سڪندر
علي سَرگاڻي
سنگيت
نگر جو سهڻو ڪلاڪار
ناصر قاضي
هن ڌرتيءَ تي سدا بهار آواز جي مالڪ، سدا سريلي موسيقار، مٺڙي توڙي ٻاجھاري
انسان خانصاحب استاد منظور علي خان سنڌي موسيقيءَ کي هڪ مڪمل مڪتبه فڪر ‘school of though’ ڏنو. خانصاحب استاد منظور علي خان جي ٻڌايل ڏس ۽ گس تي عمل ڪندي سندس
مڙني شاگردن جيان خانصاحب استاد گلزار علي خان به پنهنجي استاد جي ٻاريل شمع جو پروانو
بڻيو ۽ ان شمع کي گـُل ٿيڻ نه ڏنو. جنهن جي محنتن جي نتيجي ۾ استاد گلزار علي خان جي
تڏي تي ڪهي آيل ڪيترا ئي موسيقيءَ جا عاشق فيضياب ٿيا. جيڪي اڄ سوڌو سندس نقشِ قدم
تي عمل پيرا آهن. استاد گلزار علي خان جو اصل تعلق ته سونهاري سنڌ جي ساهتي پرڳڻي سان
هو ۽ اڳوڻي ضلعي نوابشاهه ۽ هاڻوڪي ضلعي نوشهري فيروز ۾ ’ديهات‘ نالي سان هڪ وسندي
سندس جنم ڀومي هئي، پر موسيقيءَ وارو فيض ڦهلائڻ واسطي استاد گلزار علي خان جي دل،
نظرَ توڙي روحَ اتر سنڌ جي سهڻي تاريخي شهر لاڙڪاڻي جو انتخاب ڪيو، جتي مراد واهڻ محلي
۾ موسيقيءَ جي هڪ مڪتب جو بنياد رکيائين، جتان پوري سنڌ سميت خصوصي طور تي ضلعي لاڙڪاڻي
جا شاگرد ڪجھه سرسيءَ سان سرشار ٿيا.
