; سنڌي شخصيتون: سرويچ سجاولي، مير نادر علي ابڙو، ڊاڪٽر اسلم آزاد، احمد علي صابر چانڊيو، يوسف سنڌي، ابراهيم لاشاري،
Showing posts with label سرويچ سجاولي، مير نادر علي ابڙو، ڊاڪٽر اسلم آزاد، احمد علي صابر چانڊيو، يوسف سنڌي، ابراهيم لاشاري،. Show all posts
Showing posts with label سرويچ سجاولي، مير نادر علي ابڙو، ڊاڪٽر اسلم آزاد، احمد علي صابر چانڊيو، يوسف سنڌي، ابراهيم لاشاري،. Show all posts

22 October, 2014

سرويچ سجاولي


سرويچ سجاولي
ڇا سندس خواب ساڀيان ٿي سگھندا؟
مير نادر علي ابڙو
اڄ سنڌ ڌرتي جي مهان ڪوي سرويچ سجاولي جي ٻي ورسي ملهائجي رهي آهي. سرويچ سجاولي ڪينسر سان ويڙهاند ۾ نيٺ جيون جي جنگ هارائي. سندن لاڏاڻي انقلابي شاعري جي ميدان ۾ نه ڀرجڻ جيڏو خال پيدا ڪيو. سنڌ جي هن عظيم انقلابي شاعر محمد صديق عرف سرويچ سجاولي پنهنجي ڳوٺ سرويچ نگر ۾ زندگي سان کيڏيل راند نيڻن ۾ ڪيترائي سپنا سمائي هارائي. پاڻ ۱۴ مارچ ۱۹۳۷ع ۾ سجاول ڀرسان ڳوٺ تارڙا ۾ جنم ورتائين ۽ شاعري جي شروعات ۱۹۵۵ع کان ڪيائين ۽ سندس ڪتاب “آليون اڻڀا وار” ۱۹۷۲ع ۾ شايع ٿيو. جڏهن ته سندن شاعري جا چار ڪتاب “سراسر انقلاب آهيان” “ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون”، “دل ۾ نه ڪج” ۽ “سا دل مستو مست مدام” اڻ ڇپيل آهن. سندن هڪ ڪتاب “آليون اکيون ۽ اڻڀا وار” کي ڪراچي يونيورسٽي جي ڪورس ۾ شامل ڪيو ويو آهي.