; سنڌي شخصيتون: اروڻ ٻاٻاڻي - موهن همٿاڻي

17 November, 2014

اروڻ ٻاٻاڻي - موهن همٿاڻي

اروڻ ٻاٻاڻي
سنڌي ڪوتا جو هڪ اڀرندڙ آواز
موهن همٿاڻي
ڪويءَ سان ائين ڇو ٿيندو آهي جو هن کي دنيا جي هر شيءِ ۾ ڪوتا نظر ايندي آهي، هر ڪنهن لنگهندڙ ماڻهوءَ جي چهري ۾ ڪوتا پئي ڳالهائيندي آهي، ڊڪندڙ ڀيڙ به هن کي ڪوتا جو سٽون لڳنديون آهن ۽ ڪڏهن ڀريءَ ڀيڙ ۾ ڪو سانت سوميه چهرو نظر اچي وڃي اُهو ته هڪ ٺهيل ٺڪيل ڪوتا ڀاسندو آهي سو عنوان  رکڻ جي دير هوندي آهي. شايد اهو انڪري جو هر ڪو انسان هڪ ساز مثل آهي. جيئن ساز سرن سان ڀريل هوندو آهي ۽ ان کي ڇيڙيندي ئي ڪيترائي سر وڄي اُٿندا آهن. بلڪل تيئن انسان به ڀاون جي سرن سان ڀريل آهي. هر ڪنهن انسان ۾ ڀاون جي سرگرم پيئي هلورا هڻندي آهي ۽ اهڙي ڪنهن ڀاوميه شخص سان جڏهن ڪنهن ڪويءَ جي ملاقات ٿيندي آهي ته اُهي پل، اُهي گهڙيون ڪوتا لاءِ سڀاڳيون هونديون آهن. خاص ڪري سامهون وارو شخص هڪ انسان هئڻ سان گڏ هڪ ڪوي به هجي ته.
تازو ئي جڏهن ممبئي جي فائيو اسٽار (عاليشان) هوٽل جي ڊبليو مئريٽ  JW Marriot جي پول سائيڊ لان ۾ اروڻ ٻاٻاڻي سان پهريون دفعو ملاقات ٿي ته ڪي اهڙا ئي احساس ۽ ڀاو پول ۾ هوا سان لڳندڙ لهرن ۾ تري آيا. اروڻ ٻاٻاڻي، جڏهن مونسان ڀاڪر پائي مليو ۽ کليو نه ائين لڳو ڄڻ هڪ ڪوتا جيڪا ممبئيءَ جي هل هلان واري شهر ۾ ڪيتري وقت کان خاموش هئي ان کي اظهار ملي ويو آهي. سوميه، سانت، سنجيده چهري تي هلڪي هلڪي تري ايندڙ مسڪراهٽ سان هن چيو ”توهانجون ڪوتائون پڙهڻ کان پوءِ توهان سان ملڻ پئي چاهيو. رئيلي يو آر ائڪزيٽلي ديٽ واهٽ يو آر ان پوئمس... ڪوتائون پڙهڻ کان پوءِ جيڪا منهنجي من ۾ توهانجي ساڃهه اُڀري هئي، بلڪل ساڳي آهي....


مون کي سٺو لڳو. ”مون چيو مانس اروڻ توهان مونکان هر لحاظ کان وڏا آهيو، مونکي ٺيڪ نه ٿو لڳي مان توهانکي نالي سان سڏيان... سائين لفظ ٺيڪ رهندو. چيائين،” نو وي آر فرينڊس اروڻ از اوڪي. سائين لفظ ۾ فاصلو آهي. ائين ته هن وقت نئين جنريشن ۾ ڪيترا سٺا قلم ڪار آهن ۽ باشعور پڻ، جيڪي سنڌي ۾ ڪوتا کي سنويدنا جي معيار تي کڻي بيٺا آهن. حالانڪه توهان عمر جي لحاظ کان نئين جنريشن جي سٿ ۾ شامل نه ٿا ٿيو پر سنڌيءَ ۾ رچنا جي لحاظ کان توهان کي موجوده ڏهاڪي جي هڪ پرامسنگ ڪوتائين آواز جي روپ ۾ مان ڏيان ٿو. توهان جو جيڪو پنهنجو تازه ترين ڪوتائن جو دستخط/ Collection ٽن ٻولين ( سنڌي، هندي، انگريزي) ۾ شايع ٿيو آهي ان جي شروعاتي ڪوتا هن توهانجي اندر موجود گهري ڪاويه سنويدنا سان پاٺڪن جو  پيش لفظ طور تعارف ٿي وڃي ٿو.: ”سنڌي ٻولي مري وئي/سنڌي دنيا ڀر ۾ ڦهلجي ويا/ سنڌي اسڪول بند ٿي ويا/هن وقت فقط چار نوجوان سنڌي شاعر وڃي بچيا آهن.“  حالانڪه اهي توهان جا پيش لفظ آهن پر توهان انهن کي هڪ سهڻي سنويدنا جي ڀاءُ سان اظهاريو آهي. هن مجموعي جون ڪوتائون لائيف، اڪيلو، ٻيا ماڻهو، ڪردار، پنهنجي غُفا، ٻه پر، آخري سيٽ... يعني لڳ ڀڳ ڪوتائون سنويدنا جي ڌراتل تي پاٺڪ تي هڪ ڇاپ ڇڏين ٿيون.
موهن توهان کي ڪوتا وڻي، توهان ان کي ماڻيو، منهنجي لاءِ انڪريجنڊنگ ڳالهه آهي. سنڌيءَ ۾ لکڻ جاري رکڻ لاءِ ” اروڻ پنهنجي ڳالهه رلندي چيو. مان توهان کي ٻڌايان لکندو ته مان ڪافي وقت کان رهيو آهيان گهڻو ڪري انگريزيءَ ۾ سنڌيءَ ۾ سنجيده پاٺڪ جي مونکي بنهه ڪمي نظر آئي ۽ ڪجهه ماحول به منهنجي نيچر کي سمجهه نه پيو اچي پر توهان جهڙن ڪن دوستن جي زور ڀرڻ تي مون پنهنجي ۾ زبان  لکڻ جي ڳالهه قبولي، حالانڪه مونکي اهڙو ريسپانس ڪو نه مليو جيڪو مون کي سنڌيءَ جي انٽيليڪچوئل سرڪل مان اميد هئي پر تنهن هوندي به مونکي اهو سنتوش ضرور مليو ته مان پنهنجي زبان ۾ اظهار ڪري سگهان ٿو.“
اروڻ توهان اها بيحد سٺي پازيٽو ڳالهه ڪئي پنهنجي لاءِ به سنڌي ڪوتا لاءِ توهانجي هن پازيٽو سوچ سنڌيءَ سان هڪ سٺي سنڌي ڄاڻڻ وارو سڄاڻ ڪوي مليو. توهانجو اهو قدم سنڌي ڪوتا کي هڪ نئون رخ ۽ چهرو بخشي سگهي ٿو. ڇو جو توهان کي ٻڌايان ته ڪوتا لکن ۽ ڪن ته ڪيترا پيا، روز ڪيترا ڪتاب ڇپجڻ پيا پر ڪوتا کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ وارو سنجيده رخ هر ڪنهن وٽ نه ٿو ملي. ر يسينٽلي هنديءَ جي برک نقاد/ الوچڪ نارائڻ دت پاليوار دهليءَ ۾ رٿيل ”ڀارتي ڪوتا برتبمب ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ۽ چيائين ته ڪوتائن کي ڪوتا جو درجو ڪويءَ جي اندر موجود سنويدنا ئي ڏياري ٿي جيڪڏهن سنويدن Lake of sensibility  سان ڪجهه لکي يا چئي ٿو ته اهي لکيل يا چيل لفظن کان وڌيڪ ڪي ڪونهين. توهان کي خبر آهي ته توهان سان هن وقت ڳالهائيندي به ائين پيو لڳي ڄڻ ڪوتا هت اسان سان گڏ موجود آهي. اها ڪوي جي سنويدن شيلتا ئي آهي. جيڪڏهن اسان کي رواجي لفظن ۾ به ڪوتائي آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. توهانجي اهڙي سوچ سان هڪ سٺي ڳالهه اها آهي جو سنڌيءَ کي اروڻ ٻاٻاڻيءَ نالي جو هڪ سنجيده ڪوتائي آواز ملي ويو جيڪو همعصر سنڌي ڪوتا ۾ جلد ئي پنهنجي معقول جاءِ جوڙي وٺندو. اهڙي اميد توهانجي ڪوتا پڙهي ڪري جاڳي آهي.
موهن توهانجي هن حوصلا افزائيءَ مونکي سنڌيءَ ۾ پنهنجو ڪوتائي سفر جاري رکڻ لاءِ سرٽينلي هڪ انجيڪشن جو ڪم ڪيو آهي ۽ پوري ڪوشش ڪندس ته مان سنڌي ڪوتا سان جڙيو رهان. ان ڪري ئي مان سنڌي ڪوتائن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو به وقتي ڪندو آهيان جيڪي مونکي وڻندي آهي“ اروڻ سگريٽ دکائيندي چيو. تازوئي مون واسديو موهي، پريم پرڪاش، نامديو تاراچنداڻي ۽ ومي سدارنگاڻيءَ جو ڪوتائون ترجمو ڪيون آهن. مونکي تمام سٺو لڳو. اروڻ اها ويتر سنڌي ڪوتا لاءِ هڪ بيحد سٺي ڳالهه آهي ته دنيا جي سهگاري/انفنشل ڀاشا ۾ سنڌي ڪوتا کي آڻڻ وارو هڪ ماهر به کيس مليو ۽ اها وقت جي اهم تقاضا آهي ته سنڌيءَ جو نمائنده ساهت دنيا جي برک ڀاشائن ۾ ترجمو ٿئي. يقينن اهي سنڌيءَ جا سگهارا آواز آهن. گذريل سالن ۾ ساهت اڪاڊميءَ به سنڌي ڪوتا ۽ ڪهاڻي جا ڪتاب هنديءَ ۾ شايع ڪيا آهن. توهان اهي به ڏٺا هوندا. انهن کي سٺو ريسپانس ملي رهيو آهي.
ها، اهو هڪ سٺو ۽ وڏو ڪم ٿيو آهي. ائڪچيوئلي هن وقت سنڌيءَ جي اها ڊمانڊ به آهي. اروڻ سگريٽ جو ڪش هڻندي ۽ ڪافي پيئڻ کان نماڻائيءَ سان انڪار ڪندي، پنهنجي ڳالهه رکندي چيوته مان انگلش لٽريچر ڪافي پڙهيو آهي ۽ پڙهندو آهيان، مونکي لڳندو آهي سنڌي ڪوتا ۾ ائڪلچريشن پاور آهي ۽ ان کي انگريزيءَ ۽ ٻين ٻولين ۾ اچڻ گهرجي ۽ ان خيال کان ئي سنڌي شان ويب سائيٽ تي ريگيولر لکندو هوئس. ۽ ٽرانسليشن مان انجواءِ ڪندو آهيان. ڇو جو ٻاهرين دنيا سان منهنجو تعلق بلڪل ڪونهي. منهنجي پهچ گهر جا پنج ڀاتي، بابا (ڪيترت ٻاٻاڻي) منهنجي وائيف، ڌي پٽ ۽ مان خود. منهنجي دنيا ايتري آهي. مونکي لڳي ٿو ته منهنجي ان سُڀاءُ ئي مونکي ڪوتا لکڻ لاءِ مائل ڪيو.
ها اروڻ! جيڪو شخص پنهنجي اندر جو گهڻو سير ڪندو آهي. اهو لازمي طرح سان شاعر/ڪوي يا چترڪار ئي آهي. هن کي ته ڪونه ڪو آئوٽ ليٽ (Out let) ضروري آهي. پوءِ قلم هٿ ٿو اچي يا برش ۽ اهڙو شخص ڪا نه ڪا ڪلاڪ تمڪ چيز لازميءَ طرح سان ڏئي ويندو. تنهنجون ڪوتائون جڏهن مون پڙهيون، هڪ تازو جهونڪو محسوس ڪيو. ٿاٽ، ٽريٽمينٽ ۽ پيشڪش جي لحاظ کان انگريزيءَ ۽ هنديءَ ۾ ڏنل ڪوتائن به ساڳيو ڇڏيو آهي. اروڻ يو سي اسان اڄ جنهن دور مان گذري رهيا آهيون. اهو بدحواسيءَ جو دور آهي. هر ڪنهن حلقي ۾ هر ڳالهه ۾ اڳتي رهڻ جي ڊوڙ، سڀ ڪجهه يڪدم حاصل ڪرڻ جي چاهنا. ڊزرو نه ڪندي به ڊزائر رکڻ جي اسانجي فطرت ان بدحواسيءَ کي خطرناڪ انجام تائين گهلي کڻي وڃي رهي آهي. انهن کي تنهنجي ڪوتائن ۾ سهجتا سان اسپيس مليو آهي. ۽ اظهار به. اها ڳالهه هند جي سنڌي ڪوتا لاءِ خوشيءَ جو لمحو آهي. ٻيا ماڻهو پنهنجي غُفا، ٻه پر، آخري سيٽ ۽ ديوارون، اهڙيون ڪوتائون آهن. جيڪي سنڌي ڪوتا جي موجوده شخصيت کي نکارين ٿيون. آئي مسٽ ڪانگريچيوليٽ.
هڪ لنبي مسڪراهٽ سان اروڻ چيو ته، موهن مونکي پاڻ کي اندران رليڪس ڪرڻو هو جو انهن ڪوتائن جو جنم ٿيو. ۽ اڄ مان وڌيڪ رلئڪس ۽ خوشي پيو محسوس ڪيان جو ڪوتا کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ واري تائين پهچائي سگهيو آهيان. مون کي خبر آهي ته اڄ سنڌيءَ ۾ پڙهڻ وارا، آڱرين تي ڳڻي سگهجن ٿا. پر وري به مان لکندس ڪوتا لاءِ، پنهنجي ڀاشا لاءِ، پنهنجي لاءِ، اسانجي ڳالهه ٻولهه سٺي رهي. آءِ رئيلي انجوائيڊ، وري ڪڏهن ممبئي اچو ته ضرور گڏجندا. توهانکي به وڃڻو آهي مان به هلان ٿو.

”ها ضرور اروڻ مونکي توسان گڏجي بيحد خوشيءَ ٿي. ائين لڳو ڄڻ خالي آيو هوئس، ڀريل پيو وڃان. آءِ آلسو انجوائيڊ اي ميٽنگ وٿ پوئيٽ ۽ پوئٽري. اسان ڪافي ڀلي نه پيتي پر ذائقو پورو اچي ويو. باءِ سي يو.

No comments:

راءِ ڏيندا