مامو
عارب
جدوجهدن
جو گمنام ڪردار
محمد قاسم ميرجت وڪيل
اڄ جي دور ۾ ڪيترا ئي آدرشي، با همت بهادر ۽ جاکوڙي انسان، پنهنجي پنهنجي
وقت جي يزيد، مطلق العنان ڊڪٽيٽر جي ٺاهيل، عوام دشمن ڪاري قانون کي مڃڻ کان انڪار
ٿا ڪن ۽ عام انسانن جا حق غضب ڪندڙ ظالم ڦورو، بدڪار حاڪمن آڏو جهڪڻ کي ڏوه سمجهن ٿا
۽ پاڻ کي ان گناھ کان بچائڻ ۽ مظلوم ۽ محڪوم قومن ۽ طبقن جي طرفدار هجڻ جو ثبوت پيش
ڪرڻ لاءِ هر خطري سان، ڄڻ ته ڳيرا عقابن سان اٽڪي ٿا پون. زندگي جو سمورو سک، آرام،
وسيلا، قربان ڪريو ڇڏين. اهڙن ڪردارن ۾ هڪ انوکو ۽ آدرشي ڪردار گل حسن ڪيڙانو عرف عام
”مامو عارب“ ميرپور بٺورو جي بي باڪ ۽ بهادر سياسي ڪارڪنن، قاسم پٿر، رسول بخش ڏيٿو،
شير خان لنڊ، اعجاز علي خواجه، اسماعيل سوهو، پنهون زنئور، زٽو زنگيجو، قاسم زنگيجو،
رجب ميمڻ، اڪبر شاھ، سائين يوسف ڪيڙانو ۽ ٻين انيڪ ڪارڪنن جي سٿ جو ساٿي آهي. انوکو
انداز ۽ ڪردار ادا ڪندڙ، ڪڏهن به نه ٿڪجندڙ، جاکوڙي مامو عارب.
عجب ان ڳالهه جو آهي ته عارب نه ڪنهن وڏي جلسي کي خطاب ڪيو، نه ڪڏهن ڪنهن
جلوس جي اڳواڻي ڪري هار پائي وڃي گرفتاري پيش ڪئي، نه وري سندس فوٽو ڪنهن اخبار، رسالي
يا ٽي وي چئنل جي زينت بڻيو. پر هن جي عزت ۽ اهميت انهن شهه سرخين کان گهڻي مٿي آهي.
ڦڪي فقيرن،
مورهن پني ماٺ جي
جڏهن ايم آر ڊي جي تحريڪ سنڌ ۾ جدوجهد جو شاندار رڪارڊ قائم ڪيو ته ان
جدوجهد جي باري ۾ ان وقت اسلام آباد مان نڪرندڙ انگريزي اخبار The Muslim جي ايڊيٽر مشاهد
حسين سيد سنڌ جو دورو ڪيو ۽ ايم آر ڊي جي جدوجهد جي سنڌ ۾ شاندار ڪاميابي تي مضمون
لکيا. هن صاحب لکيو هو ته ”هن تحريڪ کي ڪاميابي تائين پهچائڻ ۾ انهن بي نام ۽ غير مشهور
سياسي ڪارڪنن (Nameless
& Faceless Workers) جو ڪرشمو
آهي جن ڳجهه ڳوھ ۾ سموري سنڌ کي ڄڻ ته ان جدوجهد لاءِ گهڻو اڳ تيار ڪري ڇڏيو هو. ان
ساڳي حيرانگي جو اظهار ان وقت ڪوٽ لکپت جيل ۾ بند محترم رسول بخش پليجي ملاقات دوران
مون سان گڏ حسين بخش ناريجي ۽ مير مظهر ٽالپر جي روبرو ڪندي چيو هو ته؛ ڏيو خبر؟ هي
اخبارن، بي بي سي ۽ ٻين اطلاعاتي ادارن ۽ ماڻهن جي واتان جيڪي ساراهون پيون ٻڌجن، اها
پاڻ واري عوامي تحريڪ آهي يا ٻي ڪا؟!
ماما عارب انهن بي نام ۽ غير معروف ڪارڪن جو مهندار ساٿي هو ۽ آهي ۽ ماما
عارب کي سندس پارٽي اندر يا وڌ ۾ وڌ ٻين تنظيمن جا هن جيان گمنام ۽ غير معروف ڪارڪن
۽ اڳواڻ جن سان هي پارٽي طرفان رابطي جا فرض نڀائيندي مليو هوندو اهي کيس سڃاڻن. نه
ته ههڙي قداوار سياسي ماڻهو هئڻ جي باوجود عام ماڻهو کيس ايترو ڪو نه سڃاڻي پر عوام
جا ازلي ويري کيس چڱي ريت محسوس ڪن ٿا، جنهن جو ثبوت ”حيدرآباد سازش ڪيس“ جا اهي ڪاغذ
آهن جن ۾ عارب جو ذڪر آهي. کين اها خبر هئي ته ڪاري مارشل لا هوندي جڏهن ماڻهو پنهنجو
ساھ به لڪي لڪي کڻندا هجن ان وقت هي اڪيلو ماڻهو هو، جنهن سموري ملڪ اندر ضياءَ آمر
جي خلاف سرگرم ترقي پسند قوتن جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪيو. سندس اهميت تسبيح جي ڌاڳي واري
هئي. جي هي ڌاڳو ٽٽي پوي ها يا ٿڪجي (اسان وانگر وڃي) پنهنجي ڪم ڪار کي لڳي ها....
پر هن لطيف جون سٽون ڄڻ ته زندگي جو اصول ٺاهي ڇڏيون هيون.
ڇڄ مَ
قطاران، ساٿ چڙهندو لڪئين،
مَ ڇڻ
ٿين پوئان، وڳ واٽ ئي نه لهين.
عارب جيستائين گل حسن ڪيڙانو هو ته سندس ذاتي گذر سفر لاءِ ڪراچي ۾ سٺي
نوڪري به هئي ته ڳوٺ ۾ اباڻي حصي مان مليل ٻه ٻارا زمين به هئي، پر جڏهن کان هن سماج
کي تبديل ڪرڻ، پنهنجي مظلوم مسڪين، ۽ محڪوم قوم ۽ عوام خلاف ٿيندڙ هر ظلم ۽ رسم جي
خلاف بغاوت جو فيصلو ڪيو ته
نه ڪي
کڻن پاڻ سان، نه ڪي ساڻن پاڻ
سائين جي ايم سيد پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو هو ته، ”جڏهن ملڪ ۾ سياسي سرگرمين
تي بندش هجي ۽ ملڪ تي ڪارا ڪڪر ڇانيل هجن ته سياڻي ماڻهو جو ڪم آهي ته گوشئه نشين ٿي
وڃي مطالعو ڪري.“ ۽ اها هڪ حقيقت آهي ته ضياءَ جي اونداهي دور ۾ ڪيترا ئي نام-ڪٺيا
سياسي ليڊر، ورڪر کليل سياسي سرگرمين تي پابندي هجڻ ڪري، ماٺا ٿي ويا هئا. هڪ ٻئي سان
رابطو رکي ڪا سياسي سرگرمي ڪرڻ ڪنهن وڏي ڏچي ۾ پوڻ جو سبب ٿي سگهي ٿي ۽ ڪو به شريف
سياستدان ڳجهه ڳوھ ۾ بنا ڪنهن پريس ڪانفرنس يا ٻي پبلسٽي جي جان جوکم ۾ وجهڻ لاءِ تيار
نه هوندو هو. اهڙي ٻاٽ اونداهيءَ ۾ نه صرف پنهنجي تنظيم جي رابطي کان ٽٽل ساٿين سان
پر هم خيال روشن خيال جمهوريت پسند، قوم پرست ۽ ترقي پسند برداري، سياسي پارٽين، تنظيمن
خاص ڪري ڪارڪنن سان رابطي جو واحد ذريعو ماما عارب هوندو هو. جيڪو نه صرف پنهنجي ڳوٺ
۽ ضلعي ٺٽي، نه رڳو سموري سنڌ پر سموري ملڪ جي محبت وطن انقلابي جمهوريت پسند فردن،
گروهن، تنظيمن سان، سندن گهر گهر، ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر وڃي رابطا ڪري، سياسي حال احوال
ڏيڻ وٺڻ ۾ بنا ڊپ ڊاءَ جي مقرر وقت تي حاضر ٿيندو هو.
ايم آر ڊي جي تحريڪ کان جلد ئي پوءِ آئون ۽ ڊاڪٽر علي گل ميتلو ان نيت
سان اسلام آباد وياسون ته جيئن سنڌي ميمبرن جي معرفت قومي اسيمبلي ۾ سوال اٿاريون ته
سکر سينٽرل جيل ۾ فاضل راهو کي زهر ڏئي مارڻ جي سازش ڪنهن ڪئي. اسان سنڌي ميمبرن خاص
ڪري بشير هاليپوٽي سان ملياسون، جيڪو ان وقت اسلام آباد هوٽل ۾ ترسيل هو. هو اسانکي
احمد ڪمپني جو ”نقره“ شربت پياريندو ۽ آسرا پيو ڏيندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن صفا جواب ڏئي
ڇڏيائين ته يار پاڻ ۾ ايتري همت ڪونهي.
رمضان جو مهينو هو، رلندي رلندي هڪ انقلابي ۽ ادب وڪرو ڪندڙ دڪان تي چڙهي
وياسون. دڪاندار اسان کي اندر وٺي وڃي چانهن پياري، بسڪوٽ کارايا ۽ ايم آر ڊي تحريڪ
جا حال احوال ڏنا ۽ ورتا. دڪاندار زهريلي مرڪ مرڪندي چيو ته، ”اوهان سنڌي ماڻهن اسان
انقلابين جي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پٽڪي لهرائي ڇڏي آهي“. اسان ٻئي اچرج ۾ پئجي وياسون
ته ”سنڌين اهڙو ڪهڙو چڱو ڪم ڪيو آهي جو پنجابي انقلابين جي پڳ لهي پئي“. دڪاندار ڳالهه
جاري رکندي چيو ته، ”هي انقلابي ڪتاب، ادب رکڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جي ڪري پوليس ڇاپا هڻي ٿي.
ڪجهه ڏينهن لاءِ جيل جي ياترا به ڪرڻي پوي ٿي. پر ان قرباني ڏيڻ جي عيوض انقلابي ملڪن
۾ گهمڻ جون ويزائون، ٻارن جون تعليمي ادارن ۾ داخلائون، اسڪالرشپون ۽ ڪجهه ڪاروباري
سهولتون به مليل هونديون آهن، جيڪي ايم آر ڊي جي جدوجهد جي ڪاميابي بعد ان ڪري سهولتون
بند ڪيو ڪيون ويون آهن، جو هنن جڏهن به اسان کان ملڪ ۾ انقلابي هلچل جي باري ۾ پڇيو
ته، اسان ساڳيو رڪارڊ وڄائيندا هئاسون ته مزدور ئي انقلاب آڻي سگهي ٿو، جيڪو ڪراچي
۽ پنجاب ۾ آهي، باقي سنڌي ۽ بلوچ ته وڏيرن ۽ سردارن جي قائم ڪيل وڏيرڪي ۽ سرداري نظام
۾ انهن جا غلام آهن. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪنهن به انقلابي هلچل جو نالو نشان ڪونهي“!!.
دڪاندار بيان جاري رکندي چيو ته، اسانکي موٽ ۾ ڪتاب موڪليندڙن ٻڌايو ته
جتي سموري انقلابي ادب جو 50 سيڪڙو مطالعو ٿئي ٿو. اتي جي تحريڪ انقلابي تحريڪ آهي
چاهي، ان جو ڪهڙو به نالو هجي ۽ ان تحريڪ ۾ هاري حصو وٺي يا وڏيرو، اها قومي ويڙھ آهي،
جنهن کي سکڻا تجزيا نگار سمجهي نه سگهيا يا سمجهڻ نه چاهيو. ايم آر ڊي تحريڪ کانپوءِ
ڪراچي ۽ پنجاب ۾ انقلابي ادب وڪرو ڪندڙ دڪاندارن کان اُهي رجسٽر گهرايا ويا جن رجسٽرن
۾ اهو درج هجي ته ڪتاب ڪنهن ورتا، ڪهڙا ڪتاب ورتا ۽ ڪيترا ڪتاب ورتا. ان پوتا ميل موجب
سمورن ڪتابن مان 50 سيڪڙو ڪتاب سنڌ وارن ورتا 25 سيڪڙو بلوچستان وارن ورتا ۽ باقي
25 سيڪڙو ڪتاب (سرحد) خيبر پختونخواھ ۽ پنجاب ۾ وڪرو ٿيا. اسان کي خبر هئي ته سنڌ
۾ ٻيون تنظيمون ۽ فرد به ڪتاب گهرائيندا هئا پر ماما عارب ته جڏهن به پنجاب ويندو هو
ته ڀريون ڪتابن جون وٺي ايندو هو.
جت نه
پکيءَ پير، تت ٽهڪي باهڙي
ماما عارب جو پيار به وطن جي جدوجهد سان ڳنڍيل رهڻ جي شرط سان مشروط هوندو
آهي. ٻيا ته ٺهيو، سندس پنهنجن گهر ڀاتين مان جن ڀاتين جڏهن جدوجهد جو رستو ڇڏي زندگي
۾ ”آب ۽ طعام“ سان تعلق رکيو ته، عارب لطيف جي شعر جيان کين ڄڻ ته ايئن چئي خير آباد
چيو هو ته :
اُڃيو
تان آب گهري، بُکيو تان طعام
ايءُ
عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿئي!
عارب پنهنجي رکيل ذميواري کان گهڻو ڪم ان ڪري ڪندو هو جو هن ٻيا ڪم پاڻ
تي حرام ڪري ڇڏيا. پاڻ هڪ ٻه اضافي ڪم به ڪندو هو، جهڙوڪ جيلن ۾ بند سياسي ڪارڪن جي
خبرچار لهڻ. خاص ڪري بيمار سياسي ڪارڪن لاءِ دوائن جو انتظام ڪرڻ ۽ وڃي کين جيل تي
پهچائڻ. سموري سنڌ ۾ گهمڻ ڦرڻ ڪري کيس اها به خبر هئي ته ڪهڙي مرضن جو ڊاڪٽر يا حڪيم
ڪهڙي شهر ۾ آهي، جيئن انهن بيمار ساٿين لاءِ جيڪي جيل کان ٻاهر هوندا هئا، پر وٽن انهن
ڊاڪٽرن يا حڪمرانن تائين پهچڻ جو وسيلو نه هوندو هو ته هو ڪيترن ساٿين کي ساڻ وٺي وڃي
ساٿي حڪيم يا ڊاڪٽر غفار قاضي، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو قمبر، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، سامارو
يا ڪنهن ٻئي شهر ۾ پهچندو هو ۽ هردم هر وقت ساٿين، خاص ڪري غريب ۽ بي پهچ بيمار ساٿين
جو ڀرجهلو ٿيندو هئو.
سياسي جدوجهدون هلائيندي هلائيندي، عوام جي ڏک ۽ درد ۾ ڀاڱي ڀائيواري
جون دعوائون ڪندي ڪندي ڪيترا ڪنگلا ڪروڙ پتي ٿي ويا، پر هي مست ملنگ پنهنجي محبوب وطن
۽ وطن جي مسڪين مظلوم ۽ محڪوم عوام جيان ڏينهون ڏينهن وڌندڙ بک ۽ بيروزگاري ۾ وڪوڙجي
ويو پر ڪنهن سان ڪابه شڪايت ڪو نه ٿو ڪري، ايستائين جو دل جو مرض پرائي ويو. ٻين جي
مسيحائي ڪرڻ وارو اڄ ڪڏهن حيدرآباد جي هلال احمر جي اسپتال، ڪڏهن ڪراچي جي دل جي بيماري
جو مفت علاج ڪندڙ اسپتالن ۾ علاج لاءِ ويندو رهندو آهي. پر بسترو خالي نه هجڻ جو ٻڌي،
شديد تڪليف جي باوجود گهر موٽيو اچي.
ڪنهن
کي ڪين چون، ته اسين آديسي آهيون
اهڙا الائجي ڪيترا انقلابي قومي ڪارڪن، جاکوڙيندي سڀ وسيلا وڃائي، بک
بدحالي ۽ بيماري پرائي ويا. انهن سان ڪير ڪچهري ڪري، ڪهڙي ڪورٽ ۾ انهن جو ڪيس هلائجي.
نوابشاهه جي ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي شيرين سومرو سان هڪ ميجر هٿان مبينه زيادتي
تي ٿيل احتجاج ۾، ڄامشوري ڦاٽڪ وٽ هڪ فوجي جي مري پوڻ جي ڏوھ ۾ ملٽري ڪورٽ طرفان قادر
بخش جتوئي ۽ علي حيدر شاھ کي سزا ٻڌائي ئي هئي. الذوالفقار طرفان جهاز اغوا ٿيڻ ڪري
جيڪي قيدي آزاد ڪري افغانستان موڪليا ويا انهن ۾ قادر بخش جتوئي ۽ علي حيدرشاھ به شامل
هئا،. اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ علي حيدرشاھ ۽ قادر بخش جتوئي جي پيروي سنڌ جي مشهور قانوندان
محمد يوسف لغاري ۽ رسول بخش انڙ ڪئي. آئون ان وقت انڙ صاحب جو جونيئر هوس. ملٽري ڪورٽ
۾ جوابدارن کان آخر ۾ پڇيو ويندو آهي ته، ڇا اوهان کي پنهنجي ڏوھ ڪرڻ تي پڇتاءُ آهي
۽ اوهان معافي وٺڻ لاءِ تيار آهيو؟ علي حيدرشاھ چيو ته اسان سنڌي آهيون ۽ اسانجو واسطو
به لاڙڪاڻي سان آهي. اسان ڪو ڏوھ ناهي ڪيو ڏوهي اسانجو فوجي ميجر آهي. انکي سزا ڏيو.
بهرحال علي حيدرشاھ پاڪستان مان کڄي وڃي افغانستان پهتو. اتان لڪي ڇپي
اچي پاڪستان پهتو ۽ اسلام دين عرف ”سلامون ڇانگو“ جيڪو پنهنجي دور ۾ وڏو ڏوهاري، مشهور
ٿيو هو. ان جي صحبت ۾ مٿس تهمت لڳل هئي ته هنن پاران گجرات ۾ بئنڪ کي 70 هزار جو ڌاڙو
هنيو ويو، مزاحمت تي چوڪيدار مارجي ويو، جنهن جو ڪيس راولپنڊي جي سيشن ڪورٽ ۾ هئو.
شهيد بينظير صاحبه جي حڪومت هئي، ان رسول بخش پليجو کي چيو ته حيدرشاھ لاڙڪاڻي جو آهي،
چوي ٿو ته مير مرتضيٰ ڀٽو جو دوست آهي. ان ڪري سندس ڪيس جي پيروي پليجو صاحب ڪري. پليجي
صاحب اهڙي آفر ڪئي. بهرحال پليجو صاحب مونکي ۽ لکاني بهراڻي کي وٺي راولپنڊي هلي حيدرشاھ
جو وڪيل ٿيڻ لاءِ تيار ڪيو. پر لکاني بهراڻيءَ معذرت ڪئي مون حامي ڀري. پنڊيءَ جا ٻه
ٽي پنڌ ڪيا ۽ محسوس ڪيو ته هي پنڌ پرانهون آهي ان ڪري مون به ڪيس تان هٿ کنيو، ڇو ته
ڪيس تي ٻه خرچ ٿين پيا. هڪ ته ڀاڙو ڀتو پنهنجي
کيسي مان ڪريان ٻيو جيڪي ٻه پئسا کيسي ۾ هجن ته اُهي حيدرشاھ کي قيدي هجڻ ڪري ڏيڻا
پون، مون جڏهن ڪيس تي وڌيڪ اچڻ کان لاچاري ڏيکاري ته پليجي صاحب چيو ته، هاڻ ڪو ڪرمنل
جو وڪيل ڪري ٿا ڇڏيون، جيڪو پيو پيروي ڪندو، جنهن ڪري ڪيس پنڊي جي مشهور وڪيل سردار
اسحاق جي حوالي ڪري، اسان ٻئي ڪيس کان آجا ٿي وياسون پوءِ حيدرشاھ به ان تهمت کان آجو
۽ آزاد ٿي ويو.
No comments:
راءِ ڏيندا