; سنڌي شخصيتون: غلام رسول کوکر - طالب کوکر

22 October, 2014

غلام رسول کوکر - طالب کوکر

غلام رسول کوکر
هُو جو دردن جو درمان هو
طالب کوکر
حيدرآباد هڪ اهڙو وسيع دامن وارو شهر آهي، جتي ڪيترا ئي ماڻهو پنهنجي ضمير سوڌو گم آهن. پر هي صاحب جڏهن به پنهنجي جنم ڀومي ڳوٺ ونگو ميرپور ماٿيلو ٿي وريو ته ضمير ۽ شخصيت جو عَلم اُتي جو اُتي بيٺل ۽ ويتر اُوچو نظر ٿي آيو. هو سدائين خوشين ۽ غمين تي پنهنجي اٻوجهه ۽ سادن مٽن مائٽن سان اچي گڏبو هُيو. ڳوٺ اچڻ کان پوءِ اوڙي پاڙي جا سڀئي ماڻهو، انهي جا مائٽ ٿي پوندا هئا. ڇو ته احساس جهڙو ٻيو ڪو به رشتو نه آهي. هُن سان ملڻ لاءِ آيل هر ماڻهو، ساڳي حيثيت رکندو هيو. ڪيترن ئي مائٽن ۽ پاڙي وارن جون عيدون سندس جي ڪري خوشين ڀريون ٿي پونديون هيون. پاڻ ڪڏهن به ڪنهن سان غرور ۽ فخر سان ڪو نه ڳالهايائون. سندس آواز ۾، الله تعاليٰ اهڙي مقناطيسيت رکي هئي جو هر ٻڌڻ وارو، دل و جان سان اچي حاضر ٿيندو هو.


مرحوم کي قدرت طرفان ڪيتريون ئي خوبيون عطا ڪيل هُيون. وجاهت، ذهانت، خوش بياني ۽ سخاوت انهي جون عام ۽ ممتاز صفتون هُيون. مرحوم هڪ اهڙو قابل جوهري هيو جو ٿوري گفتگو مان هر ماڻهو کي انهي جي عقل سميت سڃاڻي وٺندو هيو. پوءِ انهي سان انهيءَ جي عقل مطابق ئي گفتگو ڪندو هيو. نهايت بي خوف ۽ سچو ماڻهو هيو. فطرت جي نوازيل بيحد خوبين مان سندس هڪ خوبي اها به هئي ته سندس طبيعت ۾ مزاح ۽ سنجيدگي جو اهڙو سنگم رکيل هيو جو ٻڌڻ واري تي سحر طاري ٿي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته مزاح ۾ اهڙيون باريڪ ڳالهيون سمجهائي ڇڏيندا هئا، جيڪي سالن ۾ به سمجهه ۾ نه اچن. جهڙيءَ طرح هو پڙهيل طبقي ۾ معتبر ۽ مقبول هيو، اهڙي طرح اڻ پڙهيل ۽ گهٽ پڙهيل سادن ماڻهن جي طبقي ۾ به معتبر ۽ مقبول هو.
مرحوم غور ۽ فڪر ڪرڻ وارو ماڻهو هيو. فڪري بنيادن تي ئي پنهنجي غريب ۽ سادن مٽن مائٽن جي سوچ ۾ تبديلي آندائين ۽ سڀني کي تعليم ڏانهن راغب ڪيائين. پاڻ انتهائي نيڪ ۽ پرهيزگار هجڻ سان گڏ انتهائي سخي پڻ هئا. هن انسانيت پسند ماڻهو، جتي تعليم ۽ ترقي لاءِ سڄي سنڌ لاءِ ٿي سوچيو، اُتي سندس پنهنجا سادڙا مٽ مائٽ ۽ پاڙي وارا به ڪين وسريا. انهي سنڀار جي نتيجي جي ڪري ئي اڄ ڪيترن ئي گهرن جا چُلها گرم آهن ۽ هر ڪو پنهنجي منزل ڏانهن گامزن آهي. پر تاريخ هر دور ۾ پنهنجي پاڻ کي دهرائيندي رهي آهي ته آخري دور ۾ هن نيڪ سيرت انسان کي به پنهنجن نوازيلين طرفان ڪجهه تڪليفون مليون. پر هي بندو جيڪو سڀني جو محسن هو، ڪڏهن به زبان تي نه آندائين ته هي زور ۽ زر جيڪو ڳالهائي ٿو انهي جو ذريعو مان ئي آهيان. پر اهڙو رويو اپنايائين جو ڄڻ هي انهن کي سڃاڻي به ڪو نه ٿو، اهو سندس شخصيت ۽ ثابت قدمي جو اعليٰ ڪمال هيو. سندس خدمت ۾ اهڙا ماڻهو به موجود هئا، جيڪي فقط هڪ اشاري جا پابند هئا مگر ڪڏهن به ڪنهن کان غير روا رکندڙ ڪم نه ورتائين ۽ سندس نوازش جو اهو نتيجو آهي جو منهنجي هٿ جو قلم به انهي جو مرهون منٿ آهي.
سائين پاڻ ڪافي عرصي تائين حيدرآباد ۾ تعليم کاتي ۾ “ڊائريڪٽر” جي عهدي تي رهيا ۽ انتهائي عقل مندي سان پنهنجون ذميواريون سر انجام ڏنائين. موجوده دور ۾ به تعليم کاتي جا آفيسر ۽ ڪامورا آهن پر جيڪڏهن سڀني کي ٿورو جاچيون ته سواءِ چند جي باقي سڀني تي ڪيترن ئي قسمن جا ڪيس هلندڙ هوندا. پر سائين پنهجي فرض ۾ نهايت ئي کَرو ۽ سچو هيو جو ڪڏهن ڪو الزام مٿس نه لڳو. هڪ سٺو ماهرِ تعليم هو، جنهن سرڪاري طرح ۽ نيڪ نيتي سان ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا. ترقي يافته ملڪن جي تعليمي نظام جو جائزو ورتائين، اُتي ئي ڪيتريون ٽريننگون ڪيائين ۽ واپس اچي پنهنجي ملڪ ۾ نه صرف رائج ڪرايائين، بلڪ انهن تي سختي سان عمل به ڪرايائين. تعليم جي حوالي سان پاڻ سدائين سِنڌين لاءِ سوچيندا رهندا هئا ۽ عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي حد تائين سرگرم رهندا هئا. مزاح هجي يا سنجيدگي ڪڏهن به منطق کان خالي نه هوندي هئي. هڪ دفعي ڪجهه ماسترن سائين کان گُهر ڪئي ته سائين حڪومت کان ”ٽيچنگ الائونس“ وٺي ڏيو. سائين کِلي پيا ۽ سندس سادن لفظن ۾ جواب ڏنائون، ته ادا توهان ڪهڙي ڊپارٽمينٽ کان آيا آهيو. ماسترن چيو ته سائين اسان تعليم کاتي جا ئي آهيون. تنهن تي سائين وراڻيو ته پوءِ بس مسئلو ئي حل ٿي ويو. جيڪڏهن توهين ڪنهن ٻي ڊپارٽمينٽ جا هجو ها ۽ اسين توهان کي تعليم سيکارڻ لاءِ گُهرايون ها، پوءِ ته توهان کي ضرور ٽيچنگ الائونس ڏيون ها. پر توهان آهيو ئي تعليم کاتي جا ۽ توهان جو ڪم ئي پڙهائڻ آهي ته پوءِ ٽيچنگ الائونس ڇا جو؟ اهڙو منطقي جواب ٻڌي سڀئي لاجواب ٿي ويا.
رشوت جي بازار ايڏي گرم هوندي به سائين ڪيترن ئي هوشيار، محنتي ۽ غريبن کي ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون. مرحوم جو سرڪاري ننڍن ملازمن سان ايترو ته پيار ۽ محبت وارو رشتو هوندو هيو جو اهي سڀئي سندس ذاتي ملازم ٿيڻ لاءِ تيار هوندا هئا.
”اَجل ڪي  هاٿ  ڪوئي آ  رها  هي  پروانه
نه جاني آج کي فهرست مين رقم ڪيا هي.“
آڪٽوبر مهينو سندس زندگي ۾ آخري مهينو ثابت ٿيو. چند ڏينهن بسترِ مرگ تي رهيا. آخر اَبدي ننڊ سمهي رهيا. مرحوم جو ڪو به ديس، جهان، ڪو نانءُ ڪو نه هيو. هو هر ديس جو ماڻهو هيو، هر جهان هن جو جهان هيو ڇو جو هو هڪ انسان هيو. جڏهن مڙهه ڳوٺ آندو ويو ته هر هڪ اَک آلي ٿي ويئي ۽ جنازي ۾ اڻ ڳڻ ماڻهن شرڪت ڪئي. اهڙي طرح انسان دوست، غريبن جو همدرد، هڏ ڏوکي، مددگار ۽ ڀر جهلو جسماني طرح اکين کان اوجهل ٿي ويو. پر سندس روحاني طرح اڄ به موجود آهي. سندس فرض شناسي جي طور تي پوئنرن ۾ “محبوب علي، احسان علي ۽ جميل احمد تعليم کاتي سان وابسته آهن. عاشق علي سوئي سدرن گئس ڪمپني ۾ انجنيئر آهي ۽ سندس ئي طبيعت جهڙو ماٺيڻو ۽ سخي پٽ ”واحد بخش عرف ٽِمي“ هڪ سُٺو بزنس مين آهي. سندس ٻه نياڻيون ڊاڪٽر آهن.” هي مرحوم جي ڪُل ڪائنات آهي، جيڪا انتهائي مانائتي ۽ شانائتي آهي ۽ سندس اڄ ورسي جون رسمون حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ جاري آهن.

الله تعاليٰ کان دُعا آهي ته سندس مغفرت فرمائي، آمين.

No comments:

راءِ ڏيندا