; سنڌي شخصيتون: غلام، رسول، کوکر، هُو جو دردن، جو درمان، هو، طالب، کوکر،
Showing posts with label غلام، رسول، کوکر، هُو جو دردن، جو درمان، هو، طالب، کوکر،. Show all posts
Showing posts with label غلام، رسول، کوکر، هُو جو دردن، جو درمان، هو، طالب، کوکر،. Show all posts

22 October, 2014

غلام رسول کوکر - طالب کوکر

غلام رسول کوکر
هُو جو دردن جو درمان هو
طالب کوکر
حيدرآباد هڪ اهڙو وسيع دامن وارو شهر آهي، جتي ڪيترا ئي ماڻهو پنهنجي ضمير سوڌو گم آهن. پر هي صاحب جڏهن به پنهنجي جنم ڀومي ڳوٺ ونگو ميرپور ماٿيلو ٿي وريو ته ضمير ۽ شخصيت جو عَلم اُتي جو اُتي بيٺل ۽ ويتر اُوچو نظر ٿي آيو. هو سدائين خوشين ۽ غمين تي پنهنجي اٻوجهه ۽ سادن مٽن مائٽن سان اچي گڏبو هُيو. ڳوٺ اچڻ کان پوءِ اوڙي پاڙي جا سڀئي ماڻهو، انهي جا مائٽ ٿي پوندا هئا. ڇو ته احساس جهڙو ٻيو ڪو به رشتو نه آهي. هُن سان ملڻ لاءِ آيل هر ماڻهو، ساڳي حيثيت رکندو هيو. ڪيترن ئي مائٽن ۽ پاڙي وارن جون عيدون سندس جي ڪري خوشين ڀريون ٿي پونديون هيون. پاڻ ڪڏهن به ڪنهن سان غرور ۽ فخر سان ڪو نه ڳالهايائون. سندس آواز ۾، الله تعاليٰ اهڙي مقناطيسيت رکي هئي جو هر ٻڌڻ وارو، دل و جان سان اچي حاضر ٿيندو هو.