نواز
علي ’نـياز‘ جعفري
عمدة
الشعراء
احمد علي صابر چانڊيو
سنڌ ڌرتي هر دؤر ۾ جليل القدر جامع الصفات انسان پيدا ڪيا آهن. ڪي عالم،
ڪي عشاق، ڪي مفڪر، ڪي فيلسوف، ڪي اديب، ڪي شاعر، ڪي ٻلواڻ، ڪي مصلح، ڪي فلسفي ته ڪي
حڪيم. ڪي نقاد ڪي دانشور ۽ دانش آموز، ڪي مؤرخ، ته ڪي اولياء، ڪي سالک ته ڪي صوفي.
سنڌ ڌرتيءَ کي صوفي بزرگن ۽ اوليائن جي نگريءَ جو لقب حاصل رهيو آهي.
اهڙن املھه انسانن ۾ خان صاحب نواز علي نياز جعفري پڻ ”عمدة الشعراء“ طور تي ڄاتا
۽ سڃاتا ٿا وڃن.
هي بزرگ لاڙڪاڻي جا رهواسي هئا. پاڻ
بزرگ برگزيده هستي جا مالڪ محمد آچر جي اڱڻ تي ۱۸
آڪٽوبر ۱۸۹۲ع ۾ نکري نروار ٿيا. سندن صحبت مان ڪيترن ئي مفڪرن
فڪر حاصل ڪيو. پاڻ هميشه وديا جو وهنوار ڪندا هئا. وديائي مامرا جي به هوندا هئا تن
کي سلجهائڻ لاءِ وٽن ڪيترا ڪھي ايندا هئا ۽ ڪڏهن به تھي دست واپس ڪين وريا. جعفري سڏائڻ
۽ جعفري امام بارگاه جي قيام مان سندن جي مسلڪ جي پروڙ ڀلئ ڀت لڳائي سگهجي ٿي. هو حسينيت
جا طرفدار ۽ يزيديت کان ازحد نفرت ڪندڙ هئا. علي عليھ السلام ۽ ان جي اولاد سان سندن
پيا رهئو. سائين نواز علي نياز تي جن به مفڪرن لکيو ۽ سندن جي فن ۽ فڪر کي عيان ڪرڻ
جي ڪوشش ورتي تن ۾ پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، ڊاڪٽر علامه محمد عمر
دائود پوٽو، اياز قادري کان جواد جعفري ۽ سرمد چانڊيو تائين جن به سندن ڪاوشن ۽ فڪري
گھرائي کي عيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تن پڻ پنھنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي. پر اڃان اهڙن
مھان ۽ ڏاهن انسانن تي گھري فڪر جي ضرورت آهي. نواز علي نياز جي فڪر ۽ فلسفي جو اگر
ڇيد ڪبو ته هڪ انتھائي ۽ گھري شخصيت طور سامھون ايندا. سندن شاعري جيڪا علم عروض سان
ٽمٽار آهي، جنھن ۾ هڪ نقطي وارا نظم بغير نقطن جي شعر ۽ گيت، هڪ اکر ڇڏي ٻئي اکر تي
نقطو ۽ هڪ اکر ڇڏي ٻئي اکر هيٺ نقطو. يا ڇند وديا تي مڪمل شاعري جنھن ڪري کين ”عمدة
الشعراء“ جو لقب عطا ٿيو. ٻڌائن ٿا ته نياز جعفري جن جي والده ماجده سنڌ ڌرتيءَ جي
انھن باشعور ۽ سگهڙ عورتن مان هئي جن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي حافظه طور
تي ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو هئو. اهڙي مھان ماتا جي هنجهه ۾ پلجندڙ نياز جعفري هڪ مھان هستيءَ
طور تي نکري نروار ٿيا هئا.
نواز علي نياز ڇند ۽ علم عروض جو ڄاڻو شاعر طور تي ڄاتو ويندو آهي. پاڻ
اردو، سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿن. سندن جي شاعري گهڻي ڀاڱي واقع نگاري،
قوميت ۽ طنزومزاح جي موضوعن سان رڱيل هئي. حالانڪ عارفانه ۽ تجنيس حرفي ۽ ناصحانه به
هئي. سندن سادو مزاج، نيڪ خو ۽ فراخ دل غريب پرور هئا. پنھنجي عوج منصب (مختيارڪار)
۾ ڪنھن سان به ناانصافي ڪانه ڪئي. انساني تقاضائن جي نظرئي تحت انصاف ڪندڙ هئا، فقيراڻي
انداز ۾ مرد مولائي لڳندا هئا. سندن مسلڪ واضح هئو پر پوءِ به ڪيترائي انسان نماڻي
چلت ۽ سادگيءَ ڪارڻ صوفي تصور ڪندا هئا. هر وقت قديمي مرڪزي امام بارگاهه ۽ جامع مسجد
جعفريه لاڙڪاڻي ۾ خدمتون ونڊيندي نظر ايندا هئا. سندن ڪلام جو گھرائيءَ سان مطالعو
ڪبو ته پروڙ پوندي ته نياز جعفري جي ڪلام ۾ هدايت، طالبانِ حق لاءِ تلقين هئي، سندن
فراست، عقل ۽ ادراڪ واري شاعريءَ جي ڪارڻ کين ”عمدة الشعراء“ جو لقب ۲۷ مارچ ۱۹۴۸ع ۾ هڪ ادبي ڪانفرنس دوران ميھڙ ۾ مليو.
لاڙڪاڻو جيڪو اڳ واري زماني ۾ چانڊڪي پرڳڻي جو مرڪز هئو جنھن کي ڪلھوڙن
جي دؤر حڪومت ۾ دفاعي قلعي جي حيثيت حاصل هئي. لاڙڪاڻي کي ادبي، سياسي، سماجي توڙي
اقتصادي اهميت حاصل هئي. نه صرف ايترو بلڪه لاڙڪاڻو سنڌ جي سينڌ وارو ضلعو هئو ۽ هن
کي سياسي توڙي علمي آکيرو سڏيو ويندو هئو. ادبي کيتر ۾ هزارين اهڙا نالا آهن جن تي
ڌرتي ناز ٿي ڪري، جن مان جمن چارڻ، مراد، جلال کٽي، ميان محمد صالح قادري، پير حسام
الدين شاهه راشدي، نواب ولي محمد، ميان علي محمد قادري، ڪشن چند بيوس کتري، حفيظ تيوڻو،
پير علي محمد راشدي، وريل فقير، علامه تارڪ نجفي، حضرت ميان غلام صديق ميڪڻ، ميان غلام
محمد گدا، محمود خادم، ڇتو سانگي، ڪيھر شوڪت، اياز قادري، قربان بگٽي، عبدالله اثر
چانڊيو، نظام الدين گوپانگ، شيرل باڊاهي، پيرل
قمبر، ناظم چانڊيو، علي بخش جمالي، اصغر جمالي، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، عبدالغفور ميمڻ،
جمال ابڙو ۽ ٻيا ڪيترائي املھا ادبي انسان تن ۾ نواز علي نياز جعفري پڻ هڪ هئو جنھن
کي عمدة الشعراء جو لقب عطا ٿيو. سياسي حوالي سان لاڙڪاڻو ڌرتيءَ جي گولي تي جاودان
۽ جرڪندو رهندو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو، پير علي محمد راشدي،
قاضي فضل الله، عبدالغفور ڀرڳڙي، ايوب کھڙو، سر شاهه نواز ڀٽو، شھيد بينظير ڀٽو ۽ شھيد
ذوالفقار علي ڀٽو جھڙا ڪردار ۽ اڳواڻي ڪندڙ، جن ڳچين جا ڳيچ ڏنا پر ويساهه گهاتي ڪانه
ڪئي.
نواز علي نياز جعفري لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ جو اهم رڪن هئو جڏهن به ادبي
تاريخ تي ويچار ونڊيا ويندا ته يقين سان نياز جعفري جو نالو سرفھرست ادبي نالن جي سونھن
بنجندو.
غلاميءَ
جا مان دل تان داغ ميساري رهيو آهيان،
سبق ان
کي مان خود دارئ جو سيکاري رهيو آهيان.
نياز
آخر ترقي جي ڏٺم ڪا تازگي دل ۾،
انھيءَ
اميد تي باقي گھڙيون گهاري رهيو آهيان.
نواز علي نياز جي شخصيت فن ۽ فڪر تي گھري سوچ جي ضرورت آهي. نواز علي
نياز انتھائي ايمانداري ۽ سچائيءَ سان زندگيءَ جو سفر طئي ڪندي ۶۸ سالن جي ڄمار ۾ ۱۲ نومبر ۱۹۵۹ع ۾ پنھنجي حقيقي مالڪ سان مليا.
اوچتو سڏ ٿيو نه ڪنھن کان موڪلايون ٿو وڃان.
نياز جعفري کي اڄ به لاڙڪاڻي وارن وساريو ڪينھي، ٿيڻ ائين گهربو هئو جو
اهڙي مھان هستيءَ جي نالي ڪو ادارو قائم ٿئي ها. نواز علي نياز جي شاعري پرائمري کان
ايم اي تائين نصاب ۾ پڙهائي ويندي هئي .
اڄ به نيڪ نيت، نيڪ دل صوفي طبع فقير، اهل الله شاعر ادبي، سماجي توڙي
مذهبي خدمتون ڪندڙ شخص پنھنجي تصنيفات ”مداح محمدي“ ۽ اڻڇپيل ”جوهر سخن“، ”ديوان نياز“
۽ ”تحفه نياز“ جي ڪارڻ صديون زنده رهندا. اهڙا انمول انسان ڌرتي اڃان به ڏيندي رهندي.
اٿي مھڪ
ملير مان مٽيءَ پيو مينھن،
مئي منھنجو
نينھن اڳي کان اڳرو ٿيو.
(شاهه)
No comments:
راءِ ڏيندا