; سنڌي شخصيتون: مولوي عبدالحميد چانڊيو - ناصر قاضي

03 November, 2014

مولوي عبدالحميد چانڊيو - ناصر قاضي

مولوي عبدالحميد چانڊيو
منفرد ۽ مڃيل عالمِ دين
ناصر قاضي
مولا علي
عليه السلام جو فرمانِ آهي ته: ”هڪ عالِم جو موت، پوري عالَم جو موت آهي.“ ڇاڪاڻ ته هڪ علم وارو انسان يا ڪو ڏاهو ڏات ڌڻي جڏهن هيءُ جهان ڇڏي پنهنجي خالقِ حقيقي سان وڃي ملندو آهي ته پنهنجي پٺيان پوري دنيا کي سوڳوار ۽ روئڻهارڪو ڇڏي ويندو آهي. مولا علي عليه السلام جي ان قول مان پروڙ پوي ٿي ته ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ هوندو آهي، هڪ عالم جو موت! جنهن سان علم جا روشن بابت هميشه لاءِ بند ٿي ويندا آهن. انهن عالمن مان وري ذاڪرين اهلبيت ۽ خطيبِ محمد و آل محمد عليهم السلام جي عظمت ۽ توقير جو ڇا بيان ڪجي، انهن جي ذمي محسنِ انسانيت حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وآله وسلم ۽ سندن آلِ اطهر جن جي فضائل و مصائب جو اهڙو املهه ڪم سونپيل هوندو آهي، جنهن ڪم جو خدا وند عالم وٽ به وڏو شان، مان ۽ مرتبو آهي. اصحابي سڳورن حضرت حسان بن ثابت ۽ حضرت فرذدق جن جي ڪهڙي تعريف بيان ڪجي، جن لاءِ روايتن ۾ آيو آهي ته انهن ئي حضرات محمد و آل محمد عليهم السلام جن جي مدح و ثنا ۾ شاعري ڪئي، حضرت فرذدق ته حضرت امام زين العابدين عليه السلام جي حڪم تي عربيءَ ۾ مرثيه ۽ نوحه تخليق ڪري مجلسن ۾ ڪربلا جي شهيدن جو مصائب پڙهندو هو.


ملڪي سطح تي مڃتا ماڻيندڙ سنڌ ڌرتيءَ جو نامور شيعه عالم مولوي عبدالحميد چانڊيو عالم ابنِ عالم هو، سندس والدِ محترم جو اصل نالو هزار خان چانڊيو المعروف مولوي عبدالله چانڊيو هو، جيڪو انڊو-پاڪ سطح تي شهرت ماڻيندڙ بيباڪ سني (ديوبند) عالم هو، جڏهن ته سنڌ ڌرتيءَ جو ناميارو مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌي سندس ننڍو ڀاءُ هو. مولوي عبدالحميد چانڊئي جن جو اباڻو ديس ضلعي شڪارپور، تعلقي ڊکڻ جي هڪ وسندي ڳوٺ ملان چانڊيو هو، جيڪو اڄڪلهه ڳوٺ جوابپور جي نالي سان مشهور آهي، پر سندس پئدائش ڳوٺ پليپوٽا، لڳ سيتا، ضلعي دادوءَ ۾ سندس ناڻاڻي گھر ۾ ۱۹۳۴ع ڌاري ٿي. جيئن ته سندس جنم هڪ اهڙي خاندان ۾ ٿيو، جتي علم، عقل، فهم ۽ ڏاهپ جا چراغ اڳ ۾ ئي روشن هئا، جنهنڪري علم ۽ ڏاهپ جا اڻ کٽ خزانا سندس ميراث ثابت ٿيا.
مولوي عبدالحميد چانڊئي جو والد صاحب پنهنجي سموري زندگي هڪ عالم هجڻ جي ناتي سان سنڌ جي مختلف مدرسن ۾ وڃي پنهنجون ديني خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، جنهنڪري مولوي عبدالحميد سميت سندس سموري اولاد جو ننڍپڻ ڪنهن هڪ ڳوٺ ۾ هڪ جڳهه تي نه گذريو، بلڪ سندن عارضي مسڪن والد صاحب سان گڏ مختلف هنڌن تي هوندو هو. ان حوالي سان مولوي عبدالحميد چانڊئي ڪنهن هڪ جڳهه تي مستقل طور تي نه رهڻ ڪري مختلف هنڌن تان تعليم پرائي، هن پنهنجي نصابي تعليم جي شروعات تعلقي قنبر جي شهر گھٽهڙ کان ڪئي، جتي ۱۹۴۷ع ڌاري ڇهه درجا تعليم حاصل ڪري، مڪمل طور تي ديني تعليم ۽ تبليغ طرف راغب ٿيو ۽ پنهنجي والد صاحب سان گڏ رهڻ ڪري مختلف مدرسن مان تعليم حاصل ڪيائين. مولوي عبدالحميد چانڊئي امروٽ شريف، ڳوٺ گوري پهوڙ، ضلعو شڪارپور، ٺيڙهي، ضلعو خيرپور، فيض گنج ضلعو خيرپور ۽ ٻين مختلف علائقن جي مختلف مدرسن ۾ رهي، پنهنجي والد صاحب جي سرپرستيءَ ۾ ديني تعليم حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ سندس والد کيس حديث جو علم پرائڻ جي لاءِ راولپنديءَ طرف اماڻيو. مولوي عبدالحميد چانڊئي هونئن ته پنهنجي زندگيءَ ۾ پوري سنجيدگيءَ سان قرآن، حديث، عربي، فارسي، منطق توڙي هر قسم جا ديني علوم سکي ورتا هئا، پر ڪنهن هڪ مدرسي ۾ مڪمل طور تي ٽڪاءُ نه ڪرڻ سبب سندس دستاربنديءَ واري رسم ڪٿي به ادا نه ٿي سگھي ۽ نه ئي وري ڪا ڪاغذي سند ماڻيائين.
مولوي عبدالحميد چانڊيو جڏهن اڃان ٻارهن سالن جي عمر کي رسيو ته سندس والد ديني تعليم سان گڏ خطابت جي فن طرف به کيس راغب ڪيو. سندس تعليم والد صاحب جي نگرانيءَ ۾ اهل سنت (ديوبند) واري طور طريقن پٽاندر ٿي، پر ۱۹۶۰ع ڌاري، جڏهن مولوي صاحب عبدالحميد ۲۶ سالن جي عمر کي پهتو ته پنهنجي مطالعي توڙي تحقيق جي بنيادن کي اهلِ سنت واري طريقي کي خيرباد ڪري، فقه جعفريه، اثنا عشريه مسلڪ جو خير مقدم ڪيائين. شيعه مسلڪ ۾ شموليت کانپوءِ پاڻ سڄي زندگي پنهنجي والد صاحب جي علمي اعتقاد کان ڪناره ڪش رهيو، جنهنڪري سندن وچ ۾ والد ۽ ولد توڙي معلم ۽ طالب وارا رشته هئڻ باوجود به هڪٻئي کان مختلف رهيا.
مولوي عبدالحميد چانڊيو عالم ابنِ عالم ۽ ساڳئي ئي وقت خطيب ابنِ خطيب هو. ورثي ۾ ملڻ ڪري کيس خطابت واري فن ۾ خاص مهارت حاصل هوندي هئي، پاڻ نه صرف سنڌي، پر اردو ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ به نهايت فصيح ۽ بليغ انداز ۾ مدلل تقرير ڪري، هر مسئلي جو حل قرآن پاڪ، حديث شريف ۽ فرمانِ معصومين جي روشنيءَ ۾ ٺوس علمي ۽ عقلي دليلن سان فلسفاڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ ۾ دسترس رکندو هو. پاڻ نه صرف فلسفاڻي ۽ منطقي انداز ۾ تقرير ڪرڻ ۾ مهارت رکندو هو، پر نج ٻهراڙيءَ جي مجمعي ۾ ڪا فلسفاڻي ڳالهه عام فهم ۽ سادي ٻوليءَ ۾ سمجهائڻ ۾ به مهارت رکندو هو. کيس مجلس پڙهڻ جو اهڙو طريقو هوندو هو، جو پڙهيل لکيل شخص کان وٺي، ٻهراڙيءَ جي عام ماڻهوءَ تائين هر سطح جو شخص سندس ڳالهه سمجھي، اثر قبول ڪري ويندو هو. سندس تقرير ڇا هوندي هئي؟ بس! ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ ڪو علم جو سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هجي. کيس نه صرف سنڌ ۾، پر پوري پاڪستان ناماچاري حاصل هوندي هئي ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اهلبيت عليه السلام جن جي ياد ۾ ٿيندڙ ميڙاڪن ۽ مجلسن ۾ کيس وڏي چاهه سان گھرايو ويندو هو، ايتريقدر جو مولوي صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترا ئي سال مسلسل محرم الحرام جا ڏهه ڏينهن پنجاب ۾ گذاريا، جتي کيس چاهه سان ٻڌو ويندو هو. اهلبيت عليه السلام توڙي شهداءِ ڪربلا جو مصائب بيان ڪرڻ ۾ کيس خاص ملڪو حاصل هوندو هو. پاڻ جڏهن مجلس ۾ مصائب پڙهڻ شروع ڪندو هو ته ٻڌندڙن مان پٿر دل به پگھرجي پوندو هو. اهو ئي سبب آهي، جو کيس ”شهنشاههِ مصائب“ جي خطاب سان سڏيو ويندو هو.
مولوي عبدالحميد چانڊئي پنهنجي جوانيءَ وارن ڏينهن ۾ ديني تبليغ سان گڏوگڏ عملي سياست پڻ ڪئي، پاڻ ڪيترو ئي عرصو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏجي ”هاري تحريڪ“ جو حصو بڻجي، ڪارائتو ڪم ڪيائين، ان دؤران ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي، ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن جا دورا ڪري، اٻوجھه هارين ۾ بنيادي حقن جي حاصلات واسطي سجاڳي ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۾ به اڳ کان اڳرو هيو. ۱۹۷۰ع کان بعد سندس سياسي چاهنائون ذوالفقار علي ڀٽي سان به رهيون، پر بعد ۾ پنهنجن سمورين مصروفيتن کي تياڳي، صرف ديني پرچار لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيائين.
مولوي عبدالحميد چانڊيو پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ به هڪ با اصول، با شرع ۽ خوددار خلصتن جو مالڪ هو، ايتريقدر جو سندس وفات کان ڪجھه عرصو اڳ، سندس زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو روڊ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس لاءِ بيساخين جي سهاري وکون کڻڻ لازمي عمل ٿي ويو هو، پر تنهن باوجود به ملڪي سطح تي مقبوليت ماڻيندڙ هيڏي وڏي جيد عالم ڪنهن سرڪاري امدادي اداري طرف اک کڻي به نه واجھايو، ان حد تائين جو پاڻ ڪڏهن به معذوريءَ کي محتاجي نه سمجھيائين ۽ پنهنجي گھر تائين محدود هجڻ واري لاچار زندگي گھارڻ کي به هن پنهنجي لاءِ هڪ مهڻو سمجھندي عمر جي آخري حصي تائين به معمول موجب جوانيءَ واريون مصروفيتون جاري رکندي، گھوڙين جي سهاري سان ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾مظلوم حسين عليه السلام جي وڇايل تڏي تي وڃي، پنهنجو نالو ڳڻائيندو رهيو.
مولوي صاحب ۲۷ جون ۲۰۰۳ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ وڪيا سانگيءَ مان پنهنجي زندگيءَ جي آخري مجلس پڙهي لاڙڪاڻي واپس ورڻ لاءِ ڪار جي پوئين سيٽ تي ويهي، آرام جي خيال کان ٽيڪ ڏيئي، جڏهن پنهنجا ننڊاکا نيڻ بند ڪري، پنهنجي ساڄي هٿ جي آڱرين جي سنڌن تي تسبيح پڙهڻ شروع ڪئي، تڏهن الله پاڪ جي اهڙي ئي حمدوثنا دؤران سندس هٿ جي حرڪت بند ٿي وئي، الاهي امر ٿي ويو، قطرو وڃي قلزم سان گڏيو ۽ هڪ مڃيل عالمِ دين، دنيا ۾ پنهنجي زندگيءَ جا پل پورا ڪري، ۶۹ سالن جي ڄمار ۾ حقيقي مالڪ سان وڃي مليو، سندس جسدِ خاڪيءَ کي شيخ زيد محلي لاڙڪاڻي واري قبرستان ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو. کيس عبدالعزيز چانڊئي ۽ عبدالغفور چانڊئي نالي ٻن پٽن جو اولاد آهي، سندس ديني توڙي علمي ورثي جو وارث سندس پوٽو مولوي شاهد حميد چانڊيو تازو ايران مان فارغ التحصيل ٿي آيو آهي ۽ پنهنجي ڏاڏي محترم جي نقشِ قدم تي هلندي خطيب اهلبيت عليه السلام جهڙي املهه ڪرت سان واڳيل آهي.


(ڏيھاڙي عوامي آواز ڪراچي جي آچر ۲ نومبر ۲۰۱۴ع واري مئگزين تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا