; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر فياض پيرزادو - امر پيرزادو

11 October, 2014

ڊاڪٽر فياض پيرزادو - امر پيرزادو

ڊاڪٽر فياض پيرزادو
ٻلهڙيجيءَ جو مسيحائي ڪردار
امر پيرزادو
سڄي سنڌ ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجي، ڀٽائي شناسائي، ترقي پسند ادب سرجيندڙ ۽ سياسي شعور رکندڙ هڪ منفرد ڳوٺ مڃيو ويندو آهي جنهن۾ ڪيترائي لازوال ڪردار جهڙوڪ انور پيرزادو، گلاب، لطف، فَقير يار محمد، محب، ڊاڪٽر محمد حسن، قربان، بهشت خاتون، ڊاڪٽر زبيده، ملڪه، مير محمد پيرزادو، شاهه محمد،فيض پيرزادو ۽ ٻيا ڪيترائي ناليوارا شاعر، صحافي، سياسي ۽ سماجي ورڪر توڙي صوفي فقير شامل آهن. انهن لافاني ڪردارن کان سوا به ٻلهڙيجي ۾ ڪيترائي اهم گمنام ڪردار آهن جن کي اسان جي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا نه ٿي سڃاڻي پر انهن جو ٻلهڙيجي جي تاريخ ۾ تمام وڏو ڪردار آهي . انور پيرزادي پنهنجي حياتي ٰءَ ۾ ٻلهڙيجي هسٽاريڪل سوسائٽي جو بنياد وڌو هيو، جنهن جو مقصد ٻلهڙيجي جي تاريخ ۽ ان جي انوکن ڪردارن کي سهيڙي قلمبند ڪرڻ هيو. ان هسٽاريڪل سوسائٽي جي گڏ ڪيل ڊيٽا مطابق ٻلهڙيجي ۾ جملي ٽياسي ته صرف شاعر موجودآهن. پر افسوس ته اها هسٽاريڪل سوسائٽي به انورپيرزادي سان گڏ اسان کان وڇڙي وئي ڇو ته اهو ڪم به انور پيرزادي جهڙو ويزن رکندڙ ڪو انسان ئي ڪري سگهي ٿو. سو ٻلهڙيجي جي اهڙن انوکن ڪردارن منجهان هڪ گمنام ڪردار ڊاڪٽر فياض پيرزادو به آهي جنهن لاءَ هتي لفظ گمنام صرف ميڊيا جي حوالي سان لکي رهيو آهيان ڇاڪاڻ ته ٻلهڙيجي ۽ اوسي پاسي جي ڳوٺن ۾ هي ڪردار اُتان جي اليڪشن ۾ بيهندڙ سياستدانن کان گهڻو مقبول آهي ڇو ته سياستدان اُتان جي ماڻهن جي ايتري خدمت ناهن ڪندا جيتري هي فرشتي جهڙو انسان اڪيلي سر ڪندو آهي. ٻلهڙيجي جي پيرزادن جي لڳ ڀڳ سڀني گهرن ۾ جڏهن به ڪو مرد، عورت، ٻار يا ٻڍو بيمار ٿيندو آهي ته سڀني کان اڳ ۾ فياض کي ئي سڏيو ويندو آهي، هو ڄڻ ته ٻلهڙيجي جو عبدالستار ايڌي آهي جيڪو بنا دير مصيبتن ۾ ڦاٿل مسڪينن جي گهر پهچي فرسٽ ايڊ ڏئي مريض جي حياتي بچائڻ لاءَ ان کي لاڙڪاڻي يا ڪراچي کڻائي ويندو آهي، جتي مريض کي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ، ان جو اٽينڊنٽ ٿي ان جي خدمت ڪرڻ ۽ گهر ڀاتين کان به وڌيڪ ان لاءِ متحرڪ رهڻ هن ثواب جهڙي زندگي گزاريندڙ شخص جو معمول آهي. نه فقط ٻلهڙيجي پر اوسي پاسي  جي ڳوٺن جا مريض به ڊاڪٽر فياض کي پنهنجي ڏکين وقتن ۾ وڏو آٿٽ محسوس ڪندا آهن، ڏينهن هجي يا رات، گرمي هجي يا سردي فياض هر ان مريض سان گڏ نظر ايندو جيڪو جسماني هيڻائي ۽ غربت سبب ڪنهن سهاري جي تلاش ۾ هوندو آهي. مضبوط جسماني بيهڪ رکندڙ هي قداور ۽ سهڻو انسان ٻلهڙيجي مان انسانيت جو وهندڙ سنڌو درياهه لڳندو آهي. هن جي عزت ڳوٺ جو هر ننڍو وڏوانسان دل سان ڪندو آهي جنهن جا ٻه بنيادي سبب آهن، هڪڙو ته هي غريبن جو وڏو ڀرجهلو آهي،ٻيو ته هي ڪڏهن به پنهنجا احسان ٻين ماڻهن تي جتائيندي نظر ناهي ايندو. هن وٽ گهرتوڙي ٻاهر جي مريض کي ڏسڻ جي ساڳي اک آهي! هن شايد ايتريون راتيون پنهنجي گهر ۾نه گذاريون هونديون جيتريون مريضن جي خدمت ڪندي اسپتالن ۾ گذاريون هونديون. جڏهن هن مڙس ماڻهو جي شادي ٿي هئي تڏهن تر جي ماڻهن هن کي ايترا ته پيسن جا هارَ پاراياهئا جو هر هر هن جي ڇاتي تي ڀرجي ويندڙ هار لاهڻا پيا پون ته جيئن ٻيا ماڻهو به هن کي محبتن جا هارَ وجهي سگهن. هو مسڪينن جو آئيڊيل ۽ هيرو آهي.


انور پيرزادو هن جو مامو هيو، جڏهن انور پيرزادوبيماريءَ سبب ڪراچي جي لياقت اسپتال ۾ داخل ٿيو هو ته ڊاڪٽر فياض ان ڏينهن ئي ٻلهڙيجي مان لياقت اسپتال پهتو هو، اهو۱۲  نومبر۲۰۰۶ جو ڏينهن  هو انکان پوءِ فياض جنوري ۲۰۰۷ تائين لياقت اسپتال ۾ رهي انور پيرزادي جي خدمت ان جي پٽن وانگر ڪئي هئي . انور پيرزادو کيس پاڻ کان پري وڃڻ نه ڏيندو هو ۽ ڇوندو هو ته فياض مان وڏو رليف ٿو ملي. بابا جي وڇوڙي کان پوءُ اسان فياض کي چيوهو ته اسان ڪڏهن به  بابا لاءَ تنهنجي ڪيل خدمت وارواحسان لاهي نه سگهنداسين، جنهن تي فياض روئندي ڇيو هو ته انور صاحب جا احسان ڪيرٿو لاهي سگهي!
فياص ٻلهڙيجي ۾ انٽر ڪرڻ کان پوءِ ۸۸ ۾ ڪراچي شهر جي JPMC مان ڊسپنسريءَ جي ڪورس ڪيو هو. تڏهن هو پنهنجي مامي ڊاڪٽر محمد حسن جي ويٽنري ڪلينڪ تي به ڪم ڪندو هو. ان کان پوءَ جڏهن ڳوٺ سڌار سنگت، ٻلهڙيجي ۾ هڪ ٻاهرين NGO جي مدد سان  ڊاڪٽر زبيده ميموريل اسپتال ٺهرائي هئي ته ڊاڪٽرپيرزادي کيس چيو ته تون ڳوٺ وڃي اها اسپتال سنڀال، جيستائين توکي ڪا نوڪري نه ٿي ملي تيستائين هر مهيني جي پگهار توکي مان ڪراچي مان موڪليندس، ايئن ڊاڪٽر فياض ٻلهڙيجي جي ان اسپتال کي وڃي وسايو ۽ ڊاڪٽر پيرزادو کيس ڪراچي مان برابر پگهار موڪليندورهيو. فياض چواڻي ته ان کان پوءِ ۸۹ ۾ انور پيرزادي جي ڪوشش سان هن کيHealth Technician جي سرڪاري نوڪري ملي هئي. تنهن زماني ۾ لاڙڪاڻي ۽ ڏوڪري جي ڊاڪٽرن کي هفتي ۾ٻه ڀيرا ٻلهڙيجي ۾ ڊاڪٽر زبيده ميموريل اسپتال مريض ڏسڻ لئه اچڻو پوندو هيو ان ڪري ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو  ڊاڪٽر فياض کي چيو ته تون جيئن ته هن ڳوٺ جو آهين ان ڪري هي اسپتال تون سنڀال. پوءَ جڏهن سال۲۰۰۶ ۾ گورنمنٽ ڊسپنسري حاجي لال بخش شيخ جو ٻلهڙيجي ۾ افتتاح ٿيو ته فياض اهي ٻئي اسپتالون سنڀالڻ لڳو. هڪ اندازي مطابق روزانو ۳۰۰ جي تعداد ۾ ٻلهڙيجي ۾ OPD ٿيندي آهي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته MBBS پاس ڊاڪٽر نه هجڻ باوجود هي ڊاڪٽر سڏرائيندو آهي۽ اهو لقب هن کي ڊگري جي ڪري نه پر ماڻهن جي خدمت ڪرڻ تي مليو آهي، ڄڻ ته انسانيت ۾ PHD ڪرڻ عيوض کيس اهو اعزاز ڪنهن اداري نه پر غربت ۽ ڏکن جي ماريل ماڻهن جي ضميرڏنو هجي.
ڊاڪٽرفياض پنهنجي اتساهه جو مرڪز ڊاڪٽر محمد حسن ۽ انور پيرزادي کي سمجهي ٿو جن هن کي انساني خدمت جو عملي سبق ڏنو. ڊاڪٽر فياض روزن ۽ نمازن وارو چڱو ڪم به ڪندوآهي پر هن جي اصل سڃاڻپ اوه ڪو ٻيو فهم آهي جنهن سان هي پرين کي پسي ٿو ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي چواڻي اوه ڪو ٻيو فهم جي وضاحت ڀٽائي صاحب جي هڪ ٻي وائي ۾ هن ريت آهي جنهن جي ڊاڪٽر فياض پڻ عملي تصوير آهي ته:
اتهين ڪي آهي، هي جي جهونا پسين جهوپڙا

ڪر خدمت خلق جي پاند ڳچيءَ ۾ پائي ..!!

No comments:

راءِ ڏيندا