; سنڌي شخصيتون: لعل پشپ - اخلاق انصاري

27 October, 2014

لعل پشپ - اخلاق انصاري

لعل پشپ
هڪ جديد ڪهاڻيڪار
اخلاق انصاري
ڪهاڻي ڇا آهي؟
هڪ سوال، جيڪو مان سمجھان ٿو ته اڃا سوال ئي آهي.
مختلف دورن ۾ مختلف ماڻهن، مختلف ڪهاڻيڪارن، نقادن، مختلف انداز سان جواب ڏنو آهي.
پر اڃا تائين ان جو مڪمل جواب يا مڪمل وصف نه آئي آهي. ها باقي، سگھارا جواب آهن، سگھاري وصف آهي، پر مڪمل ناهي.
لعل پشپ چوي ٿو؛ ”ڪهاڻي ٽٽل جذبن جو اظهار آهي“. ها بالڪل ڪهاڻي اندر جو اظهار آهي جو مڪمل نه ٿو ڪري سگھجي. پور-وڇوٽ به ڪجھه آهي، جيڪو رهجي وڃي ٿو.


لعل پشپ، ڪهاڻي-ڪلا جي وڪاس ۾ هڪ وڏو نالو آهي. سنڌي ڪهاڻي جي جديد ڪهاڻيڪارن جي قافلي جي اڳين صف ۾ آهي.
جڏهن منهنجين ڪهاڻين جو ڪتاب ”مان ڪائنات آهيان آيو ته لعل مون کي پنهنجن سڀني ڪتابن جو سيٽ موڪليو.
ڪهاڻين جي ڪتابن مان ناول ۽ سندس ڊائري ”ڪهاڻي نويس جو نوٽ بوڪ“ تائين، هڪ ذهين، بي ڊپو ۽ بيباڪ انسان؛ لعل پشپ.
مان کيس هڪ رات جو فون ڪئي. سياري جي سرد رات، آسمان ۾ اڌ چنڊ چمڪي رهيو هو. ٻڌايومانس، لاڙڪاڻي مان اخلاق انصاري ٿو ڳالهايان.
”جي!“ پوءِ هڪ ڊگھي خاموشي.
”لعل! مان تنهنجو پاڙيسري آهيان. تون آخري ڏينهن ۾ سنڌ ۾ لاهوري محلي جي ڪورڪي پڌر تي رهندو هئين. مان به اتي رهندو آهيان.“
لعل، لاڙڪاڻي جي پاڙن، لاهوري محلي جي گھٽين، اسڪولن، باغن لاءِ پڇندو رهيو. کيس ٻڌايم ته تنهنجو ڳوٺ ماهوٽا ايئن ئي آهي، ڪجھه به نه بدليو آهي. اها ئي اسٽيشن، اهو ئي ٽٽل روڊ، زيتونن جا باغ، باقي گھاڙ نه آهي. ساڳيا زيتون، ساڳيا انب، سڳداسي چانورن جي خوشبوءِ ۽ ماڻهن جون محبتون گم ٿي ويون آهن.“
ٽانگن ۾ جٽيل گھوڙن جي ٽاپوليءَ جو آواز ۽ ڏاند گاڏين جا چيڪٽ نه آهن.
گھڻو ڪجھه مڪنيڪل ٿي ويو آهي. ڪهاڻيءَ تي ڳالهائيندي، مون ساڻس اعتراض ڪيو ته توهان چئو ٿا ته؛ ”سنڌ جي ڪهاڻي جديد نه آهي! صرف ان ڪري جو اتي اڃا جاگيرداري آهي. جڏهن ته جديد ڪهاڻيءَ لاءِ وڏا شهر، سرمائيداري ۽ مڪينيڪل روين جو هجڻ ضروري آهي.“
مان کيس چيو Alienation ويڳاڻپ يا اڪيلائپ هر هنڌ هوندي آهي. ڳوٺن کان وٺي شهرن تائين، پڙهيل کان اڻ پڙهيل تائين. رويا ميڪنيڪل جاگيرداري سماج ۾ ايترا ئي ڀيانڪ آهن جيترا سرمائيداريءَ ۾. ۲۶۰ سال اڳ، شاهه لطيف، جديد شاعري ڪري ٿو. هو فيوچرزم جو وڏو شاعر، سريئلزم جو وڏو شاعر. ڪنهن سرمائيداري سماج جو انتظار ئي نه ڪيائين، اظهاري ڇڏيائين.
منهنجي نظر ۾؛ سنڌي ڪهاڻي جيڪڏهن ايتري ميچوئر نه ٿي آهي ته ان جو سبب، ان جي عمر آهي. هر ڪلا کي پختو ٿيڻ لاءِ هڪ وقت ۽ هڪ عمر گھرجي.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سنڌي ڪهاڻيءَ جي ارتقا ۾ لعل پشپ جي ڪهاڻين ۽ سندس موضوعن ۽ ٽيڪنڪ جو وڏو حصو آهي. لعل جي ڏهن ئي ڪهاڻي-ڪتابن کي پڙهي، ان کي مختلف دورن ۾ ورهائي سگھجي ٿو.
مان ان کي ٽن دورن ۾ ورهايان ٿو
·        پيار ۽ جنس
·        پيار ۽ فن/فنڪار
·        جديد ڪهاڻي
پهريون دور جنهن ۾ هن جون مکيه ڪهاڻيون آهن.
1.      هڪ ماءُ، هڪ ڀيڻ، هڪ پتني.
2.      ٽن استرين جو ڀرم
3.      پريم ۽ مترتا
4.      دائرو
5.      تهن هيٺيان تهه
جي انهن سڀني ڪهاڻين کي پڙهبو ته اهي ڪهاڻيون سگمنڊ فرائڊ ۽ جُنگ جي سائيڪو اينالائيسز جي پس منظر ۾ لکيل ملنديون يا ته اليڪٽرا ڪامپليڪس يا ايڊيپس ڪامپليڪس تي لکيل ملنديون.
مثال، ”هڪ ماءُ، هڪ ڀيڻ، هڪ پتني ڪهاڻيءَ جو جي ڇيد ڪبو ته ڪهاڻيءَ جي هيري کي پهرين ماءُ ۽ ڀيڻ پيار ڪن ٿيون ۽ پنهنجو اختيار رکن ٿيون، بلڪ سمجھن ٿيون. پر جڏهن هو شادي ڪري ٿو ته زال، هن تي پنهنجو اختيار سمجھي ٿي. ائين جيئن ماٽيلي ماءُ، هيرو جي شاديءَ کان اڳ هن سان ايترو پيار ڪري ٿي ته جيئن هو پنهنجي ڀيڻ (مينا ڪشي) ڏانهن مائل نه ٿئي. ان سان پيار نه ڪري.
شاديءَ کان پوءِ، هو پنهنجي زال سان ويجهو رهڻ ڪري، ساڙ ۾ سندس ڀيڻ زال کي بي عزت ڪرڻ چاهي ٿي.. پر هو ڀيڻ کي ڇڏي، زال کي ٽائيم ٿو ڏي، ان وٽ نه ٿو رهي.
اصل ۾ لعل، اهو بيان ڪرڻ چاهيو ته عورتون پنهنجن ڀائرن، پٽن سان انهيءَ اختيار تي هلنديون آهن، جهڙا اختيار، محبوبائون ۽ زالون رکنديون آهن.
فرائڊ چواڻي ته؛ ”عورت ۽ مرد جو رشتو، فقط جنس تي ئي مدار رکي ٿو.“
اهڙيءَ طرح ”دائرو“ ڪهاڻي پڻ فرائڊ جي ايڊيپس ڪامپليڪس هيٺ لکيل آهي. اهڙيءَ طرح ٻيون ڪهاڻيون، ”تهن مٿان تهه”، ”پريم ۽ مترتا“ جو ڇيد ڪبو ته وڃِي فرائڊ جي سائيڪو اينالائيسز سان ملندو.
۽ پوءِ جون ڪهاڻيون، جنهن کي ٻيو دور چئجي، ڪلاڪار جي ڪلا ڪري ٺهندڙ رشتن ۽ پيدا ٿيندڙ پيار ۽ پنهنجن/ ٻين جي جذبن کي اڀاريندڙ سگھارن ڊائلاگن تي ملنديون. ڪلاڪار پنهنجي فن جي زور تي مختلف عورتن تي پنهنجي برتري ثابت ڪرڻ آهي. جنهن ۾ ”هيءَ رچنا، هوءَ رچنا“ ۽ ”ٻڌيمان“ ڪهاڻيون آهن. جڏهن ته اهڙن ڪردارن تي، موهن ڪلپنا جون لازاول ڪهاڻيون ملن ٿيون. سندس مشهور ڪهاڻي ”پريم ۽ سندرتا آهي.
جڏهن لعل پشپ جي ٽئين دور کي ڏسنداسين ته هو ”خال ئي خال“ ڪهاڻين جو ڪتاب آڻي ٿو، جو ٻين ڪتابن کان گھڻو مختلف آهي. جنهن ۾ سندس ڪهاڻي ”قرض جي درخواست“، ”مشين جو هڪ پرزو. اهڙيون ڪهاڻيون آهن جيڪي هن کي جديد ڪهاڻيڪارن جي اڳين صف ۾ آڻي بيهارن ٿيون. انهيءَ ڪتاب جي ڪهاڻين ۾ فرد جي اڪيلائپ، قدرن جي ٽٽڻ جو عذاب، قدرن جو وڃائجي وڃڻ، هڪ هجوم ۾ به اڪيلو ٿي وڃڻ، موجود آهي.
”بوريت جو احساس“ لعل جي ڪهاڻيءَ جو پلاٽ، بمبئي ۾ وڏي برسات پوڻ ڪري ريل جون پٽڙيون ٻڏي ويون. هڪ ٽرين ٻن اسٽيشنن جي وچ ۾ بيهجي ٿي وڃي/ ڦاسي ٿي پوي. ماڻهن جي بيوسي، بيوسيءَ ۾ رد عمل ۽ رد عمل ۾ هڪ بوريت آهي. اها ڪهاڻي ڏاڍي خوبصورت ڪهاڻي آهي. جڏهن ته لعل پشپ پنهنجي تنقيدي ڪتاب ”ڪهاڻي-ڪلا جو وڪاس“ جي آخري باب ”۱۹۱۴ ۽ ان کان پوءِ“ جي آخري پيرا ۾ لکي ٿو
“...ته ٽيڪنالاجي نه فقط اڄوڪي شخص جون مادي ضَرورتون پوريون ڪري ٿي، پر ان ۾ ايتري شڪتي آهي جو اڄوڪي شخص ۾ نئين نئين مادي ضرورتن جي بک به پيدا ڪري ٿي. انهيءَ چڪر ۾ شخص جو اندريون شخص، پنهنجي سڃاڻپ کوئي ٿو ويهي ۽ تنهن ڪري جديد ڪلا ۽ ساهت، آتمڪ ڪنگالپڻي جي قبوليت آهن.“
بلڪل، آتمڪ ڪنگالپڻو آهي. سماج ۾، ماڻهن مان محبتون گم ٿي وڃن ۽ سڳداسي چانورن جي خوشبوءِ نه رهي هجي.
اهڙي سماج جا سوال، ڇا اڄ جي ڪهاڻي جواب ڏئي ٿي؟
اهو سوال، لعل پشپ هجي ها ته ضرور ڪري ها.

(انيس انصاري اڪيڊمي پاران سنڌي ڪهاڻيءَ جي هڪ صديءَ جي تقريبن جي سلسلي ۾  ۱۰ آڪٽوبر ۲۰۱۴ تي لاڙڪاڻو سيمينار ۾ پڙهيل)

No comments:

راءِ ڏيندا