جيون گرسهاڻي
سنڌي ناٽڪ
جي قد آور شخصيت
قاسم راڄپر
ڊرامو انساني
جذبن جي اظهار جو منفرد ذريعو آهي، جيڪو آڳاٽي زماني کان سمورين ثقافتن ۾ سڀاءَ جو
انتهائي ڪارائتو نمونو رهيو آهي. حقيقت ۾ڊرامو انسان جي بنيادي سرگرمي پڻ آهي. ادب
جي ٻين صنفنن جي ڀيٽ ۾ ڊرامي جو اثر تيز ۽ ديرپا آهي، شاعري، ڪهاڻي ۽ ناول ۾ پڙهندڙن
آڏو سماج جي جيڪا تصوير پيش ڪئي ويندي آهي، اها ڊرامي وسيلي وڌيڪ بهتر نموني سان پيش
ڪئي وڃي ٿي، ڇو ته ڊرامو مڪالمن، ڪردارن، ويس وڳن، ٺاهه ٺوهه، منظرن وغيره کي عملي
صورت ۾ آڻي ڏسندڙن کي سماج جي حقيقي زندگيءَ جي گهڻو ويجهو آڻي بيهاري ٿو. سنڌيءَ
۾ مطالعاتي ناٽڪ جو جنم ته ۱۸۸۰ع ۾ مرزا
قليچ بيگ جي لکيل ناٽڪ “ليليٰ مجنون” سان ٿيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان کان هڪ سال اڳ
امام بخش خادم به ناٽڪ لکي چڪو هو، جيڪو نه اسٽيج تي آيو ۽ نه وري شايع ٿي سگهيو. ورهاڱي
تائين سنڌي ناٽڪ ڦوهه جواني ماڻي چڪو هو، پر ورهاڱي سبب سنڌي اسٽيج ناٽڪ جا سرپرست هندو سنڌي ڀارت لڏي ويا. اُتي به هو ڪنهن
هڪ هنڌ تي ٿائينڪا ڪونه ٿيا. ٻيو ته اهي هتي ڀريل گهر، هلندڙ ڪاروبار ڇڏي ويا هئا،
تنهن ڪري نئين ديس وڃي سڀ کان اڳ هنن پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. پر پنهنجي
وطن جي اُڪير ۾ هنجون هاريندڙن جو ڏک ونڊائڻ لاءِ انهن کي وندرائڻ لاءِ سڀ کان اڳ رام
پنجواڻيءَ ڪوشش ورتي. هن پنهنجي ساٿين سان گڏ جدا جدا شهرن ۾سنڌين جي ڪئمپن ۾ وڃي،
پنهنجن مٺڙن ٻولن سان وندرايو. ان عمل جا بهترين نتيجا اچڻ سبب ان لاءِ باضابطا پليٽ
فارم جوڙڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. بمبئيءَ ۾ جنوري ۱۹۴۹ع ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي سرواڻيءَ ۾ ترقي پسند ليکڪن ‘سنڌي ساهت
منڊل’ ٺاهيو. جنهن ۾ هفتيوار ادبي ڪلاسن سان گڏ ڪانفرنسون ڪيون ويون ۽ ناٽڪ ڏيکاريا
ويا. ساڳئي سال (۱۹۴۹ع) ۾ دهلي ڪاليج ۾ “دهلي ڪاليج ساهتيه
سڀا” ڊاڪٽر هرو مل سدا رنگاڻيءَ جي سرپرستيءَ ۾ کلي. ان سڀا سنڌي ناٽڪ خاص طور ايڪانڪي
اسٽيج ڪرڻ شروع ڪيا. ڊاڪٽر هرو مل سدا رنگاڻيءَ سان گڏ ٻي اهم شخصيت جيون گوبند رام
گرسهاڻيءَ جي هئي. جيڪو اڳتي هلي نه رڳو دهلي پر هندستان ۾ سنڌي ناٽڪ جو وڏو نالو بڻيو.
ڊگهي قد،
ويڪري پيشاني وارو رعبدار شخص جيون گرسهاڻي ۱۳ آڪٽوبر ۱۹۲۸ع تي ساهتي پرڳڻي جي
شهر ٺاروشاهه ۾ پيدا ٿيو. (ڪجهه ڪتابن ۾ ڪراچي لکيل آهي). ورهاڱي کانپوءِ مختلف هنڌن
کان ٿيندو سندس خاندان دهليءَ ۾ ٿائينڪو ٿيو. هو سنڌ ۾ به ٺارو شاهه کان ويندي ڪراچيءَ
تائين اسٽيج ناٽڪن سان واڳيل رهيو ۽ ورهاڱي کانپوءِ به ساڳئي ڪِرت سان لڳي ويو. ڀارت
۾ سنڌي ناٽڪن جو پهريون مجموعو رام پنجواڻيءَ جو “سنڌ جون ست ڪهاڻيون” شايع ٿيو، جيڪو
گهڻي ڀاڱي سنڌ ۾ ئي لکيو ويو هو. ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪ لکڻ جي شروعات، جيون گرسهاڻيءَ ڪئي.
هن پهريون ناٽڪ ‘ڏيتي ليتي’ ۱۹۵۰ع ۾ لکيو
۽ اسٽيج تي آندو. ان کانپوءِ هن “فئشن ايبل” (۱۹۵۲ع)، “ڪاڪو بهلاڻيءَ وارو” (۱۹۵۴)، “مهمان”
(۱۹۶۱)، “نيلام” (۱۹۶۱)، “مئريج بيورو” (۱۹۶۳) سميت لاتعداد
ناٽڪ لکيا. ان جي باوجود ته هن ناٽڪ نويس ۽ اداڪار طور پاڻ مڃايو هو پر هن پردي پويان
بيهي هدايتڪاريءَ کي ترجيح ڏني. هن ۱۹۶۱ع ۾ سنڌو
ڪلا سنگم جي نالي سان ناٽڪ منڊلي دهليءَ ۾ قائم ڪئي، جنهن جي پليٽ فارم تان هن ۱۴ وڏن ناٽڪن جا ۷۶ شوز ۽ ۳۳ ايڪانڪين (ننڍي ناٽڪ) جا ۱۰۰ کان وڌيڪ
شوز هندستان اندر توڙي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پيش ڪيا. هو انتهائي محنتي ۽ پروفيشنل
هدايتڪار هو، هو آخري دم تائين سنڌي ناٽڪ سان ڪُل وقتي سلهاڙيل رهيو.
هن جي هيمراج
ناگواڻيءَ سان جوڙي ڏاڍي مشهور ٿي ۽ ا ن جوڙيءَ
ڊگهي عرصي تائين هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي ناٽڪن جي سار سنڀال ڪئي. جيون، منگهارام
ملڪاڻي، رام پنجواڻي، آغا سليم، هريڪانت ڄيٺواڻي، واسديو نرمل، لڇمڻ ڪومل، جسونت ڪمار،
جي اين ناگراڻي، گوبند مالهي، اي بي سڳو مل سميت انيڪ ناٽڪ نويسن جا ناٽڪ اسٽيج تي
پيش ڪيا. هو نه رڳو بهترين ناٽڪ نويس ۽ هدايتڪار هو، پر ڀلوڙ اداڪار به هو. هن هر قسم
جا ناٽڪ جهڙوڪ ٽريجڊي، طنزيه، مزاحيه وغيره پيش ڪيا. کيس هند جي پهرئين سنڌي ناٽڪ جي
هدايتڪاريءَ جو به شرف حاصل ٿيو. کيس وڏن ناٽڪن جي هدايتڪاريءَ ۾ ڪمال حاصل هو. هو
آخري دم تائين سنڌيت جي هلچل سان جڙيل رهيو. هن سنڌيت کي محفوظ رکڻ لاءِ ناٽڪ ڪلا جو
سهارو ورتو ۽ ان ۾ هن کي ڀرپور ڪاميابي ملي. هن سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ واري جدوجهد ۾ عملي
ڪردار ادا ڪيو ۽ دهليءَ ۾ مظاهرن ۽ ڌرڻن ۾ نه رڳو پاڻ پر پنهنجي نياڻي انيتا سان گڏ
شرڪت ڪئي. هن نه رڳو سنڌي ناٽڪ ڪلا کي اوج تي رسايو پر نون فنڪارن، ناٽڪ نويسن ۽ هدايتڪارن
کي همٿايو. هو انتهائي سخت طبعيت هدايتڪار ليکيو ويندو هو، جيڪو اداڪارن کي نپوڙي کانئن
ڪم وٺندو هو. ڊگهي قد سبب ڪيرت ٻاٻاڻيءَ کيس سنڌي ناٽڪ جو “لمبو” سڏيو هو. سندس هڪ
ناٽڪ “اوکا پنڌ پيار جا” ۱۹۸۹ع دور درشن
تان ٽيليڪاسٽ ٿيو.
جيون بنا
ڪنهن لوڀ لالچ جي سنڌي ناٽڪن جي سرپرستي ڪئي. هو هميشه چوندو هو ته سنڌي ناٽڪ منهنجو
پهريون پيار آهي، پيار ۾ پائڻ ۽ وڃائڻ ڪهڙو؟ جيون، سنڌين ٻولي ۽ ناٽڪ لاءِ فڪر مند
هئڻ سان گڏ پر اميد به هو. ٽماهي اسٽيج مخزن لاءِ هيمراج ناگواڻيءَ کي ڏنل هڪ انٽرويو
۾هن چيو هو ته “سنڌي ناٽڪ، ڀارت ۾ سنڌي هلچل جي جان آهي. سنڌي ناٽڪ سنڌيت کي زنده رکندو
اهو منهنجو وشواس آهي. سنڌي ناٽڪ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جو مستقبل هڪ ٻئي سان جُڙيل آهي.
سنڌي ناٽڪ آهي ته سنڌي ٻولي رهندي، سنڌي ٻولي آهي ته سنڌيت زنده جاويد رهندي، ان ڪري
سنڌيت قائم رکڻ لاءِ هر هڪ سنڌيءَ کي پاڻ پتوڙڻو پوندو”.
جيون پنهنجو
سڄو جيون سنڌي ناٽڪ کي ارپي ڇڏيو هو ، جنهن جي موٽ ۾ سنڌين کيس تمام گهڻي عزت، مان
۽ مرتبو ڏنو. هريڪانت ڄيٺواڻيءَ جي مشهور ناٽڪ “مڪان خالي آهي” تي کيس “اکل ڀارت سنڌي
ٻولي ۽ ساهت سڀا” پاران بهترين هدايتڪار جو اعزاز ڏنو ويو. جڏهن ته آغا سليم جي تاريخي
ڊرامي “دودو چنيسر” جي ڊائريڪشن ڏيڻ تي کيس ۱۹۷۴ع ۾ آل انڊيا سنڌي ڊراما ڪامپيٽيشن ۾ بهترين هدايتڪار جو ايوارڊ مليو.
کيس دهليءَ ۾ “سنڌي رتن” جو اعزاز به مليو. ۴۴ سالن تائين سنڌي ڊرامن جي سرپرستي ڪندڙ جيون گرسهاڻي ۱۹ جون ۱۹۹۴ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سنڌي ڊرامن لاءِ
سندس خدمتون هميشه ياد رکيون ويندون.
(جيون
گرسهاڻي جي ڪالهه سالگره جو ڏينهن هو)
No comments:
راءِ ڏيندا