; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ علي محمد عباسي - احمد علي صابر چانڊيو

20 October, 2014

ڪامريڊ علي محمد عباسي - احمد علي صابر چانڊيو

ڪامريڊ علي محمد عباسي
چانڊڪا پرڳڻي جي قديم ”ڪلھوڙا عباسي“ گهراڻي جي مانائتي شخصيت
احمد علي صابر چانڊيو
قديم سنڌو ماٿر جي قديم تھذيبي ماڳ موهين جي ماٿر ۽ ماهوٽين جي ڪيڙِ وچ ۾ چانڊڪا پرڳڻي جي قديم گهراڻي ۾ حڪيم سعيد خان عباسي جي آڳر تي ڪامريڊ علي محمد عباسي روشن سج جيان ۱۹۰۱ع ۾ نکري نروار ٿيا. سندن ٻالڪپڻ به عجيب گذري، ائين لڳو ڄڻ ڪامريڊ ٻالڪپڻيءَ جون سڀ شوخيون ۽ ارڏايون ختم ڪري ڇڏيون هيون، هو ڄمندي ڄام هئا. وڏڙن جي ڪچھري ۽ ادب جي شغل ۾ رهندا هئا. وڏيرڪي گهر ۾ رهندي غريب نادارن سان ازحد پيار ڪندڙ هئا. امان سانئڻ کي علي محمد عباسيءَ سان گڏ سندس جا ڪيئي غريب يتيم ٻار سنڀالڻا پوندا هئا. هوءَ کلي چوندي هئي ته علي محمد جي ڪري مونکي ڪيترن ئي نادارن جي امڙ جو شرف مليو آهي. ٻالڪپڻي ڄڻ سندن ورثي ۾ ئي ڪانه آئي هئي. هو جديد سوچ جا پيرا کڻي اڳتي وڌيا هئا. ڪامريڊ جي آمد وقت هتي ۱۹۰۱ع ۾ لاڙڪاڻي کي ضلعي جو درجو مليو. ڪامريڊ جو ڳوٺ وليد لاڙڪاڻي جي ڀر ۾ گهاڙ واهه جي ڪنڌيءَ تي آهي، پاڻ ننڍپڻ کان ئي تعليم پرائڻ سان گڏوگڏ سماج سڌارڪ هئا. لچ لوفر سان بنھه ڪين لڳندي هئن، اجايو ٺٺ ٺانگر ڪوڙ لٻاڙ ۽ عام وڏيرن وانگر زندگي گهارڻ کان کين ازحد نفرت هئي. ڪامريڊ علي محمد عباسي پيار ۽ پاٻوهه سان ڌرتيءَ ڄاون سان گهارڻ کي بھتر ڄاڻندو هئو.سندن ذهن ۾ وڏيرڪي سوچ جي بجاءِ هاري ۽ مزدور سان پيار ڪرڻ بھتر هئو. هو ڄاڻن پيا ته ”الڪاسب حبيب الله“ پورهيتن سان پيار ڪرڻ الله سان پيار ڪرڻ جي برابر هئو. پاڻ حقيقي معنى ۾ مسلمان هئا. صوم و صلواة جا پابند انسانيت سان پيار ڪندڙ،نياڻين جي تعليم و تدريس جي حق ۾ هئا، علم جي فروغ لاءِ هميشه ڪوشان رهندڙ هئا. سندن جو پھريون قدم ئي ڪامياب ٿيو جنھن امان اشرف اشرف عباسيءَ جي روپ ۾ وڏي مھانتا ماڻي. هو روشن خيال هاري دوست عمل ۽ انقلاب جا حامي هئا. جن سنڌ مدرسي لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ پاس ڪيائون. اسڪول جي وقت ۾ تقرير ۽ تحقيقي مقالن ۾ سندن موضوع ئي هاري هئو، جنھن ڪري کين ڪامريڊ جو لقب مليو. سندن سوچ ۾ بئريسٽر جان محمد جوڻيجو  سندن محور هئا. جن هن وانگر هارين مزدورن ۽ نونھالن کي پنھنجي زندگيءَ ۾ اهميت ڏني هئي. ڪامريڊ جي گهڻ پاسائين شخصيت هئي، هڪ طرف اديب ۽ شاعر، ٻئي طرف سماج سڌارڪ، ٽئين طرف سياستڪار ته هڪ طرف سچا مسلمان ۽ بھترين انسان هئا. امن، اتحاد لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ هئا. هر وقت انسان ۽ انسانيت جي ڪمن ۾ رڌل رهندا هئا. نه صرف ايترو بلڪ سنڌ جي عالمن، سياستڪارن سان گڏجي چڱائي پکيڙڻ جي ڪمن ۾ اڳتي رهندا هئا. ان سلسلي ۾ پنھنجي سوچ ۽ ساڃاهه کي پھچائڻ لاءِ اخبار ”العباس“ ڪڍيائون. ۱۹۳۵ع ۾ ڪلھوڙا عباسي تنظيم جوڙي ”آواز“ رسالو ڏنائون. سياست جي ميدان ۾ ”هاري حقدار ٻيڙا پار“ جي نعري ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جا دست راست هئا. سندن جي فڪر ۽ فراست جو چرچو هر هنڌ هارجاءِ هُلي ويو. سنڌ واسي ڪامريڊ کي علم سان ادراڪ سان پيار هئو. هن پريس جو وجود رکيو ۽ تنظيم پاران نادار ۽ بي پھچ ٻارن کي علم جي زيور سان سجائڻ جو ذمو پڻ کنيائون. پاڻ هر ڪم عملي طور ڪندڙ هئا. ڌوڪي، دغا ۽ فريب کان کين نفرت هئي.


ڪامريڊ جي شاعريءَ جا ڪجهه مجموعا ”گل عباسي“ ۽ ”پيامِ سنڌ“ ۱۹۵۲ع ۾ شايع ٿيا. سندس شاعري ۾ بيت، گيت، ترانا، قومي انداز ۾ ڏنل آهن. سندن مضمونن ۽ شاعري ۾ سنڌو، سنڌ، هاري ۽ انسانيت محور رهيو آهي. هو ويھين صديءَ جا اهي سنڌي محقق هئا جن جي سوچ ۾ انسانيت جي خوشبوءِ مھڪي اٿي هئي. هر لفظ هر فقري ۾ سنڌ جي ترقي هارين لاءِ جدوجھد، نياڻين جي تعليم، سماجي تنظيم ڪاري لاءِ اتساهه اڀريل هئا. سندن پويان به شريف النفس، باڪردار اصولن جي سياست جا پيروڪار رهيا آهن. ڀلي کڻي ڪو سندن اڳيان هيرا رکي يا ظلم جي سنداڻ تي رکي، پر ڪٿي به جهڪڻ ۽ وڪامجڻ وارا ڪين آهن. هي به ڪامريڊ وانگر سچ ۽ صلح جا پيروڪار پئي رهيا آهن.
ڪامريڊ علي محمد عباسي جن جما الدين بخاري جي پريس تي اڪثر ويھندا هئا، جتي ڪامريڊ عبدالقادر، ميوا خان کوکر جن سان گڏجي هاري ڪاميٽيءَ لاءِ بھتر سنيھا ۽ مالي امداد ڪندا هئا. لاڙڪاڻي هاري ڪاميٽيءَ جا روح روان ۽ مک ڪردار هئا. لاڙڪاڻي هاري ڪاميٽيءَ جا ضلعي نائب صدر ٿيا. انگريز دؤر ۾ سچ ۽ صلح جو آواز اٿارڻ ڪرڻ خود برٽش سرڪار سندن جي تعظيم ڪندڙ هئي. ڪامريڊ عباسي چرٻ زباني ۽ اجائي واکاڻ کان پڻ لنوائيندا هئا. سندن نظم ۾ سچ ۽ سورهيائين جي زبان بھتر هئي. انگرز دؤر جي خاتمي لاءِ پڻ پھرين صف جي انقلابي انسانن ۾ شامل هئا. سندن اڪثر شاعريءَ ۾ طنز و مزاح جو عنصر بکندو هئو.
ادا مومن خبر ڪر ڪا حبيبن جي حليمن جي،
سـَيُنِ جي ڪڪڙ ڇيلن جي مٺائي ۽ جليبين جي.

نه صرف ايترو، هو سنڌ جي اقليت جا طرفدار هئا. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ عبدالواحد سومرو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ عبدالقادر ۽ جمال الدين بخاري سان گڏجي ۱۹۴۵ع ۾ قاضي فضل الله جي مقابلي ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي هاري حقداري ڪاميٽيءَ طرفان صوبائي اسيمبلي لاءِ وارهه-ڏوڪري تڪ مان اٿاريو. قاضي فضل الله مسل ليگ پارٽيءَ طرفان ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان اميدوار اٿيا هئا. ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي اليڪشن مھم دوران جڏهن ڪامريڊ علي محمد عباسيءَ سان مليا ته عباسي صاحب اليڪشن مھم ۾ ڀرپور جاني ۽ مالي سھڪار ڪيو هئو. ۱۹۵۱ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي وڏي جاگيردار نواب احمد سلطان سان اليڪشن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي اٿاريو هئو. هيءَ وڏيرڪي سماج ۾ پھرين ڪِلي هئي، جنھن هر عام و خاص کي جذباتي طور سوچڻ تي مجبور ڪيو. ان بعد ڪيترائي باشعور انسان مظلوميت جا طرفدار بنيا.
ڪامريڊ علي محمد عباسي ۱۹۵۷ع ون يونٽ خلاف هاري ڪانفرنس لالو راؤنڪ ۾ ڪوٺائي جنھن جي صدارت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪئي هئي. ان کان علاوه ۱۵ مارچ ۱۹۵۳ع ۾ پڻ آل سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو اجلاس تجر پارڪ ۾ ڪوٺايو هئو، جنھڻ ۾ سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، پير الاهي بخش، ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ٻين ناميارن سياستڪارن حصو ورتو هئو. ان ڪاميٽيءَ جو روح روان پڻ ڪامريڊ علي محمد عباسي جن هئا. ڪامريڊ علي محمد اڪثر ڪري ڪامريڊ تاج محمد ابڙوجن جي اوطاق تي ويندا هئا. دوستيءَ جي فرضن کان علاوه وٽائن مفيد مشورا پڻ ملندا هئا. هر آچر تي وليد ۾ هاري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿيندي هئي. ۱۹۵۷ع ۾ وليد ۾ هاري ڪانفرنس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو پڻ شريڪ ٿيا. ڀٽو صاحب جي مشوري تحت هاري ۽ هارپ ايڪٽ بابت ڪاميٽي تشڪيل ڏني وئي. ۱۵-اپريل ۱۹۴۹ع تي درٻار هال لاڙڪاڻو ۾ سيد ميران محمد شاهه جي صدارت ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو. جنھنجو سارو ذمو پڻ ڪامريڊ علي محمد عباسيءَ جي سر تي هئو. ڪامريڊ اڻٿڪ شخصيت جا مالڪ هئا. هو ملڪ ۾ يورپي طرز تعليم جا مخالف هئا پر پنھنجي گهر ڀاتين سميت سڀني کي ٻولي سکڻ لاءِ آڇ ڪيائون. زرعي سڌارن بابت دوست محمد هڪڙي سان صلاح مشورا ڪنداهئا. ۱۹۴۶ع ۾ ٽريڪٽر ورتائون، چون ٿا ته ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پھريون ٽريڪٽر هئو، جنھن کي ماڻھو عجب نگاهن سان ڏسندا هئا ۽ ڪامريڊ علي محمد عباسي خود ٽريڪٽر استعمال ڪندا هئا، پنھنجي هارين جو گهڻي قدر زمينون پاڻ هريندا هئا. ڪامريڊ علي محمد عباسي هڪ مثالي انسان هئا. هونءَ ته لاڙڪاڻي جي زرخيز زمين مان ڪيترائي ناميارا انسان ڦـُٽي نڪتا هئا. هر انسان جي پنھنجي خوشبوء ٿئي، پر ڪامريڊ علي محمد عباسي وٽ ماڻهپي واري اهڙي ته خوشبوء هئي جو سنڌ جي گوشي گوشي مان مھڪار پئي اٿندي هئي، هر باشعور انسان انھيءَ مھڪ مان واس وٺندڙ هئو. اڄ به سندن جي خوشبوء جو اثر ڌرتيءَ تي جاودان آهي.
اٿي مھڪ ملير مان مِٽيءَ پيو مينھن،
مـُئي منھنجو مينھن اڳي کان اڳرو ٿيو.

***

No comments:

راءِ ڏيندا