صوفي
فقير محمد ابراهيم ميمڻ
نثار مڱريو
دنيا جي گولي تي ڪجهه اهڙا انسان به آباد آهن، جن جي نظر ۾ دنيا صرف ٽن
ڏينهن جو کيل آهي، هڪ ڏينهن ڄمڻ، ٻيو ڏينهن دنيا ۾ رهڻ ۽ ٽيون ڏينهن مرڻ، خفو ۽ خفت، لالچ، ڪروڌ، وڏائي، تڪبر، انسانن
کي ايذائڻ، پرايو حق کائڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ، ظلم ڪرڻ، تڪليف ڏيڻ، دل ڏکائڻ، نفرت ڪرڻ، ڪنهن
جا عيب ڳولڻ اهي ظاهر ڪرڻ، اهي انسان انهن سڀني ڪمن کان نه صرف آجا هوندا آهن پر اهو
ڪم ڪندڙن کان پڻ پناهه گهرندا آهن. اهي انسان مسلمان، هندو، سک، عيسائي، يهودي، ٻُڌَ،
پارسي سميت تمام مذهبن، فرقن، لسانيت ڇڏي پنهنجي ئي رمز ۾ مگن هوندا آهن، اهي چوندا
آهن مذهبن منجهايو ماڻهن کي نه ته مهربان ٻاجهاري خلقڻهار ته آدم مان انسان ٺاهيو هو،
هي ماڻهو صوفي آهن، جهوڪ واري سائينءَ تي صوفي راڳي.