; سنڌي شخصيتون: سڪندر علي سَرگاڻي - ناصر قاضي

20 October, 2014

سڪندر علي سَرگاڻي - ناصر قاضي

سڪندر علي سَرگاڻي
سنگيت نگر جو سهڻو ڪلاڪار
ناصر قاضي
هن ڌرتيءَ تي سدا بهار آواز جي مالڪ، سدا سريلي موسيقار، مٺڙي توڙي ٻاجھاري انسان خانصاحب استاد منظور علي خان سنڌي موسيقيءَ کي هڪ مڪمل مڪتبه فڪر ‘school of though’ ڏنو. خانصاحب استاد منظور علي خان جي ٻڌايل ڏس ۽ گس تي عمل ڪندي سندس مڙني شاگردن جيان خانصاحب استاد گلزار علي خان به پنهنجي استاد جي ٻاريل شمع جو پروانو بڻيو ۽ ان شمع کي گـُل ٿيڻ نه ڏنو. جنهن جي محنتن جي نتيجي ۾ استاد گلزار علي خان جي تڏي تي ڪهي آيل ڪيترا ئي موسيقيءَ جا عاشق فيضياب ٿيا. جيڪي اڄ سوڌو سندس نقشِ قدم تي عمل پيرا آهن. استاد گلزار علي خان جو اصل تعلق ته سونهاري سنڌ جي ساهتي پرڳڻي سان هو ۽ اڳوڻي ضلعي نوابشاهه ۽ هاڻوڪي ضلعي نوشهري فيروز ۾ ’ديهات‘ نالي سان هڪ وسندي سندس جنم ڀومي هئي، پر موسيقيءَ وارو فيض ڦهلائڻ واسطي استاد گلزار علي خان جي دل، نظرَ توڙي روحَ اتر سنڌ جي سهڻي تاريخي شهر لاڙڪاڻي جو انتخاب ڪيو، جتي مراد واهڻ محلي ۾ موسيقيءَ جي هڪ مڪتب جو بنياد رکيائين، جتان پوري سنڌ سميت خصوصي طور تي ضلعي لاڙڪاڻي جا شاگرد ڪجھه سرسيءَ سان سرشار ٿيا.


جي ها! اهو استاد گلزار علي خان هو، جيڪو شخصيت، فن، اخلاق توڙي گفتار ۾ واقعي به گلزار هو ۽ نه صرف گلزار هو، پر پنهنجي نالي جي پهرين اکر ’استاد‘ جي نسبت سان به هو هڪ مڪمل ۽ شفيق استاد هو. سندس شمار سنڌ ڌرتيءَ جي انهن فنڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجا وڌ ۾ وڌ شاگرد تيار ڪيا. سنڌ جا اڄ به ڪيترا ئي سريلا راڳي سندس ئي ڏنل فيض سان فيضياب آهن، هن پنهنجن شاگردن کي بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي ڪلا جي ڪيميا سان نوازيو. کيس پنهنجن شاگردن سان بي انتها شفقت ۽ محبت هوندي هئي، هو پنهنجي شاگردن کي به اولاد جيان سمجھندو هو. سندس لائق شاگردن ۾ مرحوم خان محمد سمون، عبدالغفور سومرو، غلام شبير سمون، حنيف لاشاري، عبدالحميد راڄپر، فقير نذير حسين تنيو، سڪندر علي سرگاڻي، علي محمد وڳڻ، حاجي نثار بزمي، نياز حسين سمون، وجيشن ڪمار، سڄڻ سنڌي، نجم علي مڱڻهار، عبداللطيف مهر، غلام قادر لنجواڻي، مختيار علي سانگي ۽ مختيار علي شيخ  وغيره جن جا سدا سريلا نالا قابل ذڪر آهن.
استاد گلزار علي خان جي شانائتن شاگردن جي ان صف ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي نامياري سنگيتڪار سڪندر علي سرگاڻيءَ جو نالو پڻ ملي ٿو، جنهن نه صرف ڪلا کي قلب سان لائي توڙ نڀايو آهي، پر اخلاق اجار، اعلى ظرف استاد جي حيثيت سان به سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پنهنجون تدريسي خدمتون سر انجام ڏيئي، مستقبل جي معمارن جي ذهني اوسر پڻ ڪئي آهي.
سڪندر علي سرگاڻيءَ سنڌوءَ جي ساڄي ڪڙ تي، موهين جي دڙي جي محلي، ڳوٺ صوبدار سرگاڻي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محترم عمرالدين سرگاڻيءَ جي گھر ۾ ۲۰ هين نومبر ۱۹۶۲ع تي الاهي امر سان اکيون کولي، پالڻهار جي خلقيل دنيا جو درشن ڪيو. موسيقيءَ جو فن کيس ورثي ۾ مليو، سندس جنم هڪ اهڙي گھر ۾ ٿيو، جتي استعمال جي ٻئي ضروري سازو سامان سان گڏ طبلي ۽ الغوزي جي جوڙيءَ توڙي هارمونيم جو ديدار پنهنجي اکين ساڻ ڪيائين، ڇاڪاڻ جو سندس والد صاحب هڪ ئي وقت ۾ الغوزي، طبلي ۽ هارمونيم جو سهڻو وڄائيندڙ هو.
جيتوڻيڪ سڪندر علي سرگاڻيءَ پنهنجي والد صاحب هٿان سازن جو آواز ننڍپڻ جي لاشعوريءَ واري عمر ۾ پنهنجي گھر ۾ ئي ٻڌو، پر تنهن هوندي به ساڃهه وند سوچ رکندڙ سندس والدِ محترم نصابي تعليم کي اوليت ڏيندي کيس ابتدائي تعليم لاءِ ڳوٺ جي اسڪول ۾ ويهاريو، ان حوالي سان سڪندر عليءَ ڏاڪي به ڏاڪي محنت ڪري بي. اي سان گڏ پي. ٽي. سيءَ تائين تعليم مڪمل ڪري ورتي. جنهن بعد جنوري ۱۹۹۰ع کان سندس پـُکي ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وارو پيغمبري پورهيو آيو، جو پاڻ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو ۽ مختلف مڪتبن ۾ تعليم جي شمع روشن ڪندي، هن وقت گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ وڏو واهڻ، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻيءَ ۾ هئڊ ماستر جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي.
سڪندر علي سرگاڻيءَ جڏهن ٻالڪپڻ مان جوانيءَ طرف وکون وڌايون ته سندس راڳ جي ابتدائي تعليم سندس والد صاحب جي نگرانيءَ ۾ ٿي، جنهن کانپوءِ مٿي درج ٿيل بيان پٽ-اندر پاڻ سنڌ جي نامياري ڪلاسيڪل ڪلاڪار استاد گلزار علي خان جي شاگرديءَ ۾ اچڻ سٺو سنوڻ سمجھيائين، سڪندر عليءَ پنهنجي استاد گلزار علي خان جي صحبت ۽ شفقت ۾ رهي ڪافي ڪجھه پرايو ۽ ان عرصي دؤران ادب، مراد، نياز ۽ نوڙت سان پنهنجي استاد جي دل به کٽي ورتي.
سڪندر عليءَ راڳداريءَ جي حوالي سان برقي ابلاغ جي ميدان ۾ پنهنجين فني صلاحيتن جي اظهار ڪرڻ جو آغاز سڀ کان اول ريڊيو کان ڪيو. کيس پهريون ڀيرو ۱۹۸۷ع ڌاري ريڊيو خيرپور تي نامياري پروڊيوسر ۽ براڊڪاسٽر شوڪت خاصخيليءَ متعارف ڪرايو. ان وقت ريڊيو تي سندس سريلي آواز ۾سڀ کان اول موسيقيءَ جو جيڪو اسم رڪارڊ ٿي نشر ٿيو، اهو نامياري ڪافي گو شاعر ۽ درويش پير تراب علي شاهه جو جڳ مشهور صوفياڻو اسم هو، جنهن جا ٻول هئا: ”اسان سر دا سودا ڪر بيٺي.....“ واضح رهي ته هن ڪافيءَ جي راڳ ڀيرويءَ تي آڌاريل مقبول ترين ڌن سڪندر علي سرگاڻيءَ پاڻ سرجي هئي ۽ پهريون ڀيرو اهو اسم ريڊيو خيرپور تي نشر به سندس ئي آواز ۾ ٿيو هو، پر اڳتي هلي هن ڪافيءَ ايتري ته ناماچاري ماڻي ورتي، جو سنڌ توڙي پنجاب جي ڪيترن ئي ڪلاڪارن پڻ ساڳئي ڪافي ساڳئي ڌن ۾ پنهجي پنهنجي انداز سان ڳائي. اڳتي هلي ۲۴ سيپٽمبر ۱۹۹۵ع تي جڏهن ريڊيو لاڙڪاڻي جو افتتاح ٿيو ۽ ريڊيو لاڙڪاڻي تان باضابطه طور تي نشريات جو آغاز ٿيو  هو ته ان وقت ريڊيو لاڙڪاڻي ۽ سڪندر علي سرگاڻيءَ جي وچ ۾ پاڻمرادو Home station ۽ Home singer وارو ناتو جڙي ويو. ان ناتي سان شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سندس آواز ۾ٽيهن کان مٿي ڪلام ريڪارڊ ۽ نشر ٿي چڪا آهن.
سڪندر علي سرگاڻيءَ جي آواز ۽ سندس چهري کي پي. ٽي. وي جي اسڪرين تي سڀ کان اول ۱۹۸۹ع ڌاري نامور پروڊيوسر فيض ٻگھئي جڳ مشهور سنڌي پروگرام ’ڪچهري‘ ۾ متعارف ڪرايو، هن پروگرام ۾ سڀ کان پهريان پاڻ پنهنجي استاد گلزار علي خان جو ڳايل تمام مشهور ڪلام ”تون آن باغ حسن جو گل گل گل“ ڳايو. سڪندر علي سرگاڻي سنڌي موسيقيءَ جي ٻين مڙني ميدانن سان گڏ جز وقتي طور تي ئي صحيح، پر سنڌي ڪئسٽ جي دنيا ۾ به پنهنجون فني صلاحيتيون اظهاريندو رهيو آهي، ان ڏس ۾ هيل تائين سندس آواز ۾ اٺن کان وڌيڪ آڊيو البم جاري ٿي چڪا آهن، جن مان ٽن مڪمل ڪئسٽن جي موسيقي پاڻ تخليق ڪئي اٿائين.
سڪندر علي سرگاڻيءَ کي سندس آواز جي صورت ۾ سرانجام ڏنل خدمتن جي اعتراف ۾ ڀان سعيدآباد ۾ ملهايل سيد سيلمان شاهه جي عرس جي موقعي تي، سنڌ جي قومپرست اڳواڻ سيد جلال محمود شاهه جي هٿارئون مليل ’بهترين راڳي‘ جو ايوارڊ، سنڌ صوفي فائونڊيشن لاڙڪاڻي پاران مليل ’بهترين صوفي راڳي‘ جو ايوارڊ سميت ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ملي چڪا آهن.
سڪندر علي سرگاڻيءَ کي اها سعادت پڻ حاصل آهي ته هن پنهنجي استاد گلزار علي خان جي ڇڏيل ڪم کي نئون جنم ڏيڻ واسطي، سندس بند ٿيل موسيقيءَ جي مڪتب کي نئين سر جِلا بخشي آهي ۽ ساڳئي ئي شهر لاڙڪاڻي ۾ ايئرپورٽ روڊ تي ’استاد گلزار علي خان سنگيت ڪلب‘ جي نالي سان سکيا گھر قائم ڪري، ان کي انتهائي احسن انداز سان هلائي رهيو آهي، جتان دورِ حاضر جا اڀرندڙ آواز: پروفيسر محمد اسلم ڪلهوڙو، بشير احمد سمون، مشتاق علي شيخ، محمد بچل عباسي، ارشد عباس چانڊيو، نثار احمد شيخ سميت ٻيا ڪيترا ئي شاگرد ڪلا جي ڪيميا ۽ موسيقيءَ جو مڌ اوتي چڪا آهن، جيڪو سلسلو اڄ سميت جاري آهي.

سڪندر علي سرگاڻي سنڌي ڪلاسيڪل گائيڪيءَ جي گواليار گھراڻي جي عظيم ڪلاڪار خانصاحب استاد منظور علي خان پاران عطا ٿيل ۽ استاد گلزار علي خان جي هٿارئون ورهايل سرن جو سوغات جو سنڀاليندڙ ضرور آهي، جنهن پوري انصاف سان اهڙي وڙائتي وکر جي پاسداري ڪئي آهي. پاڻ سنڌ جي روايتي ڪافي, ڪلام توڙي سنڌي غزل واري گائيڪيءَ جو اهم ۽ سريلو راڳي آهي، جنهن جيڪو ڪجھه سنڌي موسيقيءَ کي ڏنو آهي، اهو جس لائق آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا