جيجي زرينا بلوچ
مادرِ سنڌ
ارشاد ڪاغذي
جيجي زرينا بلوچ سنڌ ۽ سنڌي
عوام جي بي لوث خدمتگار هئي، مسڪين، غريب ۽ محتاجن جي مددگار هئي. جيجي سنڌ جي ام
ڪلثوم هئي جنهن جي مڌر گيتن تي سنڌ جو عوام ظالم ۽ آمر حڪمرانن سان مقابلو ڪندو
هو. ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار! جهول جهلي جنهن وقت
ڀٽائي ڪرندا ڪنڌ هزار او يار!“ ۽ ”تون ڪهڙو فاضل ماريندي، اڄ هاري ناري فاضل آ، اڄ
سنڌڙي ساري فاضل آ“ ۽ ٻيا سوين ۽ هزارين انقلابي، قومي، لوڪ گيت، سهرا ۽ لاڏا
وغيره ڳائي پنهنجي فن کي جلا بخشي. جيجي زرينا بلوچ هڪ پورو زمانو جنهن ۾ هو زنده
هئي، هن جيڪي ڪم ڪار ڪيا، اهي سياسي، سماجي هجن يا وري هڪ استاد جي حيثيت سان هن
جيڪا تعليم ۽ شاگردن سان محنت ڪئي، فنڪار جي حيثيت سان ٽي وي، ريڊيو يا اسٽيج تي
هن جيڪا پرفارمنس ڏني، اها ڪنهن کان وسرڻ جهڙي ناهي. جيجي زرينا بلوچ گھڻ پاسائين
شخصيت جي مالڪ هئي ۽ سندس هر هڪ پاسو۽ پهلو مڪمل، منفرد نرالو ۽ نمايان هو ۽ آهي.
جهڙو نالو هيس اهڙي ٻاجهاري ۽ همدرد هئي. جيجي جي مان، شان، مرتبي ۽ ماڻ مريادا جي
ڪهڙي ڳالهه ڪجي، ان گڻن ۽ خصلتن جي ڪري سنڌين جي دلين جي ڌڙڪن بنجي وئي.