; سنڌي شخصيتون: اداڪاره قمرالنساءِ هڪڙو

03 November, 2014

اداڪاره قمرالنساءِ هڪڙو

اداڪاره قمرالنساءِ هڪڙو

اداڪاره قمرالنساءَ هڪڙو ۱۴ اپريل ۱۹۶۳ع تي شڪارپور ڀرسان، ڳوٺ هڪڙا ۾، قادر بخش هڪڙو جي گهر ۾، پيدا ٿي. ھن ميٽرڪ ۽ انٽر ڪراچي مان ڪئي، جڏهن ته گريجوئيشن شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. شوبز ۾ اچڻ کان اڳ اداڪاره قمرالنساءَ هڪڙو ۵ سال پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهائيندي رهي. ان دوران هڪ ڏينهن ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق جي معرفت ٻارڙن جي تقريري مقابلي ۾ حصو ورتو هو. پوءِ ۱۹۸۷ع ۾ پهريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان تي ڪمپئرنگ ڪرڻ کان فني سفر جي شروعات ڪيائين. ان کانپوءِ ريڊيو تان هن انائونسر، صداڪاري ۽ خبرون به پڙهيون ۽ ۱۹۹۱ع ۾ ريڊيو پاڪستان تان هن کي مڃتا طور بهترين صداڪاري جو ايوارڊ ڏنو ويو.


قمرالنساءِ هڪڙو کي پهريون دفعو ريڊيو جو فني معاوضو ۱۴۵ روپيا مليا هئا. اداڪاره قمرالنساءَ هڪڙو هڪ ڏينهن پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تي پنهنجي ڌي کي گهمائڻ وئي اتي سندس ملاقات پروڊيوسر محمد بخش سميجو سان ٿي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن کي پي ٽي وي پاران ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ آئي.
اهڙي طرح هن پهريون ڊرامو ۱۹۸۷ع ۾ آئينو کان اداڪاري جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ پي ٽي وي جي روش، هٿين گل ميندي، سون ورنيون دليون، گهرڀاتي، نوري ڄام تماچي، ڪوئيٽا سينٽر تان تڪون، ۽ پي ٽي وي جو آخري ڊرامو دادلو ۽ ٻيا ڪيترائي ڊراما شامل آهن. جڏهن ته پي ٽي وي علائقائي ايوارڊ ”گهٽن“ ڊرامي تي بهترين اداڪاري تي ڏنو ويو.
سندس، ڪي ٽي اين تان پهريون ڊرامو گونج ۽ آخري ڊرامو ڪائنات ڪيو. ان دوران هوء بيمار ٿي پئي ۽ سندس مرض جي سڃاڻپ ڪينسر طور ٿي. ڪينسر جي موذي مرض سان اڍائي سال جهيڙيندي رهي. علاج مهانگو هئڻ ڪري، هوءَ پنهنجو مڪمل علاج نه ڪرائي سگهي. ۵ آپريشن مان صرف ۲ آپريشن ڪرائي سگهي هئي. وڌيڪ پئسا نه هئڻ ڪري، گهر ۾ لاچار ۽ بي وسي واري زندگي گذاريندي، ۵ نومبر ۲۰۱۱ع تي، سندس ساهه جو سڳو ڪراچي ۾، سندس گهر ۾، ٽٽي پيو.





No comments:

راءِ ڏيندا