فقير
غلام جعفر سمون
صوفي
صفت ٻهڳڻو ڪردار
ناصر قاضي
دهل ۽ شرنائيون
سنڌي ثقافت جو قديم ورثو رهيون آهن، جنهن جا اهڃاڻ عربن جي فتح واري زماني ۾ به
ملن ٿا، جو ان وقت به ڪجھه ٽولا، جيڪي دهلن ۽ شرنائين سان هئا، تن دهل شرنائيون
وڄائي، جھمريون هڻي، عربن جي آجيان ڪئي هئي. شادين مرادين کان علاوه به دهلن ۽
شرنائين جو واڄو سنڌ جي ميلن توڙي ملاکڙن ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن ۾ حصيدار رهيو
آهي، جيڪو سالن نه پر صدين کان هلندڙ آهي. سنڌي موسيقيءَ ۾ جتي گائيڪيءَ جي پنهنجي
سڃاڻپ ۽ انفراديت رهي آهي، اتي ساز ۽ سازندن جي به وڏي سڃاڻپ آهي، جن پنهنجي فن
وسيلي نه صرف ڏيهان ڏيهه مڃتا ماڻي آهي، پر گڏوگڏ سنڌ جي قديم روايتن ۽ سازن کي به
زندهه رکيو آهي.
پر هتي افسوس سان
ائين به چوڻو ٿو پوي ۽ اسان وٽ اهو الميو رهيو آهي ته ڪيترن ئي اهڙن سريلن فنڪارن،
ڪلاڪارن، وڄتڪارن، فقير ۽ الله لوڪ ماڻهن کي وساريو ويو آهي، ماضيءَ کان وٺي حال
تائين ڪيئي املهه هيرا اسان جي فن ۽ ثقافت سان واڳيل هئا ۽ آهن، جن پنهنجي وس ۽ وت
آهر هاڪارو ڪم ڪيو آهي، پر زماني جي اها وڏي ستم ظريفي رهي آهي، جو اهڙا ڪردار وقت
جي ويرن ۾ ميسارجندا رهيا آهن، اهڙي ئي فن ۽ ڏات سان سلهاڙيل پر وقت هٿان وساريل
ڪردارن مان فقير غلام جعفر به هڪ آهي.
فقير غلام جعفر
سمون ولد محمد موريل سمون جا وڏا اصل ڳوٺ قائم الدين وڌي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي
شڪارپور جا رهاڪو هئا، جيڪي اڳتي هلي مستقل طور تي ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر رتيديري ۾
اچي سڪونت پذير ٿيا. فقير غلام جعفر ڇانڀي (جنهن کي عام لفظن ۾ شرناءِ سان سنگت ۾
وڄندڙ دهل چئبو آهي) ۽ ڍولڪ جو برجستو وڄتڪار هو، سندس فن ۾ استاد ناميارو طبلا
نواز استاد حاجي خان دوداپوري ۽ محمد بخش مڱڻهار هئا. دهلن ۽ شرنائين جي واڄي سبب
شادين مرادين، ميلن ملاکڙن ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ کيس سندس جوڙ جي
ساٿين سان پنهنجي ڳوٺ کان ٻاهر سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. ان حساب سان
هڪ ڀيري فقير غلام جعفر جو ضلعي شڪارپور ۾ درگاهه ٻڍل فقير جي ڀرسان ڪنهن ڳوٺ ۾
شاديءَ جي سلسلي ۾ وڃڻ ٿيو، جتي رات جو خواب ۾ کيس صوفي ٻڍل فقير جي زيارت نصيب ٿي
۽ کيس درگاهه جو ويراڳي فقير ٿيڻ جو حڪم مليو. صبح جو پاڻ اتان پنهنجي جوڙ جي
ساٿين کان موڪلائي درگاهه جو رخ ڪيائين ۽ درگاهه جي گادي ڌڻي جي حضور ۾ حاضر ٿي
اتان جو فقير بڻجي ويو. جنهن کانپوءِ فقير غلام جعفر صوفي ويراڳي فقير ٿي، راڳ جي
ميدان ۾ به قدم رکيو. هو يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي صوفياڻو راڳ ڳائيندو هو. درگاهه ٻڍل
فقير سان وابستگيءَ جي ناتي سان هر سال پنهنجي گھر ۾پنهنجي مرشد جي دعوت ڪري، ان
جي آمد تي وڏي صوفياڻي محفل ڪرائڻ فقير غلام جعفر جي اهم وندر هوندي هئي.
ميڊيا جي حوالي سان
فقير غلام جعفر کي سندس جوڙ سميت، نامياري شاعر، استاد، صحافي ۽ سندس ڳوٺائي قاضي
عبدالحئي قائل پي. ٽي. وي ڪراچيءَ تي پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ سان ملايو، جنهن
پي. ٽي. وي جي هڪ سنڌي لوڪ موسيقيءَ جي پروگرام ۾ پهريون ڀيرو فقير غلام جعفر جي
جوڙ کي موقعو ڏئي متعارف ڪرايو، جنهن کانپوءِ به ڪافي ڀيرا کيس ٽي. وي جي پروگرامن
۾ شرڪت ڪرڻ جو موقعو ملندو رهيو.
ضلعي لاڙڪاڻي جي
سهڻي شهر رتيديري جي مين شهدادڪوٽ روڊ تي عارباڻي رائيس مل جي بلڪل آمهون سامهون
ماضي قريب ۾ سندس اوطاق هوندي هئي، ڪچي گاري جي چوني ٿيل مهاڙي ۽ علم پاڪ جو نشان
ان اوطاق جي اهم سڃاڻپ هوندا هئا. ان اوطاق جي هڪ دري مين روڊ طرف کلندي هئي، جتان
اڪثر ڪري دهلن، شرنائين، صوفياڻي راڳ ويراڳ يا وري خالي ڍولڪ جي وڄت جا آواز ايندا
رهندا هئا، معلوم ڪرڻ تي پتو پوندو هو ته هيءُ ’جعفر فقير‘ جو اوتارو آهي، جتي
هميشه محبت جون محفلون مچنديون رهنديون آهن ۽ ان اوطاق تي هر ايندڙ ويندڙ کي جعفر
فقير پاران ايترو ته قرب ۽ محبت ملندي هئي، جو هر مهمان فقير غلام جعفر جي شخصيت
جو شيدائي ٿي پوندو هو. فقير غلام جعفر هڪ ڪشادا دل رکندڙ، صوفي منش، فقير صفت
انسان هو، جنهن پنهنجي نياز نوڙت سان پنهنجي حلقي سان واسطيدار هر شخص جي دل ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي هئي.
هڪ ڀيري فقير غلام
جعفر پنهنجي جوڙ جي ساٿين سان ڪنهن شاديءَ جي تقريب ۾ ويو، جتي اڻڄاڻي ۽
لاپرواهيءَ ۾ خوشيءَ وچان ٿيل فائرنگ ۾ هڪ گولي سندس چيلهه ۾ لڳي وئي، جيڪا گولي
سندس لاءِ عمر ڀر جو ناسور بڻجي وئي، ان اچانڪ ٿيل حادثي جي نتيجي ۾ فقير غلام
جعفر طبعي تڪليف ڪارڻ وفات کان ڪيئي سال اڳ فن کي خدا حافظ ڪري چڪو هو، تنهن هوندي
به سندس فن سان عشق آباد رهيو. هن پنهنجي زندگيءَ جا پڇاڙڪا ڏينهن تمام گھڻي تڪليف
۾ گذاريا، سندس وفات به المناڪ طريقي سان ٿي، جو سندس گھر ۾ سندس ڀائيٽيو خادم
حسين سمون دل جو دؤرو پوڻ سبب وفات ڪري ويو، جنهن جي بي وقتائتي موت جي خبر ٻڌي اڳ
۾ ئي ڏکن ۽ سورن سان جھڙيندڙ فقير غلام جعفر دل تي شايد وڌيڪ بار برداشت ڪري نه
سگھيو ۽ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. جنهن سبب سندن گھر مان هڪ ئي ڏهاڙي تي ٻه جنازا
نڪتا، جنهن منظر سندس گھر ۽ محلي سميت پوري شهر کي سوڳوار ڪري ڇڏيو.
فقير غلام جعفر
سيپٽمبر ۲۰۰۰ع ۾ وفات ڪئي، پاڻ پنهنجا فني وارث
ٽن پٽن بدرالدين سمون، عبدالستار سمون ۽ هادي بخش سمي جي صورت ۾ ڇڏي ويو، جيڪي حال
تائين موسيقيءَ جي فن سان سلهاڙيا اچن ٿا.
No comments:
راءِ ڏيندا