم ۽ عوام جي خدمتگذار شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. انهن عظيم شخصيتن مان هڪ محمد سومار ٿيٻو عرف ڪاڪو علڻ ٿيٻو به هو. سندس جنم ۱۰. ۷. ۱۹۳۲ ۾ تاريخي شهر ڀيان کان ڏکڻ طرف چند فاصلن تي واقع ڳوٺ ٿيٻا ۾ ٿيو. هيءُ اهو زمانو هو جڏهن غريب طبقي جا ماڻهو پنهنجي اولاد کي مشڪل سان تعليم ڏياري سگهندا هئا. انهن ڏکيائن هوندي به محمد سومار ٿيٻي پرائمري کان اعليٰ درجي تائين سخت محنت ڪري تعليم حاصل ڪئي. هن ۱۹۵۰ ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ ۱۹۵۸ ۾ ايل ايل بي (وڪالت) جو امتحان پاس ڪيو. هو اٺ سال مدرسه اسلام جي مدرس بورڊ جو ميمبر رهيو ۽ سن ۾ سيد امداد محمد شاه پاران قائم ڪيل شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي جو چار سال ميمبر پڻ رهيو. ڳوٺ ڀيان لڳ سندس اباڻو ڳوٺ درياءَ جي ٻوڏن سبب ختم ٿي چڪو هو ۽ پاڻ هميشه جي لاءِ ڳوٺ منظور آباد ۾ رهائش پذير ٿيا. کيس ماڻهو پيار مان ڪاڪو علڻ ٿيٻو به چوندا هئا. هو هڪ ايماندار، سچو ۽ کرو انسان هو. ظالم ۽ استحصالي طبقي جي ماڻهن سان هن ڪڏهن به هيڻي ٻولي نه ڳالهائي. سياسي نقطه نگاه کان هو سائين جي ايم سيد جي فڪر جو پوئلڳ هو ۽ عوامي خدمت سان سرشار جستجو سيد امداد محمد شاهه جي رهنمائي ۾ ڪندو رهيو. ۱۶ کن ايڪڙ زمين جو مالڪ هو، جنهن مان ٿيندڙ آمدني مان سموري دنيا کي منهن ڏيندو هو. سياست ۾ هميشه تر جي عوام وٽ هردلعزيز رهڻ سبب مسلسل ٻارهن سال ڊسٽرڪٽ دادو جو ميمبر رهندو آيو. هن ۱۹۵۰ ۾ ۶ مهينا مچ جيل ۾ به گذاريا. ان دور کان وٺي ۱۹۷۷ تائين ڀٽي صاحب جي حڪومتي دور ۾ مختلف جيلن جهڙوڪ سکر، حيدرآباد، ۾ قيد ڪيو ويو هو. ضياءُ الحق جي مارشل لا کي غلط عمل سڏڻ تي خانوٺ ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ کيس ۵ ڏينهن بند ڪيو ويو هو. هن جون اڪثر ڪري سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، خان غفار خان، ڪامريڊ مير محمد خان ٽالپر، ڪامريڊ غلام محمد لغاري سان صحبتون رهيون ۽ شيخ مجيب الرحمان سان ڍاڪا ۾ ملاقاتون ۽ سياسي ڪچهريون ٿينديو رهيون هيون. سندس سخاوت جو هڪ مشهور واقعو ڪجهه هن ريت به آهي ته: هڪ ڏينهن تيار ٿي ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ سيد امداد محمد شاه سان ملڻ لاءِ انڊس هاءِ وي تي بس جو انتظار پئي ڪيائين ته ڪنهن فقير اچي کيس صدا هنئي ته الله جي نالي تي مون کي ڪپڙا ڏيو. هن يڪدم مٿي تان ٽوال لاهي گوڏ ٻڌي  ۽ پنهنجا ڪپڙا لاهي فقير کي ڏئي ڇڏيا. فقير چيس ته ڪپڙن ۾ پيل پيسا به ڏيو، هن اهي پئسا به فقير کي ڏئي ڇڏيا. اهڙيءَ طرح هي سخي انسان گوڏ ٻڌي پٺن اگهاڙو واپس گهر موٽيو. هيءُ عوام جي بي لوث خدمت ڪندڙ شخص ۱۹۹۲ع ۾ هن فاني دنيا کي ڇڏي ويو. سندس ياد ۾ ڳوٺ منظور آباد ۾ ۳۰ مارچ ۲۰۱۴تي (اڄ) ورسي ملهائي پئي وڃي.




اڄ  نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين....
خدابخش جويو
سنڌ ڌرتي پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي عظيم ۽ عوام جي خدمتگذار شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. انهن عظيم شخصيتن مان هڪ محمد سومار ٿيٻو عرف ڪاڪو علڻ ٿيٻو به هو. سندس جنم ۱۰. ۷. ۱۹۳۲ ۾ تاريخي شهر ڀيان کان ڏکڻ طرف چند فاصلن تي واقع ڳوٺ ٿيٻا ۾ ٿيو. هيءُ اهو زمانو هو جڏهن غريب طبقي جا ماڻهو پنهنجي اولاد کي مشڪل سان تعليم ڏياري سگهندا هئا. انهن ڏکيائن هوندي به محمد سومار ٿيٻي پرائمري کان اعليٰ درجي تائين سخت محنت ڪري تعليم حاصل ڪئي. هن ۱۹۵۰ ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ ۱۹۵۸ ۾ ايل ايل بي (وڪالت)  جو امتحان پاس ڪيو. هو اٺ سال مدرسه اسلام جي مدرس بورڊ جو ميمبر رهيو ۽ سن ۾ سيد امداد محمد شاهه پاران قائم ڪيل شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي جو چار سال ميمبر پڻ رهيو. محمد سومار ٿيٻو سيد امداد محمد شاهه جي مهربانين سان ڳوٺ منظور آباد ۽ سن ۾ هاءِ اسڪول جون بلڊنگون منظور ڪرايون.
ڳوٺ ڀيان لڳ سندس اباڻو ڳوٺ درياءَ جي ٻوڏن سبب ختم ٿي چڪو هو ۽ پاڻ هميشه جي لاءِ ڳوٺ منطور آباد ۾ رهائش پذير ٿيا. کيس ماڻهو پيار مان ڪاڪو علڻ ٿيٻو به چوندا هئا، هو هڪ ايماندار، سچو ۽ کرو انسان هو.  ظالم ۽ استحصالي طبقي جي ماڻهن  سان هن ڪڏهن به هيڻي ٻولي نه ڳالهائي. هن ڪڏهن به دولت کي سيني سان نه لڳايو نه ئي چند سڪن جي عيوض پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو. هن جو قد ۽ شخصيت کيرٿر جبل کان به اوچي هئي. هن ڪيترن ئي حڪومتي دورن ۾ حڪمرانن طرفان ظلم ۽ جيلن جون سختيون برداشت ڪيون. ان جي باوجو د هو بي لوث سماجي توڙي سياسي، علمي ۽ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. سياسي نقطه نگاهه کان هو سائين جي ايم سيد جي فڪر جو پوئلڳ هو ۽ عوامي خدمت سان سرشار جستجو سيد امداد محمد شاهه جي رهنمائي ۾ ڪندو رهيو. ۱۶ کن ايڪڙ زمين جو مالڪ هو جنهن مان ٿيندڙ آمدني مان سموري دنيا کي منهن ڏيندو هو. سياست ۾ هميشه تر جي عوام وٽ هر دلعزيز رهڻ سبب مسلسل ٻارهن سال ڊسٽرڪٽ دادو جو ميمبر رهندو آيو. سندس سائين جي ايم سيد سان نه رڳو سياسي پر خادمانه ۽ ذاتي تعلق ۱۹۴۶ کان رهيو. سندس والد محترم ميان خير محمد ٿيٻي جا سائين  جي ايم سيد سان تمام گهڻا ۽ گهاٽا واسطا هئا اهو ئي سبب  هو جو محمد سومار ٿيٻي سيد سان  زندگي جي آخري  گهڙين تائين نڀايو.
محمد سومار ٿيٻو ۱۹۵۰ ۾ ۶ مهينا مچ جيل  ۾ به گذاريا. ان دور  کان وٺي ۱۹۷۷ تائين ڀٽي صاحب جي حڪومتي دور ۾ مختلف جيلن جهڙوڪ سکر، حيدرآباد، ۾ قيد ڪيو ويو هو. ضياءُ الحق جي مارشل لا کي غلط عمل سڏڻ جي عيوض خانوٺ ٿاڻي جي لاپ ۾ کيس ۵ ڏينهن لاڪپ ۾ بند ڪيو ويو هو. انهن سمورين سختين سبب هو پچي لال ٿيو هو. قلندرانه نموني جي زندگي گذاريندڙ  هي شخص غريبن ۽ پيرن اگهاڙن ماڻهن جو ڀرجهلو ۽ کين جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ هو. هن تي دنيا جي بزرگ سياستدانن ۽ قومن جي مڃيل ليڊرن جي صحبت جو وڏو اثر هو، انهن جي صحبت ۾ رهڻ  سبب هو بيباڪ، سورهيه، سچار ۽ يڪ سخن گوئي جو مجسم  بنيو هو. هن جون اڪثر ڪري سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، خان غفار خان، ڪامريڊ مير محمد خان ٽالپر، ڪامريڊ غلام محمد لغاري سان صحبتون  رهيون. ۽ شيخ مجيب رحمان سان ڍاڪا ۾ ملاقاتون ۽ سياسي ڪچهريو ٿينديون رهيون هيون. اهو ئي ڪارڻ هو جو سومار ٿيٻو عرف ڪاڪي علڻ  وٽ دودي جهڙي دل ۽ سرمد جهڙي سچائي هئي. سائين جي ايم سيد سان ته سرن جا سودا هيس، سائين سان ديس پرديس ۾ گڏ هوندو هو. هو صوفي طبعيت رکندڙ انسان هو.  هن وٽ ڪنهن به رنگ، نسل، ذات ۽ مذهب جو متڀيد نه هو. هن ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا. پنهنجي ڳوٺ ۽ پس گردائي ۾  بنيادي سهوليتون: بجلي، روڊ، اسپتالون، واٽر سپلاءِ اسڪيمون ۽ منظورآباد ۾ مڊل اسڪول کي اپ گريڊ ڪري هاءِ اسڪول ڪرائڻ، انڊس هاءِ وي تي ڳوٺاڻن جي سهوليت لاءِ مسافر خانا ٺهرائڻ، غريب هارين، مزدورن جي اولاد کي پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري تعليم ڏيارڻ، انهن کي ڪپڙا ۽ ٻين ضرورتن جون شيون مهيا ڪندو هو. ڳوٺ جي هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر کي اسڪول جي فلاح وبهبود لاءِ روڪ رقمون ڏيڻ سندس مشغلو رهيو. ڪيترن غريب ماڻهن جي محنتي ۽ هوشيار اولاد  کي جيڪي تعليم حاصل ڪري چڪا هئا، تن کي نوڪريون وٺي ڏنيون.
سندس سخاوت جو هڪ مشهور واقعو ڪجهه هن ريت به آهي ته: هڪ ڏينهن تيار ٿي ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ سيد امداد محمد شاهه سان ملڻ لاءِ انڊس هاءِ وي تي بس جو انتظار پئي ڪيائين  ته ڪنهن فقير اچي کيس صدا هنئي ته الله جي نالي تي مون کي ڪپڙا ڏيو. هن يڪدم مٿي تان ٽوال لاهي ڳوڏ ٻڌي  ۽ پنهنجا ڪپڙا لاهي فقير کي ڏئي ڇڏيا. فقير چيس ته ڪپڙن ۾ پيل پيسا به ڏيو، هن اهي پئسا به فقير کي ڏئي ڇڏيا. اهڙيءَ طرح هي سخي انسان گوڏ ٻڌي پٺن اگهاڙو واپس گهر موٽيو. سندس اها حالت ڏسي سندس شريڪ حيات کيس چيو ته اها توسان ڪنهن جٺ ڪئي آهي؟ جواب ۾ چيائين ته ڪپڙا الله جي نالي تي ڏئي  ڇڏي !
بهرحال هن دنيا ۾ جيڪو آيو آهي تنهن کي هڪ نه هڪ ڏينهن راهه رباني  هلڻو آهي. هيءُ به عوام جي  بي لوث خدمت ڪندڙ شخص ۲۴ مارچ ۱۹۹۲ تي هن فاني دنيا کي ڇڏي ويو. سندس ياد ۾ ڳوٺ منظور آباد ۾ ۳۰ مارچ ۲۰۱۴تي ورسي ملهائي پئي وڃي. جتي سندس شخصيت تي ناميارا سياستدان، اديب ۽ دانشور سندس خدمتن تي روشني وجهندا.

No comments:

راءِ ڏيندا