; سنڌي شخصيتون: اداڪاره، قمر، النساءِ، هڪڙو،
Showing posts with label اداڪاره، قمر، النساءِ، هڪڙو،. Show all posts
Showing posts with label اداڪاره، قمر، النساءِ، هڪڙو،. Show all posts

03 November, 2014

اداڪاره قمرالنساءِ هڪڙو

اداڪاره قمرالنساءِ هڪڙو

اداڪاره قمرالنساءَ هڪڙو ۱۴ اپريل ۱۹۶۳ع تي شڪارپور ڀرسان، ڳوٺ هڪڙا ۾، قادر بخش هڪڙو جي گهر ۾، پيدا ٿي. ھن ميٽرڪ ۽ انٽر ڪراچي مان ڪئي، جڏهن ته گريجوئيشن شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. شوبز ۾ اچڻ کان اڳ اداڪاره قمرالنساءَ هڪڙو ۵ سال پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهائيندي رهي. ان دوران هڪ ڏينهن ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق جي معرفت ٻارڙن جي تقريري مقابلي ۾ حصو ورتو هو. پوءِ ۱۹۸۷ع ۾ پهريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان تي ڪمپئرنگ ڪرڻ کان فني سفر جي شروعات ڪيائين. ان کانپوءِ ريڊيو تان هن انائونسر، صداڪاري ۽ خبرون به پڙهيون ۽ ۱۹۹۱ع ۾ ريڊيو پاڪستان تان هن کي مڃتا طور بهترين صداڪاري جو ايوارڊ ڏنو ويو.