قادن
قيدي نوحاڻي
عوامي
شاعر
ناصر قاضي
سهڻي سنڌ جي تاريخي شهر رتيديري جي پهلوءَ ۾ آباد سرڳواسي سام جئسنگھاڻي
۽ سندس پتني سرلا ديويءَ جي نالي ۽ حوالي سان سڃاپجندڙ سندن وسندي ڳوٺ طيب لورڙ مان
هڪ اهڙي يگاني سدا، پنهنجي اندر جي اڌمن سان گونجار ڪئي، جيڪا گونجار پنهنجي الڳ ۽
لوڪ رمز سان عام لوڪ کي لوئي وئي. ڇاڪاڻ ته هن ئي ڀونءِ مان جنم وٺندڙ سنڌ جو هڪ منفرد
۽ لوڪ رنگ وارو يگانو شاعر، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هڪ مڪمل ڪردار پڻ هو، جنهنکي
سندس محدود ڪتابي تعليم باوجود، قدرت واري طرفان لکڻ جو اهڙو ته اسلوب عطا ٿيل هو،
جو هن پنهنجي لکڻ جي منفرد انداز سبب ملڪان ملڪ هاڪاري مقبوليت ماڻي ورتي هئي. هن پنهنجي
ٻالجتيءَ ۾ ڪڏهن اهو تصور به نه ڪيو هوندو ته سندس اندر جا اڌمان اهڙو ته رنگ لائيندا،
جو سندس سرجيل ڪلامن جو پڙلاءُ جھر جهنگ توڙي وستي واهڻ ۾ گوجندو رهندو.
