; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي - تاج جويو

21 November, 2014

ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي - تاج جويو

ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي
سنڌ جو سفير!
تاج جويو
ڀارت جو نوجوان سنڌي اديب ۽ محقق، ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي، ۴ اپريل ۲۰۱۴ع تي لاهور-واگها رستي کان، سفر ڪري، پنهنجن پُرکن/وڏن جي جنم ڀوميءَ پني عاقل پهتو آهي. کيس اي-ميل ذريعي اطلاع ڪيو ويو هو ته ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ اسان جو خيال آهي ته هُو جڏهن سنڌ اچي ته مهرباني ڪري سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي آفيس ۾ ڪنهن ادبي موضوع تي ليڪچر اچي ڏئي. هن اهڙو واعدو ڪيو ۽ اي-ميل ذريعي ڪجهه موضوع پڻ ڏياري موڪليا، جن مان اسان شاهه لطيف کان اڳ جي شاعر سوامي پراڻ ناٿ بابت سندس موڪليل موضوع: ”سوامي پراڻ ناٿ جي گرنٿ ڪُلجم سُروپ جو جائزو“ کي پسند ڪيو ۽ اهڙو پروگرام به رٿي ڇڏيو. جڏهن ڊاڪٽر روي پرڪاش، سنت چانڊو رام پني عاقل واري جي قافلي ۾ واگها سرحد پار ڪري لاهور پهتو ته هن مون سان فون تي رابطو ڪيو. ۽ مون کيس گذارش ڪئي ته ۷ اپريل ۲۰۱۴ع تي سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ حيدرآباد جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ آڊيٽوريم ۾ ڄاڻايل موضوع تي ليڪچر اچي ڏي. ۵ اپريل تي سندس ميزبان ڊاڪٽر هري لال ۽ خود رويءَ پروگرام ۾ پهچڻ جي پڪ ڏني ۽ چيو ته هو ۷ اپريل جي صبح جو ۷ بجي پني عاقل مان نڪرندو ۽ ۱۲، ساڍي ۱۲ وڳي منجهند جو حيدرآباد پهچندو، ۲۰، ۲۵ دوستن/ اديبن جي گڏجاڻي رکي وڃي، جتي هو موضوع بابت ڳالهه ٻولهه ڪندو. پر جيئن ته کيس حيدرآباد جي ويزا نه هئي، ان ڪري هُن دوستن جي مشوري تي حيدرآباد نه اچڻ جو فيصلو ڪيو. نتيجي طور اسان سندس خيالن کان واقف نه ٿي سگهياسون، هاڻي ڪوشش ڪبي ته سندس تحقيقي مقالو، اٿارٽيءَ جي تحقيقي جرنل ’سنڌي ٻوليءَ‘ جي ايندڙ ڪنهن پرچي ۾ شايع ڪيو وڃي.


ڊاڪٽر روي پرڪاش جا وڏا اصل پني عاقل ضلعي سکر جا هئا. برصغير جي بدنصيب ورهاڱي کان پوءِ روي پرڪاش جا مائٽ لڏي ڀارت جي رياست اتر پرديش جي شهر فيض آباد ۾ وڃي رهيا. جتي روي پرڪاش، ۱۹۶۷ع ۾ جنم ورتو. روي پرڪاش اسڪولَ ۾ مادري زبان سنڌيءَ جو اڀياس نه ڪري سگھيو. ڇو ته فيض آباد ۽ آسپاس جو ماحول هندي ٻوليءَ جو هو. پر اُن ماحول ۾ رهندي به سندن گھر ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت سلامت هئي. سندس ماءُ پيءُ ۽ ڪٽنب جي ٻين وڏن ننڍي هوندي کان کيس ۽ ٻين ٻارن کي سنڌيت جي جيڪا سـُـتي پياري، اُن منجھس مادري ٻولي سنڌي ۽ سنڌي ثقافت سان چاهه جو جذبو ۽ امنگ دائم قائم رکيو.
فيض آباد شهر ۾ رهندي سنڌي استاد رامچندر کيس سنڌيءَ (عربي لپيءَ) جي اکرن جي ابتدائي شناس ڪرائي. ساڳئي ئي استاد وٽ سندس والد پڻ سکر ۾ پڙهيو هو. شهر جي سنڌي پنچائت به وڏن ڏڻن ۽ تهوارن تي پروگرام رکي سنڌيت کي زندهه پئي رکيو. انهن ڳالهين روي پرڪاش جي من ۾ پنهنجي ٻوليءَ ۾ وڌيڪ اڀياس ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو.
سال ۱۹۸۹ع ۾ روي پرڪاش لکنؤ يونيورسـٽيءَ مان ايم. اي (ڪامرس) جو امتحان ڏنو. ان دوران هن جي نامور سنڌي عالم ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سان ملاقات ٿي ۽ هن سنڌيءَ ۾ ايم. اي ۽ پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ جو ذهني طرح فيصلو ڪري ورتو. سال ۱۹۹۳ع ۾ روي ٽيڪچنداڻيءَ، MDS يونيورسٽي اجمير مان سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪئي ۽ ساڳئي سال يعني ۱۹۹۳ع کان وٺي ۱۹۹۵ع تائين WRLC ڊيڪن ڪاليج پوني ۾ لئنگئيج ڪنسلٽنٽ ٿي رهيو. جتي ڊاڪٽر ڪنهيالال ليکواڻيءَ، نه رڳو هن جي رهنمائي ڪئي، پر کيس سنڌيءَ ۾ تحقيق طرف راغب پڻ ڪيو. سندس همت افزائيءَ سان ئي هن دهلي يونيورسٽيءَ ۾ اچي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي رهبريءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ جو سوچيو.
روي ٽيڪچنداڻي، دهلي يونيورسٽيءَ ۾ ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۳ع تائين ليڪچرر ٿي رهيو. ان ئي دوران هن ’سنڌي پهاڪا: لسانياتي، سماجي ۽ ثقافتي اڀياس‘ عنوان تي تحقيقي مقالو لکي، ۲۰۰۳ع ۾ دهلي يونيورسٽيءَ مان، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي رهبريءَ هيٺ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪري ورتي. روي پرڪاشَ هن تحقيقي مقالي ۾ سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جو تفصيلوار تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس پيش ڪيو آهي ۽ ان موضوع تي هن سنڌيءَ ۾ ڇپيل سمورن ڪتابن سان گڏ اردو سان گڏ انگريزي ٻولين ۾ ٿيل تحقيقي ڪم جو تنقيدي نظر سان وسيع اڀياس ڪيو آهي. هن ڪتاب جو ديوناگري سنڌي لپيءَ مان موجوده سنڌي (عربي) لپيءَ ۾ اُلٿو، ڦُلو مل ميگھواڙ ڪيو آهي ۽ ان جي تصحيح ۽ نگراني ولي رام ولڀ ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي آهي ۽ هي ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، ۲۰۱۰ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. ساڳئي ڪتاب جا دهليءَ مان سنڌيءَ جي ٻنهي لپين (ديوناگري ۽ عربيءَ) ۾ ڇاپا پڌرا ٿي چڪا آهن.
سال ۲۰۰۳ع کان اڄ تائين ڊاڪٽر روي ٽيڪچنداڻي، دهلي يونيورسٽيءَ ۾ سينئر ليڪچرار طور ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هن وقت دهلي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو سربراهه پڻ آهي. جتي هو سنڌيءَ ۾ سرٽيفڪيٽ، ڊپلوما، ائڊوانس ڊپلوما اِن سنڌي، ايم. اي ۽ ايم. فل جا ’تقابلي انڊين ادب‘ جـا ڪورس ڪـرائـي ٿو ۽ سـنـڌيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي جو سپروائيزر آهي.
ڊاڪٽر روي ٽيڪچنداڻيءَ، دهلي يونيورسٽيءَ ۾ رهي، تدريس ۽ تحقيق کي جاري رکيو آهي. هن وقت تائين سندس ڪيترا ئي ادبي، تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون ڀارت مان نڪرندڙ سنڌي، هندي ۽ انگريزي مخزنن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن.
سندس هيٺيان مونو گراف، ترجما ۽ ڪتاب پڻ ڇپجي چڪا آهن:
(۱) ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا- هڪ اڀياس‘ (ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي ڪتاب جو ديوناگري لپيءَ ۾ الٿو Transliteration)): سال ۱۹۹۸ع.
(۲) ’تون سنڌ ۾ رهي پئه‘ (ٺاڪر چاولا جي سفرنامي جو ديوناگري سنڌيءَ ۾ الٿو) ۲۰۰۸ع.
(۳) ٻنڌڻ (ديوناگري سنڌيءَ ۾ الٿو) ۲۰۰۹ع.
(۴) ’سنڌي جوت‘ (سنڌ جي يادگيرين تي مشتمل، سنڌي اڪيڊمي دهليءَ جو ڇماهي پرچو، ترتيب) ۲۰۱۰ع.
(۵) ’سنڌي پهاڪا، لسانياتي، سماجي ۽ ثقافتي اڀياس‘: ۲۰۱۰ع.
(۶) ’سنڌي ادب ۾ بعد جديديت’ (دهلي يونيورسٽيءَ ۾، ۳۰-۲۹ آگسٽ ۲۰۰۹ع تي ٻن ڏينهن واري منعقد ٿيل سيمينار ۾ پڙهيل مقالن جي ترتيب) ۲۰۱۱ع.
(۷) ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: شخصيت ۽ رچنائون (ترتيب) ۲۰۱۲ع.
ڊاڪٽر روي ٽيڪچنداڻي، ڪيترن تعليمي ۽ علمي ادارن جو ميمبر پڻ رهيو آهي، جهڙوڪ:
(۱) ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز، دهلي، يونيورسٽي؛
(۲) ميمبر، ڊپارٽمينٽل ريسرچ ڪميٽي، ڊپارٽمينٽ آف MIL&LS دهلي يونيورسٽي؛
(۳) ميمبر، ڪريڪيولم ڪميٽي (سنڌي) يو. پي بورڊ، الهه آباد؛
(۴) ميمبر، ڪريڪيولم ڪميٽي سنڌي BSE دهلي؛
(۵) ميمبر، ڪنوينر، صلاحڪار بورڊ (سنڌي)، ڪي. ڪي. برلا فائونڊيشن، دهلي؛
(۶) ميمبر، ڪريڪيولم (سنڌي) MDS يونيورسٽي، اجمير؛
(۷) ميمبر، آل انڊيا سنڌي ليڪچررس ايسوسيئيشن؛
(۸) ميمبر، ڪريڪيولم ڪاميٽي (سنڌي) NIOS نئين دهلي؛
(۹) ميمبر، سنڌي اڪيڊمي دهلي (۲۰۰۶-۲۰۰۹).
ڊاڪٽر روي ٽيڪچنداڻيءَ کي ڪيترن ادارن مڃتا اوارڊ به ڏنا آهن، جن ۾ سنت ڪنوررام مشن اجمير پاران ۲۰۰۳ع ۾ ’مڃتا‘ اوارڊ، ساهتيه پريشد ڀوپال پاران ۱۹۹۸ع ۾ ’نوجوان شاعر اوارڊ‘ ۽ سنڌي ڪائونسل آف انڊيا، جئپور پاران ۲۰۰۹ع ۾ ’ادبي مڃتا شيلڊ‘ شامل آهن.
هن نوجوان مان قوي اُميد آهي ته هُو دهلي يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پيشرو عالمن: ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي ۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي نقش قدم تي هلي، سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ ڪوششون ڪندو ۽ ڀارت ۾ ڄاول سنڌين جي نئين نسل ڏانهن سنڌي ٻوليءَ کي منتقل ڪندو. ان ڏس ۾ هو اڳ ئي سجاڳ آهي، سندس گهر واري اندرا ۽ پُٽ اڪشر، هونئن ئي سهڻي سنڌي ڳالهائيندا آهن. اندرا ته ساڌو واسواڻي مشن اسڪول، نئين دهليءَ ۾ هندي، انگريزي ۽ سنڌي پڙهائيندي آهي.
رويءَ جي ساٿ ۾ هوءَ موجوده سنڌي (عربي) سکي آهي، جڏهن ته سندس پٽ پڻ موجوده سنڌي (عربي) لپي سکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

ڊاڪٽر روي ٽيڪچنداڻي، دهلي يونيورسٽيءَ ۾ هئڻ ڪري، مون کي پڪ آهي ته ٻنهي ملڪن (ڀارت ۽ پاڪسستان) ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ڀائپيءَ جو ذريعو بنائي، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب بابت، هو دهليءَ ۾ ادبي پروگرام ۽ سيمينار ڪوٺائي سرحد جي ٻنهي پارن جي سنڌي ادب ۽ اديبن جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪندو.

No comments:

راءِ ڏيندا