; سنڌي شخصيتون: جيون، گرسهاڻي، سنڌي، ناٽڪ، جي قد آور، شخصيت، قاسم، راڄپر
Showing posts with label جيون، گرسهاڻي، سنڌي، ناٽڪ، جي قد آور، شخصيت، قاسم، راڄپر. Show all posts
Showing posts with label جيون، گرسهاڻي، سنڌي، ناٽڪ، جي قد آور، شخصيت، قاسم، راڄپر. Show all posts

14 October, 2014

جيون گرسهاڻي- شخصيت قاسم راڄپر

جيون گرسهاڻي
سنڌي ناٽڪ جي قد آور شخصيت
قاسم راڄپر
ڊرامو انساني جذبن جي اظهار جو منفرد ذريعو آهي، جيڪو آڳاٽي زماني کان سمورين ثقافتن ۾ سڀاءَ جو انتهائي ڪارائتو نمونو رهيو آهي. حقيقت ۾ڊرامو انسان جي بنيادي سرگرمي پڻ آهي. ادب جي ٻين صنفنن جي ڀيٽ ۾ ڊرامي جو اثر تيز ۽ ديرپا آهي، شاعري، ڪهاڻي ۽ ناول ۾ پڙهندڙن آڏو سماج جي جيڪا تصوير پيش ڪئي ويندي آهي، اها ڊرامي وسيلي وڌيڪ بهتر نموني سان پيش ڪئي وڃي ٿي، ڇو ته ڊرامو مڪالمن، ڪردارن، ويس وڳن، ٺاهه ٺوهه، منظرن وغيره کي عملي صورت ۾ آڻي ڏسندڙن کي سماج جي حقيقي زندگيءَ جي گهڻو ويجهو آڻي بيهاري ٿو. سنڌيءَ ۾ مطالعاتي ناٽڪ جو جنم ته ۱۸۸۰ع ۾ مرزا قليچ بيگ جي لکيل ناٽڪ “ليليٰ مجنون” سان ٿيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان کان هڪ سال اڳ امام بخش خادم به ناٽڪ لکي چڪو هو، جيڪو نه اسٽيج تي آيو ۽ نه وري شايع ٿي سگهيو. ورهاڱي تائين سنڌي ناٽڪ ڦوهه جواني ماڻي چڪو هو، پر ورهاڱي سبب سنڌي اسٽيج ناٽڪ جا سرپرست هندو سنڌي ڀارت لڏي ويا. اُتي به هو ڪنهن هڪ هنڌ تي ٿائينڪا ڪونه ٿيا. ٻيو ته اهي هتي ڀريل گهر، هلندڙ ڪاروبار ڇڏي ويا هئا، تنهن ڪري نئين ديس وڃي سڀ کان اڳ هنن پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. پر پنهنجي وطن جي اُڪير ۾ هنجون هاريندڙن جو ڏک ونڊائڻ لاءِ انهن کي وندرائڻ لاءِ سڀ کان اڳ رام پنجواڻيءَ ڪوشش ورتي. هن پنهنجي ساٿين سان گڏ جدا جدا شهرن ۾سنڌين جي ڪئمپن ۾ وڃي، پنهنجن مٺڙن ٻولن سان وندرايو. ان عمل جا بهترين نتيجا اچڻ سبب ان لاءِ باضابطا پليٽ فارم جوڙڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. بمبئيءَ ۾ جنوري ۱۹۴۹ع ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي سرواڻيءَ ۾ ترقي پسند ليکڪن ‘سنڌي ساهت منڊل’ ٺاهيو. جنهن ۾ هفتيوار ادبي ڪلاسن سان گڏ ڪانفرنسون ڪيون ويون ۽ ناٽڪ ڏيکاريا ويا. ساڳئي سال (۱۹۴۹ع) ۾ دهلي ڪاليج ۾ “دهلي ڪاليج ساهتيه سڀا” ڊاڪٽر هرو مل سدا رنگاڻيءَ جي سرپرستيءَ ۾ کلي. ان سڀا سنڌي ناٽڪ خاص طور ايڪانڪي اسٽيج ڪرڻ شروع ڪيا. ڊاڪٽر هرو مل سدا رنگاڻيءَ سان گڏ ٻي اهم شخصيت جيون گوبند رام گرسهاڻيءَ جي هئي. جيڪو اڳتي هلي نه رڳو دهلي پر هندستان ۾ سنڌي ناٽڪ جو وڏو نالو بڻيو.