; سنڌي شخصيتون: اروڻ، ٻاٻاڻي، سنڌي، ڪوتا، جو هڪ اڀرندڙ، آواز، موهن، همٿاڻي،
Showing posts with label اروڻ، ٻاٻاڻي، سنڌي، ڪوتا، جو هڪ اڀرندڙ، آواز، موهن، همٿاڻي،. Show all posts
Showing posts with label اروڻ، ٻاٻاڻي، سنڌي، ڪوتا، جو هڪ اڀرندڙ، آواز، موهن، همٿاڻي،. Show all posts

17 November, 2014

اروڻ ٻاٻاڻي - موهن همٿاڻي

اروڻ ٻاٻاڻي
سنڌي ڪوتا جو هڪ اڀرندڙ آواز
موهن همٿاڻي
ڪويءَ سان ائين ڇو ٿيندو آهي جو هن کي دنيا جي هر شيءِ ۾ ڪوتا نظر ايندي آهي، هر ڪنهن لنگهندڙ ماڻهوءَ جي چهري ۾ ڪوتا پئي ڳالهائيندي آهي، ڊڪندڙ ڀيڙ به هن کي ڪوتا جو سٽون لڳنديون آهن ۽ ڪڏهن ڀريءَ ڀيڙ ۾ ڪو سانت سوميه چهرو نظر اچي وڃي اُهو ته هڪ ٺهيل ٺڪيل ڪوتا ڀاسندو آهي سو عنوان  رکڻ جي دير هوندي آهي. شايد اهو انڪري جو هر ڪو انسان هڪ ساز مثل آهي. جيئن ساز سرن سان ڀريل هوندو آهي ۽ ان کي ڇيڙيندي ئي ڪيترائي سر وڄي اُٿندا آهن. بلڪل تيئن انسان به ڀاون جي سرن سان ڀريل آهي. هر ڪنهن انسان ۾ ڀاون جي سرگرم پيئي هلورا هڻندي آهي ۽ اهڙي ڪنهن ڀاوميه شخص سان جڏهن ڪنهن ڪويءَ جي ملاقات ٿيندي آهي ته اُهي پل، اُهي گهڙيون ڪوتا لاءِ سڀاڳيون هونديون آهن. خاص ڪري سامهون وارو شخص هڪ انسان هئڻ سان گڏ هڪ ڪوي به هجي ته.
تازو ئي جڏهن ممبئي جي فائيو اسٽار (عاليشان) هوٽل جي ڊبليو مئريٽ  JW Marriot جي پول سائيڊ لان ۾ اروڻ ٻاٻاڻي سان پهريون دفعو ملاقات ٿي ته ڪي اهڙا ئي احساس ۽ ڀاو پول ۾ هوا سان لڳندڙ لهرن ۾ تري آيا. اروڻ ٻاٻاڻي، جڏهن مونسان ڀاڪر پائي مليو ۽ کليو نه ائين لڳو ڄڻ هڪ ڪوتا جيڪا ممبئيءَ جي هل هلان واري شهر ۾ ڪيتري وقت کان خاموش هئي ان کي اظهار ملي ويو آهي. سوميه، سانت، سنجيده چهري تي هلڪي هلڪي تري ايندڙ مسڪراهٽ سان هن چيو ”توهانجون ڪوتائون پڙهڻ کان پوءِ توهان سان ملڻ پئي چاهيو. رئيلي يو آر ائڪزيٽلي ديٽ واهٽ يو آر ان پوئمس... ڪوتائون پڙهڻ کان پوءِ جيڪا منهنجي من ۾ توهانجي ساڃهه اُڀري هئي، بلڪل ساڳي آهي....