; سنڌي شخصيتون: صوفي فقير محمد ابراهيم ميمڻ - نثار مڱريو

25 October, 2014

صوفي فقير محمد ابراهيم ميمڻ - نثار مڱريو

صوفي فقير محمد ابراهيم ميمڻ
نثار مڱريو
دنيا جي گولي تي ڪجهه اهڙا انسان به آباد آهن، جن جي نظر ۾ دنيا صرف ٽن ڏينهن جو کيل آهي، هڪ ڏينهن ڄمڻ، ٻيو ڏينهن دنيا ۾ رهڻ ۽ ٽيون ڏينهن  مرڻ، خفو ۽ خفت، لالچ، ڪروڌ، وڏائي، تڪبر، انسانن کي ايذائڻ، پرايو حق کائڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ، ظلم ڪرڻ، تڪليف ڏيڻ، دل ڏکائڻ، نفرت ڪرڻ، ڪنهن جا عيب ڳولڻ اهي ظاهر ڪرڻ، اهي انسان انهن سڀني ڪمن کان نه صرف آجا هوندا آهن پر اهو ڪم ڪندڙن کان پڻ پناهه گهرندا آهن. اهي انسان مسلمان، هندو، سک، عيسائي، يهودي، ٻُڌَ، پارسي سميت تمام مذهبن، فرقن، لسانيت ڇڏي پنهنجي ئي رمز ۾ مگن هوندا آهن، اهي چوندا آهن مذهبن منجهايو ماڻهن کي نه ته مهربان ٻاجهاري خلقڻهار ته آدم مان انسان ٺاهيو هو، هي ماڻهو صوفي آهن، جهوڪ واري سائينءَ تي صوفي راڳي.


جڏهن سُرَ آلاپي ٿو. ”صوفي جي سوز ساز کي سمجهڻ ته ڏکيو آ، هن عشق جي آڙاهه کي سمجهڻ ته ڏکيو آ“ هنن محبتي الستي ماڻهن جو تصور صوفي راڳين جي هن ڪافي طرف وڃي ٿو.
پاڻ پسي پاڻ کي، پاڻ ئي معبود،
پاڻ ئي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو.
سانگهڙ شهر جي رستن تي هلندڙ فقير محمد هاشم ڪوري، شهدادپور جي گهٽين ۾ گهمندڙ عبدالله فقير ابڙو، گهوٽڪي ۾ گهمندڙ محراب فقير سميت سڄي ملڪ جي شهر شهر اهڙا فقير نظر ايندا، جيڪي سڄو ڏينهن جهرجهنگ ۽ گهٽين ۾ محبت جو وکر ورهائيندا آهن، ڪير انهن کي سڃاڻي يا نه سڃاڻي، هو پنهنجي ڪم ۾ مشغول هوندا آهن. صوفي محمد ابراهيم ميمڻ پڻ ان لڏي جو ماڻهو هو. ۱۹۳۲ع نوشهروفيروز جي مشهور ڳوٺ خانواهڻ ۾ جنم وٺندڙ هن فقير منش ماڻهو، ان وقت انگريز جي ظاهري غلامي واري زماني ۾ ۷ درجا فائنل امتحان پاس ڪيا ۽ پوءِ ڌرتي کي ليڪ آئي. هندستان جي ڪُکِ مان پاڪستان جنم ورتو، کيس پاڪستان ۾ استاد (پرائمري ٽيچر) جو آرڊر مليو، مٺياڻي مان ٽريننگ ڪري سانگهڙ ضلعي جي شهدادپور کان ۹ ڪلو ميٽر پري ڳوٺ ميهر علي ٽالپر جي پرائمري اسڪول ۾ استاد ٿيو، اهو ۱۹۵۱ع وارو زمانو هو، پاڪستان جي وجود کي چار سال ٿي ويا هئا، پر سانگهڙ ضلعي جي شهدادپور واري علائقي فقير محمد ابراهيم ميمڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو، وطن يا ڪفن، آزادي يا موت جو نعرو هڻي، هزارين حُرن سان گڏ انگريز خلاف اعلان جنگ ڪري سوري سينگاريندڙ براعظم ايشيا جو شهيد اعظم سورهيه بادشاهه جا مريد پنهنجين عورتن، معصوم ٻارڙن سميت ”لوڙهن“ هٿ سان ٺهيل جيلن ۾ قيد هئا، فقير کي حيراني ٿي ته آزادي جا اصلي متوالا اڃان تائين قيد آهن.

صوفي محمد ابراهيم ميمڻ پرائمري اسڪول ميهر علي ٽالپر پهتو ته سندس الستي عشق جو ناتو صوفي فقير مُحبُ علي ٽالپر سان جڙيو، جيڪو ان اسڪول جو هيڊ ماستر پڻ هو، سائين جي محبت ۽ پيار ايترو هو جو زندگي جا باقي سمورا سال وقف ڪري ڇڏيائين، صوفي مُحبُ فقير جي مئخاني ۾ پاڻ آرامي هئا ته خواب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان ملاقات ٿي ۽ ان جي حڪم تي محب فقير ٽالپر سان گڏ گهوٽڪي لڳ ڳوٺ حُسين ٻيلي ۾ بزرگ صوفي شاعر سائين محمد فقير گهوٽو جي هٿ تي بعيت ڪري سندس طالب ٿيا، ان طالبي جو اهڙو رنگ چڙهيو جو باقي زندگي صوفي بزرگن جي محبت، صحت ۽ عشق ۾ گذاري ڇڏي، سڄي زندگي محبت ونڊي ۽ ڪڏهن ڪنهن سان ٻاڙو نه ٻوليو. فقير محمد ابراهيم ميمڻ سڄي حياتي سانگهڙ پنهني اوڙي پاڙي وارن سان پيار ۽ محبت سان زندگي گذاري، رٽائرمينٽ کانپوءِ فقير پنهنجي پينشن جي رقم پهرئين ڏينهن خرچ ڪري ڇڏيندو هو، چوندو هو ته صبح جو وري الله ڏيندو. صوفي فقير محمد ابراهيم مرڻ کان پهرين وصيعت ڪندي صوفي راڳين، مقامي فنڪارن کي چيو ته منهنجي جنازي نماز ۾ سرنده ۽ ساز کڻي اچجو، دهل ۽ شرنايون وڄائي ڳائي وڄائي پوءِ دفنائجو. فقير محمد ابراهيم ميمڻ ۲۸ آڪٽوبر ۲۰۱۲ع هن دنيا تان تياڳ ڪري حقيقي مالڪ سان مليا. مرحوم صوفي فقير محمد ابراهيم ميمڻ جي جنازي نماز سانگهڙ جي اسٽيڊيم ۾ ادا ڪئي وئي. صوفي راڳي دُهل ۽ شرنايون کڻي آيا، پر ميمڻ مسلمانن جون وڏيون ڏاڙهيون ڏسي، دل ڪو نه ٻڌائون. راڳ نه ڳايو. فقير کي وصيعت موجب شهدادپور لڳ ڳوٺ ميهر علي ٽالپر ۾، صوفي فقير محب فقير جي مئخاني اندر، مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. 

No comments:

راءِ ڏيندا