اظهار قاضي
پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جو خوبصورت اداڪار
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
پاڪستان فلم انڊسٽريءَ ۾ واحد اداڪار اظهار قاضي هو، جيڪو اڪثر فلمن
۾ غير ملڪي هيروئين سان هيرو طور آيو. ڪيترا ئي فلم ميڪر هن کي اداڪار اميتاڀ بچن
سان هم شڪل طور فلمي دنيا ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ لڳا. جڏهن ته پاڻ ڪڏهن به هن
اميتاڀ بچن جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي. اداڪار اظهار قاضي، ڪراچيءَ جي لياري
جي کڏا مارڪيٽ واري علائقي ۾ ۱۵
سيپٽمبر ۱۹۵۷ع ۾ اک کولي هئي.