ڏاڏا شاهه جيلاني
هڪ جهان ديده سڌو ماڻهو
الطاف اثيم
هونئن ته ضلعي خيرپور جي آس پاس سوين مير
مهندار، پير پڳدار توڙي سگهارا سردار سڪونت پذير هئا، مگر مون پنهنجي سانڀر ۾ جنهن
سپوت جو نالو سخن جي سچائي، اصولن خاطر ارڏائي ۽ عدل خاطر بيباڪي ۽ بي ڊپائيءَ جي
نشانيءَ طور پنهنجي ارد گرد ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾ سوني سڪي جيان جرڪندو ڏٺو، سو
هو سڀ ڪنهن کي پنهنجن ڳڻن سان ڳنهي وٺندڙ سهڻو سائين اميد علي شاهه عرف ”ڏاڏا شاهه
جيلاني“. هو سکر جي مشهور جيلاني ساداتن مان هو ۽ جوانيءَ ۾ ئي اچي خيرپور جا وڻ
وسايا هئائين. ممڪن آهي ته نئون نسل کيس گهٽ سڃاڻندو هجي ۽ ڪن ته مورڳو سندس نالو
ئي اڄ پڙهيو هجي، تنهن لاءِ مانائتي اديب مرحوم علي احمد بروهيءَ لکيو هو ته،
ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪٿي ڪٿي پري کان کيس ڏسڻ جو موقعو ملندو هو ته هو انهن خالص
ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن لاءِ ماڻهو آڱريون کڻي چئي سگهن ته اجهو اهو جوان ڏاڏا
شاهه آهي. سائين ڏاڏا شاهه هڪ ملاقات دوران مون کي پنهنجي باري ۾ هي فارسي شعر
لکرايو هو:
ني عارف آگاهم، ني زاهد درگاهم
گر راست همي پرسي، درسم، به ڪتابِ
اندر.
(يعني: مان نه عارف بالا آهيان، نه زاهد
درگاهه آهيان، جي سچ پڇين ٿو ته فقط مان زندگيءَ جي ڪتاب جو ڄاڻو آهيان.)
ساڳي ڳالهه اڳتي هلي سندس دوست ۽ مداح،
نامياري شاعر ۽ محقق ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ سندس ورسيءَ جي موقعي تي پڙهيل نظم ۾
ڪئي هئي ته:
مان نه چوندس ”شاهه“ ڪو ئي، پير يا
پڳدار هو
هڪ جهان ديده سڌو ماڻهو هو پر دلدار
هو.
قدرت واري هر ڪنهن جي جهول ۾ ڪي خوبين ۽
خصلتن جا گل اڇليا آهن پر مالڪ سائينءَ ڏاڏا شاهه کي سوين خوبين سان سينگاري
موڪليو هو، ڇو ته شهرن جي آبرو ۽ سونهن ڪي خاص شخصيتون ئي ٿينديون آهن. گهڻو ڪري
صبح کان شام تائين انهيءَ اڻ تڻ ۾ گذرندو هوس ته ڪنهن سان ٻه وکون خير جون کڻي،
ڪنهن جي ڪم اچي. وٽس سواليءَ جي وڃڻ جي دير هئي، سفارش، ساٿ يا مدد ڪرڻ لاءِ
جوانيءَ ۾ پهرين وڏي ٽرمف موٽرسائيڪل ۽ پوءِ شورليٽ موٽر ۾ چڙهي روانو ٿيندو هو،
دانهن واري جي داد رسيءَ لاءِ وسوئون ڪين گهٽائيندو هو. پنهنجيءَ تي آيو ته نه کيس
ڪو ڊيڄاري سگهندو هو، نه ئي خريد ڪري سگهندو هو. سندس آبرو آڏو بيشمار دولت مندن
جون نگاهون نيچيون هونديون هيون. ماڻهپي جو مدار هرو ڀرو ڪتابي ڪيڙي هجڻ يا ورق
گردانيءَ تي ڪونه آهي. سونهاريءَ سنڌ ۾ مون انيڪ اهڙا انسان ڏٺا آهن، جن جي ڪتابن
سان ڪانه پئي پر حياتيءَ جو ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ قدرت کين اهڙو ڏانءُ ڏنو، جو
عاقلن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. اهڙو ئي خدا داد فهم سائين ڏاڏا شاهه وٽ به هو.
زماني سازيءَ جي حرفتن ۽ جديديت جي لاڙن مٿس ڪوبه اثر نه ڇڏيو، هو فقط پنهنجي
ڌرتيءَ ۽ ان تي وسندڙ ساهه وارن جي ڌڙڪنن جو آواز ڪن لائي ٻڌڻ ۾ مصروف رهيو، ڇو ته
هن لاءِ ٻيون سڀ هونگارون اوپريون ۽ اڻ وڻندڙ هيون. اندر ۾ ڪارو ڪانءُ ڪونه
وهاريائين، جو کيس هنج جي ٻولي ٻولڻي پئي، جو به اکر ڪڍبو، کرو ۽ سچو. خواه مخواه
ٻين کي ٺونٺيون هڻي اڳئين قطار ۾ پهچڻ جي ڪوشش نه ڪيائين، حالانڪه سندس چئو طرف
اهو تماشو لڳو پيو هو. پاڻ وڻائڻ خاطر ايوانن ۽ هائوسن جا به چڪر نه ڪاٽيائين.
مسڪينن کي مات ڏيڻ ۽ حريفن کي هيٺائين ڏيکارڻ لاءِ ڪو ڪُڌو ڪم نه ڪيائين. جي
ڪامورن ڪليڪٽرن جا لڪڻ سٽيا وڏيرا ادارن کي وڻ ويڙهيءَ جا وڪوڙيو ويٺا هئا، تن سان
وڏيون چوٽون کاڌائين. چوندو هو ته انساني حياتيءَ جو مقصد ئي اهو آهي ته ظالم سان
ٽڪر کائجي ۽ جي ظلم ڏسي به ضمير بغاوت نه ڪري ته سمجهجي ته ضمير زنده ناهي رهيو.
”ڏاڏا شاهه“ پنهنجي حياتيءَ ۾ هڪ اخبار ۽ هڪ
عدد سينيما جو مالڪ پڻ هو. ٻنهي جا نالا پنهنجي وڏي صاحبزادي جاويد جيلاني جي نالي
پويان رکيا هئائين. سينيما جهڙي ڪاروبار ۾ به روايتي وضعداريءَ جو ذڪر ڪندي سندس
دوست، ناليواري اديب مرحوم جمال ابڙي لکيو هو ته، ”هڪ دفعي ڪا چڱي فلم لڳي، سو مون
ڏاڏا شاهه کي چيو ته مان ٻارن سميت ايندس، ته ڏاڏا خوش ٿيو، هو پهرين منهنجي گهر
واريءَ کي ڀاڀي ۽ پوءِ ”ادي ڀيڻ“ ڪري سڏيندو هو، سو پڇيائين ته؛ ادي ڀيڻ به ايندي؟
مون چيس؛ هائو. چيائين ته؛ ٽانگا موڪليندس، گُڏين جهڙا، ڀلن گهوڙن وارا. مون چيو؛
هڪڙو ڪافي ٿيندو، پوءِ به ٻه موڪليائين. اسان جي اچڻ کان اڳ پردي خاطر سڀ ماڻهو
هٽائي ڇڏيائين، نوڪر وٺي هلي باڪس ۾ ويهاريو، چاپون، ڪباب ۽ سوڍا لمليٽ پئي آيا،
هال سڄو خالي. مون پڇيس: فلم ڪڏهن هلندي؟ چيائين: هاڻي ٿا هلايون. چيومانس: مانڊو
ته خالي آهي! ..... ٽڪيٽ واري بند دريءَ ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته، ”تون ادي ڀيڻ
سميت اچين ته ٻيو ماڻهو ڪيئن ايندو. مانڊو خالي ئي هوندو ۽ فلم هلندي.“
سنڌ مان ايوبي آمريت جي تڏا ويڙهه تائين
صوبي ۾ عوامي سياست لاءِ نه ته ڪو موزون پليٽ فارم هو، نه ئي غريبن جي غم خواريءَ
لاءِ ڪنهن وڏي ماڻهوءَ وٽ وقت پر سائين ڏاڏا شاهه پنهنجي وس آهر دونهي دکايو ويٺو
هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن پارٽيءَ کي منظم ڪرڻ لاءِ پهريون ڀيرو خيرپور آيو
ته سندس سڏ کي سڀ کان اول اميد علي شاهه ئي ورنايو. مرحوم غلام رسول صديقي، هادي
بخش لاڙڪ، سيد قائم علي شاهه سندس ساٿي بڻيا. سموري سنڌ ۾ هڪ وڏي سياسي اٿل پٿل
آيل هئي. چڱا ڀلا ڏسڻا واسڻا ماڻهو لڪي ويا هئا ته متان آمرن جو عتاب نازل ٿئي.
خيرپور ۾ ڏاڏا شاهه ارڏو ۽ اٽل ٿي بيٺو. بالغ راءِ دهيءَ جي بنياد تي جڏهن پهرئين
اليڪشن جو اعلان ٿيو ته پيپلز پارٽيءَ کي خيرپور ضلعي مان اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل پئي
لڳو ته، خيرپور جي سگهاري گاديءَ کي ڪير للڪاريندو. اهو وقت جن ڏٺو، تن کي ياد
هوندو ته ڏاڏا شاهه سيني تي هٿ هڻي دوستن کي چيو ته سندس مقابلي ۾ هو پنهنجي ويجهي
عزيز سيد قائم علي شاهه کي فارم ڀرائيندو. هن ڏينهن رات هڪ ڪري سندس ڪاميابيءَ جي
راهه هموار ڪئي ۽ اڳتي هلي چونڊجي قانون جو وفاقي وزير بڻيو.
سائين ڏاڏا شاهه سان راڻي پور جي جن قلمڪارن
جي نيازمندي هئي، تن ۾ ميان اظهر مولائي ۽ ان جي معرفت وري ”اثيم“. خيرپور جي جن مقامي
معروف اديبن سان سندس قرب جو رستو هو، تن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ ڊاڪٽر عطا محمد
”حامي“ شامل هئا. ان مان سندس ادبي ذوق جي خبر پئجي سگهي ٿي. وقت بوقت ڪچهرين
دوران اسان جيڪو ”ڏاڏا شاهه“ ڏٺو ۽ سمجهيو، سو هو هڪ خوددار، يارن جو يار، مسڪينن
جو مددگار..... توڙي جو وٽس دولت جا انبار ڪونه هئا پر سنڌ ڌرتيءَ جي مثالي ڏيا ۽
بردباريءَ جو مڪمل نمونو هو. بقول حامي صاحب جي ته:
رهزنن لچ لوفرن سان جنهن جو هر دم
وير هو
مانَ وارن ساڻ جنهن جو پرت وارو پير
هو
پنهنجي مفاد خاطر ڪڏهن ڪنهن سان ڪونه اٽڪيو،
نه دنگ دڙيءَ لاءِ لڙيو، سندس پاڙي ۾ ڪنهن مسڪين مجبور کي ڪنهن آزاريو ته اهو ان
ڏينهن کان ڏاڏا شاهه لاءِ ويري ٿيو. نفعي نقصان کان بي پرواهه، سر جو سانگو نه
ڪندو هو. سموري عمر مقابلن ۾ گذريس، سرخرو ٿي جهان ڇڏي ويو.
جي گهڙيون جيئرو رهيو، محفل جي رونق
ٿي رهيو
داغ دشمن جو رهيو، هر دوست جو ساٿي
رهيو. (حامي)
No comments:
راءِ ڏيندا