; سنڌي شخصيتون: حافظ محمد بخش خاصخيلي

03 November, 2014

حافظ محمد بخش خاصخيلي


حافظ محمد بخش خاصخيلي
سنڌ جو انقلابي استاد
غلام نبي بهراڻي
انسان جڏهن ارتقا جا مرحلا طئه ڪري، شعور جي آخري سطح تي پهچندو آهي ته شاهه عنايت شهيد، لينن، ڪارل مارڪس ٿي پوندو آهي.
هن شعوري سطح تي انسان ٻين لاءِ جيئڻ جي سگهه رکندڙ هجي ٿو. ”حافظ محمد بخش خاصخيلي وڏو صاحب“ جي سڃاڻپ رکندڙ تعليم کاتي ۾ Beat Officers جي حيثيت سان ڪم ڪندڙ، شاهه جي رسالي جو حافظ ۽ پارکو هو. منهنجي ٻاروتڻ واري دور ۾، جڏهن شعور ۽ عقل جي سطح تي مون کي نه ڇهيو هو. پهرئين کان پنجين ڪلاس تائين ”حافظ محمد بخش خاصخيلي“ کي مان ”وڏو صاحب“ جي حيثيت سان سڃاڻندو هوس. قد آور شخصيت، وار ڪلهن تائين، هڪ جادوئي Personality رکندڙ هو. ڳوٺ جي بزرگن کي تعليم جي واڌ ويجهه جون ترغيبون ڏيندڙ، هي رعبدار شخصيت، سڀني جي وچ ۾ الڳ ٿلڳ حيثيت رکندڙ هو. منهنجي هاءِ اسڪول نوان جتوئي ۾، مڊل تعليم دوران مان کيس شاعر جي حيثيت سان سڃاڻڻ لڳو هوس.


قد آور قومپرست ھن شخصيت کي ون يونٽ تحريڪ دوران قومي شاعر جو مقام بخشي چڪا هئا.
ون يونٽ خلاف سندس آواز قوم سان مليو ته اهو آواز هينئن اٿيو:
نيڪ نظر تون ديدي ٿي مر،
هوش محمد شيدي ٿي مر،
تون نه لڪ، نه گيدي ٿي مر،
ائين نه چنيسر، گيدي ٿي مر.
سنڌ تان هڪڙو يونٽ لاهه،
لا الله اِلا الله
گهڻ رخي ۽ هن اڏول شخصيت وٽ، آدرش هئا. جن ذريعي هن ڌرتي ڌڻين تي ٿيندڙ ڪلور مٽائڻ ٿي گهريا، سماجي جاڳرتا هجي، قومي مسئلو هجي، معاشي استحصال هجي، هن ارڏي انسان مظلومن جو آواز ۽ پڪار بڻجي هر جدوجهد جي سرواڻي ڪئي، اها تحريڪ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هاري حقن لاءِ هجي يا ڪا ٻئي. حافظ محمد بخش خاصخيلي هر جلسي جو شان ۽ عوام آواز بڻجي ٿو. عوام جي آواز کي دٻائيندڙن کي للڪاري ٿو ۽ عوام کي اتساهي ٿو. هن عوامي مسئلن ۽ اشوز کي به شاعري جي زينت بڻايو. ”حافظ کي وڏيرڪي سوچ ۽ ان جي هارين سان رويي تي به شڪايتون رهيون. چوي ٿو:
هو ته پهتو آ انسان چنڊ تي،
هتي ڪانهي ڪئي گار ڀوتار بند.
حافظ سماجي مسئلن توڙي قومي مسئلن کي پنهنجي شاعريءَ ذريعي پيغام ۾ پوئي عام ماڻهن جي زبان بڻيو آهي.
”حافظ محمد بخش خاصخيلي، جنهن جو جنم نوان جتوئي ۾. مورو ۽ ڀرپاسي جي سياسي شعور جو سرواڻ ۽ ميٽنگس ۾ نظر اچي ٿو. اتي ”حافظ“ پاڻ زير عتاب آيل ڀي لڳي ٿو، اهو جاگيردارن جو عقاب هجي يا، مارشل لائي لٽيرن جو، جن ڌاڙيل ڪلچر کي عروج  ٿي پهچايو جنهن لاءِ چوي ٿو:
ماڻهو کي ٿو کائي ماڻهو،
راهه تي ماريو جاڳڻ جاڙو.
هنن ڦٽايو اوڙو پاڙو،
ڌاڙيلن جي آڙ ۾ ڌاڙو.
حافظ مارشل لا نظام خلاف، جمهوري  جدوجهد کي گهڻو ويجهو رهيو هو. هو هر صنف جو ڄاڻو سگهڙ، اديب خاص طور لطيف جي پارکوءَ جي حيثيت ۾ سڃاڻپ رکندڙ هو، اهو سبب هو جو ”حافظ“ سنڌ اندر لطيف جو پارکو جي حيثيت ۾ اديبن آڏو خاص مقام رکندڙ هو.
قومي تحريڪ ۽ ڪالا باغ ڊيم خلاف ٿيندڙ احتجاجن ۾ آڏو آڏو رهيو ۽ للڪار بڻيو.
چوي ٿو:
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو،
ڌار حقو ۽ پاڻي ٿيندو،
پنهنجو الڳ پاڻي ٿيندو،
پاڻي تي ئي پاڻي ٿيندو.
حافظ ڳوٺن ۾ اوطاقن تي ڪچهرين جو مور هو، بزرگ به کيس احترام  واري نظر سان ڏسندا هئا.
هو عوامي آواز جو سگهارو ڪردار هو. هو مزاحمتي شاعري ڪندي دشمن لاءِ هميشه للڪار بڻيل هوندو هو.
”حافظ محمد بخش خاصخيلي جي زندگي ۾ جيڪي به اوڀاريون ۽ لهواريون آيون هن همت سان، جذبي سان انهن کي منهن ڏنو، ٻين لاءِ مشعل راهه بڻيو.
جڏهن انسان پاڻ عمل راهه هجي ٿو ته ڪيڏا به طاقتور طوفان کيس جهڪائي نه ٿا سگهن. اهي ماڻهو جيڪي ٻين لاءِ جيئن ٿا هميشه امر بڻجي وڃن ٿا.
اسان هميشه انسانن کي دفن ٿيندي ڏٺو آهي. همت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندڙ ڀل ڪنهن به قبرستان ۾ دفن ٿيندا هجن پر اسان جي دلين ۾ هميشه زندهه هوندا آهن.
صوفي منش هي انسان دوست نظريو رکندڙ شخص حافظ محمد بخش خاصخيلي سڄي سنگت جو، عام ماڻهن جو ڀرجهلو هو. اڙانگي عشق ۾ ڦاٿل هي ارڏو انسان، سڄي سنڌ ۽ خاص طور هن علائقي جي ماڻهن کي باشعور بڻايو، ماڻهن کي شعور ڏنو، ان شعور جي لاٽ ڀڙڪو کائي باهه بڻجي چڪي آهي. اها باهه سماجي نابرابري جو خاتمو آڻيندي.
حافظ محمد بخش ذاتي مفادن کي هميشه اجتماعي مفادن مٿان ترجيح ڏئي هميشه هميشه امر بڻجي ويو.


حافظ محمد بخش خاصخيلي
هڪ شخص جيڪو ڪچهريءَ جو مور هئو
اي آر سولنگي
زندگيءَ جا اڻونجاهه سال گذري ويا آهن پر مان انهن ڪي سال، ڪن اهم يادگيرين جي ڪري من ۾ محفوظ رهجي ويا آهن. جن مان هڪ سال اهو به آهي جنهن جي يادکي کڻي مان هي سٽون لکي رهيون آهيان.
شايد اهو اوڻيهه سؤ اسيءَ جو يا ايڪاسيءَ جو سال هئو ۽ ان کي سنڌي ساهت سال ڪري سنڌ ۾ ملهايو پئي ويو. سڄي سنڌ ۾ ادبي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ٿي رهيا هئا. جنهن سلسلي ۾ نوان جتوئيءَ جي هاءِ اسڪول ۾ به هڪ ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعري جو بندوبست ڪيو ويو هئو. حيدرآباد کان خان محمد پنهور مرحوم آيل هئو ۽ باقي اوسي پاسي جا شاعر ۽ اديب سڏيا ويا هئا. جن ۾ هڪ نوجوان/ٻارڙي شاعر طور مان به شريڪ ٿيو هوس. مون کي گمان آهي ته اهو منهنجو موري کان ٻاهر شعر پڙهڻ جو پهريون موقعو هجي، بهرحال انهيءَ موقعي تي سائين استاد بخاريءَ ۽ سائين راشد مورائيءَ کان پوءِ جنهن شاعر، ان دور جي ٻوليءَ ۾ مشاعرو  لٽيو هئو ان شاعر/سگهڙ جو نالو حافظ محمد بخش خاصخيلي هئو،  جيڪو منهنجي اکين پهريون ڀيرو ڏٺو هئو. سچ پچ هو پنهنجي جوڙ جڪ مان هڪ ڳوٺاڻو لڳو هئو. اهڙو ڳوٺاڻو جيڪو ڳوٺ ۾ چڱو مڙس ته ٿي سگهي ٿو پر شاعر نه! اڇي قميص شلوار، ڪارو سليپر پيرن ۾، وار ڪجهه ڊگها، بت جو ڀريل ۽ اجرڪ  ڳچيءَ ۾، جيتوڻيڪ، مون کي ياد ٿو اچي ته اهي سياري جا ڏينهن بنهه نه هئا. پوءِ اڳتي هلي خبر پئي ته اجرڪ حافظ سائين اڪثر ٻارهو ئي ڪلهي تي رکندو هئو، اڳتي هلي سندس ڪنڌ ۾ اجرڪ جي جڳهه گيڙوءَ چادر والاري، “ اهي ڏينهن اهي شينهن”
اڄ حافظ سائين تي لکندي، فقط پنهنجي يادن جي ورقن کي ئي آڏو رکڻو ٿو پوي، ڇاڪاڻ ته سندس ڪجهه به لکيل منهنجي آڏو نه آهي، شايد گهڻن لکڻ وارن جي آڏو نه هجي. شايد لکيت ۾ ڪجهه  حافظ سائينءَ جي گهر ۾ به ڪجهه نه هجي،  سبب اهو آهي ته حافظ سائين خود به لکڻ کان وڌيڪ اهميت پنهنجي حافظي کي ڏيندو هئو. پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي کيسي مان ڪي پاڻ ڪاغذ ڪڍي پڙهندي مون کيس ضرور ڏٺو پر اڪثر نثري لکڻيءَ طور، مون کيس پني تي ڏسي شعر پڙهندي شايد ڪڏهن نه ڏٺو هجي، ٻيءَ طرح هو پنهنجي مزاج ۾ اهڙو شاعر هئو، جيڪي شعر کي لکڻ يا پڙهڻ کان وڌيڪ اسٽيج تي ٻڌائڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن ۽ جڏهن اهي شعر اسٽيج تي پڙهندا آهن، ته هو پنهنجي شعر لکڻ واري مقصد/ڪارج کي پورو ٿيندي محسوس ڪندا آهن، سچ اهو به آهي ته سندن شعر پني تي پڙهڻ کان وڌيڪ سندن واتا ٻڌندي سٺو لڳندو هئو.
گذريل دور سنڌ کي اهڙا ڪيترا ئي شاعر ڏنا، جن اسان جي قومي تحريڪ کي وڏو ٻل ڏنو ۽ اسان جي قومي تحريڪ جي جلسن کي جلا بخشي. خاص طور استاد بخاري، سائين راشد مورائي، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، محمد خان  مجيدي، سرڪش سنڌي ۽ ٻيا ڪيترا ئي نالا انهيءَ ۾ سلسلي ۾ ڳڻائي سگهجن ٿا ۽ پڪ سان سائين حافظ محمد بخش انهيءَ سلسلي جو شاعر هئو. اها ڳالهه الڳ آهي ته مٿين شاعرن تخليق واري پاسي به ڌيان ڏنو، جڏهن ته حافظ سائين ان کي هلڪو محسوس ڪندي، ان طرف ڌيان گهٽ ڏنو. اهو ئي سبب آهي جو هو لکت ۾ ڪو گهڻو شعر ڇڏي نه سگهيو. جنهن ڪري مٿس لکندي ڪنهن ڪميءَ جو، ڪجهه نه هجڻ جو احساس شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي.
حافظ سائين ڊگهو عرصو سنڌ لاءِ، ان جي مسئلن جي حل لاءِ، انهيءَ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ هڪ سپاهيءَ جيان وڙهندو رهيو، ان لاءِ هن ڪنهن پارٽي ظابطي جي گهرج محسوس ڪا نه ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن سنڌ کي عظيم سمجهيو ٿي ۽ جنهن به ان جي چڱائيءَ لاءِ آواز اٿاريو ٿي، ان آواز سان حافظ جو آواز شامل رهيو ٿي، نه رڳو شامل رهيو ٿي پر. پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پڻ ايندو رهيو ٿي.
سنڌ جي حوالي سان جنهن به سياسي پارٽيءَ سڏ ڏنو، ان تي حافظ جيءُ چيو ۽ پيرين اگهاڙو اتي پهتو، اها شاهدي سنڌ جي قومي سياست جا گذريل پنجاهه سال ڏيندا جن سالن جي سفري آڳنڌ تي هن جي پيرن جا چٽيل نشان وقت ڊاهي نه سگهيو آهي.
حافظ محمد بخش خاصخيلي، بنيادي طور هڪ استاد هئو ۽ اهڙو استاد، جنهن کي سهي معنيٰ ۾ استاد ڪوٺي سگهجي، ۽ جنهن دور ۾ هو پرائمري استاد هئو، ان دور ۾ استاد هجڻ، هڪ معزز ترين شخص هجڻ جي برابر لکيو ويندو هئو. جيڪو اڄ ان جي بنهه ابتڙ سمجهيو ٿو وڃي، استاد کان سواءِ حافظ سائين هڪ رڄ چڱو مڙس هجڻ جون سڀ خوبيون به پاڻ ۾ رکندو هئو، مون کي خبر  ناهي ته هو ڪلاسيقي راڳن جو ڪيترو ڄاڻو هئو، پر اها خبر اٿم ته هو راڳ (ڪلاسيڪل/نيم ڪلاسيڪل) جو عاشق ضرور هئو، ڇاڪاڻ ته جڏهن هو شاهه سائينءَ يا ڪنهن ٻئي شاعر جون سٽون جهونگاريندو هئو ته اهي، سُر ۾ هونديون هيون، خاص طور شاهه جي شاعري ته سندس روح ۾ رچي ويل هئي، جنهن کي اڪثر جهونگاريندو رهندو هئو.
مان وري پنهنجي حافظي تي زور ڏيان ٿو ته جيئن اهي سٽون درست لکي سگهان جيڪي مون ڪيئي ڀيرا سندس واتان ٻڌيون هيون. شايد اهي سٽون هي آهن، جيڪي ڪنهن آڳاٽي شاعر جون آهن.
پنهوارن کان پوءِ ڙي عمر،
منهنجو داد ڌنارن ڪو نه ڪيو.
جن کي جهونگاريندي ڪڏهن ڪڏهن  هو ڳوڙها ڳاڙي وهندو هئو. ۽ اتي موجود سڀني جون به اکيون آليون ٿي وينديون هيون.
ڳوٺاڻي ٻوليءَ ۾ ڪنهن به اهڙي شخص کي ڪچهريءَ جو مور ڪوٺبو آهي،  جنهن جي ڳالهائڻ مان هڪ آسيس ايندي هجي ۽ جنهن کي ٻڌڻ لاءِ ڪيترو به وقت قربان ڪري سگهجي. پڪ سان مون سائين حافظ محمد بخش کي سدائين ائين محسوس ڪيو، توڻي جو هو پاڻ به ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هئو. ۽ ڪنهن به ڪچهريءَ ۾ هن جي موجودگي، هن کي ڪچهري جو مور ثابت ڪندي هئي، اهڙا منهنجا اڻ ڳڻيا مشاهدا آهن، پر هڪ ڪچهري ته مون کان ڪڏهن نه وسرندي.
محرابپور ۾ ڪنهن فنڪشن ۾ شرڪت لاءِ آئون ڪراچيءَ آيل هوس ۽ حافظ سائين پڻ موري کان آيل هئو. اسان جي رهائش هڪ ئي هنڌ هئي، حافظ سائين سوير ئي وڃي سمهي رهيو، اتفاق سان اسان جنهن  وقت سهمڻ لاءِ آياسين اهو وقت سندس جاڳڻ جو هئو، اسان سهمڻ جي ڪئي ته هو جاڳيو، حق موجود چيائين ۽ شروع ڪيائين.
پنهوارن کان پوءِ ڙي عمر!
منهنجو داد ڌنارن ڪو نه ڪيو.
اسان کي ننڊ ڪرڻ جي ڳڻتي ۽ حافظ سائينءَ کي ڪچهري ڪرڻ جو شوق، نيٺ ٿيو ائين ته اها سڄي رات فنڪشن ۾ گذري ۽ سڄو ڏينهن سائين حافظ سان ڪچهريءَ ۽ سفر ۾ گذري ويو. اهڙي شاهدي منهنجو دوست اسد سولنگي ڏيئي سگهي ٿو. جيڪو به گڏ هئو. ان ئي سفر ۾ مون هالاڻيءَ جي درٻار صاحب ڏٺي، جتي گروگرنٿ صاحب رکيل آهي.
مون ۱۹۸۸ع ۾ مورو ڇڏيو ته حافظ سائينءَ سان ملڻ به گهٽيو، پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن ملڻ ٿيندو هئو، پر سندس جدوجهد جو ڏس پتو ڪنهن طرح پوندو رهندو يا منهنجو دوست ادريس جتوئي ملندو هئو ته ٻڌائيندو هئو. پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ سکر کان لانگ مارچ شروع ڪيو ته حافظ ان سان ڪراچيءَ تائين پيرين پنڌ ڪيو، سندس پير پٿون تي پيا، پر هن وضعدار مڙس نه رڳو پاڻ ان لانگ مارچ کي ماڳ تي رسايو پر سڀني پانڌين جو سفر به پنهنجي ڪچهرين ۽ راڳن ساڻ آسان بڻايو.
ائين سندس اوطاق پڻ سنڌ جي ثقافت جو هڪ اهڃاڻ بڻيل رهي. جتي نه رڳو ڪچهريون ۽ راڳ رهاڻ  ٿيندي رهندي هئي پر قومي تحريڪ جا قافلا به اچي اتي ٿڪ ڀڃندا هئا ۽ قومي گڏجاڻيون ڪندا هئا. ڪيتريون ئي قومي ڪچهريون ۽ جلسا نوان  جتوئي ۾ ٿيا جيڪي حافظ سائين جي شرڪت سان يادگار بڻيا ۽ منهنجي يادن جي ميراث طور  مون وٽ سانڍيل آهن. ائين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس ڪچهرين جون يادون وکريل آهن. ڇاڪاڻ ته لڳ ڀڳ هن سڄي سنڌ جو سفر ڪيو هئو.
هو شاعر هئو، سگهڙ هئو، استاد هئو، سيلاني هئو، شاهه جو پارکو هئو، سنڌ جي ثقافتي ڳڻن جو ڄاڻو هئو، ٻوليءَ جو ماهر هئو، ڇا هئو، اهو هڪ ويهڪ ۾ طئه ڪرڻ نهايت ڏکيو آهي. پر اهو آسانيءَ سان هر شخص چئي سگهي ٿو ته هو اهڙو شخص هئو جنهن کي “ گههِ جو گهڙو “ واري استعاري طور ياد ڪري سگهجي ٿو.
هو اهڙو ٻاجهارو شخص هئو،  جنهن جي ڀاڪر ۾ اچي من چوندو هئو ته سندس اهو ٻاجهارو ڀاڪر ائين ئي مضبوط رهي ۽ زندگيءَ جي پڄاڻي اچي وڃي، شايد اهي شخص جيڪي کانئس اڳ هيءُ جهان ڇڏي ويا آهن، سندس ڀاڪرن جي گرمائش اتي به محسوس ڪندا هجن، ۽ جيڪي جيئرا آهن، اهي اهڙي پڪ ڏياري سگهن ٿا. گهٽ ۾ گهٽ هن جو مشهور نظم:
پاڻيءَ تي ئي پاڻي ٿيندو،
پنهنجو گڏ نه پاڻي ٿيندو.
۽ سندس ڀاڪرن جي ٻاجهائپ مون کان ته هن عمر ۾  ڪڏهن به نه وسرندي، اهڙو يقين منهنجو روح ۽ منهنجو اعتماد ڏين ٿا، مون کي پنهنجو پاڻ تي مڪمل اعتبار آهي ۽ جيڪي پنهنجو پاڻ تي اعتبار ڪندا آهن، اهي پنهنجي حافظي کي سدائين اعتبار جوڳو رکندا آهن،  اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه به لکڻ وقت اهي پنهنجي حافظي مان ڪهڙن واقعن ۽ حادثن کي پني تي آڻڻ چاهن ٿا ۽ ڪهڙن کي حافظي ۾ ئي رهڻ ڏين ٿا. اهو سندن نجي معاملو هوندو آهي، جنهن جو اختيار فقط کين وٽ هوندو آهي.
ائين حافظ سائينءَ کي به پنهنجي حافظي تي اعتبار رهيو ۽ اهو سندس آخري گهڙيءَ تائين قائم رهيو، جنهن ڪري هن جي زندگيءَ ۾ ڪاغذ ايتري اهميت ماڻي نه سگهيو، جيتري اڄ اسان ان کي ڏئي رهيا آهيون، جيتوڻيڪ جديد دنيا ۾ رهندڙ نئون نسل ته اڄ ڪلهه ڪاغذ توڻي قلم کان بنهه پري وڃي رهيو آهي، هن جي آڏو ڪمپيوٽر جو ڪي بورڊ ۽ موبائيل فون جي اسڪرين آهي پر سندس الميو اهو آهي ته سندس ميراث ۾ حافظو شامل نه آهي، جيڪو ئي کيس سماج سان ۽ ان جي قدرن سان جوڙي رکڻ جو سبب بڻجي ٿو، اهو ئي سبب آهي، جنهن ڪري هو شايد پنهنجي قدرن  سان جڙي نه سگهي. جن قدرن کان اسان پاڻ الڳ ٿيڻ نٿا چاهيون. ڇاڪاڻ ته اسان جا قدر ئي اسان جي سٺي يا نه سٺي هجڻ جو مثال ڏيئي سگهندا. جيڪي قدر اڄ تبديل ٿي رهيا آهن.
حافظ محمد بخش خاصخيلي جن قدرن جو پاسدار هئو اسان انهن ۾ پنهنجو ننڍپڻ گذاريو، جنهن ڪري انهن قدرن کي سانڍڻ ۽ انهن سان پيار ڪرڻ اسان لاءِ ته لازمي آهي، پر اسان جو ايندڙ نسل انهن قدرن کي سنڀالي، وقت شايد انهن کي اهڙو موقعو نه ڏئي ۽ بس.


حافظ محمد بخش خاصخيلي
سنڌ جي نقشي جهڙو ماڻهو
مظهرعلي خاصخيلي
۲۵ ڊسمبر تي ۲۰۰۲ ۾سنڌ ڌرتيءَ کان اهڙو محبوب ماڻهو جسماني طور تي جدا ٿي ويو هو جنهن جي صورت هميشه سنڌ جي نقشي وارو ڏيک ڏيندي هئي،ان شخصيت کي سڄي سنڌ حافظ محمد بخش خاصخيلي جي نالي سان ساري ٿي ۽ عقيدت مان ٻه ڳوڙها ڳاڙي کيس سلام پيش ڪري ٿي.
اهو آمر ضياءُ جي مارشل لا وارو دور هو جڏهن سڄي سنڌ ۾سنڌي ماڻهن جي مٿان ظلم ۽ جبر جا پهاڙ ڪيرايا ويا هئا ان وقت سنڌ جي نانءُ جي شاعري ڪرڻ رڳو ڏوهه ئي نه سمجهو ويندو هو پر اهڙي شاعري ڪندڙ شاعرن کي تمام گهڻيون اذيتون ۽ تڪليفون ڏنيون وينديون هيون ان وقت سنڌ جي چيڪي مٽي مان ڳوهجي جنم وٺندڙ حافظ محمد بخش خاصخيلي جنهن جي ڪلهن ۾ سدائين سيارو هجي يا اونهارو اجرڪ پهريل هوندو هو سندس سفيد اڇا وار هن جي اهڙي نشاني هوندا هئا جيڪا کيس سنڌ جي جهرجهنگ واهڻ وستي ڳوٺن ۾ سڃاڻپ جو سبب بڻجندي هئي.
حافظ محمد خاصخيلي جتي به ويندو هو اتي ننڍڙا معصوم ٻارڙا به کيس چاهه ۽ پيار مان مامون حافظ سڏي ٻکين پئجي ويندا هئا. ان جو سبب اهو هوندو هو ته حافظ محمد خاصخيلي هميشهه پيار، محبت جو درس ڏيندو هو ٻين کي به ان راهه تي هلڻ جون هدايتون ڪندو هو هي ته مرشد لطيف جي کاهوڙي سر جو اهو ڪردار هو جنهن کي لطيف سائينءَ پنهنجي بيتن ۾ بيان ڪيو آهي ته؛
کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهين
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
شاهه سائين جي هنن سٽن جي حافظ محمد بخش هميشهه پچار ڪئي سندس سفيد ۽ اڇا وار سدائين کير ٿر جي جبل جي چوٽين جو ڏيک ڏيندا هئا هن کي سنڌ ڌرتيءَ سان ايترو پيار ۽ محبت هوندي هئي جو جڏهن آمر جنرل ضياءُ الحق مارشل لا واري ٽائيم ۾ سنڌي ماڻهن مٿان ڏمريل هوندو هو ۽ سنڌ جو نالو وٺڻ به ڏوهه تصور ڪيو ويندو هو ان وقت جنرل آمر ضياءُ الحق ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ان وقت حافظ محمد بخش خاصخيلي ۱۴ بندن تي جيڪو نظم لکيو اهو سڄي سنڌ ۾ ڄڻ ته سنڌ جو ڪيس وڙهڻ لاءِ ترجمان ٿي اڀريو.
توسان هاڻي پاڻي ٿيندو، ڌار حقو ۽ پاڻي ٿيندو،
پاڻيءَ تي ئي پاڻي ٿيندو، پنهنجو گڏ نه پاڻي ٿيندو.
هر سنڌ واسيءَ جي وات حافظ محمد بخش خاصخيلي جو هي نظم ٻڌڻ لاءِ ملندو هو. ان وقت حافظ محمد بخش خاصخيلي هر سياسي ميڙاڪي ڳوٺ، جهرجهنگ، گلي واهڻ، وستيءَ ۾ پيادل پنڌ ڪري ڪچهرين ۾ به پهچندو هو ته ماڻهن جا ميڙ ڪٺا ٿي ويندا هئا ۽ حافظ کي مجبور ڪري چوندا هئا ته اهو نظم ٻڌاءِ ۽ اڄ ڏينهن تائين حافظ محمد بخش خاصخيلي جو هي نظم ڪالاباغ ڊيم جي خلاف احتجاج دوران مزاحمت جو ڪرداربڻبو آيو آهي.
هن لطيف سرڪار جي پيروڪار پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي لاها چاڙها ۽ تڪليفون ڏٺيون هن جي عمر ان وقت ۱۴ سال هئي جنهن ڏينهن هو پنهنجي مينهن لاءِ ٻنيءَ مان گاهه ڪري رهيو هو، اهو شام جو پهر هو ۽ سخت گرمي هئي ان وقت هڪ واٽهڙو هن جي زندگي تبديل ڪري ڇڏي هن گاهه جي ڀري مس ڪئي هئي ته ڀرسان لنگهندڙ مسافر کانئس جروار ڳوٺ جيڪو نوان جتوئي جي ڀر ۾ آهي جي پڇا ڪئي جتي لونگ ڪوريجي جو مدرسو قائم ڪيل هو هن درويش صفت نينگر ڏاٽو اتي ڇڏي ان مسافر کي ان جروار ڳوٺ ڏانهن وٺي ويو جيڪو سڏ پنڌ جي فاصلي تي هو مگر انهيءَ سڏ پنڌ دوران ان مسافر هن نينگر کي اهڙيون ته پٽيون پڙهايون جو هن پڪو پهه ڪيو ته هو پڙهي وڏو عالم ضرور ٿيندو.
اهو ۱۹۴۵ وارو سال هو. جڏهن هن مدرسي ۾ داخلا ورتي وڏي عمر هجڻ ڪري تعليمي آفيسر هن کي ٻيون ۽ ٽيون گڏجي امتحان ڏيڻ جي اجازت ڏني ۽ هن ان دوران ۱۱ سيپارهه قرآن جا به پڙهي پڄائي ورتا هئا ۽ وڏي محنت سان چوٿون ۽ پنجون پڙهي پاس ڪيو هو، مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ڪري مٿس مذهبي رنگ چڙهيل هوندو هو اهو ئي سبب آهي ته هُن ۱۹۵۶ ۾ جماعت اسلامي جي ميمبرشپ ورتي ۽ لاڳيتو سرگرم رهيو پر سندس طبيعت ۾ سنڌ جو عشق سمايل هو هن مستاني نوجوان جماعت اسلامي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
جڏهن ايوب خان ون يونٽ مڙهيو ۽ جماعت اسلامي ان جي حمايت ڪئي. جنهن کان پوءِ صوفين جي سنگت ۾ اهڙو رنگجي ويو جو آخري وقت تائين سندس مٿان صوفياڻو رنگ طاري رهيو حافظ سنڌ ڌرتيءَ ۽ ان جي رهواسين جي عشق ۾ مڪمل گهيرجي ويو. هيءُ سنڌ سان عشق کي پنهنجو ايمان سمجهندو هو ان جي ڪري هيٺ ڏنل سٽن ۾ هينئن چيو اٿئين ته؛
نڌڻڪي قوم سان ناتو نڀائڻ ڪو وري ايندو
مقدس ٿڃ ماتا جي ملهائڻ ڪو وري ايندو.
هنن سٽن ۾ حافظ محمد بخش سنڌ ڌرتيءَ سان پنهنجي عشق جي ڳالهه بيان ڪئي آهي ۽ سندس اندر ۾ جيڪو وطن جي حب جو جذبو لڪل آهي اهو پڻ هنن سٽن ۾ ڏسي سگهجي ٿو؛
جڏهن تون نه هئين ۽ جڏهن مان نه هيڙس
وڌي تون وڏو ٿئين، وڏو مان به ٿيڙس.
جڏهن تنهنجو منهنجو نه بابا هيو ڪيو.
نه نانو هيو ۽ نه ڏاڏو هيو ڪيو
تڏهن سنڌ ڌرتي سدا شاد هئڙي.
سکي سبز ۽ شاد آباد هئڙي.
اڄ جڏهن وري ۲۵ ڊسمبر جو ڏينهن آيو آهي ته حافظ محمد بخش خاصخيلي جون يادون به تري آيون آهن ۽ کيس ياد ڪري سلام پيش ڪرڻ کان رهي نٿو سگهجي ڇو ته هن وقت سنڌ مٿان جن حالتن کي هٿ سان پيدا ڪرايو ويو آهي، انهن حالتن کي منهن ڏئڻ جي لاءِ به حافظ محمد بخش جهڙن کاهوڙي قرداررکندڙ شاعرن اديبن ۽ سياسي ليڊرن جي ضرورت آهي.

(ڏيھاڙي عوامي آواز، ۲۵ ڊسمبر ۲۰۱۹ع ۾ ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا