; سنڌي شخصيتون: نواز، علي، ’نـياز‘، جعفري، عمدة الشعراء، احمد، علي، صابر، چانڊيو،
Showing posts with label نواز، علي، ’نـياز‘، جعفري، عمدة الشعراء، احمد، علي، صابر، چانڊيو،. Show all posts
Showing posts with label نواز، علي، ’نـياز‘، جعفري، عمدة الشعراء، احمد، علي، صابر، چانڊيو،. Show all posts

21 October, 2014

نواز علي ’نـياز‘ جعفري - احمد علي صابر چانڊيو

نواز علي ’نـياز‘ جعفري
عمدة الشعراء
احمد علي صابر چانڊيو
سنڌ ڌرتي هر دؤر ۾ جليل القدر جامع الصفات انسان پيدا ڪيا آهن. ڪي عالم، ڪي عشاق، ڪي مفڪر، ڪي فيلسوف، ڪي اديب، ڪي شاعر، ڪي ٻلواڻ، ڪي مصلح، ڪي فلسفي ته ڪي حڪيم. ڪي نقاد ڪي دانشور ۽ دانش آموز، ڪي مؤرخ، ته ڪي اولياء، ڪي سالک ته ڪي صوفي.
سنڌ ڌرتيءَ کي صوفي بزرگن ۽ اوليائن جي نگريءَ جو لقب حاصل رهيو آهي. اهڙن املھه انسانن ۾ خان صاحب نواز علي نياز جعفري پڻ ”عمدة الشعراء“ طور تي ڄاتا ۽ سڃاتا ٿا وڃن.