; سنڌي شخصيتون: مولوي، عبدالحميد، چانڊيو، منفرد، مڃيل، عالمِ، دين، ناصر، قاضي،
Showing posts with label مولوي، عبدالحميد، چانڊيو، منفرد، مڃيل، عالمِ، دين، ناصر، قاضي،. Show all posts
Showing posts with label مولوي، عبدالحميد، چانڊيو، منفرد، مڃيل، عالمِ، دين، ناصر، قاضي،. Show all posts

03 November, 2014

مولوي عبدالحميد چانڊيو - ناصر قاضي

مولوي عبدالحميد چانڊيو
منفرد ۽ مڃيل عالمِ دين
ناصر قاضي
مولا علي
عليه السلام جو فرمانِ آهي ته: ”هڪ عالِم جو موت، پوري عالَم جو موت آهي.“ ڇاڪاڻ ته هڪ علم وارو انسان يا ڪو ڏاهو ڏات ڌڻي جڏهن هيءُ جهان ڇڏي پنهنجي خالقِ حقيقي سان وڃي ملندو آهي ته پنهنجي پٺيان پوري دنيا کي سوڳوار ۽ روئڻهارڪو ڇڏي ويندو آهي. مولا علي عليه السلام جي ان قول مان پروڙ پوي ٿي ته ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ هوندو آهي، هڪ عالم جو موت! جنهن سان علم جا روشن بابت هميشه لاءِ بند ٿي ويندا آهن. انهن عالمن مان وري ذاڪرين اهلبيت ۽ خطيبِ محمد و آل محمد عليهم السلام جي عظمت ۽ توقير جو ڇا بيان ڪجي، انهن جي ذمي محسنِ انسانيت حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وآله وسلم ۽ سندن آلِ اطهر جن جي فضائل و مصائب جو اهڙو املهه ڪم سونپيل هوندو آهي، جنهن ڪم جو خدا وند عالم وٽ به وڏو شان، مان ۽ مرتبو آهي. اصحابي سڳورن حضرت حسان بن ثابت ۽ حضرت فرذدق جن جي ڪهڙي تعريف بيان ڪجي، جن لاءِ روايتن ۾ آيو آهي ته انهن ئي حضرات محمد و آل محمد عليهم السلام جن جي مدح و ثنا ۾ شاعري ڪئي، حضرت فرذدق ته حضرت امام زين العابدين عليه السلام جي حڪم تي عربيءَ ۾ مرثيه ۽ نوحه تخليق ڪري مجلسن ۾ ڪربلا جي شهيدن جو مصائب پڙهندو هو.