عرفان علي
چنا
سنڌ جي منظرن
کي رنگن ۾ قيد ڪندڙ
ساجد چانڊيو
هو آرٽسٽ آهي، تڏهن
ئي هن جي دل ۾ سنڌوءَ جون چلولايون ۽ شڪارپور جي چيڪي مٽيءَ جي خوشبو سمايل آهي. جيتوڻيڪ
هن جي عمر اڃا ايتري به ناهي جو هو برش کي پنهنجي پتڪڙين آڱرين ۾ جهلي ڪمالگيريءَ سان
هلائڻ جا گـُر ڄاڻندو هجي. پر هُن جي هٿن ۾ تصويرن ۾ جان وجهڻ جو عجيب جادو سمايل آهي.
هن جي عمر پنهنجي هڪ جيڏن سان راند روند ڪرڻ جي آهي پر هو پنهنجي هڪ جيڏن سان راند
رچڻ بجاءِ رنگن سان راند ڪرڻ چاهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هن ننڍڙي عمر ۽ مختصر عرصي
۾ فطرت جي منظرن کي خوبصورت نموني چٽي سگهڻ جي مهارت رکي ٿو.
ڪوڙ ۽ ڪوڙن ماڻهن سان
نفرت ڪندڙ عرفان علي چنا جو تعلق سنڌ جي پـُٺ تي پيل شڪارپور جي هڪ علائقي ميان صاحب
سان آهي. سندس جنم ۶ جنوري ۱۹۹۸ع تي خادم حسين چنا جي گهر ۾ ٿيو. عرفان علي چنا جي
ڪل عمر جيتوڻيڪ سورنهن سال مس آهي پر آرٽ سان چاهه ۽ محبت هن جي رڳن ۾ ان وقت کان سمايل
آهي جڏهن سندس ملاقات اٺين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران ڊرائنگ جي استاد عبدالخالق چنا سان ٿي
هئي. اهو سندس استاد عبدالخالق چني جي استاديءَ جو ئي ڪمال هو، جنهن ڳڀرو ڇوڪري عرفان
جي هٿن ۾ ننڍڙي هوندي کان ئي برش ڏيئي آرٽ طرف راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان عظيم استاد
جي محنت تڏهن ساڀ پئي جڏهن هن جي هونهار شاگرد عرفان آرٽ ۾ پاڻ مڃائي ڏيکاريو هو. اڄ
به ڏسندڙ جڏهن هن جي هٿن جي ڪمالگيريءَ کي پَسي ٿو ته کيس ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون.
عرفان علي جو تعلق هڪ
اهڙي خاندان سان آهي جتي لکڻ پڙهڻ جو ڪم تصور ئي ناهي. سندس خاندان جا ڪيترا ئي نوجوان
علم جي ٽئين اک کان وانجهيل آهن ۽ پسئي جي ڊوڙ ۾ ڊڪندي ايترو ته اڳتي نڪتل آهن جو انهن
وٽ ’علم جي روشني‘ جو ڪو به تصور ڪونهي. اڄ به جڏهن سندس علائقي تي اک ڦيرائجي ٿي ته
ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ عرب دور ۾ داخل ٿبو هجي، جتي پڙهائڻ ته پري نياڻيءَ جهڙي رحمت کي
ڄمڻ به ڏوهه سمجهيو ويندو آهي. جهالت جي اهڙي جهان ۾ جيئندي عرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت
ميان صاحب کان نڪري سلطان ڪوٽ جي درسگاهن تائين پڳو آهي. هو چاهي ٿو ته لاهور جي ’نيشنل
ڪاليج آف آرٽس يا بيڪن هاؤس يونيورسٽي‘ مان اسڪالرشپ ذريعي فائن آرٽس يا ويوئل آرٽس
جي ڊگري حاصل ڪري. هو اڳتي پڙهي سگهي ٿو به الائي نه! پر هو حوصلن کي هارجڻ هرگز ڪو
نه ٿو ڏئي.
هُن هن مهل تائين رنگن
سان راند کيڏندي سنڌ جي مختلف فطري حسن/ منظرن کي پنهنجي هٿن جي ڪمال گيريءَ سان تصويرن
۾ قيد ڪيو آهي. ان کان علاوه هن سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي شخصيتن جا سوين خوبصورت
اسڪيچ ٺاهي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي. اهڙن اسڪيچن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو،
شيخ حيات، محمد علي جوهر، مولانا عبيدالله سنڌي سميت انيڪ شخصيتن جا اسڪيچ شامل آهن.
هو واٽر ڪلر سميت اسڪيچنگ ڪلر ۽ چارڪول ۾ تصويرون ٺاهڻ جي مهارت رکي ٿو.
عرفان علي عمر جي ان
حصي ۾ آهي، جتي چلولاين جا چيها پَر ساهڻ جي ڪندا آهن، پر عرفان علي اهڙين سمورين چلولاين
کان ڪوهين ڏور آهي. هو هٿن کي حرڪت ۾ آڻڻ جا گر رکي ٿو. سندس سوين شهپارا اڄ به اهڙي
ديد جا منتظر آهن، جيڪا ديد کيس ڪنهن سنڌي دڳ لائي منزل مقصود تي رسائي. ڏسجي ته عرفان
اڻ کٽ محنت ڪري فن جي مومل کي ماڻڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو يا اڌ واٽ تي ڪنهن مسافر جيان پير
پسائي ويهڻ کي ترجيح ڏيئي ٿو. اهو وقت ئي ٻڌائيندو. ”هونئن ته اسان آرٽسٽ محبتون پکيڙڻ
جو ڪم ڪندا آهيون پر جڏهن ڪم دوران ڪو تنگ ڪندو آهي يا اهڙي ڊسٽربنس پيدا ڪندو آهي
ته پوءِ ڏاڍي ڪاوڙ ايندي آهي پر مجبورن ڪاوڙ کي پيئڻو پوندو آهي، ڇو ته ڏات محبت سان
ايندي آهي ۽ ڪاوڙ ڏات کي ختم ڪندي آهي.“ هن هڪ تصوير مڪمل ڪندي ٻڌايو هو.
ساجد چانڊيو صاحب
ReplyDeleteنوجوان آرٽسٽ جو خاڪو وڏي ايمانداريءَ سان چٽيو آهي. سهڻي معلومات
Dear thanks for approving the entry
Delete