هرومل
سدارنگاڻي خادم
عالم،
استاد ۽ شاعر
ڊاڪٽر جڳديش
لڇاڻي
لاکيڻي لطيف، سچل
سرمست ۽ ساميءَ جو نانءُ، هند سنڌ جي ادبي حلقن ۾ مٿاهين مقام تي آهي. ادبي عمل ۽
علميت سبب، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ جو شمار، انهن ڳاڻ ڳڻين اديبن ۾ ٿيندو آهي، جن
جي ساهتيڪ (ادبي) سرهاڻ، هند سنڌ۾ پکڙيل آهي، هن جهڙا ٻهوڳڻي شخصيت جا مالڪ، عالم،
اديب، دانشور سنڌي ادب ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس ملندا.
ڊاڪٽر هرومل
سدارنگاڻيءَ جو جنم ۲۲ آڪٽوبر ۱۹۱۳ع ۾ ايسرداس سدارنگاڻيءَ جي گهر، سنڌ جي شهدادپور شهر، ضلعي نوابشاهه
۾ ٿيو هو، هن ابتدائي ۽ سيڪنڊري تعليم حيدرآباد سنڌ ۾ نوودياليه اسڪول مان ۽ هاير
ايڊيوڪيشن ديارام گدومل نئشنل ڪاليج، حيدرآباد مان حاصل ڪئي. هرومل اتان ئي سن ۱۹۳۵ع ۾ گرئجوئيشن ڪئي. پوسٽ گرئجوئيشن لاءِ هن بمبئيءَ جي نامچين
اسماعيل يوسف ڪاليج ۾ داخلا ورتي. انگريزي ۽ پارسي وشيه (موضوع) کڻي، سن ۱۹۳۸ع ۾ هن سٺين مارڪن سان ايم اي جو امتحان پاس ڪيو. ايم اي جي پڙهائي
دوران ڪاليج جي استاد ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي هن کي هر قسم جي واهر ڪئي. ايم
اي پاس ڪرڻ کان پوءِ، هرومل سدارنگاڻيءَ کي ديارام گدومل نئشنل ڪاليج، حيدرآباد،
جنهن مان هن گرئجوئيشن ڪئي هئي، ليڪچرار جي آڇ ٿي. هن اها آڇ قبول ڪئي هرومل کي
ڪاليج ۾ پارسيءَ جو ليڪچرار مقرر ڪيو ويو. هڪ ٽرم نوڪري ڪرڻ کان پوءِ، هو سنڌ جي
بيحد مشهور ڊي جي سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ فارسي شعبي جو هيڊ مقرر ڪيو ويو، جتي شيخ
اياز نارايڻ شيام ۽ گوبند مالهيءَ پاراهن جا شاگرد بڻيا. هن جي ادبي لياقتن جي مد
نظر، سنڌ سرڪار هرومل سدارنگاڻيءَ کي ۱۹۴۶ع ۾
”مهراڻ“ مخزن جي ايڊيٽوريل بورڊ تي نامزد ڪيو ۽ هو سنڌي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر به
بڻيو. ڀارت جي ورهاڱي تائين، هو ڪاليج ۾ فارسيءَ جو هيڊ ٿي رهيو. اڳتي هلي هن هندو
مسلم شاعرن تي تحقيقي مقالو The Persian poets of sindh
لکي. سن ۱۹۵۶ع ۾ فارسيءَ ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري
حاصل ڪئي.
هرومل سدارنگاڻي
خادم ننڍي هوندي کان ئي تيز فهم ۽ هوشيار شاگردن ۾ شمار ٿيندو هو. اسان کي ڇهين
درجي ۾ ئي هن جي تيز ٻڌيءَ جي ثابتي تڏهن ملي ٿي جڏهن هو اسڪول ۾ ساڌو هيرانند تي
ٿيل مضمون چٽاڀيٽيءَ ۾ اول نمبر آيو. ان مان ئي لڳو ته هو اڳتي هلي ڪجهه بڻبو.
اسڪول جي مئنيجر آسيس ڪندي چيس، ”شل تون اڳتي هلي ساڌو هيرانند وانگر پنهنجو نانءُ
روشن ڪرين.“ مئنيجر جي اها پيشنگوئي لفظ به لفظ سچ ثابت ٿي. هرومل سدارنگاڻي اڳتي
هلي، ماءُ جي پياريل ٿڃ سجائي ڪري، سنڌي ادب ۽ تعليم جي هڪ نامور شخصيت بڻيو:
ننڍڙي
تي لڳائي سگهجي ٿو اندازو،
ٻالڪ
ٿي وڏو آخر ۾ ڇا ٿيندو،
جنهن
سج نه ڪيو سوجهرو اڀرڻ سان،
الهڻ
ويلي تاءُ ڪندو، سو ڪهڙو.
هرومل سدارنگاڻي
اسڪولي تعليم پوري ڪري، جڏهن حيدرآباد جي ديارام گدومل نئشنل ڪاليج ۾ داخلا ورتي،
ته وسيع ميدان ملي ويس. ڪاليج ۾ ادبي ماحول هو. هن پهرين سال ئي گرو گوبند سنگهه
جي حياتيءَ تي هڪ طويل نظم لکي، انعام کٽيو. هاڻي هن محسوس ڪيو ته جيڪڏهن کيس شاعر
بڻجڻو آهي ته شعري فني نڪتن ۽ علم عروض جو علم هن لاءِ ضروري آهي، ڇو ته اعليٰ
شاعري محض ڏات ناهي، ڏانءُ به کپي.
هرومل سدارنگاڻيءَ
جي اها خوش نصيبي هئي جو حيدرآباد ۾ ئي کيس هڪ قابل استاد ملي ويو. هو ليکراج عزيز
کان رهنمائي حاصل ڪري، علم عروض جو پختو پابند شاعر بڻيو. حيدرآباد ۾ ئي پڙهائيءَ
دوران، هو اڪثر عزيز جي گهر هليو ويندو هو. ليکراج عزيز هن تي محنت ڪري، کيس علم
عروض جي قاعدن ۽ زبان جي اهميت کان روشناس ڪرايو. شعر ۾ ربط، تشبيهه، استعاره،
تمثيل، علامت ۽ خيال جي موزون ادائگيءَ کان واقف ڪيو. محاوري بندي خواه چست بندش
جو علم عطا ڪيو. انهن شعري نڪتن جي باعث ئي شعر ۾ گهربل تاثير، پڙهندڙن جي دل ۽
دماغ تائين پهچي ٿو. هرومل سدارنگاڻيءَ به جيءَ جان سان محنت ڪئي، مشق پچائي، هو
آهسته آهسته شعر لکڻ ۾ ڀڙ ٿيندو ويو. هونئن به معياري ادب جي تخليق هڪ لڳاتار
سلسلو (Continuous process) آهي. جو سنجيدگي لڳاتار
اڀياس ۽ مشق جي تقاضا ڪري ٿو. ڪنهن ٺيڪ ئي لکيو آهي:
ڏينهن
جي نه ڳالهه آ، هت سال ٿا گهرجن،
هڪ
عمر کپي دوست، سخن دان ٿيڻ لاءِ.
هرومل سدارنگاڻي
اڃا بي اي پڙهندو هو جو سندس ڪجهه رباعيون بمبئي يونيورسٽيءَ جي مئٽرڪ ڪورس جي نظم
جي انتخاب ” گلزار – خيال“ ۾ شامل ڪيون ويون. هڪ پيش آهي:
دل جو
شيشو ڀڄي ٿيو ائن پرزا،
جو هڪ
مان ٿي پيا هزارين ٽڪڙا،
جيڏانهن
نهاريان ٿو پسان پنهنجو روپ،
هڪڙو
نه، ڏسان ٿو لک پنهنجا پاسا.
(رنگين رباعيون. رباعي ۲۸)
حيدرآباد جي ادبي
سوسائٽيءَ طرفان وقت به وقت مشاعرا ٿيندا رهندا هئا. هرومل سدارنگاڻي انهن مشاعرن
۾ شرڪت ڪرڻ لڳو. موهيندڙ انداز ۾ خيال پيش ڪرڻ لاءِ کيس داد ۽ مڃتا به ملڻ لڳي
سندس ڏيٺ ويٺ به وڌي. ڊاڪٽر دائود پوٽو ۽ پرسرام ضيا جهڙن پختن شاعرن سان سندس
صحبت جڙي. ان وقت سنڌي شاعري، فارسي ۽ اردوءَ جي اثر ۾ غرق هئي، جنهن ۾ عشق ئي عشق
هو، شمع ۽ پروانو هو، گل ۽ بلبل جي گونج هئي. اها شاعري استادن عالمن جي اوطاقن،
محفلن ۽ مشاعرن جوئي مرڪز هئي. ان زماني ۾ جيڪو شاعر جيترا فارسيءَ جا گهڻا دقيق
الفاظ استعمال ڪندو هو، اهو اوتروئي وڏو شاعر ليکجڻ ۾ ايندو هو. جن شاعرن پارسي شاعريءَ
جي اثر هيٺ وڏي پيماني تي تشبيهن، استعارن ۽ڪناين وغيره جو استعمال ڪيو هو، انهن ۾
هرومل سدارنگاڻي خادم به پنهنجي استاد ليکراج عزيز جي اڍ ورتي هئي. ليکراج عزيز جي
”ڪليات“ جو پهريون ڀاڱو، جهڙو مشڪل چئجي، تهڙو مشڪل آهي. سندس اهو ڪلام فارسي ۽
عربي لفظن سان ڀرپور آهي. شعر ۾ ڪٿي ڪٿي ته فقط سنڌي فعل ئي نظر اچي ٿو. ٻيو مڙيو ئي
خير ! عالمن کان سواءِ ٻي ڪنهن لاءِ اهڙو ڪلام سمجهڻ محال آهي. اهو سڀ ان زماني جي
صورتحال جوئي اثر آهي. هرومل سدارنگاڻيءَ سان به ساڳي ڪار هئي. هو به فارسيءَ جو
عالم هو. پر اڳتي هلي ليکراج عزيز جيان، ڀارت ۾ اچڻ کان پوءِ حالتن مطابق هن
پنهنجي ٻوليءَ کي آسان بڻايو ۽ سندس ڪلام سليس ٿيندو ويو.
مذهب جي آڌار تي،
ڀارت جو ورهاڱو ٿيو. سنڌ پاڪستان جي حصي ۾ آئي. سنڌ ۾ جڏهن غير سنڌي، وڏي انداز ۾
ٻاهران ايندا ويا ته حالتن اهڙو ته رخ اختيار ڪيو جو هندو سنڌي مجبور ٿي راتون
واهه پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي، ڀارت لڏي آيا. ڀارت ۾ انهن کي نئين سر نين حالتن سان
منهان منهن ٿيڻو پيو. پر ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ کي ملازمت لاءِ گهڻي جاکوڙ ڪين
ڪرڻي پيئي. هو هڪ قابل استاد هو. ڊي جي سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ جو آزمودو کيس بيحد ڪم آيو،
دهليءَ ۾ اچڻ سان ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻيءَ خادم کي دهلي ڪاليج ۾ ليڪچرار جي نوڪري
ملي وئي. دهلي يونيورسٽيءَ انهيءَ سال ئي پنهنجي syllabus
۾ سنڌيءَ کي داخل ڪيو هو. ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي خادم سن ۱۹۴۸ع کان ۱۹۵۴ع تائين دهلي ڪاليج
۾ پروفيسر ٿي رهيو. انهيءَ عرصي دوران هو آل انڊيا ريڊيو جي پارسي شعبي سان به
جڙيل رهيو. دهلي ڪاليج ۾ ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي خادم سنڌي لٽرري سوسائٽيءَ جو پايو
وڌو، جتي هر ڇنڇر تي ادبي ۽ ثقافتي گڏجاڻيون ٿيڻ لڳيون. بمبئيءَ ۾ به منگهارام
ملڪاڻيءَ جي صدارت هيٺ جئه هند ڪاليج جي هاسٽل ۾ جتي هو پاڻ رهندو هو، ادبي ڪلاس
شروع ٿيو هو. روهاڱي کان ترت پوءِ ڀارت جي جدا جدا هنڌن تي جيڪي ادبي ڪلاس يا ادبي
گڏجاڻيون شروع ٿيون، تن سنڌي ادب جي ارتقا ۾ اهم رول ادا ڪيو.
ڊاڪٽر هرومل
سدارنگاڻي خادم کي تهران يونيورسٽيءَ طرفان جديد فارسي ادب تي تحقيقاتي ڪم ڪرڻ لاءِ
ٻن سالن لاءِ اسڪالر شپ ملي. هو سن ۱۹۵۴ع کان ۱۹۵۶ع تائين تهران يونيورسٽيءَ ۾ ايرانين کي فارسيءَ جي تعليم به ڏيندو
رهيو. ان عرصي ۾ تهران ۾ رهائش جي دوران
هن فارسيءَ ۾ ڪيترائي شعر لکيا، جيڪي اتي شايع ٿيا هئا، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي
خادم سن ۱۹۵۶ع ۾ جديد فارسي ادب ۾ ڊاڪٽر آف
لٽريچر (D.Litt) جي ڊگري وٺي موٽيو. تهران يونيورسٽيءَ
پاران شايع ٿيل ”پارسي گويان هند و سنڌ “ ۾ هرومل سدارنگاڻيءَ جي ڪبير تي لکيل
مقالي ڪافي شهرت حاصل ڪئي. ايران کان واپس موٽي ڊاڪٽر هرومل ايسرداس سدارنگاڻي
خادم آل انڊيا ريڊيو جي پارسي وڀاڳ (شعبي) ۾ سپروائيزر مقرر ٿيو ۽ اتان ئي سن ۱۹۷۳ع ۾ رٽائر ڪيو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي خادم ڀارت
۾ فارسيءَ جو هڪ قداور عالم، شاعر ۽ دانشور هو. فارسيءَ سان گڏوگڏ هو انگريزي،
اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو به ماهر هو. هن سنڌيءَ سان گڏ انگريزي ۽ فارسيءَ ۾ به شاعري
ڪئي آهي. عربي فارسيءَ جي اونهي اڀياس هُن کي عمر خيام جي رباعين جي نزديڪ آندو.
هرومل سدارنگاڻي خادم رومي، حافظ، امير خسرو ۽ اردو زبان جي غالب، فراق گورکپوري،
مير تقي مير جي شاعريءَ کان به متاثر ٿيو. هرومل سدارنگاڻي خادم جو شعر پڪو پختو ۽
علم عروض مطابق آهي ليکراج عزيز جي صحبت ۽ رهنمائيءَ، هن جي شاعريءَ کي پختگي عطا
ڪئي آهي.
هرومل سدارنگاڻي
خادم جا هيٺيان شعري مجموعا ادب جي ميدان ۾ اچي چڪا آهن:
رنگين رباعيون (۱۹۵۹ع)
روح ڏنو ريلو (۱۹۶۳ع)
پرهه جي باک (۱۹۷۲ع)
چيخ (۱۹۷۷ع)
خوشبوءَ جو سفر (۱۹۸۰ع)
ايران جي پيداوار
”رباعي“ سنڌيءَ ۾ بيحد مقبول بڻي. سنڌيءَ جي وڏن وڏن شاعرن رباعيءَ تي طبع آزمائي
ڪئي آهي. پر سنڌيءَ جو ”عمر خيام“ هرومل سدارنگاڻي خادم ئي آهي. هرومل سدارنگاڻيءَ
کي لطيف ترين خيال ۽ انوکن تجربن کي رباعين ۾ نهايت ئي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪرڻ جو
ڏانءُ آهي:
داتا
ته ڪري پنهنجو ڪرم، پنهنجي سخا،
هٿ
پير اکيون مغز ڪيا توکي عطا،
پر
حيف جو ڪو فائدو تن جو نه وٺي،
ڳڻچور!
ڪرين شُڪر جي بدلي ٿو گلا!
هرومل سدارنگاڻي
خادم شاعريءَ جي مڙني صنفن ۾ تخليقي جوهر پسايو آهي. خادم غزلن ۾ به اندر جو احوال
اوريو آهي، رومان جو اظهار ڪيو آهي،
هرومل سدارنگاڻيءَ
آزاد نظم به لکيا آهن، آزاد نظمن جي مجموعي تي کيس ۱۹۷۸ع ۾ ساهتيه اڪاڊمي انعام عطا ٿيل آهي، ”ٻهڳڻ ٻولي“ ”اهي ڏينهن“ ۽
”وڇون“ سندس ذڪر لائق نظم آهن. هرومل سدارنگاڻي خاد سنڌيءَ جو هڪ نمايان نثر نويس
به آهن ”ڪک ۽ ڪانا“ ۽ ”ڪنور پاڙون پاتار ۾“ سندس مضمونن جا مجموعا آهن. ”ڪک ۽
ڪانا“ ۾ گونا گون مضمون آهن ته ”ڪنور پاڙون پاتار ۾“ ۾ خادم شاهه کي پڙهيل ڪڙهيل
ثابت ڪري، ان تي پيل ٻين ٻولين جي اثر کان پڙهندڙن کي روشناس ڪرايو آهي. هرومل
سدارنگاڻيءَ جي هڪ ڪهاڻي به شايع ٿيل آهي ”ڀيموٿري“ ۽ هن ڪجهه ترجما به ڪيا.
هرومل سدارنگاڻي هڪ
وڏو عالم ۽ دانشور هو. پر مون کيس ڪڏهن علم، مهارت ۽ مرتبي تي بانور ڪندو ڪين ڏٺو.
هو سدائين مون کي يارويس ۽ ملنسار لڳو. ڪڏهن ڪڏهن سهڻي مذاق به ڪندو هو. هو قدر
دان به هو. چيز وڻڻ تي، دل کولي داد ڏيندو هو. ڪي ساراهه ڪرڻ ۾ ڪنجوسائي ڪندا آهن
پر اسان جي بزرگ دوست سان ائين نه هو. اهڙو استاد، عالم، دانشور، اديب ۷ ڊسمبر ۱۹۹۲ع ۾، ادبي دنيا کي
غم ۾ لوڙهي، هن فاني دنيا مان چالاڻو ڪري ويو. ۱۹۹۲ع سال، سنڌي ادب لاءِ اڀاڳو سال رهيو. جو هند جا ڪيترا اديب ۽ فنڪار:
موهن ڪلپنا، ايشور چندر، اندر ڀوڄواڻي، آشا درگاپوري هڪ ٻئي پٺيان راهه رباني وٺي
ويا. هرومل سدارنگاڻي خادم اڄ اسان جي وچ ۾ ڪونهي، پر هن جيڪا ادبي خوشبو ڦهلائي
آهي، سان ايندڙ پيڙهين کي به واسيندي رهندي خادم جهڙا عالم، اديب ۽ دانشور روز زوز
پيدا ڪين ٿيندا آهن، پر جڏهن پيدا ٿيندا آهن ته پنهنجي ادبي سرهاڻ سان آس پاس جي
صورتحال کي واسي ڇڏيندا آهن. هن جو ادب ۾ مقام سدا محفوظ رهندو.
No comments:
راءِ ڏيندا