لعل پشپ
هڪ جديد ڪهاڻيڪار
اخلاق انصاري
ڪهاڻي ڇا آهي؟
هڪ سوال، جيڪو مان سمجھان ٿو ته اڃا سوال ئي آهي.
مختلف دورن ۾ مختلف ماڻهن، مختلف ڪهاڻيڪارن، نقادن، مختلف انداز سان جواب
ڏنو آهي.
پر اڃا تائين ان جو مڪمل جواب يا مڪمل وصف نه آئي آهي. ها باقي، سگھارا
جواب آهن، سگھاري وصف آهي، پر مڪمل ناهي.
لعل پشپ چوي ٿو؛ ”ڪهاڻي ٽٽل جذبن جو اظهار آهي“. ها بالڪل ڪهاڻي اندر
جو اظهار آهي جو مڪمل نه ٿو ڪري سگھجي. پور-وڇوٽ به ڪجھه آهي، جيڪو رهجي وڃي ٿو.