لعل پشپ
ڪڏهن به نه وسرندڙ سنڌي ٻوليءَ جو
غير معمولي ليکڪ
رکيل مورائي
اڄ کان ٽيهارو سال اڳ جڏهن مون هن کي پڙهيو
هئو ته ذهن سياري جي هلڪي ڌنڌ/ ڪوهيڙي جهڙي اڻ چٽي ڪيفيت ۾ هئو، هو مون کي هڪ غير
معمولي لکندڙ ڀاسيو هئو ۽ مان هڪ معمولي پاٺڪ! پوءِ به مون هن جي ان ڪتاب جي ڪجهه
سٽن کي ڳاڙهيءَ پين سان انڊرلائين ڪيو هئو، جيڪي مون کي منهنجي سوچ جي ابتڙ لڳيون
هيون ۽ ذهن جي ڌنڌ لڪي ۾ چٽيون نظر نٿي آيون. منهنجي آڏو سنجهاجهڙو تخليق ماحول
هئو ۽ هو پنهنجا سپنا ٻاري انهن جي روشنيءَ ۾ ڪجهه لکي رهيو هو. ساڳئي وقت انهن ئي
آڱرن تي پنهنجا گهڻو لکڻ ڪري ٿڪل هٿ سيڪي پڻ رهيو هو. (منهنجي
اندر جو ”ڪجهه“ به سنجيدا پڙهڻ جو عادي پاٺڪ) ڇرڪي پيو هئو، جڏهن پڙهيو هئائين ته:
”منهنجو ڪوئي ڀڳوان نه آهي. منهنجو ڀڳوان،
منهنجو من پسند ليکڪ آهي. منهنجي ڪائي دولت نه آهي، منهنجي دولت، پنهنجي گهر ۾
گذاريل چندر گهڙيون، دوستن سان ڏنل ٿورا ٽهڪ، کيسي ۾ ٿورا سگريٽ، ٽيبل تي ٿورا
پنا، ڪجهه ڪتاب ۽ ٻي ٽي نيون قيمتي فائونٽين پينون آهن“
۽ منهنجي اکين کي ان پل کان ئي مٿي اظهاريل
ماحول ۽ اظهاريندڙ شخص کي ڏسڻ جي تمنا جاڳي هئي. خواهشون ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍيون تڪڙيون
پوريون ٿينديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهڻي گهڻي دير کان کان پوءِ پوريون ٿينديون آهن ۽
ڪڏهن ڪڏهن ته سڀ خواهشون اڻ پوريون ئي رهجي وينديون آهن. مون کي سڀ ڪجهه مٿي
ڄاڻايل ڏسڻ جو موقعو ٽيهن سالن کان پوءِ مليو ته برابر ۽ سڀ ڪجهه ساڳئيءَ طرح
موجود به هئو، پر جيڪو ڪجهه نه هئو اهي هئا سندس دوست! هو بنهه اڪيلو هئو، ڪجهه
ڪتاب، ڪجهه يادون، ڪجهه غصو ۽ اڻ ميوسگريٽن جو دونهون. جنهن ۾ هن جو چهرو به ڪنهن
ڪنهن مهل ڌنڌلو ٿي پئي ويو. وقفي وقفي بعد ڀاڀي جيوتيءَ جو مڌر آواز ۽بيبي نهيا جو
مرڪندڙ معصوم چهرو ۽ بس!
ٽيهارو سال اڳ ئي هن جو هڪ ناول مون کي
منهنجي دوست تاج جوئي ڏنو هئو. ڪتاب ڇا مليو هئو، مون کي ڄڻ ڪائنات جي اڌ دولت ملي
وئي هئي.ان ڪتاب کي رکان ته ڪٿي؟ ان وقت اهو مون لاءِ اهم مسئلو بڻجي پيو هئو. ان
وقت تائين منهنجي مڙني ڪتابن ۾ اهو اهم ترين ڪتاب هئو، منهنجي ان وقت جي سوچ موجب!
ڪنهن به عمل جو رد عمل، ڪو به اتفاق/ حادثو
آڻي سگهندو آهي، پر هيءَ ڪنهن به عمل نه ٿيڻ کان سواءِ جو رد عمل هئو، جنهن جو
اتفاق/حادثو هئو، جيڪو هن ليکڪ جي معرفت منهنجي من سان ۽ واڌو سنڌي پاٺڪن سان پيش
آيو هئو. جنهن جو تاثر اڄ به منهنجي من ۽ ذهن تي جيئن جو تيئن جرڪي رهيو آهي. ان
ڏينهن کان وٺي اڄ تائين منهنجو من ۽ ذهن هن جي ڪجهه به ” لکيل“ کي پڙهڻ ۽ اڃا ڪجهه
وڌيڪ پڙهڻ لاءِ آتو رهيو آهي.
آنءُ ان ماءُ جي ٿَڃُ پي وڏو ٿيو آهيان،
جنهن جي ٿڻن جي ٿڃُ هن نه پيتي آهي، جنهن ڪري هو انهن ٿڻن جي ٿڃ کي کريل کير ٿو
سمجهي، پر جڏهن اهو سڀ هو لکي ٿو ته ڇا هو اهو ئي ڪم ڪو نه ٿو ڪري، جيڪو سندس لکت
موجب، سياستڪار يا پترڪار کي ڪرڻ گهرجي! ساهيتڪار کي نه. پوءِ به هو مون کي دلي
طور ويجهو لڳو آهي، جيتوڻيڪ کيس ”ڪنهن به گروپ ۾ گرمائش محسوس نه ٿيندي آهي، ساهه
مجهندو اٿس ۽ هُو هر ان لکندڙ کي ليکڪ مڃڻ کان انڪاري آهي، جنهن جي وات ۾ نعرو،
پيرن هيٺان پملفيٽ، هٿ ۾ روزاني اخبار رهندي آهي، جنهن مان هن کي سڀ کان تازي رچنا
جي ”ٿيم“ جي تلاش رهندي آهي“ ”سچ سڀني کان وڏي سندرتا آهي“ جهڙي آدرش ۾ وشواس
رکندڙ سنڌي ٻوليءَ جو هي ذهين ليکڪ ”سچ“ ڏانهن ويندڙ ٻين سڙڪن کي ڪيئن ڪيستائين
لنوائيندو، اهو هڪ وڏو سوال آهي کانئس؟؟؟؟
هن جڏهن ”هن جي آتم جو موت“ تخليق ڪيو ته
ڪجهه ڏسائن مان آواز آيو ته ”هيءُ سنڌيءَ جو پهريون نئون ناول آهي“ هند ۽ سنڌ جي
هڪ وڏي ادبي حلقي هن ناول کي ساراهيو ۽ ڪن هن ناول کي ڪين جهڙو ڪوٺيو. علمي ۽
تخليقي حوالي کان الڳ، اها نظرين جي ڏي وٺ هئي، جيڪا اڳتي هلي گهٽي ۽ هُو هڪ الڳ
سڃاپجندڙ ليکڪ مڃيو ويو.
هاڻ جڏهن هن هو ادب جون سڀ سرحدون ٽٽندي
محسوس ڪري ٿو تڏهن هن خود هڪ نئين سرحد کڙي ڪئي آهي، جنهن جو بنياد بحرحال سندس
چواڻي رولان باٿ وڌو آهي. جنهن جي آس پاس جون ڪيئي ننڍيون سرحدون ( ڪٿا، ڪهاڻي، ناول
جون) گم ٿي ويون آهن. اڄ ڪلهه هو هڪ موڪري دائري ۾ لکي رهيو آهي، جنهن کي آتم ڪٿا
چئجي ٿو.
هن جي آتم ڪٿا جا پنج جلد اچي چڪا آهن، پر
اڄ جو نقاد مڪمل خاموش آهي. جيتوڻيڪ ان آتم ڪٿا تي لکڻ لاءِ ڪيترائي سبب موجود
آهن، پوءِ به اڄ جو نقاد خاموش آهي. يا کيس اوسيئڙو آهي ته اها آتم ڪٿا مڪمل لکجي
پوري ٿئي، ڇو ته اها اڳ ڄاڻايل ترتيب موجب ڏهن جلدن ۾ مڪمل ٿيڻي آهي ۽ اڃا پنج جلد
آيا آهن جنهن ۾ گهڻو تڻو ليکڪ جو ماضي آهي ۽ اهو گهڻي ڀاڱي ادب کان ٻاهر، سندس ذات
جي آس پاس آهي. ڪتاب جي پنجين جلد جو نالو ” ٽه مورتي“ آهي جنهن ۾ هن ڪجهه پنهنجي
همعصرن جي باري ۾ لکيو آهي. لکيو ڇا آهي، اديبن جو وڏو حصو ڇرڪي ويو آهي، ڪجهه حصو
غصي ۾ آهي ۽ لکندڙ بي پرواهه!
الهاس نگر جي لوڪومل هوٽ تي چانهه پيئندڙ ۽
پنهنجي سگريٽن جي دونهي سان ٻين جو ساهه منجهائيندڙ، سنڌيءَ جو هيءُ ذهين ليکڪ
پنهنجي هڪ اديب دوست موهن ڪلپنا کي هيئن ياد ٿو ڪري؛
”موهن!
اڄ وري خواب ۾ آئين، گهڻا دفعا ايندين؟؟؟؟“
پنهنجي ساڳئي ڪتاب ۾ هند ۾ رهندڙ سنڌي اديبن
جي نظرياتي اختلافن کي هو هيئن نبيري ٿو.
”سڄي هندستان ۾ اٽڪل ڏيڍ سؤ ترقي پسند ۽ هنن
جا پوئلڳ، ڏيڏرن وانگر ٽان ٽان ڪندڙ، هڪ اڪيلو موهن ڪلپنا، سڀن کي ماري مات ڪري،
گٽرن منجهه موڪلي ڇڏيو، موهن سان گڏ فقط ٻه ليکڪ لعل پشپ ۽ گنو سامتاڻي.“
سڄي عمر اختلافن جي زد ۾ رهندڙ لعل پشپ جو
اصل ڳوٺ ماهوٽا، منهنجي نظر ۾؛
”چار اپريل جي سنجها، ماهوٽن مٿان، وٿاڻن
ڏانهن موٽندڙ مينهن ۽ ڳئن جي اٿاريل ڌوڙ جو هلڪو غبار، سندن ڳچين ۾ پيل ٽلين ۽
چڙين جو آواز مستي پيدا ڪندڙ آواز، موسم جي هوا جنهن ۾ زيتونن جي کٽي مٺي خوشبوءَ
جو هڳاءُ، رستي (جيڪو هاڻي شاهي روڊ آهي) جي ٻنهي پاسي بيد مشڪ جا شاهي وڻ ۽ حد
نگاهه تائين زيتونن جا باغ، ساوڪ ئي ساوڪ سڀ ڪجهه جيئن جو تيئن موجود فقط لعل پشپ
غير موجود.“
سنڌ ڇڏي هند وسائڻ کان پوءِ لعل پشپ جو
پهريون ڳوٺ الهاس نگر – لعل پشپ جي نظر ۾؛
”الهاس نگر منهنجي محبوبه بهترين، مان تنهنجو
ڪهڙو بيان ڪري ڪهڙو بيان ڪريان! مان جڏهن پهرين پهرين ماءُ، پيءُ ۽ پاڻ کان ننڍن
ٻن ڀائرن سان گڏ اٺن، نون سالن جي عمر ۾ تو وٽ لٿو هيس ته مون کي معلوم ٿي ويو هئو
ته تون مون لاءِ اها جنت آهين، جنهن جا سڀ دروازا مون لاءِ کلي ويا آهن. تنهنجي
گود ۾ اچي منهنجا سڀ لڱ مضبوط ٿيندا، منهنجي جسم کي جواني ڏيندا، مون کي مڙئي تکا
مٺا آزمودا ڏيندا. يارهن سالن منجهه، جن جا اڳتي هلي باقي سڀ سال، ويندي پنجهٺ،
ڇاهٺ ورهين تائين فقط وڌاءُ، ڦهلاءُ بڻجندا. تنهنجي جنهن حصي ۾ مان لٿو هوس، ان جو
نالو سيرو چونڪ هئو/آهي. اهڙو مڌ مست هنڌ، مان يا عمر ڏسڻ وارو نه هوس. مون لاءِ
اهو هنڌ، سيرو چوڪ، آگري جو تاج محل ۽ پيرس جو ايفل ٽاور آهي، تون مون لاءِ،
منهنجي ليکڪ لاءِ اڻ ٽر انگ بڻجڻ وارو ٿيندين، توکي کڻي مون جيمس جايس وارو ڊبلن
هٿ ڪيو.
جيمس جايس جو ڊبلن، لعل پشپ جو الهاس نگر.
جيمس جايس جا ڊبلنرس. لعل پشپ جا الهاسنگر
واسي. پوءِ به مهان جيمس جايس ۽ جيتامڙو لعل پشپ وڏو فرق آهي. ڊبلنرس کان پوءِ
جيمس جايس ڊبلن کي بند ڪيو، ٻين پاسن ڏي هليو ويو. لعل کي ڪي به ٻيا پاسا نه مليا،
لعل وري، وري واپس اچڻو هئو الهاس نگر واسين وٽ“
الهاس نگر کان ٻاهر اڃا هن جي آتم ڪٿا جا
پنج جلد رهن ٿا. جن ۾ هو پنهنجي اندر جي اديب ۽ ٻاهر جي اديبن ۽ ادب بابت لکڻ جي
تيارين ۾ آهي. جيستائين لعل پشپ جي آتم ڪٿا ڏهه ئي جلد پورا ٿين ۽ مٿس تفصيلي لکڻ
جو وقت اچي، تيستائين هيءَ سندس ننڍڙو تعارف آهي جيڪو هڪ غير معمولي لکيڪ جي باري
۾ هڪ معمولي لکندڙ جو لکيل سمجهڻ گهرجي. اڄ هو مٽيءَ سان ملي مٽي ويو آهي. پر مون
کان نه وسريو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا