; سنڌي شخصيتون: سرويچ سجاولي

22 October, 2014

سرويچ سجاولي


سرويچ سجاولي
ڇا سندس خواب ساڀيان ٿي سگھندا؟
مير نادر علي ابڙو
اڄ سنڌ ڌرتي جي مهان ڪوي سرويچ سجاولي جي ٻي ورسي ملهائجي رهي آهي. سرويچ سجاولي ڪينسر سان ويڙهاند ۾ نيٺ جيون جي جنگ هارائي. سندن لاڏاڻي انقلابي شاعري جي ميدان ۾ نه ڀرجڻ جيڏو خال پيدا ڪيو. سنڌ جي هن عظيم انقلابي شاعر محمد صديق عرف سرويچ سجاولي پنهنجي ڳوٺ سرويچ نگر ۾ زندگي سان کيڏيل راند نيڻن ۾ ڪيترائي سپنا سمائي هارائي. پاڻ ۱۴ مارچ ۱۹۳۷ع ۾ سجاول ڀرسان ڳوٺ تارڙا ۾ جنم ورتائين ۽ شاعري جي شروعات ۱۹۵۵ع کان ڪيائين ۽ سندس ڪتاب “آليون اڻڀا وار” ۱۹۷۲ع ۾ شايع ٿيو. جڏهن ته سندن شاعري جا چار ڪتاب “سراسر انقلاب آهيان” “ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون”، “دل ۾ نه ڪج” ۽ “سا دل مستو مست مدام” اڻ ڇپيل آهن. سندن هڪ ڪتاب “آليون اکيون ۽ اڻڀا وار” کي ڪراچي يونيورسٽي جي ڪورس ۾ شامل ڪيو ويو آهي. 


هن پريم جي شادي ۱۹۵۵ع ۾ رچائي. کين ۵ پٽ ۽ ۳ نياڻين جو اولاد آهي. سندن زندگي جون اهي گهڙيون عذاب بڻجي ويون جڏهن سندن ۲۳ ورهين جو پٽ محمد خان روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. سندن ڇاتيءَ تي پٽ جي وڇوڙي جا زخم تازا هئا ته ٻيو پٽ شاعر حبيب الله عرف سانگي سجاولي ڪينسر وگهي فوت ٿي ويو. هن وقت سندن اولاد ۾ حال حيات ڌيئر ۽ نوجوان شاعر پٽ سورج سجاولي آهن. سندن شاعري منجهه اهڙي مٺاس هئس جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، مخدوم طالب الموليٰ، مير علي محمد ٽالپر، رسول بخش پليجو، ڄام صادق علي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ڪامريڊ روچي رام، استاد بخاري ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو مٿس ساهه ڏيندا هئا. ۱۹۷۳ع واري ڏهاڪي ۾ ٻولي تڪرار واري مامري تي سنڌ اسيمبلي ۾ سندن شاعري کي محمد خان پڙهيو ۽ انهي ڏهاڪي جي اندر وڏي وزير ممتاز علي ڀُٽي کيس گرفتار ڪرائي ڪيٽي بندر ٿاڻي تي قيد ڪرايو. هو وڏيرا ڪلچر خلاف شاعري ڪرڻ تي ۱۹۷۴ع ۾ به ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو ويو ۽ ۱۹۸۳ع ۽ ۱۹۸۶ع واري ايم آر ڊي تحريڪ دوران ٻه ڀيرا گرفتار ٿيو ۽ ۱۹۸۶ع ۾ طالب الموليٰ جي زور ڀرڻ تي پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ ۲۰۰۲ع جي عام چونڊن ۾ شيرازي گروپ ۾ شامل ٿيو. پاڻ ۱۹۷۳ع ۾ ٽائون ڪميٽي سجاول جو ايڊمنسٽريٽر پڻ رهيو. سندن لاڏاڻي تي پوري سنڌ سوڳ ۾ ٻڏل ۽ ادبي ماحول شانت نظر آيو، ڇو جو اهڙو شخص اسان کان پردو ڪري هليو ويو، جنهن هميشه وڏيرا شاهي خلاف ويڙهاند ڪئي ۽ پنهنجن لفظن جي مالها پروئي غريبن جا ڏک، سور شاعري جي زبان ۾ ايوانن تائين پهچائيندو رهيو. شايد وري ڪڏهن اهڙو انسان پيدا ٿئي، جيڪو بغير ڪنهن ڊپ ڊاهه، شاعري جي زبان ۾ اهڙو نعرو هڻي، نه ته اسان وٽ شاعرن جا ٽولا لٿل آهن پر انهن جو قلمي پورهيو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن حد مان پار ناهي ٿي سگهيو. اهي ڪيتري حد تائين شاعري جي زبان ۾ عوام جي ڏکن سورن جي ڳالهه ڪرڻ ۾ سوڀارا رهيا آهن. اهو به اسان ڏسي چڪا آهيون پر مسئلو وري به انهن مهان انسانن جي ادبي پورهئي جو آهي، جن هر حال ۾ غريب عوام جي حقن لاءِ ويڙهاند ڪئي. مون کي ڪالهه وانگر اڄ به اها ڳالهه تازي لڳندي آهي، جڏهن منهنجو بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو هو ته وٽس سرويچ سجاولي ايندو رهندو هو ۽ بابا سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي دکي عوام جا سور شيئر ڪندو هو. پاڻ هميشه پنهنجا سور لڪائي مرڪون ورهائيندو رهيو. ڪنهن سان به اها ڳالهه نه ڪندو هو ته هن جي اندر ۾ ڪيڏي پيڙا آهي. هن جي هڪ ئي ٻولي هئي، پيار، محبت، امن، ڀائيچارو ۽ هن جا سورن جا ساٿي دکي ڏتڙيل ماڻهو هوندا هئا جيڪي غربت جي حالتن منجهه جيئڻ جا گس ڳوليندا هئا. سندن وڇوڙو دکي خبرن منجهان هڪ آهي، سنڌي ادبي سنگت ۳ ڏينهن تائين سوڳ جو جتي اعلان ڪيو ته اتي وري ضلعي حڪومت سموري ضلعي ٺٽي ۾ عام موڪل جو پڻ اعلان ڪيو. اڄ سجاول جي هر اک آلي آهي پر اسان ماڻهن سرويچ سجاولي کي ڇا زندگي ۾ اها عزت ۽ اهميت ڏني، جنهنجو هو حقيقي لائق هو، اڄ اخباري خبرن تائين ته هر ڪو سندن خاندان کي همدرديون ۽ مٺا ٻول ۽ آٿتون ڏئي ٿو پر مرڻ بعد ڪهڙي ڪم جون؟ ڇو جو سرويچ جو وڇوڙو هن ٻن لفظن کان گهڻو مٿانهون آهي. اڄ سرويچ لاڏاڻو ناهي ڪيو پر انقلابي شاعري سنڌ مان لاڏاڻو ڪري چڪي آهي. وري ڪڏهن شايد اهڙو انسان پيدا ٿئي، جيڪو بغير ڪنهن جي پرواهه ڪندي امن محبت جا گيت جهونگاري، آئون سنڌ حڪومت کي اها اپيل ٿو ڪريان ته هيڏي وڏي نالي پويان ضلعي ٺٽي ۾ لائبريريون ۽ ادارا قائم ڪيا وڃن. انهي سان گڏ سرويچ جا ڪتاب، جن کي هو حالتن جي تنگي سبب ڇپرائي ناهي سگهيو، انهن کي ڇپرائي سندن پيغام سموري سنڌ ۾ ڦهلايو وڃي. ائين ڪرڻ سان جتي سرويچ جا خواب مرڻ بعد به نسري پوندا ته اتي سندس روح کي ضرور سڪون ملندو.
(هلال پاڪستان، خبرون، مقدمو، هلچل، عوامي آواز، سڪار، سنڌو، عبرت، فيصلو، سوڀ، مهراڻ)
سرويچ سجاولي
مزاحمتي شاعر
ڊاڪٽر اسلم آزاد/سجاول
سنڌ جي سر زمين تي ڪيترن ئي عوامي ۽ انقلابي شاعرن جنم ورتو، جن پنهنجي پنهنجي دور ۾ جابر حڪمرانن، جاگيردارن ۽ آمرن سان هر وقت مهاڏو اٽڪايو آهي ۽ پنهنجي مزاحمتي شاعريءَ وسيلي استحصال ڪندڙ قوتن کي کلي عام للڪاريو آهي. اهڙن شاعرن مان سنڌ جو حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪندڙ ”سرويچ سجاولي“ آهي.
سرويچ سجاولي ۱۴ مارچ ۱۹۳۷ع ۾ سجاول شهر جي ويجهو، ڳوٺ ”ابراهيم تارڙو“ ۾ جنم ورتو. سندس اصلي نالو محمد صديق ۽ والد جو نالو خميسو خان آهي. جيئن ته سندس والد مختلف زميندارن وٽ هاري ٿي رهيو ۽ سرويچ پڻ پنهنجي والد سان گڏ ڪم ۾ شريڪ رهيو، تنهنڪري هو زميندارن جي ظلم ۽ زيادتين کان چڱي طرح واقف هو. شايد اهو ئي سبب آهي ته سرويچ جي شاعري وڏيرن، جاگيردارن جي جبر ۽ ڏاڍ جي خلاف احتجاج جو سگهارو آواز آهي.
هن ۱۹۵۸ع کان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. پاڻ مولوي احمد ملاح کان نه فقط متاثر هو پر سندس پڪو شيدائي ٿي رهيو آهي. سندس انقلابي نظم ان وقت جي مارشل لا جي دور ۾ بيحد مقبول رهيا. هو سنڌ جو هڪ اهڙو آواز هو، جيڪو جڏهن ڪنهن به جلسي، جلوس يا ميڙاڪي ۾ پنهنجا انقلابي طويل نظم پڙهندو هو ته اتي ويٺل هزارين ماڻهو نه فقط ”واهه واهه“ ڪندا هئا، پر انتهائي جوشيلي ۽ جذباتي انداز ۾ اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي پنڊال ۾ جان وجهي ڇڏيندا هئا. حقيقت اها آهي ته وڏا وڏا سياسي اڳواڻ پنهنجي تقريرن ذريعي ويٺلن کي ايترو متوجهه نه ڪندا هئا، جيترو سرويچ  جي شاعري ۽ هن جو پڙهڻ جو انداز! تنهنڪري اهو چوڻ غير مناسب نه ٿيندو ته سرويچ جلسن جي جان هو.
سرويچ جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ۱۹۷۲ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس ڪتاب ”آليون اکيون ۽ اڻڀا وار“ ۾ ون يونٽ خلاف ڪيترا ئي نظم ملن ٿا. سرويچ عوامي جدوجهدن ۾ شامل رهيو. ۱۹۸۳ع ۽ ۱۹۸۶ع جي تحريڪن ۾ گهڻو سرگرم ٿي حصو ورتائين ۽ گرفتار ٿي جيل پڻ ڪاٽيائين.
سندس سڄو ڪلام پنهجي قوم جي ڏکن ۽ سورن جو داستان آهي. سندس شاعري طبقاتي اڻبرابري، ڪامورن ۽ سرمائيدارن جي ڦرلٽ جي خلاف هڪ سگهارو آواز آهي. هن مسڪين ۽ غريب ماروئڙن، هارين، نارين، ٻڍن ۽ ٻارن لاءِ شاعري ڪئي ۽ ان سان گڏوگڏ انهن جي اهنجن، ايذائن بابت نه فقط خبردار ڪيو آهي، پر انهن جي حل لاءِ رستو پڻ ڏيکاريو آهي. سندس شاعري صاف سنڌي ۽ سولي ٻوليءَ ۾ هئڻ ڪري، هر ماڻهو آساني سان پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو.
سرويچ سجاولي پنهنجي شاعري ذريعي وڏن وڏن آمرن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي للڪاريو آهي ته ٻئي طرف اسان جهڙن کوڙ سياسي ورڪرن کي جدوجهد جي راهه ڏيکاري آهي. حقيقت ۾ سندس سموري شاعري ساهه ۾ سانڍڻ جهڙي آهي. سندس شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ”ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ ۲۰۰۸ع ۾، سندس وفات بعد ڇپيو. پاڻ ھن فاني جھان مان ۲۲ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي وفات ڪيائين.


سرويچ سجاولي
انقلابي شاعر (محمد صديق)
احمد علي صابر چانڊيو
’سرويچ‘ پنھنجي شاعريءَ ۾ معجزا پيدا ڪي ڪر،
جيئن همتون هيڻا وٺن سي حوصلا پيدا ڪي ڪر.
ويرون ورن ڇوليون ڇُلن موجون نچن مھراڻ ۾،
هن ماٿر مـحبوبڙيءَ ۾، مرتبا پيدا ڪي ڪر.
جڏهن قومون زوال پذير ٿينديون آهن تڏهن ڪنھن رياست کي هاڃو رسندو آهي ۽  جڏهن ڌرتيءَ جا مسئلا ٻري اٿندا آهن تڏهن ڌرتيءَ جي ڪُکِ مان ارڏا انسان ڪر موڙي نکري نروار ٿيندا آهن. اهڙن انوکي ڪردارن مان ”سرويچ سجاولي“ به هڪ هئو جن عوامي انقلاب جي سرواڻي ڪئي. سرويچ انقلابي هئڻ سان گڏ پختو ۽ پڪو ڏاهو به هئو ۽ سٺو سرجڻھار به هئو. سرويچ انقلاب واري محاذ تي پختو بيٺو رهيو. سندس جي شاعري ۾ ڌرتيءَ جي محبت جو اظھار ڀرپور نظري ٿو. هن ڀل ته دودي دولھه، سريمڻ ۽ هوشو وانگر تلوار هٿ ۾ کڻي دشمن کي ڪين للڪاريو هوندو پر تلوار جي ڌارَ تي ڪڏي گيتن ۽ ڳيچن ۾ دشمن کي ضرور واڳايو هئو.
”جنت فردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جون“
سنڌ ڌرتيءَ جو هي حلالي ٻچو پنھنجي زندگي ڌرتيءَ کي ارپي امرتا ماڻي ويو ۽ جنم جنم ايندڙ نسل لاءِ هڪ راهه بنائي ويو. هن ڌرتيءَ تي انقلاب جا چيچڪا ڇٽي ڇڏيا آهن. زخمي چانڊئي وانگر مزاحمت جو حوصلو عطا ڪيو آهي. سرويچ سجاولي تاريخ جو ڪردار بنجي شاهه، سچل، سامي، بيدل، بيڪس، حامي، اياز، استاد، زخمي، تنوير، گدائي، پيرل ۽ منشي وانگر امرتا ماڻي آهي. واقعي اهڙا انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. پر شاهه لطيف جھڙا انسان صديون به پيدا ڪري ڪين سگهيون آهن. اهڙيءَ طرح هي منھنجو ارڏو اٻوجهه املھه دوست ڌرتيءَ تي محبت جو اڻمٽ نقش ڇڏي ويو. اُها راهه جنھن تي هلندي استاد کان سکيا وٺي ادب جي دنيا ۾ ملھائتو ۽ مھلائتو قدم رکيو. ”اي اميرو عام آهون رنگ لائينديون ضرور، نت نماڻن جون نگاهون رنگ لائينديون ضرور.“ اُها ڪا محفل ڪانه ھئي جنھن محفل ۾ سرڪش وانگر سندس جو شعر نه گونجي، اٻوجهن ۽ نادارن جي حقن جي ڳالهه گيتن ۽ شعرن ۾ ڪندو هئو. هو غريبن جو طرفدار بيڪسن جو حامي هئو. باغيءَ جو ڀرجهلو تاجل بيوس وانگي ڌرتيءَ کي سڀئي گيت ارپي امرتا جو عروج ماڻيو. سرويچ سجاولي سنڌ لاءِ خميسو خان تارڙو جي آڳر تي ۱۴ مارچ ۱۹۴۷ع ۾ اڀري نکري نروار ٿيو. محمد صديق جي نالي اسڪول ۾ داخل ٿيو، سندس بابي خميسو خان وٽ ايتري به سگهه ڪانه هئي، ڇو جو هو بابا وانگر هاري هئو مسڪين هئو پر پوءِ به وت ۽ وس آهر صديق کي اسڪول ۾ داخلا ملي. کيس اِها خبر به ڪانه ھئي ته هو سنڌ ڌرتيءَ جي سرموڙ شاعر جي روپ ۾ سرويچ نالي آڪاش کي ڇھندو. ڪو هن ٻالڪ جي ڪارڻ سجاول کي مھانتا ملندي. صديق جي روپ ۾ سرويچ مون وانگر ڪتاب ڇڏي مال چارڻ لاءِ هٿ ۾ لٺ کڻي ۽ ٻني ٻاري جي ڪم ۾ جنبي ويو. سرويچ سجاولي۽ صابر جي زندگي هڪجھڙي ڪٺن ۽ پيچيده گذري. هن کي به وڏيرڪي نظام ڪين سَٺو، سندن اباڻا گهر يعني سجاول ڇڏڻو پيو. بدين ۾ رهي هن سجاول ڏاڍو ياد ايندو هئو، جن گهٽين ۾ سرويچ جو ننڍپڻ گذريو هئو سي گهڙيون ياد اچڻ لڳيون هئس. هنن کان نفرت ڪندڙ هن جي نفرت ۾ شامل ٿي ويا. عبدالواحد آريسر جي فڪري وانگر ”تشدد هميشه تشدد کي جنم ٿو ڏئي“، سو نفرت ڪندڙ خود سراپا نفرت بنجڻ لڳا.
هر چوڪ تي چاري چغل چارئي طرف چورن جي هٿ،
چنجور سان چيرڻ لئه تن کي چلولا پيدا ڪي ڪر،
ڀيلي نه جيئن هن ڀونءِ کي ڪو ڀاڙ کيندڙ بدنظر،
ڀاڻن ڀٽن ڀاڳين منجهان تون ڀرجهلا پيدا ڪي ڪر.
سرويچ پيڙهيل قوم جي حقن جي ترجماني پنھنجي شعر ۾ ڪندو هئو. هن بري سماج کي ۽ سماجي بگهڙين کي پنھنجي شعرن ۾ ننديو هئو. مال چاريندڙ صديق اڄ ناڪي منشي ٿي ويو. پھرين مارشل لا کان اڳ ۾ شادي ڪيائين ۽ جتان جنھن شھر مان کيس لوڌي ڪڍيو ويو هئو اتي ان شھر جو ايڊمنسٽريٽر ٿي ان پياري شھر جي خدمت به ڪيائين. هن جي رڳ رڳ ۾ سجاول رچيل بسيل هئو، ان ڪري تخلص ۾ سرويچ سجاولي پسند ڪيائين. مارشل لا جي ڏنگن کيس ڏاڍو ڏنگيو هئو، هن کي آمراڻي دؤر کان نفرت هئي جيئن ئي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو وجود پيو ته مون وانگر هڪ ڪارڪن جي حيثيت سان پ پ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. هو سرمد چانڊئي وانگر شھيد ڀٽو ۽ شھيد راڻي جو شيدائي هئو. هن ڀُٽي لاءِ شعر به لکيا ته پ پ جي ورڪر جي حيثيت سان ايم آر ڊي تحريڪ ۾ حصو به ورتو جنھن ڪارڻ کيس جيل به وڃڻو پيو. ذوالفقار علي ڀٽو  هن جي گيتن کي ڏاڍو پسند ڪندو هئو. هن شاعريءَ جي دنيا ۾ هڪ خاص مقام ماڻيو هئو. هن جو انداز نرالو هئو، اکر هلڪا ٻولي سادي ۽ موقف وزنائتو هوندو هوس. جيڪو ڏانءُ سرويچ کي شاعريءَ ۾ هئو اهو ڏانءُ ڌرتيءَ جي شاعرن ۾ کيس منفرد ۽ ممتاز بنائيندڙ هئو. جنھن پارٽيءَ جو شيدائي هو جنھن لاءِ هزارين گيت لکيائين، ان ئي پارٽيءَ وارن جناب ممتاز علي خان جي وڏ وزارت جي دؤر ۾ ڪي ٽي بندر جيل جو اسير بنايس. قائد عوام کي ان جي ڀڻڪ پئي ته سرويچ جيل ۾ سڙي ٿو ته هن هڪدم هڪ آرڊر پاس ڪيو ۽ سرويچ کي آزادي ملي. سرويچ جيل ياترا مان به سبق پرايو، هاڻي سياست هڪ دلبو ڄاتائين، کيس ڌرتي ٻوليءَ، درياءَ ۽ لباس کانسواءِ ڪنھن سان چاهه ڪونه رهيو هئو. پر پوءِ به ون يونٽ جي ڪاري قانون خلاف سڀ کان اڳـ۾ واءِ ويلا شروع ڪري ڏنائين. هن وٽ پنھنجي پارٽيءَ کان ان وقت نفرت پيدا ٿي جڏهن رسالن تي پابندي پئي ۽ ٻوليءَ لاءِ ويل وڌيا. سرويچ بالآخر ظاهر ٿي پيو. هن ارباب اختيار کي پنھنجي ڳيچن ۾ واڳايو ۽ ڌارين جي گورنريءَ ۾ ٻوليءَ دشمن کي چئي ڏنائين.
تو وير وڌو آ ڄاڻي واڻي، ٻلوانن جي ٻوليءَ سان،
تون ڄاڻ مري وئين مڪڙ موڳا، گرز ڪھاڙي گوليءَ سان.
سرويچ سجاولي سنڌ ۾ هڪ طرف ڌرتي واسين جي پيار جو مرڪز بنجي ويو ته ٻئي طرف دشمن جي نظر ۾ زخمي چانڊئي وانگر ککڻ لڳو هئو. هزارين خطرا سندس اوسي پاسي ڦرڻ لڳا هئا. سرويچ واقعي سرويچ هئو، هن کي سِرَ ۽ ساه کان وڌ ڌرتيءَ سان پيار هئو. هن پنھنجي بيتن ۾ بم ڀري ڏاڍن جي بستين ۾ پئي اڇلايا. هن جي اهڙي جرئت تي هن کي ڌرتيءَ جو هر هوشمند ۽ باشعور پسند ڪندڙ هئو. سرويچ کي ڄاڻ هئي ته هن کي ڌرتيءَ تي برداشت ڪين ڪيوويندو. ان لاءِ هن هڪ حبيب الله نالي چڻنگ دکائي. حبيب الله سانگي سجاولي پنھنجي ارڏي پيءُ وانگر ارڏائي سان لکندو هئو. پر ان کي به زنگي جي گوءِ ڪينسر جي موذي مرض هٿان هارائڻي پئي. سرويچ پھريون ڀيرو نراس ٿيو. ان نااميديءَ کيس استاد بخاريءَ وانگر ڪمزور بڻائي ڇڏيو هئو. ساري زندگيءَ جي ڪمايل پونجي هن به استاد وانگر ڪينسر جي حوالي ڪئي پر پوءِ به ڪجهه ڪين وريو. ڌرتيءَ جي وارثي ڪندڙ لاوارثن وانگر هن ڌرتيءَ تان ۲۲ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي ڪوچ ڪيو. سندس جا اهي مداح آريسر کان ممتاز تائين، پليجي کان غلام مصطفى جتوئي تائين  ۽ بشير خان قريشيءَ کان مون تائين ڪجهه به نه ڪري سگهيا ۽ اهڙيءَ طرح هي قومي هيرو مڻ مٽيءَ جي تھن ۾ دفن ٿي ويو. هڪ آه اڀري هاءِ سرويچ وري ڪڏهن واپس ورندي. وري ميڙا مچندا ۽ تنھنجي سرن جي گونجار گونجندي. اهڙا املهه انسان صدين ۾ ايندا آهن پر شايد جن سان ڌرتي پيار ٿي ڪري سي ملھائتا مھمير پنھنجي پيٽ ۾ ئي بھتر ٿي ڀانئي. مان انھن کي اڃا ايندي ڪونھي ڏٺو. بس ڌرتيءَ مڻيادار ۽ مھمير هڪ هڪ وار موڪليندي آهي. جيڪي پنھنجي ڏات جي سگهه  سونھن بخش صدين تائين زنده رهندا آهن.
اٿي مھڪ ملير مان مٽيءَ پيو مينھن،
مـُئي منھنجو نينھن اڳي کان اڳرو ٿيو.
(شاهه)



سرويچ سجاولي
ٻهڳڻ شاعر
يوسف سنڌي
سنڌي زبان ۾ عوامي ۽ انقلابي شاعري ڪرڻ ۽ اها جلسن ۽ جلوسن ۾ پڙهي عوام جو رت گرمائڻ ۽ منجهن وطن دوستي ۽ قومپرستي جا جذبا پيدا ڪرڻ، جابرن ۽ ڏاڍن سان همت ۽ مڙسي سان منهن ڏيڻ وارا جذبا پيدا ڪرڻ، کين پنهنجي حقن لاءِ سجاڳ ڪرڻ جهڙا معرڪا سر ڪندڙن سرويچ سجاولي جو نالو سنڌي شاعريءَ ۾ اهم حيثيت والاري ٿو.
محمد صديق ولد خميسو خان تارڙو، جيڪو اڳتي هلي سرويچ سجاوليءَ جي نالي سان سنڌ ۾ مشهور ٿيو. ۱۴-مارچ ۱۹۳۷ع ۾ سجاول کان ٻه ميل اُڀرندي پاسي، هڪ ڪلراٺي ميدان تي اڏيل ڳوٺ ’ابراهيم تارڙو‘ ۾ ڄائو. هو اڃا تنجڻ ۾ ئي هو ته سندس پيءُ اتان لڏي بدين پاسي، ڳوٺ لکاني ساريجي ڏانهن ويو. اتي سرويچ جا ناناڻا هئا. هن اتي جي پرائمري اسڪول ۾ چار درجا پاس ڪيا. ساريجن جي ڳوٺ مان ڪن سببن جي ڪري اسڪول کڄي ويو ته سندس تعليم جو سلسلو به اتي ئي بيهي رهيو. هاڻي هو پيءُ کي ٻني ۽ مال ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. سندس پيءُ اتي هارپ تي ٻني ڪندو هو. سندس مال لاءِ هو ٻٻرن جي ٻوري روڙيندو هو ۽ وڏيرن جي بيگرن ۾ به وهندو هو. ۱۹۵۱ع ۾ سندس پيءُ ساريجن جي ڳوٺ مان لڏي، موٽي پنهنجي اباڻي ڳوٺ تارڙن ۾ آيو. ان وقت سرويچ ۱۴سالن جو هو. پڻس سجاول جي هڪ زميندار جو اچي هاري ٿيو. هاري جو پٽ به هاري ٿيندو آهي، سرويچ به سجاول ۾ هارپو ڪرڻ لڳو.
”هارپ جي زماني ۾ مون ڏٺو ته هاريءَ جي سڄي سال جو پورهيو ڪنهن نه ڪنهن پَر زميندار کائي ٿو وڃي“. سرويچ چوي ٿو. اهو ناحق سرويچ کان سٺو نه ٿيو ۽ ان ناحق جي خلاف سرويچ بغاوتون ڪيون. ڪمدارن سان وڙهيو، منشين ۽ مئنيجرن سان وڙهيو، جنهن تان اهي هارپ کسي وٺندا هئس. اهڙي طرح پاڻ ٽن چئن زميندارن وٽ هاري ٿي رهيو، پر جتي ڪٿي اها ئي ڪار هئي.
انهن ڏينهن کيس نالي ڪڍڻ جو به شوق هوندو هو، سو وڃي ملهه وڙهڻ لڳو، پر ملهه جي فن ۾ ڄاڻ نه هئڻ سبب پهلوانن هن کي ڏاڍا ڌڪ ڏنا. نيٺ انهيءَ شوق تان هٿ کنيائين.
روز روز زميندار هٿان بي دخل ٿيڻ کانپوءِ سندس دل ۾ جيڪا آنڌ مانڌ ٿي، هن چاهيو، ته انهيءَ جو شاعريءَ وسيلي اظهار ڪري. ننڍپڻ ۾ مولوي احمد ملاح جا شعر پڙهندو هو ۽ انهيءَ کان ڪافي متاثر به ٿيندو هو، مٿان وري محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا ڪتاب پڙهيائين ته هيڪر سندس جذبا جولاني ۾ شعر جو روپ وٺي نڪرڻ لڳا ۽ ۱۹۵۷ع کان باقاعده شاعري شروع ڪيائين.جيتوڻيڪ شاعري ۾ڪو باقاعده استاد نه ورتائين، پرمولوي احمد ملاح کان هڪ اڌ ڀيرو اصلاح ڪرايائين ۽ سدائين جي لاءِ سندس شيدائي بڻجي پيو.
سندس شاعري شروع ڪرڻ وارو زمانو مارشلا جو دور هو. ايوب خان اڇي ڪاري جو مالڪ هو. هن ۱۹۵۸ع ۾ هڪ سرڪاري جلسي ۾ شعر پڙهيو:

جي نه آيو، ڇيڙ تي بس، ڪو کڻي هڪڙي مهل
هُت وڏيري وات ڦاڙيو، هِت وڏيري جي وڦل
ڏنڊ ٽيڻون، ڍور ڍڪ ۾، ٿيو فصل کان بي دخل،
مار، گاريون، مرڪ تنهن تي، ٻيا به ڪئين خطرا خلل.
ان وقت ٺٽي جو ڪليڪٽر محمد يوسف جوڻيجو هو، جيڪو پڻ انهيءَ جلسي ۾ موجود هو، جيڪو کائنس ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کانئس حال احوال ورتائين. سرويچ کيس ٻڌايو ته ”بي دخل هاري آهيان، بيروزگاري آهيان.“ تنهن کيس ٽائون ڪميٽي سجاول ۾ ناڪي منشي جي نوڪري وٺرائي ڏني.
سرويچ سجاولي اها نوڪري شروع ڪئي. ناڪي تي ويٺي ڪيترائي نظارا ڏسي دل جڄهي ويندي هيس. هو ڏسندو هو ته تهه سياري ۾، ڪيتريون ئي مسڪين مايون ۽ اٻاليون ڇوڪريون، سجاول کان ٽي ميل پري ٽيماڻي ۽ ٿنئي ڍنڍن ڏانهن وينديون هيون ۽ اتان پاڻيءَ ۾ گهڙي ڍنڍن جي ترن مان بهِه ڪڍنڍيون هيون ۽ شام جو وري واپس سجاول ورنديون هيون، بازار ۾ سندن پورهئي جو مان اهو هو، جوبهِه ٻه روپيا سير وڪامندا هئا. پاڻ انهن پورهيت زالن کان متاثر ٿي ”بيهن واري ڀيڻ“ جي عنوان سان هڪ نظم لکيو:

بيهن واري ڀيڻ سنديئي درد وڌا ٿم دل تي دام،
ماريو مون کي مات ڪري ٿي، ماٺيڻي هيءَ تنهنجي مام.
تار مٿي کان ٺريل پاڻي، تنهن ۾ ٽٻيون هڻندي هڻندي،
گريءَ گريءَ تي ٿوٿا ڏيندي، توکي ٿي ويئي شام.
بار مٿي تي وار ڀِنل ۽ ڀڄندي ڀڄندي تيز اچين،
بند نه ٿي بازار وڃي، جيئن محنت ساري ٿئي ناڪام.
هيڏي هلاڪيءَ سان جو آندئي مال انهيءَ جو ملهه وري،
آني ٻن ٿو سير وڪامي ويل ڏسو ڙي هي وريام.
سوبه وڪيو،ڪجهه ڪونه وڪيو، ڪجهه اوڌر ٿيو، ڪجهه مفت ويو،
هاڻي ٻڌايو ڪيئن ٻچن کي پاري نازڪ نار مدام.
اهو ۽ اهڙن ڪيترن ئي واقعن کان متاثر ٿي سرويچ پنهنجي شاعري ڪندو رهيو. انهي وقت ون يونٽ جو قهري ڪوٽ اڏيل هو، سنڌ جو الڳ وجود ختم ڪيو ويو ۽ ون يونٽ جي نالي ۾ سنڌ سان جيڪي ويل وهايا پئي ويا، انهي جي خلاف سنڌ جو باشعور طبقو، جنهن ۾ اديب، شاگرد ۽ سياسي ورڪر پڻ شامل هئا. سراپا احتجاج هو. سرويچ به انهيءَ ڳالهه کان متاثر ٿيو ۽ پنهنجو شاندار نظم تخليق ڪيائين.

يَرَوانگين جا ون يونٽ ۾، گس گهيڙ، گهٽيون گهر گام وڪيا.
سرويچ سجاوليءَ جو سڄو ڪلام پنهنجي قوم جي ڏکن، سورن جو داستان آهي ۽ سندس شاعري جي سنڌ جي قومي ۽ انقلابي جدوجهد تي وڏي ڇاپَ رهي آهي، نه رڳو اهو پر سرويچ خود به وطن دوست ۽ جمهوريت پسند ساٿين سان گڏميدان عمل ۾ پڻ رهيو آهي.
سرويچ سجاولي، ذوالفقار علي ڀٽي کان متاثر ٿي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ان کانسواءِ وطن دوست تنظيمن ۽ تحريڪن ۾ پڻ سرگرم رهيو. هن ۱۹۸۳ع ۽ ۱۹۸۶ع جي ايم آر ڊي جي تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ گرفتار پڻ ٿيو.
پيپلز پارٽي جي شروعاتي دور ۾، کيس سجاول ۽ دڙو ٽائون ڪميٽين جو ايڊمنسٽريٽر پڻ مقرر ڪيو ويو.
سرويچ سجاوليءَ جو سنڌي ادبي سنگت، بزم شعراءُ سنڌ ۽ ٻين ادبي تنظيمن سان پڻ تعلق رهيو. سندس شاعري جو هڪ مجموعو ”آليون اکيون، اڻڀا وار“ (۱۹۷۲ع) ۾ ڇپيو. جنهن تي کيس ”رائٽرس گلڊ“ پاران هڪ هزار روپيا انعام پڻ مليو. انهي ڪتاب ۾ سندس شروعاتي دورن ۱۹۵۸ع کان ۱۹۷۲ع تائين جي چونڊ شاعري ڏنل آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ رسول بخش پليجو، سرويچ جي شاعري جو ڇيد ڪندي لکي ٿو: ”سندس شعرن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو فطر تي شاعر آهي ۽ بيشڪ ڏات ڌڻي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس شعر ۾ منظر نگاريءَ جون اوچيون اُڏارون ائين ٿيون لڳن، ڄڻ ته ڪردار سڀ ماڻهو جي اڳيان موجود آهن“.
سرويچ سجاولي جي شعر جي سڀ کان اُتم خوبي هيءَ آهي ته سندس شعر بلڪل ٺيٺ سنڌي زبان ۾ سولي ۽ سادي ۽ ٻهراڙيءَ سان تعلق رکندڙ لفظن ۾ چيل آهي. هن شاعري جي هر صنف جهڙوڪ، نظم، غزل، گيت، لوڪ، گيت، وائي، بيت، دوها ۽ قطع تي طبع آزمائي ڪئي.
سرويچ سجاوليءَ ۲۲ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي وفات ڪئي ۽ سندس شاعري جو ٻيو مجموعو “ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون” ۲۰۰۸ع ۾ شايع ٿيو.

(پندرھ روزه افيئر تان کنيل)


سرويچ سجاولي
سنڌ جو عوامي شاعر ۽ لاڙ جو لعل
ابراهيم لاشاري
دنيا ۾ ڪنهن کي ڏکيو ڏسڻ سهي نه سگهان ٿو،
ڏاڍن جو غريبن کي ڏنڀڻ سهي نه سگهان  ٿو.
وادي مهراڻ منجهه ڪيترن ئي شاعرن وقت به وقت پنهنجي من جو آواز شاعري وسيلي ظاهر ڪري عوام جي دردن، اهنجن، پيڙائن جي ترجماني ڪري پنهنجو نالو عام خلق جي دل ۾ ويهاري ويا جن منجهان محمد صديق پٽ خميسو خان تارڙي پڻ هڪ عوامي نمائندا شاعر طور شهرت ماڻي سرويچ سجاولي  سان ڏيهان ڏيهه   پنهنجو نانءُ نروار ڪرايو ، پاڻ بهار جي موسم آچر ڏينهن ۱۴ مارچ سال ۱۹۳۷ع ڌاري ٺٽي ضلعي جي سجاول شهر کان اوڀر طرف ڳوٺ ابراهيم تارڙي ۾ پيدا ٿيو ، سرويچ سجاولي صاحب اڃان ٻن سالن جي عمر جا مس هئا ته سندس والدين ابراهيم تارڙي منجهان بنو پٽي ڳوٺ لکاني ساريجي ۾ اچي جهوپڙي اڏي رهائش اختيار ڪيائون ، سرويچ سجاولي جي والد غربت هوندي پنهنجي اکين جي ٺار پٽ جي تربيت نهايت بهتر نموني ڪندي سندس ناناڻي ڳوٺ لکاڻي ساريجي جي پرائمري اسڪول ۾ نصابي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ڪرايو . جتان محمد صديق المعروف سرويچ سجاولي نهايت شوق ۽ محنت سان سنڌي چار درجا پڙهي پاس ڪيا ته اوچتو اسڪول ڪن سببن ڪري بند ٿي ويو، سمورن ڳوٺائڻ جي شاگردن  جي تعليم رولڙي جو شڪار ٿي وئي هن ذهين شاگرد به تعليم کي اڳتي وڌاڻ بجاءِ پنهنجي غريب پيءَ سان ٻني ٻاري جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊرائڻ لڳو. بس سرويچ تعليم جي زيور کان محروم ٿي پيو نيٺ سندس والد صاحب خميسو خان تارڙو سال ۱۹۵۱ع ڌاري ساريجن جي ڳوٺ کي خير آباد چئي اچي ابن ڏاڏن جو اباڻو ڳوٺ ابراهيم تارڙي کي پنهنجو مسڪن بڻايو. اتي سرويچ به اچي جواني جي وهي ۱۴ سالن ۾ چڙهيو، سندس پيءَ سجاول جي هڪ مشهور زميندار جو هارپو ڪندو هو ۽ سرويچ به سندس گڏ ان ڪرت سان مسلسل سلهاڙيل رهيو، ان زماني ۾ غريبن مسڪين هارين سان زميندارن جي نا انصافين کي ڏسندي سرويچ سجاولي کي غريبن جي حقن جي ڳالهه دل اندر اڌمان پئي کائيندي هئي، نيٺ سرويچ زميندارن جي ڪيترن ئي ڪمدارن، مئنيجرن، منشين سان وڙهن لڳو ۽بغاوتون ڪندي ڪندي پنهنجي ٻچن جي پيٽ گذر هارپ ڪري پاليندو هو سو به زميندارن هٿان کسايائين، ان زمان ۾ هن کي پنهنجي نالي نروار ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، نالي نروار ڪرائڻ لاءِ وري ملهه وڙهڻ سان دلچسپي ورتائين، پر زماني جي ملهه پهلوانن ڏينهن جا تارا ڏيکاريس، سندس جو زور نه هلي سگهيو، فن نه هجڻ ڪري ان ڪرت کي به الوداع چيائين، بس ويهي ويچار ونڊي من جي آواز جي اظهار سان عوامي درد، سور، ڏکن، ڏولاون کي شاعري جي روپ ۾ بيان ڪري ڪري شاعرن ۾ وڏو نالو ڪڍرايائين، سرويچ سجاولي پنهنجي من جي ڳالهه شاعري واري انداز ۾ ڪهڙي نه سهڻي نموني ڪئي آ
سڪي سڪي جي ملنداسين پوءِ مور نه ماڳهين ڇڄنداسين،
اکين اکين ۾ اٽڪايوسين، هڪٻئي کي پيا ڏسنداسين،
ماڃر  ميرانپور  ۽  مڪلي  مياڻي  جا  ميدان  پسي،
ڪارونجهر ۽ ڪيٽي بندر، ڪينجهر منڇر گهمنداسين.
سرويچ سجاولي اڳتي هلي سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري سال ۱۹۶۰ع ۾ ٻن سالن تائين (الهاشميه  مدرسي) سجاول منجهه استاد ٿي پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو رهيو، ان کان اڳ مارشل لا جي ايوبي دور منجهه شاعري جا ٻول پيو عام خلق اڳيان ٻوليندو نظر آيو. شاعري ۾ سندس استاد ته ڪنهن کي به نه  بڻايائين مڱر مولوي احمد ملاح جي شاعري کان نهايت متاثر پڻ هو، سرويچ سجاولي ان زماني ۾ جلسن ۾ پنهنجي شاعري پڙهي عوام کان داد پيو حاصل ڪندو هو، هڪ ڀيري سرڪاري جلسي ۾ شعر پڙهي دنگ ڪيائين ته ان زماني جي ٺٽي جي ڪليڪٽر محترم محمد يوسف جوڻيجو صاحب ان جلسي ۾ شرڪت ڪئي ۽ سرويچ صاحب جو چيل شعر سندس من مٿان وڏو اثر ڇڏيو پوءِ جلد ئي سرويچ سجاولي کان پنهنجي سموري زندگي جو احوال ورتائينس، سرويچ سجاولي سڄي ماجرا سچ ٻڌايس ته (سرڪار آءُ بي دخل ٿيل هارپو ڪندڙ پورهيت آهيان ۽ بيروزگاري پهي ڇڏيو آ، محمد يوسف جوڻيجو صاحب شفيق مهربان آفيسر هو سندس شفقت جو هٿ وڌائيندي (ٽائون ڪاميٽي سجاول ۾ سرڪاري نوڪري (ناڪي منشي) سان نوازيائينس، سال ۱۹۶۳ع کان سال ۱۹۷۲ع تائين ان نوڪري سان سلهاڙيل رهيو، تنهن بعد ان زماني ۾ پاڪستان  پيپلز پارٽي جي دوري حڪومت ذوالفقار علي ڀٽي جي وقت ۾ دڙو ۽ سجاول ٽائون ڪاميٽن جو ائڊمنسٽريٽر جي عهدي تي پڻ ڪم ڪندو رهيو.
سنڌ جي هن عوامي شاعر جي شاعري لکن جي تعداد ۾ ماڻهن جي هجوم ۾ ٻڌي وئي آهي هن هر اسٽيج  اها ادبي هجي يا سياسي اتي پنهنجي شاعراڻي انداز ۾ داد پئي حاصل ڪيو آهي سندس شاعري جو لفظ لفظ سادي ٻولي ۽ سولي ۽ سلاست سان ٽم ٽار  آهي .مطلب ته سرويچ سجاولي هڪ بي مثال بهتريب عوامي شاعر طور سڃاتو ويو، شاعري جي مڙني صنفن تي وڏي دسترس حاصل هيس پوءِ اهو گيت هجي يا غزل، نظم هجي يا وائي، هن لوڪ گيت، بيت، دوها، قطعا، ۾ ڪامل جو جادو جڳايو آهي کيس شاعريءَ ايتري ته مڃتا ڏني جو ڪراچي شهر منجهه سچل عالمي ڪانگريس جي اهم ايونٽ تي هند سنڌ جي وڏن وڏن اديبن، دانشورن جي موجودگي منجهه کيس کي (بهترين عوامي شاعر) جو ايوارڊ ڏنو ويو، سنڌ جي ڏاهي اديب ۽ نامور سياستدان محترم رسول بخش پليجو صاحب وري سرويچ سجاولي کي “لاڙ جو لعل” جي خطاب سان نوازيو، سندس شاعري جي ڪتاب (آليون اکيون اڻڀا وار) اهيو اعزاز حاصل آهي جو ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ (ايم اي) تي نصابي طور پڙهايو وڃي ٿو .پاڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ادبي، سياسي ميڙاڪن ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪندو رهندو هيو سرويچ سجاولي کي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان نهايت وڏو پيار هوندو هو. هو ايم آر ڊي جي زماني ۾ جيل جو منهن به ڏسي آيو هو هن بهترين عوامي شاعر جو ڪلام سنڌ جي مڙني اخبارن، رسالن جي زينت بڻجندو رهيو سندس لاڏاڻي بعد هڪ ٻيو ڪتاب “ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون” ڇچجي سنڌي ادب جي سونهن ۾ پڻ اضافو ڪيو،
سنڌ جو هي بهترين عوامي شاعر زندگي جا ۷۰ سال ۷ مهينا ۸ ڏينهن گهاري سڀئي ادبي سياسي ميڙاڪن کي الوداع چئي ۲۲ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع سومر ڏينهن  وڃي ابدي آرامي ٿيو سندس مزار سجاول لڳ ڳوٺ ابراهيم تارڙي  واري قبرستان منجهه آهي سندس جي اڄ ڏهين ورسي ملهائي ويندي نموني طور سندس جو شعر پيش ڪجي ٿو
تنهنجي حسن جون آهن هستيون جدا جدا،
موجون جدا جدا ۽ مستيون جدا جدا،
آتيون هميشه آهن، تو کي ڏسڻ پسڻ لئه،
دلڙيون جدا جدا ۽ اکڙيون جدا جدا،
موهيو وجهن ٿيون من کي، محبوب  محب تنهنجون،
ميڊون جدا جدا، ۽ مرڪون جدا جدا،
گفتن تان گهوٽ تنهنجي، گهوري ڇڏيان ٿو آئون،
ماکيون جدا جدا ۽ مصريون جدا جدا،
مرڪيو پون هو سرويچ، مرڪڻ سان يار جي ڏس،
مندون جدا جدا ۽ مکڙيون جدا جدا.

سرويچ سجاولي
جيسين جياسين، تيسين هئاسين، سجن چنڊن تارن وانگر
مقبول ملاح
اڄ سنڌ جي عوامي، انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر سرويچ سجاولي جي وڇوڙي وارو ڏينهن آهي. سرويچ سجاولي جو اصل نالو محمد صديق ولد خميسو خان ذات تارڙو آهي، پاڻ ۱۴ مارچ ۱۹۳۷ع تي سجاول ڀرسان ڳوٺ محمد ابراهيم تارڙو ۾ جنم ورتو,، جتي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ۴ درجا تعليم مس ورتي ته سندس والدين گذر سفر جي ارادي سان لڏي ڳوٺ لکانو ساريجو بدين ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي ڪو به اسڪول وغيره نه هجڻ ڪري سندس تعليم اڌ ۾ ئي رهجي وئي ۽ هو والدين سان گڏ ٻني ٻاري ۽ مال چارڻ جو ڪم ڪرڻ لڳو. ننڍپڻ کان ئي کيس نالي ڪڍائڻ جو وڏو شوق هو سو پهرين وڃي ملھ راند کيڏڻ شروع ڪيائين، جتي راندين جا انگ معلوم نه هئڻ ڪري پهلوانن کيس ڏاڍا ڌڪ ڏنا، جنهن ڪري هن ملھ وڙهڻ تان هٿ کڻي ٻيهر ٻني ٻاري جي ڪرت شروع ڪري ڏني. انهن ڏينهن ۾ بدين ۾ مٺو ڪڇي جي آواز جو وڏو چرچو هو, ان کي ٻڌي کيس شاعري ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ ڪچا ڦڪا شعر جوڙڻ لڳو ۽ هڪ ڏينهن همٿ ڪري مولوي حاجي احمد ملاح وٽ اچي پهتو ۽ کيس چيائين ته سائين اوهان شاعري جا بادشاه آهيو مونکي به شاعري جو شوق آهي, ڪجھ شعر جوڙيا اٿم سي نظر مان ڪڍي ڏيو. مولوي احمد ملاح سندس شعر پڙهي سندس پٺي ٺپي ۽ چيو ته پٽ تون ته  ڀلو شاعر لڳو پيو آهين، لکندو رھ ۽ پوءِ ايڏي وڏي شاعر جي داد ۽  همٿ منجهس حوصلو پيدا ڪيو ۽ هن لکڻ شروع ڪيو ۽ مشاعرن ۾ شعر  پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيا آهستي آهستي شاعري ۾ نالو پيدا ڪندي سڄي سنڌ جو انقلابي شاعر سرويچ سجاولي بنجي ويو.
۱۹۷۱ع ۾ سندس پهريون شعري مجمعو آليون  اکيون اڻڀا وار، ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو. جنهن مقبوليت جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي سرويچ سجاولي کي ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ وڏي مقبوليت ڏني سندس ان  ڪتاب کي پاڪستان رائٽرس گلڊ پاران ان وقت تائين ڇپيل سنڌي ڪتابن مان واحد هن ڪتاب کي سڀ کان  بهترين ڪتاب قرار ڏئي ۵۰ هزار روڪ انعام سان نوازيو ويو، جنهن وقت ڪتاب جي قيمت صرف ۵ رپيه هئي. برک ڏاهي رسول بخش پليجي جنهن هن ڪتاب جو مهاڳ به لکيو هو، ان هن ڪتاب کي سنڌ جو دستاويز قرار ڏنو ۽ کيس لاڙ جو لال خطاب ڏنو، جڏهن ته مولانا عزيز الله ٻوهيو کيس قوي شاعر ۽ شهيد ذوالفقار ڀٽو کيس عوامي شاعر، سائين جي ايم سيد کيس قومي شاعر جو خطاب ڏنو. سندس ڪتاب آليون اکيون اڻڀا وار  ڪراچي يونيورسٽي جي ايم اي سنڌي نصاب ۾ رکيل آهي ۽ انٽر جي سنڌي نصاب ۾ سندس تعارف ۽ شاعري ڇپيل آهي. ريڊيو پاڪستان، پي ٽي وي ۽ آل انڊيا  ريڊيو تان سندس شاعري نشر ٿيندي هئي ۽ ٿيندي رهي ٿي، ملڪ جي مشهور فنڪارن، عابده پروين، جيجي زرينه بلوچ، جلال چانديو، روبينه قريشي، محمد يوسف، محمد جمن، وحيدعلي، فيروزگل، سجاد يوسف، سرمد سنڌي، ثمينه ڪنول، رونا ليليٰ، ناهيد اختر، فوزيه سومرو، شازيه ترنم، الهڏنو خاصخيلي، الهڏنو جوڻيجو، صادق فقير، شفيع فقير، رجب فقير، قاسم اوٺو،رفيق فقير نزاڪت صادق فقير، شازيه مارئي، خوشبو لغاري، ڌڻي بخش سولنگي، سوڍو جوڳي، ديال صحرائي، وسند ٿري، وقار ملاح، فلڪ بلوچ، ذوالفقار علي، مظهر علي، استاد عبدالغفور سومرو، بادل راهي، مائي الله وسائي، مائي ڀاڳي، حيدر رند مصري ڏيپلائي، صنم مارئي، ديبا سحر، صائمه منظور، نورجهان مارئي، ڪوثر مارئي سميت ڪيترن ئي فنڪارن سندس شاعري ڳائي آهي.
سرويچ سجاولي  سنڌي ۾ ووٽر لسٽن جي جدوجهد، سنڌي شاگرد جدوجهد، ون يونٽ جدوجهد ۽ ايم آر ڊي جدوجهد ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو، سندس ون يونٽ جدوجهد تي لکيل نظم” ير وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گھيڙ، گھٽيون، گھر گام وڪيا” وڏي مقبوليت ماڻي ۽ اهو ئي نظم ون يونٽ جي خاتمي جو سبب بنيو، پاڻ ايم آر ڊي جي ۸۳ ۽ ۸۶ جدوجهد ۾ جيل پڻ ويو. سرويچ سجاولي کي انقلابي شاعري ڪرڻ سبب هڪ دفعي ممتاز ڀٽو جي دور ۾ گرفتار ڪري لاڏيون جيل ۾ موڪليو ويو هو، جنهن جي خبر جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي پئي ته هن ممتاز ڀٽو کي ٻلاٽي ڇنڊ پٽي ۽ سرويچ سجاولي کي هڪدم آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ، ميرپورخاص ۾ هڪ پروگرام دوران انقلابي شعر پڙهڻ دوران جلسي گاه جون بتيون بند ڪري کيس اسٽيج تان گم ڪيو ويو، ۱۹۸۱ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي شان ۾ شعر پڙهڻ تان مائيڪ بند ڪري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. سرويچ سجاولي سڄي عمر پ پ ۾ جدوجهد ڪندي گذاري سندس وفات تي شهيد بينظير ڀٽو تعزيتي پيغام موڪلي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ روبرو تڏي تي اچي تعزيت ڪرڻ جو چيو هو پر حياتي ساڻس وفا نه ڪئي ۽ هوءَ سرويچ جي تعزيت نه ڪري سگھي پر شهيد بينظير جي رهيل تعزيت ۱۲ سال گذرڻ بعد به نه ته سندس پٽ بلاول، مڙس آصف علي زرداري ڪري سگهيا آهن  ۽ نه ئي  پارٽي جا مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻ اڃا تائين ڪري سگھيا آهن.
ايشيا جي ۵ وزير اعظمن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، نوازشريف، اندراگانڌي،  راجيوگانڌي، سندس شاعري کي مڃتا ڏني ۽ کيس پنهنجي پسند جو شاعر قرار ڏنو، گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ سندس نالو سنڌ جي عوامي ۽ انقلابي شاعر طور درج آهي. پاڻ شهيد ذوالفقار ڀٽي جو ويجھو ساٿي ۽ دوست رهيو ۽ سندس جلسن ۾ شاعري پڙهندو هو، پر سندس محبت جو محور سنڌ هئي. هو ڀٽو صاحب جي موجودگي ۾ به سنڌ جي ڳالھ وڏي واڄي ڪندو هو، ڀٽو صاحب جي موجودگي ۾ ان ڏانهن آڱر سڃي چئي ڏنو هئائين ته "اٿو ۽ سنڌ لئه لڙو ڀلي کڻي ڀٽو هجي” ڀٽو صاحب کيس لوگون ڪو نچاني  والا شاعر ڪري  سڏيندو هو ۽ کيس ٽائون ڪميٽي دڙو سجاول جو ٽي سالن تائين ايڊمنسٽريٽر رکيو، جتي سندس سچائي ۽ ايمانداري اها هئي ته اڄ ڏينهن تائين انهن ٻنهي شهرن ۾ سندس ڪو هڪ پلاٽ يا ملڪيت به ناهي، سرويچ سجاولي شهيد بينظير ڀٽو، رسول بخش پليجو، فاضل راهو ۽ جي ايم سيد جي جلسن ۾ لکين ماڻهن جي ميڙ ۾ شاعري پڙهي وڏو نالو ڪمايو. سندس هڪ ٻيو شعري مجموعو ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون سندس وفات بعد پوئيرن پاران سندس نالي سان قائم ڪيل سرويچ سجاولي اڪيڊمي مان ڇپايو ويو آهي، جنهن جو ٻيو ايڊيشن روشني پبليڪيشن پاران ڇپرايو ويو آهي، جڏهن ته اڃان به ٻن ڪتابن جو مواد اڻ ڇپيل پيو آهي.
سنڌ اندر هلندڙ عوامي ۽ انقلابي تحريڪن  ۾ پنهنجي شاعري کي  ٻارڻ طور استعمال ڪري اسٽيجن تي شينهن واري گجگوڙ سان ماڻهن ۾ جوش ۽ ولولو پيدا ڪندڙ سنڌ جي عوامي قومي ۽  انقلابي، شاعر ۽ سنڌ کي جنت الفردوس طور ڀيٽا ڏيندڙ سرويچ سجاولي جي شاعري اڄ به عوام ۾ اتساھ جو اهڃاڻ بڻيل آهي ڪابه تحريڪ سندس شاعري کان سواء اڌوري آهي، عوام ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪرڻ لاء سرويچ جي شاعري سڄي سنڌ جي عوامي ۽ انقلابي اسٽيجن جو سينگار بڻيل آهي ۽ هو عوام جي دلين ڌڙڪندو رهي ٿو، پبلڪ کان پارليامينٽ تائين سندس شاعري جي گونجار اڄ به قائم ۽ دائم آهي، مسڪين ۽ مارو ماڻهو اڄ به کيس ياد ۽ پيار ڪن ٿا ۽ سندس شاعري کي جهونگاريندا رهن ٿا، سندس وڇوڙي کي ۱۲ سال گذري ويا. ۲۲ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع  تي  ڪينسرجي موذي مرض سان جھيڙيندي دم ڌڻيءِ حوالي ڪندڙ سرويچ سجاولي جي وڇوڙي تي ٺٽي ضلعي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو هو. ملڪي توڙي پرڏيهي ميڊيا  سندس وڇوڙي جي خبر کي بريڪنگ نيوز ڪري هلايو هو، محترمه بينظيرڀٽو، نوازشريف، غنويٰ ڀٽو، الطاف حسين، مولانا فضل الرحمان، ان وقت جي وزير اعليٰ ارباب غلام رحيم، رسول بخش پليجو،عبدالواحد آريسر، بشير خان قريشي، ڊاڪٽر قادرمگسي، سيد قائم علي شاهه، نثاراحمد کهڙو، مولابخش چانڊيو، سسئي پليجو، سميت ڪيترن ئي  ملڪي اڳواڻن سندس وڇوڙي تي گھري ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو هو. اڳوڻي ضلع ناظم سيد شفقت حسين شاه شيرازي سندس وڇوڙي تي ٺٽي ضلعي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو هو. ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين کيس ۲۰۰۷ع ۾ لائيو ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو.
هن جي ذاتي زندگي به شاندار رهي، نه رڳو سياسي، سماجي ۽ انقلابي سرگرمين کي هن نڀايو، پر جڏهن سندس ذاتي زندگي تي نظر وجهجي ٿي اها به شاندار نظر اچي ٿي. سرويچ سجاولي مسمات چاڳل سان پسند جي شادي ڪئي جنهن مان کيس ۶ پٽ ۽ ۳ نياڻين جو اولاد  ٿيو جنهن مان هڪ پٽ محمد خان ۳۰ مئي  ۱۹۸۳ع ۾ ۲۳ سالن جي ڦوه جواني ۾ مڪلي جي موڙ تي هڪ  روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويو جنهن جي وڇوڙي سرويچ کي مڪمل جھوري وڌو هو  ۽ ان حادثي بعد هو اڪثر بيمار رهندو هو  ان  بعد ۲۳ مئي ۲۰۰۷ تي سندس  هڪ ٻيو پٽ حبيبالله سانگي سجاولي  جيڪو سندس شاعري جو ولي عهد به هو جي ڪينسر سبب وڇوڙي سندس زندگي جي مقصد کي ئي ختم ڪري ڇڏيو  ۽ پاڻ مسلسل بيمار رهڻ لڳو ۽ نيٺ دم ڌڻيءِ حوالي ڪيائين. سندس اولاد ۾ پٽ حبيب الله سانگي سجاولي، ذوالفقار علي عرف سورج سجاولي، ۽ ڌيءِ فاطمه سجاولي پڻ شاعر رهيا آهن جن مان حبيب الله سانگي ۽ فاطمه سجاولي وفات ڪري چڪا آهن باقي سورج سجاولي سندس شاعري واري ورثي ۽ سندس فن کي سنڀاليندو اچي سندس هڪ ٻي نياڻي نجمه پڻ ڪينسر جي بيماري سبب ۲۰۱۶ ۾ وفات ڪري وئي. باقي ۴ ڀائر هڪ ڀيڻ حيات آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا