; سنڌي شخصيتون: مولائي ملاح، لياقت راڄپر، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، نديم لوڌي، نور سنڌي، واگهومل ميگهواڙ،
Showing posts with label مولائي ملاح، لياقت راڄپر، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، نديم لوڌي، نور سنڌي، واگهومل ميگهواڙ،. Show all posts
Showing posts with label مولائي ملاح، لياقت راڄپر، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، نديم لوڌي، نور سنڌي، واگهومل ميگهواڙ،. Show all posts

24 October, 2014

بيگم نصرت ڀٽو

بيگم نصرت ڀٽو
خاتون اول کان، مادر جمهوريت تائين
مولائي ملاح
انسان فطري موت تي ته صبر ڪري ٿو وٺي، پر غير فطري موت کيس نهوڙي وجھي ٿو. نصرت اصفهانيءَ کان بيگم ڀٽو تائين ۽ بيگم ڀٽو کان مادر جمهوريت جي لقب ماڻڻ تائين، نصرت ڀٽو جي زندگيءَ ۾ غير فطري موت جو گھرو گھاءُ رهيو آهي، جنهن درد کيس هڪ ڏهاڙي هلڻ کان لاچار بڻائي ڇڏيو. هلي ته هلي نه سگھي واري درد جي ان ڪيفيت ۾ آڻڻ کانپوءِ کيس اڇي ڪفن ۾ آڻي پنهل جي پاسي پهچايو. سندس زندگيءَ جو سڄو سفر شاهه جي سورمي جھڙو رهيو آهي. هن کي شهيد ڀٽو جي غير فطري موت کانپوءِ سندس پيارن پٽن شاهنواز ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو جي موت کيس دردن جي دنيا ۾ اهڙو اڪيلو ڪيو جو هن آخر تائين هوش ۽ حواسن جي اک نه کولي ۽ شهيدن جي آستاني ڳڙهي خدابخش ۾ آرامي ٿي.