; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر، روي، پرڪاش، ٽيڪچنداڻي، سنڌ، جو سفير، تاج، جويو،
Showing posts with label ڊاڪٽر، روي، پرڪاش، ٽيڪچنداڻي، سنڌ، جو سفير، تاج، جويو،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر، روي، پرڪاش، ٽيڪچنداڻي، سنڌ، جو سفير، تاج، جويو،. Show all posts

21 November, 2014

ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي - تاج جويو

ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي
سنڌ جو سفير!
تاج جويو
ڀارت جو نوجوان سنڌي اديب ۽ محقق، ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي، ۴ اپريل ۲۰۱۴ع تي لاهور-واگها رستي کان، سفر ڪري، پنهنجن پُرکن/وڏن جي جنم ڀوميءَ پني عاقل پهتو آهي. کيس اي-ميل ذريعي اطلاع ڪيو ويو هو ته ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ اسان جو خيال آهي ته هُو جڏهن سنڌ اچي ته مهرباني ڪري سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي آفيس ۾ ڪنهن ادبي موضوع تي ليڪچر اچي ڏئي. هن اهڙو واعدو ڪيو ۽ اي-ميل ذريعي ڪجهه موضوع پڻ ڏياري موڪليا، جن مان اسان شاهه لطيف کان اڳ جي شاعر سوامي پراڻ ناٿ بابت سندس موڪليل موضوع: ”سوامي پراڻ ناٿ جي گرنٿ ڪُلجم سُروپ جو جائزو“ کي پسند ڪيو ۽ اهڙو پروگرام به رٿي ڇڏيو. جڏهن ڊاڪٽر روي پرڪاش، سنت چانڊو رام پني عاقل واري جي قافلي ۾ واگها سرحد پار ڪري لاهور پهتو ته هن مون سان فون تي رابطو ڪيو. ۽ مون کيس گذارش ڪئي ته ۷ اپريل ۲۰۱۴ع تي سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ حيدرآباد جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ آڊيٽوريم ۾ ڄاڻايل موضوع تي ليڪچر اچي ڏي. ۵ اپريل تي سندس ميزبان ڊاڪٽر هري لال ۽ خود رويءَ پروگرام ۾ پهچڻ جي پڪ ڏني ۽ چيو ته هو ۷ اپريل جي صبح جو ۷ بجي پني عاقل مان نڪرندو ۽ ۱۲، ساڍي ۱۲ وڳي منجهند جو حيدرآباد پهچندو، ۲۰، ۲۵ دوستن/ اديبن جي گڏجاڻي رکي وڃي، جتي هو موضوع بابت ڳالهه ٻولهه ڪندو. پر جيئن ته کيس حيدرآباد جي ويزا نه هئي، ان ڪري هُن دوستن جي مشوري تي حيدرآباد نه اچڻ جو فيصلو ڪيو. نتيجي طور اسان سندس خيالن کان واقف نه ٿي سگهياسون، هاڻي ڪوشش ڪبي ته سندس تحقيقي مقالو، اٿارٽيءَ جي تحقيقي جرنل ’سنڌي ٻوليءَ‘ جي ايندڙ ڪنهن پرچي ۾ شايع ڪيو وڃي.