; سنڌي شخصيتون: قادن قيدي نوحاڻي - ناصر قاضي

17 November, 2014

قادن قيدي نوحاڻي - ناصر قاضي


قادن قيدي نوحاڻي
عوامي شاعر
ناصر قاضي
سهڻي سنڌ جي تاريخي شهر رتيديري جي پهلوءَ ۾ آباد سرڳواسي سام جئسنگھاڻي ۽ سندس پتني سرلا ديويءَ جي نالي ۽ حوالي سان سڃاپجندڙ سندن وسندي ڳوٺ طيب لورڙ مان هڪ اهڙي يگاني سدا، پنهنجي اندر جي اڌمن سان گونجار ڪئي، جيڪا گونجار پنهنجي الڳ ۽ لوڪ رمز سان عام لوڪ کي لوئي وئي. ڇاڪاڻ ته هن ئي ڀونءِ مان جنم وٺندڙ سنڌ جو هڪ منفرد ۽ لوڪ رنگ وارو يگانو شاعر، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هڪ مڪمل ڪردار پڻ هو، جنهنکي سندس محدود ڪتابي تعليم باوجود، قدرت واري طرفان لکڻ جو اهڙو ته اسلوب عطا ٿيل هو، جو هن پنهنجي لکڻ جي منفرد انداز سبب ملڪان ملڪ هاڪاري مقبوليت ماڻي ورتي هئي. هن پنهنجي ٻالجتيءَ ۾ ڪڏهن اهو تصور به نه ڪيو هوندو ته سندس اندر جا اڌمان اهڙو ته رنگ لائيندا، جو سندس سرجيل ڪلامن جو پڙلاءُ جھر جهنگ توڙي وستي واهڻ ۾ گوجندو رهندو.


واقعي ٿيو به ائين جو پنهنجي طرز جي نامياري عوامي شاعر استاد قادن قيدي نوحاڻيءَ جي قلم مان سرجيل ڪوتائون يڪتاري جي يڪ تار تي آڱريون سوريندڙ سنڌ جي نامياري لوڪ ڳائڻي ’جلال چانڊئي‘ کان وٺي نئين ٽهيءَ جي نوجوان عوامي ڪلاڪارن جي آڊيو البمن توڙي اسٽيج  جي سونهن بڻجي ويون. قادن نوحاڻيءَ کي چڱي طرح خبر هوندي هئي ته عوام جي دلين تي راڄ ڪرڻ لاءِ قلم کي ڪيئن ڪتب آڻبو آهي.  سنڌ جو ڪوئي به عوامي ڪلاڪار جڏهن اسٽيج تي قادن نوحاڻيءَ جو ڪلام آلاپيندو هو ته هزارين پرستار پتنگن جيان پچڻ لاءِ تيار ٿي ويندا هئا. سهڻي آواز جو مالڪ سرمد سنڌيءَ جڏهن به اسٽيج تي وڏي واڪي قادن جو ڪلام ’سهڻا پنهنجي اکين کي جھل، هڪ ڪاريون ٻيو تن ۾ ڪجل‘ آلاپيندو هو يا سريلو ڪلاڪار غلام شبير سمون ’او سهڻا توکان سوا دوا منهنجي ڪير ٻيو ڪندو‘ جهڙا ڪلام ڳائيندو آهي ته هزارين عاشق پنهنجون دليون هارائي ويهندا هئا.
سنڌ جي عوامي رنگ واري يگاني شاعر قادن نوحاڻيءَ ٻئي جنوري 1939ع تي ڳوٺ طيب لورڙ لڳ رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محترم فتح محمد نوحاڻيءَ جي آغوش ۾ اکيون کوليون. سندس ڇٺيءَ جو نالو قادر بخش رکيو ويو. نصابي حوالي سان پاڻ پرائمريءَ تائين تعليم پرايائين ۽ ننڍپڻ ۾ ئي محنت مزدوريءَ سان لڳي ويو ۽ اڳتي هلي هڪ بهترين رازو بڻيو.
چون ٿا ته جڏهن قادن نوحاڻيءَ جي عمر ۾ جوانيءَ جي پنڇيءَ پنهنجا پر پکيڙيا ۽ هو ارڙهن سالن جي عمر کي پهتو تڏهن عشق شهنشاهه جي سلطنت سندس دل جي دنيا تي حڪومت ڪئي، جنهنجي نتيجي ۾ عشق جي آڙاهه ۾ اندر جي آويءَ کي پچائڻ بجاءِ، ان آڳ کي ٿڌو ڪرڻ واسطي شاعريءَ جي شگف جو سهارو وٺي، پوري جوش، جنون ۽ جلال سان اڀري آڏو آيو ۽ عوامي جي رنگ سان شاعريءَ ميدان ۾ قدم رکيائين ۽ اڳتي هلي سنڌي ڪئسٽ ڪلچر جو پليٽ فارم سندس مقبوليت جو ذريعو بڻيو.
استاد قادن نوحاڻيءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ محتاط اندازي پٽاندر ڇهن کان ڏهن هزارن تائين ڪلام لکيا، جيڪي سنڌي ڪئسٽ ذريعي بيحد مقبول ٿيا. شروع واري دؤر ۾ پاڻ ’قادن نوحاڻي‘ ۽ اڳتي هلي ’قادن قيدي نوحاڻي‘ جا نالا پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪندو هو. قادن قيدي نوحاڻيءَ جا ڪلام سنڌ جي مقبول فنڪارن جلال چانڊئي، منظور سخيراڻيءَ، شمن علي ميراليءَ، ديدار حسين سمي، غلام شبير سمي، سرمد سنڌيءَ، مريد عباس ڪٽبر، عاشق سمي، شهلا گل، دلشير تيوڻي ۽ ٻين ڳائي ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي، ايتريقدر جو استاد قادن جي ڪلامن جي مقبوليت معمول کان غير معمولي بڻجي وئي ۽ سنڌ جي ٻهراڙين کان شهرن تائين، ڪئسٽن کان سيٽ لائيٽ تائين، ٽريڪٽرن کان مرسيڊيز تائين، جھڳين کان بنگلن تائين،  فصلن کان هاءِ ويز تائين مطلب ته جٿي ڪٿي قادن جو ڪلام مختلف آوازن ذريعي گونجڻ لڳو.
هڪ رتيديري واسي هجڻ جي ناتي سان مون به پنهنجي وڏڙن جي واتان ٻڌو هو ته استاد قادن نوحاڻي جوانيءَ ۾ رازو هوندو هو، پر مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به سندس هٿن ۾ تيشي، ڪرني کڻي، رازپو ڪم ڪندي ڪونه ڏٺو، پر مون کيس هميشه سفيد ڪپڙن ۾ ملبوس، سدائين سندس هٿ ۾ تسبيح ۽ سندس مٿو ڍڪيل ڏٺو. پنهنجي ڳوٺ کان صبح جو سوير چهل قدميءَ جي خيال سان پيادل رتيديري شهر ۾ اچڻ سندس روز جو معمول هوندو هو. مون استاد قادن جون ڪچهريون به ٻڌيون، رتيديري شهر ۾ راڳين جا اوتارا، سنگيت ڪلب يا مقامي سطح تي سڃاپجندڙ ’انديون منگيءَ جو هوٽل‘ سندس ڪچهرين جا ٿاڪ  هوندا هئا. پاڻ ڪڏهن به شهر ۾ اڪيلو نه ڏٺو ويو، پر ٻه يا ٽي راڳي يا نوان سيکڙاٽ شاعر ساڻس گڏ هوندا هئا. استاد قادن نوحاڻيءَ کي قدرت پاران اهڙي ته ڏات عطا ٿيل هوندي هئي، جو پاڻ ڪنهن به مقبول طرز تي ڏينهن، پهرن، يا ڪلاڪن ته پري رهيو، پر چند منٽن ۾ شاعري سرجيندو هو.
استاد قادن قيدي نوحاڻيءَ پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن شديد علالت ۾ گذاريا ۽ لڳاتار بيمارين سان جھيڙيندي يارهين نومبر 2014ع، گذريل اڱاري تي سندس روحَ پکيءَ پرواز ڪئي ۽ پنهنجي طرز جو هي عوامي شاعر هميشه لاءِ ڌرتيءَ کان ڌار ٿي ويو.
11 نومبر:  وڇوڙي جي حوالي سان

No comments:

راءِ ڏيندا