; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ، علي، محمد، عباسي، چانڊڪا، پرڳڻي، قديم، ڪلھوڙا، عباسي، شخصيت، احمد ،علي، صابر، چانڊيو،
Showing posts with label ڪامريڊ، علي، محمد، عباسي، چانڊڪا، پرڳڻي، قديم، ڪلھوڙا، عباسي، شخصيت، احمد ،علي، صابر، چانڊيو،. Show all posts
Showing posts with label ڪامريڊ، علي، محمد، عباسي، چانڊڪا، پرڳڻي، قديم، ڪلھوڙا، عباسي، شخصيت، احمد ،علي، صابر، چانڊيو،. Show all posts

20 October, 2014

ڪامريڊ علي محمد عباسي - احمد علي صابر چانڊيو

ڪامريڊ علي محمد عباسي
چانڊڪا پرڳڻي جي قديم ”ڪلھوڙا عباسي“ گهراڻي جي مانائتي شخصيت
احمد علي صابر چانڊيو
قديم سنڌو ماٿر جي قديم تھذيبي ماڳ موهين جي ماٿر ۽ ماهوٽين جي ڪيڙِ وچ ۾ چانڊڪا پرڳڻي جي قديم گهراڻي ۾ حڪيم سعيد خان عباسي جي آڳر تي ڪامريڊ علي محمد عباسي روشن سج جيان ۱۹۰۱ع ۾ نکري نروار ٿيا. سندن ٻالڪپڻ به عجيب گذري، ائين لڳو ڄڻ ڪامريڊ ٻالڪپڻيءَ جون سڀ شوخيون ۽ ارڏايون ختم ڪري ڇڏيون هيون، هو ڄمندي ڄام هئا. وڏڙن جي ڪچھري ۽ ادب جي شغل ۾ رهندا هئا. وڏيرڪي گهر ۾ رهندي غريب نادارن سان ازحد پيار ڪندڙ هئا. امان سانئڻ کي علي محمد عباسيءَ سان گڏ سندس جا ڪيئي غريب يتيم ٻار سنڀالڻا پوندا هئا. هوءَ کلي چوندي هئي ته علي محمد جي ڪري مونکي ڪيترن ئي نادارن جي امڙ جو شرف مليو آهي. ٻالڪپڻي ڄڻ سندن ورثي ۾ ئي ڪانه آئي هئي. هو جديد سوچ جا پيرا کڻي اڳتي وڌيا هئا. ڪامريڊ جي آمد وقت هتي ۱۹۰۱ع ۾ لاڙڪاڻي کي ضلعي جو درجو مليو. ڪامريڊ جو ڳوٺ وليد لاڙڪاڻي جي ڀر ۾ گهاڙ واهه جي ڪنڌيءَ تي آهي، پاڻ ننڍپڻ کان ئي تعليم پرائڻ سان گڏوگڏ سماج سڌارڪ هئا. لچ لوفر سان بنھه ڪين لڳندي هئن، اجايو ٺٺ ٺانگر ڪوڙ لٻاڙ ۽ عام وڏيرن وانگر زندگي گهارڻ کان کين ازحد نفرت هئي. ڪامريڊ علي محمد عباسي پيار ۽ پاٻوهه سان ڌرتيءَ ڄاون سان گهارڻ کي بھتر ڄاڻندو هئو.سندن ذهن ۾ وڏيرڪي سوچ جي بجاءِ هاري ۽ مزدور سان پيار ڪرڻ بھتر هئو. هو ڄاڻن پيا ته ”الڪاسب حبيب الله“ پورهيتن سان پيار ڪرڻ الله سان پيار ڪرڻ جي برابر هئو. پاڻ حقيقي معنى ۾ مسلمان هئا. صوم و صلواة جا پابند انسانيت سان پيار ڪندڙ،نياڻين جي تعليم و تدريس جي حق ۾ هئا، علم جي فروغ لاءِ هميشه ڪوشان رهندڙ هئا. سندن جو پھريون قدم ئي ڪامياب ٿيو جنھن امان اشرف اشرف عباسيءَ جي روپ ۾ وڏي مھانتا ماڻي. هو روشن خيال هاري دوست عمل ۽ انقلاب جا حامي هئا. جن سنڌ مدرسي لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ پاس ڪيائون. اسڪول جي وقت ۾ تقرير ۽ تحقيقي مقالن ۾ سندن موضوع ئي هاري هئو، جنھن ڪري کين ڪامريڊ جو لقب مليو. سندن سوچ ۾ بئريسٽر جان محمد جوڻيجو  سندن محور هئا. جن هن وانگر هارين مزدورن ۽ نونھالن کي پنھنجي زندگيءَ ۾ اهميت ڏني هئي. ڪامريڊ جي گهڻ پاسائين شخصيت هئي، هڪ طرف اديب ۽ شاعر، ٻئي طرف سماج سڌارڪ، ٽئين طرف سياستڪار ته هڪ طرف سچا مسلمان ۽ بھترين انسان هئا. امن، اتحاد لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ هئا. هر وقت انسان ۽ انسانيت جي ڪمن ۾ رڌل رهندا هئا. نه صرف ايترو بلڪ سنڌ جي عالمن، سياستڪارن سان گڏجي چڱائي پکيڙڻ جي ڪمن ۾ اڳتي رهندا هئا. ان سلسلي ۾ پنھنجي سوچ ۽ ساڃاهه کي پھچائڻ لاءِ اخبار ”العباس“ ڪڍيائون. ۱۹۳۵ع ۾ ڪلھوڙا عباسي تنظيم جوڙي ”آواز“ رسالو ڏنائون. سياست جي ميدان ۾ ”هاري حقدار ٻيڙا پار“ جي نعري ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جا دست راست هئا. سندن جي فڪر ۽ فراست جو چرچو هر هنڌ هارجاءِ هُلي ويو. سنڌ واسي ڪامريڊ کي علم سان ادراڪ سان پيار هئو. هن پريس جو وجود رکيو ۽ تنظيم پاران نادار ۽ بي پھچ ٻارن کي علم جي زيور سان سجائڻ جو ذمو پڻ کنيائون. پاڻ هر ڪم عملي طور ڪندڙ هئا. ڌوڪي، دغا ۽ فريب کان کين نفرت هئي.