پروفيسر عبدالمجيد
سندس سڦل حياتيءَ جي ۶۰ هين بهار
هيمون ڪالاڻي
لاکيڻي لطيف ’هرڻ هَماءُ‘ ٿي سسئيءَ کي پنهونءَ
جو پنڌ ووڙيندي، جيڪا سسئيءَ جي پنڌ جي تصوير ڪشي پنهنجي سر سسئي آبريءَ ۾ ڪئي آهي.
ان ’جستجو لاتقنطو‘ جا مثال سنڌ جي معاشري ۾ ڳولڻ سان اڄ به ڪيترا
ملندا، جن سنسار ۾ سرگردان گذاري پنهنجي حياتيءَ جي ورقن ۾ زندگيءَ جا اهڙا سبق سمويا
هوندا، جيڪر انهن جي ڦرهيءَ کي اچاري گيان وٺڻ ويهجي ته هوند اسرندڙ ٽَهين کي اڪابر
ڪري وجهجي. جتي شخصيتن جي ڀيد ڀاوَ مان ناموس نڪري وڃي ۽ وڏا بت ڪاغذي شينهن نڪرن ته
اتي بهتر ۽ پيشي سان مخلص ماڻهن توڙي پنهنجي ذات ۽ ڏڏن کي سخن ور ڪندڙ ڪردارن کي ڳولهي
ڦلهوري دنيا سان روشناس ڪرائڻ ڪٺن ڪم ضرور آهي، پر جن ماڻڪ ميڙيا، پريت ۽ ريت جي پت
رکي، سماج جو سونهون ٿي جوان اکين تي بينائيءَ جو چشمو چاڙهي، اونداهين ذهنن ۾ علم
جا ڏيئا روشن ڪري شعور جون ڪيتريون ئي لاٽون روشن ڪيو ن، انهن جو پورهيو سڦلتا جي پنڌ
تي مڃتا ضرور ماڻي ٿو. مرشد لطيف به چيو آهي ته:
محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،
تـن جـو صـرافـن اڻ تـوريو اگھائيو.
اهڙي يگاني شخص پروفيسر عبدالمجيد، جنهن بانبڙن
پائڻ جي عمر ۾ پنهنجي پيءُ جي شفقت کان محرومي ڏٺي! ننڍي هوندي جو نٺر ۽ ضدي ٻار، جنهن
جي پڙهڻ سان پوي ئي ڪانه، ڇا خبر ته هيءُ شخص اڳتي هلي پنهنجي ارد گرد جي ماحول ۾ علم
جا اهڙا جلترنگ پوکيندو، جو اڳتي هلي انهن مان ڪيترا ئي واهڙ وهندا!
گھر جي معاشي طور ابتر حالتن جي ضربن مان الهڙ
۽ منفي رجحان وٺڻ بجاءِ زندگي جي چئلينج کي منهن ڏيئي پنهنجو پاڻ کي علم پروريءَ جو
اهڙو ناکئو ثابت ڪندو، جنهن جي جهيڻين ڪمزور اکين جي بينائي به عمر جي پوئين حصي ۾
به لوڪ پروري ڪندي ٻين کي روشني ڏيندي. هن تربيت پنهنجي وڏي ڀاءُ عبدالستار کان حاصل
ڪئي، تڏهن لالٽين جي روشنيءَ تي ويهي زندگيءَ جي ڏکيائين کي، زندگيءَ جو دستور سمجھي
انهن تي اڪتفا ڪري ويهڻ بجاءِ هيءُ ان سوز کي پنهنجو پاڻ ۾ اوتيندو ويو ۽ مئٽرڪ، انٽر،
بي اي، ايم اي جا امتحان خانگي طور پاس ڪري، پنهنجي مدد پاڻ واري اصول تحت اڳتي وڌي
جڏهن تاج جويي، مٺل ڪمالاڻي، راشد مورائيءَ جي سَنگ ۾ سلهاڙيو ته سندس ڀاڳن جي ٻيڙي
کيس سائين جي. ايم سيد جي چَرنَن ۾ پهچايو، جتي سندس مذهبي طبيعت ڦري سنڌ دوست ٿي
۽ انسانيت جي عالمي ڀائيچاري لاءِ سن جي سائينءَ جا ڏنل سبق تاج جويي ۽ ٻين سان گڏجي
ليٿو مشين تي ڇاپيائين. پٺن تي پمفليٽن جا ٻاچڪا کڻي، سنڌ جو سيلاني ٿي، سنڌ دوستيءَ
جي صدا هڻندڙن جو ساٿي ٿي رهيو.
پرائمري، جونيئر اسڪول ٽيچر، هاءِ اسڪول ٽيچر
ٿيڻ بعد ڪميشن پاس ڪري، جيسين ليڪچرر مقرر ٿيو، تيسين پنجاهه اهڙن نوجوانن کي پنهنجي
تربيت هيٺ پڙهايائين ۽ سندن مالي ذميواريون به پنهنجي سر تي کنيائين، جن مان اڄ ڪي
پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر، ڪي استاد، ۽ ڪيترا زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪارگر ذميواريون پيا نڀائين.
تعليم کاتي پاران ايم فل سانگي جڏهن کيس فلپائن جي منيلا يونيورسٽي موڪليو ويو، تڏهن
اتي به انگريز گورن جي وچ ۾ نه پنهنجي اجرڪ کي وساريائين ۽ نه ئي ٽوپي ۽ ويس کي. منيلا
يونيورسٽيءَ ۾ سائين جي ايم سيد کي قومي هيرو، اجرڪ کي سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيبي
ورثي طور متعارف ڪرائي عام رواجي ڊگري وٺي موٽڻ جي ابتڙ اهڙو ڪم سر انجام ڏيئي ڏيهه
وريو، جو کانئس پوءِ فلپائن حڪومت سنڌ جي انهن ٻن اهم يادگارن ۽ عالمِ انسانيت جي فڪري
پيغام رسائن (Symbols) کي پنهنجي يونيورسٽيءَ
۾ سرڪاري اعزاز سان سنڀالي رکيو. ادبي ادارن جي اندر سندس تعميري ڪردار، تعليمي جاڳرتا
لاءِ سندس پاڻ پتوڙڻ، صوفين سالڪن سان سندس صحبتون، ڪتابن سان سندس انسيت، تعميري ڪردار
ادا ڪرڻ لاءِ نونهالن کان ويندي نوجوانن جي ذهنن جي آبياري، قومي فڪر جي ڦهلاءَ لاءِ
سندس ڪيل پنڌ ۽ اوجاڳا، گھر ٻار کي تعليم ۽ تربيت جي دولت سان مانوس ڪري قومي درد سان
آشنا ڪرڻ، غريب پروريءَ جي بجاءِ لوڪ جي خدمتن عيوض پاڻ کي غريب صوفي منش ’آڻين
۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاري سومرا‘ جي مصداق بڻائيندڙ پروفيسر عبدالمجيد سنڌي
جهڙا ڪردار اسان جي پست حال ٿيل سماج لاءِ سونهان آهن. جيڪر انهن جي ڪرت ۽ ڪردار کي
عام آڏو آڻي دستور عمل بڻائجي. پنهنجي زندگيءَ جي سٺ بهارن مان ايڪيتاليهه سال تعليمي
خدمتن، ٽيٽيهه سال قومي، سماجي خدمتن ۾ صَرف ڪندڙ هن يگاني شخص جي ڪل پُونجي سندس ساهتي
پرڳڻي جي ڳوٺ باقر مري، نوشهري فيروز ۾ واقع ڏهن هزارن ڪتابن جي اها لائبريري آهي،
جنهن ۾ علم، ادب، سياسيات، سماجيات، مذهب، فلسفي، صحافت، فقهه، نصاب متعلق ڪتابن، قلمي
نسخن سان گڏ بدستور ايندڙ اخبارن ۽ رسالن جو ذخيرو پڻ موجود آهي. سندس ڪتب خاني ۾ مولانا
عبيدالله سنڌيءَ جي هٿ اکرن سان لکيل قلمي ڪتابن جي موجودگي سندس علمي ذوق ۽ فڪري ڌارا
جا ڏس ڏئي ٿي. پاڻ پنهنجي خاندان سميت علائقي توڙي سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ جهڙيءَ ريت تعليمي
۽ سماجي خدمتون ادا ڪري هينئر پنهنجي ان سفر جي آخري ڇيڙي تي ڄاڻ جو بتيلو آڻي پهچايو
اٿائين، ان تي يقيناً کيرون لهڻي. سندس ڪيل ادبي توڙي درسي نصاب نويسي جو ڪم به سندس
شخصيت جي ٻئي پهلوءَ جي نمائندگي ڪري ٿو. انور سائينءَ جي رسالي جي سوڌ سنوار، پرائمري
درسي ڪتابن جي تياريءَ لاءِ سنڌي ٻولي اختياريءَ سان گڏجي لکيل سندس تحريري مقالا پڻ
سندس ادبي اورچائيءَ جو ثبوت آهن. سنڌي ٻولي تحريڪ ۾ رت سان تحرير ڪري تڏهونڪي ملڪي
صدر ڏانهن اماڻيل سندس ’ٻولي ڪارڊ‘ ۽ رسالن ۾ قومي ٻوليءَ لاءِ لکيل ڪالم هن جي ذهني
سجاڳيءَ جي ساک ڀرين ٿا.هي صوفياڻي مزاج جو ماڻهو پنهنجي اندر ۾ تعليم، ادب ۽ مذهبي
معلومات جي نسبت هڪ ادارو آهي، سنڌ اندر اهڙن ماڻڪن کي ادارا جيڪڏهن صَراف بڻجي کانئن
سماجي سوڌ سنوار جو ڪم وٺن ته سنڌ جي سماج لاءِ هوند ’ٻڏيءَ جا ٻيڻا‘ ٿي پوندا!.
افسوس ته سنڌ اهلِ علم ۽ دانش شخصيتن کان گھڻي قدر موجوده جديد دؤر ۾ غير مانوس آهي
۽ علم جا مٽ مٿي تي کڻي گھمندڙ هنن سيلانين ۽ عمر دراز جي اهل لوڪ شخصيتن کان اسان
جي ٽهي ڪجھه حاصل ڪرڻ کان پاڻ کي پالهو رکيو آهي، نه ته جديد سائنسي دؤر ۾ ترقي يافته
هوندي فيلسوفي بنيادن ۾ ڪمزور ۽ پست حال دنيا جي ملڪن لاءِ سنڌ اندر مضبوط انسان دوست
فڪر جا ههڙا ڪيترائي پارکو موجود آهن، ضرورت فقط ’ڪَلالِڪي هٽ‘ ڏانهن ڪاهڻ جي آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا